حاجي حمير خان مھيسر
ھڪ زنده دل ۽ ساڃاھ وند
شخصيت
عابد مھيسر
ڏٺو وڃي ته اوائلي زماني کان سنڌ
ڌرتيءَ جي ننڍين وسندين يا ڳوٺن ۾ ڪافي سلجھيل ۽ سڄاڻ سماجي ڪردار ٻھراڙين يا ڳوٺن
۾ جنم وٺي سھائتا پائي پنھنجي فطري ڪردار سان پڌرا ٿيندا رھيا آھن.اھڙن ئي املھ ماڻڪ
موتي ماڻھن ۽ سلجھيل ۽ آدرشي انسانن ۾ مرحوم حاجي حمير خان (ثاني) مھيسر جو به
شمار ٿئي، مارچ ۱۹۱۷ع ۾ ڳوٺ سانوڻ خان مھيسر جي
صوفي بزرگ حسين خان مھيسر جي گھر جنم ورتو. مارچ ۱۹۱۷ع ۾ حمير خان (ثاني) مھيسر جو جنم، حسين خان ولد حمير خان (اول) مھيسر جي
گھر ٿيو۔ حمير خان تي سندس پيءُ پنھنجي والد ”حمير خان“ (اول) جو نالو رکيو. حمير
خان (ثاني) پنھنجي پيءُ جو پھريون اولاد ۽ پوڻيٺيءُ جو پٽ ھئڻ ناطي دادلو ۽ سڪيلڌو
پٽ ھو ۽ سندس والد سندس لاڏ ڪوڏ سان پالنا ڪئي ۽ انگل آرا کنيا ۽ ان طرح ننڍپڻ کان
ئي ذھني طور ھوشيار ۽ سمجھدار ھو ۽ ننڍپڻ کان ئي پيءُ سان گڏ گڏ ھوندو ھو ۽ ڪمن ڪارن
۾ به ھميشه پنھنجي پيءُ سان ھٿ ونڊائيندو رھندو، البت تعليم حاصل ڪرڻ کان قاصر رھيو،
پاڻ پنھنجي پيءُ مرحوم حسين خان ولد حمير خان (اول) جي بابت ھڪ واقعو ٻڌايائين ته ”
آئون ننڍو ھئس ۽ بابا سان گڏ اوطاق تي ويٺو ھئس ته بابا جو ھڪ دوست آيو ۽ خدمت چاڪري
بعد چيائينس ته ”ادا حسين تون ڀاءُ ويٺو آھين گھر ۾ ڪجھ به نه آھي ٻار ٻچا ۽ اسين
بک پيا ڪٽيون، جي ڪجھ ھجئي ته يار اسانجي مدد ڪر، مولا توکي وڌائي ويجھائي ڏيندو“،
تنھن وقت بابا وٽ به ڪا ايڏي دولت ملڪيت ڪا نه ھئي، پر الله جو ڪرم رھيو، بابا وري
پنھنجو پَٽڪو مٿي تان لاھي ان مان ڳنڍ کولي ھڪ ئي سڪو ھئس سو ان دوست کي ڏنو ۽ چيائينس
ته ادا مون وٽ ھيءُ سڪو اٿئي ان مان وڃي گذر ڪر وري به الله روزي رزق ڏيندو ۽ ڏک
سک ۾ گڏ آھيون ۽ وري چڪر ھنڻجئين“. ۽ اھو سندس دوست جڏھن واپس ويو ته مون چيو ته
بابا پاڻ وٽ ته اھو ئي ھڪڙو سڪو ھو سو بو توھان ڏئي ڇڏيو، ھاڻ پاڻ ڪيئن ڪنداسون،
ته بابا نھايت ئي شفقت ۽ پيار مان منھنجي مٿي تي ھٿ ڦيريندي چيو بابا پنھنجو الله
پاڻ کي ڏئي ته پيو، ھي ويچارو وڏي تڪليف ۾ آھي ان کي ضرورت ھئي، ڏک تڪليف ۾ ڪنھن
جي مدد ڪرڻ سٺو ڪم آھي ۽ سندس چھري تي مسڪراھٽ ۽ خوشي ھئي.
