; سنڌي شخصيتون: علامه ساجد نقوي، آصف زرداري، شرجيل ميمڻ، زرار پيرزادو، ڊاڪٽر عقيل عباس جعفري، اعجاز منگي،
Showing posts with label علامه ساجد نقوي، آصف زرداري، شرجيل ميمڻ، زرار پيرزادو، ڊاڪٽر عقيل عباس جعفري، اعجاز منگي،. Show all posts
Showing posts with label علامه ساجد نقوي، آصف زرداري، شرجيل ميمڻ، زرار پيرزادو، ڊاڪٽر عقيل عباس جعفري، اعجاز منگي،. Show all posts

11 April, 2023

ضياءُ محي الدين

ضياءُ محي الدين

آواز ۽ لهجي جو جادوگر ضيا محي الدين لاڏاڻو ڪري ويو



ڪراچي (رپورٽر) پنهنجي آواز ۽ لهجي لاءِ مشهور پاڪستان جو ٽي وي اينڪر، هدايتڪار، صداڪار ۽ ليکڪ ضيا محي الدين  ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. کيس ڪراچي ڊفينس ۸ جي قبرستا ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، ضيا محي الدين جي عمر ۹۲ سال هئي، هو ڪجهه عرصي کان بيمار هو. انگريزي ۽ اردو ٻولين ۾ لفظن جي درست ادائگي هجي يا تاريخ جو حوالو، هر موضوع تي ضيا محي الدين جي گرفت مضبوط هئي. جن ماڻهن ضيا محي الدين کي ٻڌو، پڙهيو يا ڏٺو، اهي سندس شيخيت جي جادو ۾ گرفتار ٿيڻ کانسواءِ نه رهي سگهيا هئا. ضيا محي الدين ۲۰ جون ۱۹۳۱ تي پاڪستان جي شهر فيصل آباد ۾ پيدا ٿيو. ۵۰ جي ڏهاڪي ۾ لنڊن جي رائل اڪيڊمي آف ڊراماٽڪ آرٽ مان اداڪاري باقاعده تربيت حاصل ڪئي. ۱۹۶۰ ۾ جڏهن اي ايم فوسٽر جي مشهور ناول اي پيسج ٽو انڊيا کي اسٽيج تي پيش ڪيو ويو ته ضيا محي الدين ان ۾ ڊاڪٽر عزيز جو ڪردار ادا ڪري ڏسندڙن جو ڌيان حاصل ڪيو. ۱۹۶۲ ۾ کيس فلم لارنس آف عربيا ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ته هن ان فلم ۾ پڻ هڪ يادگار ڪردار ادا ڪيو. بعد ۾ هن ٿيٽر جي ڪيترن ئي ڊرامن ۽ هالي ووڊ جي ڪيترن ئي فلمن ۾ ڪردار ادا ڪيا. ۱۹۷۰ ۾ ضيا محي الدين پاڪستان آيو جتي هن پاڪستان ٽيلي ويزن لاءِ ضيا محي الدين شو جي نالي سان هڪ اسٽيج پروگرام جي ميزباني ڪئي. ان اسٽيج پروگرام مقبوليت جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا. ۱۹۸۰ ۾ هو برطانيا منتقل ٿي ويو جتي هن پنهنجو فني ڪم جاري رکيو ۲۰۰۴ ۾ کيس ڪراچي نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽس جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو جتي هن مرڻ گهڙي تائين خدمتون ادا ڪيون، هو اهو عهدو پنهنجي مرضي سان ڇڏي پنهنجون خدمتون رضاڪاراڻي طور ڏئي رهيو هو.