; سنڌي شخصيتون: خير محمد ڪولاچي

02 January, 2017

خير محمد ڪولاچي

خير محمد ڪولاچي

ڪئناڊا ۾ سنڌين جو سونهون

ذوالفقار شيخ (ٽورانٽو، ڪئناڊا)


سنڌين مان پهريان ته الائي ڪير ۽ ڪڏهن هن ملڪ ڏانهن لڏي آيو جنهن جي ٿڌ جهنم جهڙي آهي، ۽ اهو پهريون سنڌي ڪهڙن مرحلن مان گذري هتي سيٽل ٿيو، پر پنهنجو ديس ڇڏي پرائي ديس ۾ سيٽل ٿيڻ ڪيترو اڻانگو آهي، اهو مون کي هتي اچڻ جي پهرين ٻن چئن مهينن ۾ ئي اندازو ٿي ويو هيو ۽ پهرين ٻن ٽن ميهنن ۾ هر مهيني اهو سوچيندو هيس ته ايندڙ مهينو ڪڍي واپسي ڪبي ڇو ته هر قدم تي ڏکيائيون هيون، انهن ڏکيائين ۾ جيڪر خير محمد ڪولاچي صاحب جهڙي دلبر سونهي جو ساٿ نه هجي هان ته شايد مان دل هاري ويهان هان ۽ ڪڏهو ڪو واپس اچي وڃان هان. ڪولاچي صاحب جو اهو ساٿ رڳو مون لاءِ نه پر هر ان سنڌيءِ لاءِ هر دم ۽ قدم حاضر هوندو آهي جيڪو به ساڻس رابطو ڪندو آهي، هن جي طبيعت ۾ ڄڻ ته جواب نالي ڪو لفظ ئي ڪونهي.


باڊه، لاڙڪاڻي جي گرم مٽيءِ مان جنم ورتل هيءٌ دوست ايترو ته سڀاءِ وارو آهي جو جيڪو به هڪ دفعو ساڻس ملندو آهي اهو ڄڻ ته سندس جو ٿي ويندو آهي. رڳو سنڌين جون محفلون سندس دم سان آباد ڪون هونديون آهن بلڪ هو ٻين ڪميونٽين جي سماجي سرگرمين جو پڻ حصو رهندو آهي، تنهنڪري ڪي اهڙا به هوندا آهن جيڪي هن ڪردار کان ڇرڪيل رهندا آهن. مون کي هڪ دوست ٻڌايو ته هو ٽورانٽو کان پنهنجي بزنيس سانگي ڪئناڊا جي ٻئي صوبي البرٽا ويو جتي جي شهر ڪئلگريءَ ۾ کيس ڪجھ سنڌي گڏيا جن مان هڪ همراه ٽورانٽو جو ذڪر نڪرڻ سان ئي ڪولاچيءَ صاحب جو نالو کڻي ان جي مخالفت شروع ڪئي. دوست ٻڌايو ته مون همراه کان پڇيو ته “ڀائو تو ڪولاچي ڏٺو آهي” هن چيو ته نه، مون چيو مانس ته پوءِ ڇو ان تي ايترو گرم ڇو آهين، هن چيو ته چون ٿا ته ٽورانٽو ۾ سنڌين جي اتحاد ۾ جيڪر ڪو رڪاوٽ آهي ته اهو ڪولاچي آهي. دوست چيو ته مون چيومانس ته “ڀائو هي نمبر وٺ، ان تي ڪال ڪري، هن همراه کي چئو ته تون سنڌي آهين ۽ ڪجھ ڏهاڙن لاءِ ٽورانٽو اچين پيو، تو کي رهائش ۽ ٻي مدد گھربي، ۽ پوِءِ جيڪر هي همراه تو کي جواب ڏئي وجھي ته پوءِ ڀلي تون ان جي مخالفت ڪندو رهجانءِ” اهو همراه اها ڳالھ ٻڌي وائڙو ٿي ويو ته ٽورانٽو ۾ اهڙو به ڪو ماڻهون آهي جيڪو هردم سنڌين جي مدد لاءِ تيار هوندو آهي ۽ هن همراه پشيماني ظاهر ڪندي چيو ته ڪجھ دوستن هن کي ڪولاچي صاحب کان خائف ڪيو هيو.

