مائي الھ وسائي
سنڌ جي منفرد پُرسوز لوڪ
فنڪاره جي سار
سارنگ مرکنڊ
مائي الهه وسائي سنڌ ۾ سجاول
تعلقو، ٺٽو ضلعو (موجوده سجاول ضلعو) جي ڳوٺ محمد شاھ ڍڍڙ ۾ ۱۹۲۸ع ۾ خمُون ميربحر جي گهر ۾ جنم ورتو. هوءَ سنڌ جي مشهور ڳائڻي جيوڻي ٻائيءَ
جي ساهيڙي ۽ همعصر هئي. تڏهن ڪلامن جي رڪارڊنگ گراموفون تي ٿيندي هئي ۽ جيوڻي ٻائي،
مائي الهه وسائي، ماسٽر چندر، خان بلوچ، سونا خان بلوچ موسيقيءَ جي دنيا جا وڏا
نالا هئا. کمون ميربحر نڙ ساز جوڙڻ ۽ وڄائڻ جو ماهر هو. مائي الهه وسائي ۱۲ سالن جي ڄمار ۾ راڳ جي سکيا وٺڻ شروع ڪئي ۽ ۲۰ سالن جي ڄمار ۾ باقاعده ڳائڻ شروع ڪيو.مائي الهه وسائي گائڪي جي سکيا
استاد حاجي ماڙيچو ۽ استاد فدا حُسين کان ورتي. هن ڍولڪ نواز استاد خميسو چانڊيو
سان شادي ڪئي. اٽڪل ۳۰۰ ڪلام ڳايائين جيڪي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين مقبول ٿيا. مائي الهه وسائي آخر ۾
گلي جي ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي پئي.
