; سنڌي شخصيتون: مُحمّد دين راڄڙي، زاهد علي ڀٽو،
Showing posts with label مُحمّد دين راڄڙي، زاهد علي ڀٽو،. Show all posts
Showing posts with label مُحمّد دين راڄڙي، زاهد علي ڀٽو،. Show all posts

26 April, 2023

مُحمّد دين راڄڙي

مُحمّد دين راڄڙي

باشعور سماج جوڙڻ جنهنجي زندگي جو منشور آھي

زاهد علي ڀٽو



سِنڌ جي عام ٻهراڙين جيان سهولتن جي اَڻهُوند واري ڳوٺ (عبدالله راڄڙي)سانڪو ۾ عِيسوي سال جي پهرين ڏينهن يعني پهرين جنوري سال اڻويھ سئو ٽياسي ۾ هڪ غريب هاري جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ٻار جيڪو ڄمڻ سان ئي ناناڻن کي بخشش ٿي مليو. جنهن جو ٻيو ڪو سبب نه بلڪه سندس ناناڻن ۾ پُٽ جو ٻار ڪو، ڪون هو ۽ سندس ناناڻن کي پُٽ جي ٻار جي ڏاڍي سِڪ هئي.