ان جو سبب اهو آهي ته اسان سنڌي ڪٿي به هجون متحد ڪون رهون، جيئن سنڌ ۾ سئو پارٽيون ٺهي ويون آهن ۽ هر ڪو ليڊر آهي، تيئن پرڏيھ ۾ به جيڪي ڪجھ هزار سنڌي رهون ٿا اهي گروپن ۾ ورهايل رهن ٿا. سنڌي ائسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) سنڌين جو اهڙو پليٽ فارم آهي جيڪو سنڌين کي غير سياسي بنيادن تي ۽ صرف سنڌيت، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ثقافت جي نالي تي ڳنڍيو اچي ٿو، هن تنظيم جا بنياد به چون ٿا ته ٽوارنٽو ۾ ئي پيا هيا ۽ هن وقت اها تنظيم نه رڳو ڪئناڊا بلڪ آمريڪا جي هر وڏي شهر ۾ سنڌيت جو علم بلند ڪيو ويٺي آهي. ٽوارڻٽو ۾ سانا جي واجھ ويجھ ۾ ٻين دوستن جو به تمام گھڻو حصو آهي ۽ پاڻ آهستي آهستي انهن دوستن تي به روشني وجھنداسين پر اسان جي اڄوڪي ڪالم جو ڪردار يقينن خير محمد ڪولاچي آهي جيڪو ٽورانٽو ۾ سنڌين لاءِ نه رڳو هڪ وڏو آسرو بلڪه اهڙو سونهون آهي جيڪو ڪڏهن به ڪنهن جي مدد کان ٿڪجي ڪون. ماڻهن جي پنهنجي وطن واسين لاءِ اهڙي جزبي سبب ئي شايد لاکيڻي لطيف فرمايو ته

الست بربڪم، جڏهن ڪن پيوم،

قالو بلا قلب سين، تڏهين تت چيوم،

تنهين وير ڪيوم، وچن ويڙهيچن سين.

