درمحمد بلوچ
هڪ تاريخ ساز شخصيت
غوث پيرزادو
ڊاڪٽر درمحمد بلوچ ڪراچي جي
قديمي وسندي درساڻي ڇني ڀرسان هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ جنم ورتو. پر اڳتي هلي هو هڪ اهڙي
روشنيءَ جي ڪرڻي جيان ثابت ٿيو جنهن پوري سماج کي جهلملائي ڇڏيو. ڏکين حالتن جي
باوجود هن نه رڳو ان پٺتي پيل علائقي مان بنيادي تعليم حاصل ڪئي پر هن اڳتي هلي ميڊيڪل
جي ڊگري به حاصل ڪئي پر هن هينڊز اين جي او جي پليٽ فارم تان علائقي ۾ صحت جي
سهوليتن جو ڄار وڇائي ڇڏيو ۽ صحت جي حوالي سان مهم هلائڻ جي شروعات ڪري ڇڏي. سچ به
ڪي ماڻهو تاريخ ٿيندا آهن، جن جي سڏ جو پڙاڏو صدين تائين گونجندو آهي ۽ انساني
ذهنن کي جهنجهوڙيندو رهندو آهي جن عظيم ماڻهن جي شخصيت جي خوشبو صدين تائين مسحور ڪندي
رهندي آهي.
