; سنڌي شخصيتون: سائين بخش رند، جھانگير عباسي،
Showing posts with label سائين بخش رند، جھانگير عباسي،. Show all posts
Showing posts with label سائين بخش رند، جھانگير عباسي،. Show all posts

11 April, 2023

سائين بخش رند

سائين بخش رند

ڪھاڻيڪار  - وڇڙي ويس ته ورسي آھي!

جھانگير عباسي



سنڌي ڪھاڻي کيتر ۾ سن نوي واري ڏھاڪي کان اسري آيل اڻ ڳڻين نالن واري قطار منجھ سائين بخش رند جو نالو اھم ڪھاڻيڪارن ۾ ڳڻجي ٿو جنھن جو تعلق ڪاڇي واري پٺتي پيل ساھ کي لوساٽيندڙ لڪن واري علائقي سان رھيو۔۔ ھن پھرين آڪٽوبر ۱۹۶۲ تي کيرٿر پھاڙن جي ڇانو ھيٺ اڏيل ڳوٺ ابراھيم رند ۾ ھڪ غريب پورھيت ھاري گھراڻي ۾ اک کولي جنھن کي پيءُ بکون ۽ ڪشالا ڪڍي وڏي چاھ واري ان آس اميدن سان لکايو پڙھايو ته ھڪ نه ھڪ ڏينھن سندن موبي پٽ انھن جا سڀني دک دردن جو درمان بڻجي سندن جيون جا رھيل ڏينھن سکن سان سرشار ڪندو ائين سائين بخش محنت سان اڳتي وڌندي ڏکيائين کي منھن ڏيندي تعليم پرائي عملي زندگي جي شروعات پرائمري استادي سان ڪئي پو۽ اڳتي وڌندي جونئير اسڪول کان سينئير ۽ سيڪنڊري اسڪول ٽيچر بڻيو بعد ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان ڏئي سنڌي مضمون ۾ ليڪچرار کان نئين شروعات ڪندي اسسٽنٽ پروفيسر تائين پھتو.