مان جڏهن ڪئناڊا آيم پئي ته پنهنجي عزيز ۽ ننڍپڻ جي دوست انجنيئر عمران شيخ سان رابطو ڪيم جنهن ٽورانٽو لهڻ جي صلاح ڏيندي ڪولاچي صاحب سان رابطو ڪرڻ جي صلاح ڏني، وري سانا جي ويب سائيٽ تي اعجاز ڪولاچي کي مرڪزي عهديدارن ۾ ڏٺم جيڪو خير محمد ڪولاچي صاحب جو فرزند آهي، مون ان کي هڪ سنڌيء جي حيثيت سان اي ميل ڪئي ۽ هن فورن همٿائيندڙ جواب ڏنو ته فڪر نه ڪيو سڀ انتظام ٿي ويندا. چاچو حفيظ قريشي مرحوم چوندو آهي ته دنيا ۾ وائڙا رڳو اسان سنڌي آهيون ڇو ته دنيا جي ڪنهن به ٻي ٻوليءِ ۾ لفظ “وائڙو” جو ڪو متبادل ڪونهي ۽ مون کي ان لفظ جو مفهوم به ان ڏينهن سمجھ ۾ آيو جڏهن مون پنهنجي گھر واري ۽ ٽن ٻارڙن سان ٽرانٽو جي زمين تي هڪ نئين اميگرنٽ (مهاجر) جي حيثيت سان پير رکيو، هڪ سنڌي ۽ ٻيو انگريزي پوري ساري، سو هيءِ ملڪ ڄڻ ته هڪ نئون جهان پئي محسوس ٿيو ۽ ان صورتحال ۾ منهنجو عزيز نعمان رستم (جيڪو عمران شيخ جو ننڍو ڀاءٌ آهي) ۽ خير محمد ڪولاچي ۽ ان جا گھر وارا هيا جن نه رڳو اڳواٽ هڪ مهيني لاءِ هڪ فليٽ جو بندوسبت ڪري رکيو هيو بلڪه ڪولاچي صاحب ڄڻ ته هٿ کان وٺي هلڻ سيکاريو، هن اسان کي سيڌي سلڦ جا دڪان به ڏيکاريا ته روڊن رستن کان ۽ ٻارڙن جي اسڪولن کان به آگاه ڪيو. شايد سنڌين کي مدد ڏيڻ جي ڪري ئي ان وقت ڪولاچي صاحب رهندو ئي ٽورانٽو شهر جي اهڙي علائقي ۾ هيو جنهن کي سنڌين لاءِ لانچنگ پئڊ چوندا هيا. لانچنگ پئڊ ان جاءِ کي چئبو آهي جتان ميزائيل ڇوڙيا ويندا آهن ۽ ٽورانٽو جو ڪريسنٽ ٽائون سڏجندڙ اهو علائقو به گھڻن ئي سنڌين لاءِ ان ڪري به هڪ قسم جو لانچنگ پئڊ هيو جتان ڪيترا ئي سنڌي تعليم ۽ تجربا حاصل ڪري ڪئناڊا جي مختلف علائقن ۾ ٽڙي پکڙجي ويا. هيءٌ ٽورانٽو شهر واري سب وي جي مٿان وڪٽوريا پارڪ سب وي اسٽيشن تي هيو جتان ٽورانٽو شهر جي مرڪز ۾ پهچڻ ۾ 15 کان 20 منٽ لڳندا هيا، اتي ئي نوڪريون به هونديون آهن ۽ تعليم حاصل ڪري اڳتي وڌڻ خاطر رائرسن يونيورسٽي، ٽورانٽو يونيورسٽي سميت ڪيترائي ڪاليج پڻ آهن. مون سان عمران شيخ، نواز پنهور، آصف پنهور سميت ڪيترن ئي دوستن ذڪر ڪيو ته اهي ڪريسنٽ ٽائون ۾ رهندي، رائرسن ما ڊگري وٺي پوءِ ڪئناڊا جي ٻين هنڌن ڏانهن شفٽ ٿيا. ڪريسنٽ ٽائون ۾ جتي هونئن ته اڪثريت بنگالين جي آهي جيڪي پاڪستاني هجڻ سبب اسان کان گھڻو ٽهندا آهن، اتي هڪ ننڍڙي سنڌ قائم ڪرڻ وارو ڪولاچي صاحب ئي هيو ۽ اتي ئي منهنجيون راشد پيرزادو،ڊاڪٽر قدوص سومرو، محمد اسمائيل دائود پوٽو، فياض نظاماڻي، معظم نظاماڻي، منوهر هرجاڻي، بزرگ دوست ٿائو مل پردناڻي، ڊاڪٽر ڪئلاش نانڪاڻي ۽ ٻين سنڌين سان روح رهاڻيون پڻ ٿينديون رهيون. سانا ڇاڪاڻ ته غير سياسي هوندي به ڪڏهن ڪڏهن سياسي بنجي ويندي آهي تنهنڪري ئي مون هتي اچڻ بعد سياست کان بچڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ۽ ان ڪري ئي مون ۽ ڪولاچي صاحب  پنهنجي ڌرتي سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ علم ودب جي خدمت ڪرڻ خاطر سنڌي ادبي سنگت جي پهرين عالمي برانچ جا بنياد رکڻ جو سوچيو ۽ سنگت جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل کان هاڪاري موٽ ملڻ بعد اسان ڪريسنٽ ٽائون جي ڪميونٽي سينٽر ۾ ئي سنڌي ادبي سنگت ٽورانٽو شاخ جا بنياد رکيا، مون چاهيو پئي ته هو پاڻ ئي سنگت ٽورانٽو ساخ جو پهريون ۽ باني سيڪريٽري ٿئي پر هن مون کي زوريءِ اها زميواري کڻائي. اهو ڪولاچي صاحب جو تحرڪ ئي هوندو هيو جو سنڌي ادبي سنگت پاران ٽورانٽو ۾ مادري ٻويلن جي عالمي ڏهاڙي تي ٻه سال مسلسل سنڌي ٻولي جا ڏهاڙا شاندار نموني سان ملهايا جن ۾ ٻين ٻولين جي ماهرن به سنڌي ٻولي تي ڳالهايو، ان سان گڏ اسان ترقي پسند اردو اديبن سان گڏجي شيخ اياز جو ڏهاڙو پڻ ملهايو.

