; سنڌي شخصيتون: اشوڪ خاموش، صدام ساگر،
Showing posts with label اشوڪ خاموش، صدام ساگر،. Show all posts
Showing posts with label اشوڪ خاموش، صدام ساگر،. Show all posts

28 April, 2023

اشوڪ خاموش

اشوڪ خاموش

نوجوان ليکڪ ۽ شاعر جا ويچار

ڳالھ ٻولھ: صدام ساگر



نوجوان ليکڪ ۽ شاعر اشوڪ خاموش، ٿرپارڪر جي ڳوٺ ڌاراڙ ۾ ۲ جنوري ۱۹۹۴ع ۾ ممون مل جي گهر ۾ اک کولي. هن ابتدائي ۽ پرائمري تعليم اباڻي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪئي، مڊل ڪلاس جي تعليم ڳوٺ پاٻوهر مان حاصل ڪئي، مئٽرڪ هاءِ اسڪول مٺي، انٽر اڳوڻي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۽ هاڻوڪي صادق فقير ڪاليج مان پاس ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم سنڌ يونيورسٽيءَ مان پرائي، جتان سنڌي ادب مان ماسٽرز جي ڊگري وٺڻ کانپوءِ هاڻي پرائمري استاد طور فرض انجام ڏئي رهيو آهي. اشوڪ خاموش، ليکڪ، سماجي ڪارڪن هجڻ سان گڏوگڏ بهترين ڪمپيئر پڻ آهي.