; سنڌي شخصيتون: سورج سجاولي، حبيب لغاري، ڄام صنم سنڌي،
Showing posts with label سورج سجاولي، حبيب لغاري، ڄام صنم سنڌي،. Show all posts
Showing posts with label سورج سجاولي، حبيب لغاري، ڄام صنم سنڌي،. Show all posts

24 April, 2023

سورج سجاولي

سورج سجاولي

پٿرن جي شهر ۾ وجود وڃائيندڙ سورج. . !

حبيب لغاري



ڄامشوري جون سحرانگيز هوائون ڀل پيار جي پرچار جا قصا لکنديون هجن ۽ وفا جا نوان داستان رقم ٿيندا هجن، پر اتي جدائي جي ڪهاڻي به لکجي ٿي، اها جدائي جيڪا گلن سان ڀريل زندگين کي بر بڻائي ويندي آهي، هن حسين نگري جون حسين يادگيريون علم جي پانڌيئڙن جو اثاثو ته رهيون آهن پر هي جيڪو پٿرن جو شهر آهي ان ۾ ڪيتريون راتيون رنجائي گذرن ٿيون ان جي خبر ته اهي وجود ئي رکن ٿا جن تي ڪا قيامت ڪڙڪي ٿي، وبائن وارن هنن ڏينهن ۾ وبائن جي نظر ٿي موتين جهڙا ماڻهو حياتي جي هنجه مان ٽٽل تسبيع جي داڻن وانگر ڇڻي رهيا آهن، الميو رڳو اهيو به ناهي ته وبا حياتي کسي پئي، پر الميو اهيو به آهي ته علم مسيحائي سان واسطو رکندڙ وجودن جي بيحسي وقت کان اڳ مريضن کي ڳڙڪايو ڇڏي.