عبدالسلام ٿھيم
الوداع۔ پيارا. ۔۔توکي
الوداع
جھانگير عباسي
لاڙ جي ڌرتي جاتي واري علائقي
جي ھن من مھڻي تخليقڪار عبدالسلام ٿھيم سان منھنجو سنڌ جي ڪيترن ڪھاڻيڪارن سميت
پھريون ڀيرو رابطو سال ۲۰۱۷ مارچ مھيني
جي ۱۵ تاريخ تي وقت ٿيو ھيو جڏھن ھن جو ۳۷ جنم ڏينھن ھيو. مون کيس واڌائيون ڏيندي
ھن کان موھن جي دڙي تي لکيل ڪھاڻي جي بابت پڇيو ھيم جو آء ان وقت موھن جي دڙي سان
لاڳاپيل ڪھاڻين جي سھيڙ ڪري رھيو ھيس. سلام جي پاٻوھ ۽ احترام وار موٽ مون کي ھن جو ڪري
ڇڏيو ۽ پو۽ لڳا تار ساڻس ڊگھيون ڪچھريون قائم ٿيون ۽ ھو منھنجو ائين اڻ ڏٺو محبوب
دوست بڻجي ويو جئين اڄ تائين امداد ڪانھيو۔عڀدالغني شر۔حسيب ڪانھيو ۽ سانگي شبير
منھنجي دل جي ويجھو آھن. مون کي ان ڳالھ
تي به پاڻ مٿان حيرت آھي ته بدين جي سامونڊي تعلقي گولاڙچي ۾ آرمي ڪالج اندر ۲۰۰۷
کان ۲۰۱۰ تائين پرنسيپالي ڪندي سوين ڀيرا سجاول. ديوان ۽ جاتي ٺٹي جي ڪئي ادبي پروگرامن منجھ وڃي
به ھن يار سان ڪڏھن ملاقات نه ٿي ھئي خاص ڪري ۲۰۱۰ واري مھا ٻوڏ ۾ جڏھن مون کي ٺٽي واري پل سان سنڌو ڪپر لڳ ٻن مھينن لا۽ ڪئمپ
اسڪولن جو برگيڊ بدين پاران انچارج به ڪيو ويو ھو۔
