پروفيسر سليم سولنگي
دادُو جو شيڪسپيئر
رفيق کوسو
هن دنيا ۾ ڪي ماڻهو تاريخ بڻجندا
آهن ۽ انهن تاريخ بڻجندڙن جي وچ ۾ ڪي اهڙا به انسان هوندا آهن جيڪي پنهنجي اندر ۾
سڀ کان وڏي تاريخ هوندا آهن ۽ پنهنجي اندر جي تاريخ ۾ جيئندا آهن، اُهي مهان هوندا
آهن! دنيا جي لوڀن کان پري سچ جي گمنامي ۾ پناھ وٺندا آهن. شايد هو دنيا جي روين
کي گهرائيءَ سان ۽ جلد سمجهي ويندا آهن، تنهنڪري دنيا جي جڙتو بدلجندڙ تاريخ کان
منهن موڙي اهڙا انسان سقراط چواڻي “پنهنجي پاڻ کي سڃاڻڻ جي جستجو ۾ لڳي ويندا آهن”
۽ سدائين اوجهل رهندا آهن ماڻهن ۽ دنيا جي نظرن کان. تاريخ جو حصو اهڙا ماڻهو به
هوندا آهن، جيڪي صرف انهن ماڻهن کي نظر ايندا آهن، جيڪي اُنهن کي سمجھي سگهندا آهن
۽ اهڙن ماڻهن ۾ دادو جي “استاد بخاري ڪاليج” جي انگريزي ادب سان تعلق رکندڙ
پروفيسر سليم سولنگي صاحب به هو، جنهن کي دادو جا ماڻهو دادو جو شيڪسپيئر به سڏيندا
هئا ته ڪي وري کيس دادو جو “آڪسفورڊ يونيورسٽي” به سڏيندا هئا.
