نياز پنھور
جنم ڏينهن مبارڪ نياز
مرتضيٰ سيال
اهڙن دوستن تي لکڻ ڏاڍو
ڏُکيو لڳندو آهي جن جي شخصيت يا سُڃاڻپ جا گهڻا حوالا هُجن. دوستن تي لکڻ وقت ڪوشش
ته اها ئي هوندي آهي ته انهن سان انصاف ڪجي پر سچي ڳالھ اها آهي ته لکڻ وقت ڪافي پاسا
رهجي ويندا آهن. جيتوڻيڪ آئون پاڻ کي ڪڏهن به سينئر سٽيزن ناهي سمجهيو ۽ نه ئي ڪڏهن
سمجھندس پر هاڻي هڪئي وقت سڀئي ڳالهيون ياد نه ٿيون رهن. اها به سچي ڳالھ آھي ته
اسان جهڙن ماڻهن کي ڪتاب، ادب، موسيقي ۽ سُٺا دوست جوان رکندا پيا اچن نه ته زندگيءَ
جو وقت پوئتي ڇڏي آيا آهيون. آئون اڪثر ڪري اها ڳالھ دُهرائيندو رهندو آهيان ته زندگيءَ
جي آخري گهڙيءَ تائين جوانيءَ تان هٿ نه کڻبو.