اڳتي هلي ڪولاچي صاحب جي صحبت سبب ئي مان سانا جو پڻ حصو ٿي ويس جيڪو هڪ لحاظ کان تڪليف وارو تجربو به رهيو پر ان جو هڪ فائدو اهو مليو جو سنڌ سان انتها درجي جو عشق ڪندڙ ڪيترن ئي شانائتن ڪردارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. اسان جي لکڻ واري هن سلسلي جو اصل مقصد به اهو ئي آهي ته اهڙن ڪردارن کي اڳتي آڻجي جيڪي سنڌ کان هزارين ميل ڏور رهندي به ان جي تات تنواريندا رهن ٿا ته جيئن اسان جي نئين نسل ۾ سنڌ ۽ سنڌيت لاءِ اتساه پئدا ٿئي.

ڪولاچي صاحب سان ويجھڙائي جو هڪ ٻيو وڏو سبب اهو به هيو ته اسان جي طبيعت ۾ ڪجھ هڪجهڙايون به هيون ته ڪافي ڳالهين تي اختلاف به رهندا آهن، اها سنڌ سان سندس اٿاه محبت ئي آهي جنهن سبب هو سنڌين جي ڪمزورين تي چڙيل رهندو آهي، هو هر شي ۾ پرفيڪشن چاهيندو آهي، هو صوفيت واري عنصر ۽ قومپرستيءَ کي سنڌ لاءِ نقصانڪار سمجھندو آهي ۽ مان وري جيئن هڪ جج ڏوهاريءِ کي شق جو فائدو ڏئي آزاد ڪندو آهي تيئن ئي سنڌين جي اهڙين ڪمزورين کي سندن مسلسل غلاميءِ جو نتيجو سمجھندي انهن جي حمايت ڪندو آهيان، مان ان خيال جو هوندو آهيان ته ڪڏهن ڪڏهن ڪمزور قومون جيئڻ جي سگھ حاصل ڪرڻ خاطر مصنوعي طريقا به ڳولينديون آهن ته ڪوڙن قصن ڪهاڻين جي سهاري جيئڻ جي ڪوشش به ڪنديون آهن. ڪولاچي صاحب جا ۽ اسان جا بحث مباحثا هلندا رهندا جن ۾ يوسف ڪلهوڙي جهڙا جزباتي دوست به جوش سان حصو وٺندا آهن، پر هڪ ڳالھ مان هتي پڪ سان چوان ٿو ته خير محمد ڪولاچي جهڙا ڪردار تمام گھٽ هوندا آهن جيڪي پنهنجن پراون لاءِ ڏکي گھڙيءِ ۾ هر وقت حاضر هجن، جيڪي سنڌيت جي روايتن جا امين هجن، جن سان ملي روح کي راحت ملي، ڪجھ ڪرڻ جو حوصلو ملي ۽ زندگي گزارڻ جو ڏس ملي. مان کيس شاھ لطيف جي هن شعر جي ڀيٽا ڏيندس ته

سدائين سفر ۾، رمن مٿي راھ،

پيرن پورب پنڌ ڏي، منجھ موالي ماھ،

جن جي الله سان آگاھ، هل تڪيا پسون تن جا.




خير محمد ڪولاچي

خير ئي خير سان ٽمٽار محبتون آڇيندڙ سونھون انسان

مسرور سيال

اسان جي شھر باڊھ شھر جو محلو درگاه شريف، ھڪ قديمي محلو، جيڪو اڳي ريواچند جي نالي سان سڃاتو ويندو ھو. چيو وڃي ٿو ته ھن محلي جي زمين، اصل ھڪ ھندو سيٺ ريواچند جي ملڪيت ھئي. جنھن ھتي ھارين، مزدورن، غريبن کي رھائش جي لاءِ ڏني ھئي. ھن جي نالي سان گورنمينٽ پرائمري اسڪول ريواچند ھاڻ به آھي. ھي اسڪول، اڳ درگاه شريف جي جامع مسجد، جيڪا باڊھ جي تاريخي مسجد آھي، ان ۾ ھلندڙ ھو. ھي ڪيڏي نه محبت جي علامت ھئي. مسجد جي اڳئين گنبذ مرڪزي دروازي واري ڪمري وري ان سان ملحقہ ڪمرن جيڪي مدرسي جا ھئا، اتي اسڪول ھلندو ھو. ڀر واري عيدگاھ جي وڻن جي ڇانوري ۾ به ڪلاس ھلايا ويندا ھئا ۽ ھن کي ريواچند اسڪول سڏيو ويند ھو.

