ايڇ ڪي ڪرپالاڻي
سنڌ جي تاريخ جو پهريون
چيف سيڪريٽري
مختيار ملاح
۱۹۳۶ع ۾
بمبئي پريزيڊنسيءَ مان اڙيسا ۽ سنڌ کي الڳ صوبن جي حيثيت ڏني وئي. سنڌ صوبي جا
انتظامي معاملا ڪامورن جي حوالي ٿيا. The
Government of India Act 1935 تحت نوان
انتظامي سڌارا ڪيا ويا. دفتر ۽ انتظامي کاتا قائم ڪيا ويا. هن قانون جي نفاذ سان اڳيان
سڀ قانون منسوخ ڪيا ويا. نئين انتظامي سيٽ اپ ۾ ڪمشنر اِن سنڌ جو منصب ختم ٿي
روينيو ڪمشنر جي سنڌ ۾ بدلجي ويو. انهي عهدي مان اهو اختيار ختم ٿي ويو جيڪو ڪمشنر
اِن سنڌ کي مليل هو. اهو عهدو هاڻي فقط سيڪريٽريٽ ۾ هڪ ڊپارٽمينٽ جي سربراهي تائين
محدود ٿي ويو جيڪو وقت جي چونڊيل حڪومت ڏانهن جوابده هوندو هو. نئين سرشتي ۾ چيف
سيڪريٽري مقرر ٿيڻ لڳو. صوبائي کاتن لاءِ نوان دفتر قائم ٿيا. صوبائي حڪومت جي سيڪريٽريٽ
۾سيڪريٽري، ضلعن جا ڪليڪٽر، ڊپٽي ڪمشنر، ڊپٽي ڪليڪٽر ۽ سنڌ جي چيف سيڪريٽريءَ جي
مقرري آءِ. سي. ايس آفيسرن مان ٿيندي هئي. عدليه ۾ به گهڻو ڪري انگريز هوندا هئا،
جيڪي به سڀ آءِ. سي. ايس آفيسر هوندا هئا. چيف سيڪريٽري، سموري صوبي جي انتظامي
معاملن جو انچارج هوندو هو. سموري ڪامورا شاهي ۽ ملازم شاهي سندس نگرانيءَ ۾
ايندي هئي.