ورھاڱي کانپوءِ به ريواچند محلو ھو. اڳتي ھلي جنرل ايوب خان جي دور ۾ مڪاني ادارا جڙيا ته باڊھ ٽائون ڪميٽي جي چونڊيل چيئرمين ۽ ڪائونسلرن، چيئرمين رمضان مشوري جي اڳواڻيءَ ۾، ھن محلي جو نالو درگاھ شريف رکيو. جيڪو جامع مسجد ۽ درگاھ حاجي علي اصحابي جي ڪري، شايد ھي نالو تجويز ڪيو ويو ھجي. پر اسڪول جو نالو ساڳيو ئي رھيو. پراڻي وقت جا اڪثر شھري ريواچند محلو ئي سڏيندا ھئا. ھي محلو مٺي پاڻي نه ھجڻ، جر جو پاڻي کارو ھجڻ، سبب پٺتي ليکيو ويندو هو. ھتان جا قديمي رھواسي ڪولاچي، مشوري، قريشي، بروھي، جوڳي، ڀنڊ آھن. ھن وقت ڪيتريون ئي ذاتيون رھن ٿيون. جن ۾ سيد، ڪانڌڙا، ڀاڳت، ميراڻي سميت ٻيون ڪيتريون ئي ذاتيون رھنديون آھن. جيڪي ٿورڙي تعداد ۾ ھئا. ھاڻ ته ھنن جا به پاڙا ٺھي ويا آھن. باڊھ جو ھي واحد وارڊ آھي، جيڪو وڏو آھي. ھتان جي ووٽرن جو انگ رجسٽرڊ ۳۵۰۰ کان مٿي آھي. ھن جا ۲ کان ۳ وارڊ وڌيڪ ٺھي سگھن ٿا. شھر جو بوائز ھائير سيڪنڊري اسڪول، سرڪاري اسپتال، جانورن جي اسپتال به ھتي آھن ته شھر جو وڏي مان وڏو تاريخي قبرستان به ھن محلي ۾ آھي. مطلب ته ھن محلي سان تعليم، صحت سان گڏ آخري آرامگاهه وارو واسطو اڪثريتي شھرين جو آھي. ھتان جي روحاني بزرگ حاجي علي اصحابو جي مزار به قبرستان ۾ آھي. جنھن سبب ماڻھن جي اچ وڃ به رھي ٿي ته وري درگاھ محلي وارن جو لنگھ به قبرستان مان ٿئي ٿو.

آءٌ ھن محلي جي تفصيل ۾ ان ڪري به ويس ته ھن جي اھميت سان گڏ، ھتان جنم وٺندڙ شخصيتن کي سمجھڻ جي آساني ٿئي. ھتان تعليمي شخصيتون سائين غلام رسول بروھي، سائين ڊاڪٽر امداد علي بروھي جنھن جاپان مان پي ايڇ ڊي ڪئي، سائين نور علي بروھي، سائين نور محمد ڪولاچي شامل آھن. جڏھن ته سائين مامو محمد علي بروھي، سائين غلام نبي ڪولاچي، ڊاڪٽر سڪندر ڪولاچي، ڊاڪٽر مبشر ڪولاچي، ڊاڪٽر عبدالصمد بروھي شامل آھن. ان کانسواءِ سياسي لحاظ کان خادم حسين ڪلھوڙو جيڪو پ پ پ تعلقي ڏوڪري جو صدر رھيو ۽ غلام محمد ساريو، جيڪو پڻ پ پ پ تعلقي ڏوڪري جو جنرل سيڪريٽري رھيو، ھن محلي جا ھئا. محمد رمضان مشوري، ٽائون ڪاميٽي جو چيئرمين رھيو. ان کانسواءِ ڪيترا ئي نالا ڳڻائي سگهجن ٿا. ھتي اختصار کان ڪم وٺندي، لکيا اٿم. ھنن مان اڪثريت، جھان ڇڏي چڪي آھي.

درگاھ شريف، باڊھ جو ھاڻي پوئتي پيل محلو ناھي رھيو. جيتوڻيڪ مسئلا پنھنجي جاءِ تي موجود پڻ آھن. پر ھاڻ ڪاروبار جي لحاظ کان اڳتي ٿيندو پيو وڃي. ھاڻ درگاھ شريف محلو، ھڪ شھر جو ڏيک ڏئي رھيو آھي. جڏھن ھڪ ڳوٺاڻي ماحول وارو ڏيک ڏيندو ھو ته ان وقت ھڪ اھڙي شخصيت ھتي جنم ورتو ھو ۽ ھتان پڙھي لکي اڳتي وڌيو جو انجنيئر ٿيو ۽ ملڪ جي اھم صنعتي اداري پاڪستان اسٽيل مل ۾ بطور انجنئير نوڪري تي چڙھيو. ان زماني ۾، سنڌي آفيسر اٽي ۾ لوڻ برابر ڇا پر ان کان به گھٽ ھوندا ھئا. منھنجو بہ ڀاءُ اعجاز حسين سيال، اسٽيل ۾ ننڍڙو ملازم ھو ۽ ھو ٻڌائيندو ھو ته باڊھ جو ھتي ھڪ انجنئير آھي. جنھن جو نالو خيرمحمد ڪولاچي آھي. ھن مونکي سندس فليٽ به ڏيکاريو ھو. آ جڏھن اتان گذر ڪندو ھئس ته ھڪ جيڏن کي اھو ٻڌائيندو ھئس ۽ خوش ٿيندو ھئس ته ھي سنڌي آفيسر جو فليٽ آھي ۽ اسان جي شھر باڊھ جو آھي. شايد کيس روبرو ڏٺو به ھجي، مونکي چٽي طرح ياد ناھي. ان ڪري ته آءٌ ان وقت ڇھين ڪلاس ۾ پڙھندو ھئس. وري اسين ٽائون شپ مان شھر ملير ۱۵ محمدي ڊيره شفٽ ٿي ويا ھئاسين. اھڙي نموني وقت گذرندي دير نه ٿي جو گلشن حديد فيز ون جڙي راس ٿيو ته اسٽيل مل جا اڪثر ملازم ھيڏانھن شفٽ ٿي ويا. پر منھنجي ذھن مان خير محمد ڪولاچي جو نالو مٽجي نه سگھيو ھو. سائين جن اسٽيل مل مان فارغ ٿي، پرڏيھ ھليا ويا. ھن وقت ڪئناڊا ۾ فيملي سميت، اتان جي شھريت سان مقيم آھن.

باڊھ شھر جي مٽي به عجيب آهي. ھو پرڏيھ ۾ رھندي به باڊھ وساري نه سگھيو آھي. پنھنجي جنم ڀوميءَ سان محبت، عبادت جيان رچيل اٿس. اھو ئي سبب آھي جو ھو ڪئناڊا ۾ به ڳوٺاڻو ماحول جوڙي ويٺل آھي ۽ سنڌ جي محبت، سنڌي ٻولي سان بي انتھا پيار، ھن کي سنڌ جو عاشق ۽ ٻوليءَ جو پروانو بڻائي ڇڏيو آھي. ڀلا ڪير ٿو پرڏيھ ۾ سورن، دردن کي پسند ڪري جيڪو ٻئي ملڪ ۾ پاڻ تڪليفن سان اڳ منھن ڏيندڙ ھجي اھو اتي به سنڌ، سنڌيت ۽ سنڌي ٻولي لاءِ پتوڙيندو رھي. پرڏيھ ۾ سنڌين کي ويڳاڻي ٿيڻ کان بچائيندو ھجي. اتي سنڌي ادبي سنگت جي شاخ کولي ادب جي خدمت ڪندڙ ھجي. ثقافتي ڏھاڙا ملھائي، سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪندڙ ھجي. سنڌي نوجوانن جي تعليم ۽ روزگار لاءِ رھنمائي ڪندو ھجي. ٽورنٽو ۾ ننڍڙي سنڌ اڏيندڙ ھجي. ڪالم، مضمون لکي سنڌ جي اشوز تي ڳالھائيندو ھجي. انھن جا حل ٻڌائيندڙ ھجي. ڪتابن جي صورت ۾ لکڻيون ڏيندو ھجي. اھو ٻيو ڪو نه پر شانائتي ۽ مانائتي شخصيت، خير محمد ڪولاچي ئي آھي.

خير محمد ڪولاچي ڪيئن ھوندو، ملڻ جلڻ ڪيئن ھوندس، ڳالھائڻ ٻولھائڻ جو ڪيئن ھوندو، طبعيت جو ڪيئن ھوندو، وڏن عھدن تي رھندڙ ۽ پرڏيھ رھندڙ ڪجھه ته وڏائي رکندو ھوندو. ان ڪري ته اسان جا ڪيترا ئي اھڙا دوست آھن، جيڪي ھتي ٻن ڪھين واري چپل ۽ مٽي لڳل پاچن سان ڦرندا رھندا ھئا. اھي ڇا ڪراچي ۽ ٻين وڏن شھرن ڏانھن ويا ته ايترا ته تبديل ٿي ويا جو پاڻ کي شھري بابو سڏائڻ لڳا ۽ اسان کي ڳوٺاڻو چئي، واڇون ڀڪوڙيندا، ھرڀرو پاڻ معتبر ظاھر ڪرڻ جي چڪر ۾ پنھنجي ئي چھري سان، عجيب حرڪتون ڪندي نظر پئي آيا. پر جڏھن خير محمد ڪولاچي سان ملڻ ٿيو ته ھن ھڪ نظر ۾ ئي سڃاڻي ورتو. ائين ملياسين جيئن پاڻ اڳ بار بار ملندا رھيا آھيون. ملنسار، محبتي، قرب احترام ۽ پنھنجائيپ واري خاصيت جو مالڪ. بلڪل پنھنجي جنم ڀومي، پنھنجي سنڌ ڌرتي، پنھنجي ٻولي، پنھنجن سنڌيت سان محبت ڪندڙ پرڏيھ ۾ رھڻ باوجود به پرڏيھي نظر نه آيو. ڪا به ٺاھ ٺوھ، پاڻ کي معتبر ظاھر ڪرڻ ۽ پنھنجي لاءِ تعريفي بند ٻڌڻ تعريف ٻڌڻ بجاءِ پنھنجي شھر، پنھنجي ڌرتي، شھر واسين، ڌرتي واسين جي تعريف ڪرڻ سان گڏ، ان کي ٻڌڻ ۾ سرھو نظر پئي آيو. پاڻ باڊھ آيا ته درگاھ شريف ۾ ئي پنھنجي اوطاق تي ”صوفي شام“ رچايائون. پياري فياض ڪولاچيءَ فون ڪري دعوت ڏني ته دل باغ بھار ٿي وئي. جنھن ۾ شھرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. صوفياڻي رنگ جي محفل بہ ٿي ۽ ماحول الستي بڻجي ويو. مون پھرين اھو سوچيو ته پروگرام ڀلا درگاھ شريف محلي ۽ پنھنجي اوطاق تي ڇو؟ کڻي ٻڌايو وڃي ھا ته شھر ۾ ھتان پنھنجي شھر جي اداري طرفان ڪريون ھا! پر اتي وڃڻ کان پوءِ محترم سائين خيرمحمد ڪولاچي جي چھري تي رونق ۽ مرڪ ڏسي، محسوس ڪيم ته ھن پنھنجي ئي محلي ۾ پنھنجي ئي اوطاق تي، شھرين سان محبتون ونڊڻ پئي چاھيون. جيڪي ھن ونڊيون ۽ سي به اھڙيون جو سندس ھيءُ انداز به ڪنھن وڏائي ۽ تڪبر تي منڌيئڙي مثل ھيو.

(نوٽ؛ منھنجو ھي مضمون ھڪ ننڍڙي ڀيٽا آھي شايد ان جو حق پورو ادا نه ڪيو آھي مٿس تفصيلي خاڪو لکبو ان سان گڏ انھن شخصيتن ۽ ذاتين کان بہ معذرت وٺان ٿو، جيڪي رھجي ويون آهن. ان ڪري جيئن مضمون ڊيگھ نه وٺي سگھي.)


(مسرور سيال جي فيسبڪ وال تان ۶ مارچ ۲۰۲۱ع تي کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا