; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر ايس ايم قريشي

05 January, 2017

ڊاڪٽر ايس ايم قريشي

ڊاڪٽر ايس ايم قريشي
ضلع دادو ۾ واقع قديم تاريخي شهر ”بوبڪ“ هميشه کان علم و ادب جو مرڪز رهيو آهي. هن شهر ۾ رهندڙ سيد، قريشي، عباسي، ميمڻ، چنه، ڪمبوه برادري علم و ادب ۽ هنر ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا. ڪافي اعليٰ عهدا ماڻيندڙ ڪامورا، استاد، اديب، ڊاڪٽر، حڪيم ۽ ناليوار فرد هن شهر سان واسطو رکن ٿا.
نالو؛ شمس الدين قريشي.
ڄم؛ بوبڪ تاريخ ۳ مئي ۱۹۳۶.
ابتدائي تعليم؛ بوبڪ، دادو.
بي اي (سول) ۱۹۵۹ اين اي دي ڪاليج آف انجنيئرنگ ڪراچي.
ايم اي (اسٽرڪچرل انجنيئرنگ) ۱۹۶۵ بئنڪاڪ.
پي ايڇ ڊي (اسٽرڪچرل انجنيئرنگ) ۱۹۷۱ يو ڪي.
پاڻ مهراڻ ڪاليج هاڻي يونيورسٽي جا بنياد وجھندڙ (فائونڊر) ۽ وائيس چانسلر رهيا (۱۹۷۷_۱۹۸۷)


ان کان علاوھ مختلف وقتن تي وٽن ھيٺيان عھدا پڻ ريا.
1.   پرو وائس چانسلر مهراڻ يونورسٽي ڄام شورو ۽ نوابشاھ ڪيمپس.
2.   چيئرمن يونيوسٽي گرانٽس ڪميشن.
3.   چيئرمن پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل.
4.   چيئرمن پاڪستان سائنس ڪائونسل.
مختلف وقتن ۾ ..... مرڪز جي مختلف کاتن اندر پڻ سيڪريٽري رھيا. جھڙوڪ؛
1.   سيڪريٽري تعليم،
2.   سيڪريٽري زڪوات عشر،
3.   سيڪريٽري سائنس ٽيڪنولوجي پاڪستان،
4.   ايڊمنسٽريٽر جنرل زڪوات عشر،
5.   چيئرمن پاڪستان ڪائونسل فار سائنس ٽيڪنولوجي.
6.   سيڪريٽري هائوسنگ پلاننگ پاڪستان
7.   سيڪريٽري يوٿ افيئر پاڪستان ....
ان کان علاوھ، مختلف تحقيقاتي ادارن، ملڪي ۽ غير ملڪي ۾، اعزازي ميمبرشپ پڻ ھين.



ڊاڪٽر ايس ايم قريشي
علي ڏنو جروار
سنڌ سونهاري هر دور ۾ ڪيترا ئي ناليوارا ۽ مشهور عالم، فاضل، اديب، دانشور، شاعر ۽ ڏاها ماڻهو پيدا ڪيا آهن، جن مان پروفيسر ڊاڪٽر ايس ايم قريشي (شمس الدين قريشي) به هڪ آهي. پروفيسر ڊاڪٽر ايس ايم قريشي سومر ۱۸ فيبروري ۲۰۱۹ع تي ۸۳ سالن جي عمر ۾، اسان سنڌ واسين کان وڇڙي ويو. هو ۳ مئي ۱۹۳۶ع تي، دادو ضلعي جي هڪ علمي ۽ ادبي حيثيت رکندڙ شهر ۽ علائقي بوبڪ ۾ پيدا ٿيو. شروعاتي تعليم بوبڪ ۽ دادو مان حاصل ڪيائين، ان کانپوءِ بي اِي سول اين اِي ڊي ڪاليج آف انجنيئرنگ ڪراچيءَ مان ۱۹۵۹ع ۾ پاس ڪيائين. جڏهن ته ايم اِي (اسٽرڪچرل انجنيئرنگ) ۱۹۶۵ع ۾ بئنڪاڪ مان ڪيائين ۽ پي ايڇ ڊي (اسٽرڪچرل انجنيئرنگ) ۱۹۷۱ع ۾ يو ڪي مان پاس ڪيائين.
هو مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو جو باني وائيس چانسلر پُڻ ۱۹۷۷ع کان ۱۹۸۷ع تائين رهيو، جڏهن ته وفاقي سيڪريٽري تعليم، سيڪريٽري زڪوات عشر، سيڪريٽري سائنس ۽ ٽيڪنالاجي پاڪستان، ايڊمنسٽريٽر جنرل زڪوات عشر، چيئرمين پاڪستان ڪائونسل فار سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، سيڪريٽري هائوسنگ ۽ پلاننگ پاڪستان، سيڪريٽري يوٿ افيئر پاڪستان کانسواءِ مختلف ملڪي ۽ غير ملڪي تحقيقي ادارن ۾ اعزازي ميمبر طور پُڻ رهيو. اُن کانسواءِ پرو وائيس چانسلر مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ نوابشاهه ڪئمپس، چيئرمين يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن پڻ رهيو.
ڊاڪٽر ايس ايم قريشي سنڌ جي هڪ اهڙي شخصيت طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون، جيڪي تمام ٿورڙا ماڻهو پنهنجي حياتي ۾ ڏيئي سگهيا آهن. ڊاڪٽر شمس الدين قريشي سچائي، ايمانداري، محبت، خلوص، همت ۽ جذبي سان تعليمي ميدان ۾ سرخرو رهيو ۽ تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ مٿي ذڪر ڪيل اهم مقام ۽ عهدن تي پهتو. ڏٺو وڃي ته اِها سعادت تمام گهٽ ماڻهن کي حاصل ٿيندي، جيڪا پروفيسر ڊاڪٽر ايس ايم قريشي کي حاصل ٿي آهي. هن مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو جي باني وائيس چانسلر هُئڻ جي حيثيت سان سنڌ کي هڪ بهترين ٽيڪنالاجي جي درسگاهه فراهم ڪئي، جنهن جو بنياد اهڙي ته نظم و ضبط سان رکيائين، جو اڄ تائين مهراڻ يونيورسٽي جو تعليمي ماحول سنڌ جي سڀني يونيورسٽين کان بهتر ۽ معياري آهي. ڊاڪٽر ايس ايم قريشي پنهنجي سروس دوران انتهائي خلوص ۽ سچائي سان ڪم ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ اڄ تائين مٿس ڪنهن به قسم جو ڪو الزام عائد نه ٿيو آهي ۽ نه وري مٿس ڪا تنقيدي آڱر کنئي وئي آهي. اِها ڳالهه سنڌ جي مختلف يونيورسٽين جي موجوده وي سيز ۽ اميدوار وي سيز لاءِ مثالي آهي ۽ کين ڊاڪٽر شمس الدين قريشي جي شخصيت مان سبق حاصل ڪري پوءِ يونيورسٽيون هلائڻ لاءِ ڪا رٿابندي ترتيب ڏيڻ گهرجي.
ڊاڪٽر ايس ايم قريشي صاحب جي ڪيريئر تي نظر وجهندي مون کي تمام گهڻو فخر محسوس ٿئي ٿو ته اسان جا سنڌي ماڻهو به اهڙا اهم مقام ۽ عهدا حاصل ڪري سگهن ٿا. ڊاڪٽر صاحب جي زندگي ۽ نوڪرين وارو عرصو اُنهن ماڻهن کي سڌو سنئون جواب آهي، جيڪي وقت به وقت اِها تنقيد ڪندا رهن ٿا ته سنڌي ماڻهو اڪثر ڪري ڄٽ ۽ اڻ پڙهيل آهن. منهنجي خيال ۾ پروفيسر ڊاڪٽر ايس ايم قريشي جهڙا ڪيترائي ماڻهو سنڌي قوم جو حصو رهيا آهن ۽ اڃان به موجود آهن، اهڙن ماڻهن کي سنڌي قوم تي اهڙي قسم جا الزام ۽ اشارا نه ڪرڻ گهرجن. وقت تجربي، حالتن ۽ ماحول اهو ثابت ڪيو آهي ته جن ماڻهن محنت ڪئي، تن پنهنجا مقصد ۽ مقام ضرور حاصل ڪيا. ڊاڪٽر صاحب به اُنهن مان هڪ آهي، جن هڪ ڏکئي مارشل لا وري دور ۾ مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جون ذميواريون سنڀاليون ۽ احسن طريقي سان نڀايون، ڇوته اُن دور ۾ سنڌي تعليمي ادارن ۽ يونيورسٽين کي هلائڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هُئي، ڪيترائي ناليوارا فرد به پنهنجون اهڙي قسم جون ذميواريون نڀائي نه سگهيا.
آئون ڪنهن تي تنقيد نٿو ڪريان پر ڪي تاريخي حقيقتون آهن، جن کان تقريبن سڀئي سنڌ واسي واقف آهن. هتي فقط اِها ڳالهه ڪرڻ بهتر رهندي ته پروفيسر ڊاڪٽر ايس ايم قريشي جهڙا انسان جيڪي ڪڏهن به حالتن آڏو نه جهڪيا ۽ ڏُکين وقتن ۾ به همت ۽ بهادريءَ سان پنهنجي مقصد لاءِ جدوجهد ڪندا رهيا. لطيف سائين جون سٽون آهن ته:
جان جان هُئي، جيئري ورچي نه ويٺي،
وڃي ڀونءَ پيٺي، ساريندي کي سڄڻ.
سو پروفيسر ڊاڪٽر شمس الدين قريشي جيڪو دادو ضلعي جي ٻهراڙي واري شهر بوبڪ سان تعلق رکي ٿو، تنهن سنڌ جي مستقبل يعني سنڌي شاگردن کي جيڪي مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ تعليم حاصل ڪري چُڪا آهن يا هاڻ ڪري رهيا آهن يا وري ايندڙ وقت ۾ حاصل ڪندا، تن لاءِ هڪ بهترين ٽيڪنالاجي جي درسگاهه يادگيري طور ڇڏي آهي. جيستائين رهندي ۽ مهراڻ يونيورسٽي جو وجود رهندو، تيستائين پروفيسر ڊاڪٽر ايس ايم قريشي اسان سنڌ واسين کي ياد ايندو رهندو.
بيشڪ پروفيسر ڊاڪٽر ايس ايم قريشي اُنهن ماڻهن مان هڪ هو، جن پنهنجي سموري زندگي علم، ادب ۽ درسگاهن کي ارپي ڇڏي، جنهن لاءِ استاد بخاريءَ جون سٽون مونکي ياد اچي رهيون آهن ته:
ڪتابن سان دِل منهنجي ڪتب خانو وطن منهنجو،
ڪتابن ۾ دفن ٿيندس، ورق ٿيندا، ڪفن منهنجو.
ته اهڙي نموني سان ڪتابن سان دوستي رکڻ ۽ علم پرائڻ وارا ماڻهو ئي عظيم عهدن تي پهچندا آهن ۽ پنهنجون انيڪ يادگيريون ڇڏيندا آهن. آئون پروفيسر ڊاڪٽر ايس ايم قريشي کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، جنهن پنهنجي سموري زندگي سنڌ ڌرتي ۽ ملڪ جي ماڻهن جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ وقف ڪئي آهي. گڏوگڏ آئون اِهو به چوندس ته سنڌ جي نوجوانن کي ڊاڪٽر ايس ايم قريشي جهڙي شخصيت کي آئڊيل بڻائي پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي وڃي ته بهتر رهندو، ڇو ته ڊاڪٽر صاحب نج ٻهراڙي مان نڪري، جيڪي تعليمي سندون حاصل ڪيون ۽ عهدا ماڻيا، اُهي انتهائي اهميت جوڳا آهن. کيس لطيف سائين جون هي سٽون پيش ڪندي فخر محسوس ٿي رهيو آهي ته ڊاڪٽر ايس ايم قريشي جهڙن عظيم انسانن جو تعلق به اسان جي سونهاري سنڌ سان آهي.
جِت نه پَکي پير، تِتِ ٽمڪي باهڙِي،
ٻيو ٻاريندو ڪير، کاهوڙڪي کِير ري.



مھراڻ يونيورسٽي جو باني وائيس چانسلر ڊاڪٽر ايس ايم قريشي لاڏاڻو ڪري ويو
 ڄامشورو: سومر ۱۸ فيبروري ۲۰۱۹ع
مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو جو باني وائيس چانسلر ۽ اڳوڻو وفاقي سيڪريٽري  پروفيسر ڊاڪٽر ايس ايم قريشي ڪراچي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ ۸۳  ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم جي جنازي نماز سڀاڻي اڱاري جي ڏينهن منجهند هڪ وڳي جامع مسجد مهراڻ يونيورسٽي ۾ ادا ڪئي ويندي، جنهن کانپوءِ تدفين مهراڻ يونيورسٽي ۾ ڪئي ويندي، جڏهن ته باني وائيس چانسلر جي لاڏاڻي تي مهراڻ يونيورسٽي ۾ سومر ڏينهن تدريسي ۽ انتظامي سرگرميون معطل رهيون. اڪيڊمڪ ڪائونسل جي سربراهن جي رٿيل گڏجاڻي پڻ ملتوي ڪئي وئي. مهراڻ يونيورسٽي جي تاحيات پروفيسر ۽ (مسٽڊ) انسٽيٽيوٽ جي اعزازي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر ايس ايم قريشي جي لاڏاڻي تي مهراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي جي صدارت ۾ تعزيتي گڏجاڻي ٿي گذري، جنهن ۾ يونيورسٽي ۾ هڪ ڏينهن لاءِ تدريسي ۽ انتظامي سرگرميون معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڊاڪٽر ايس ايم قريشي اين اي ڊي يونيورسٽي ڪراچي مان سول انجنيئرنگ شعبي ۾ بي اي، بئنڪاڪ ٿائيلينڊ جي يونيورسٽي چلاآنگ ڪارن (Chulalongkorn) مان ايم اي ۽ برطانيا جي شيفالڊ Sheffield يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ڪئي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي وفاقي سيڪريٽري واري دور ۾ هن ملڪ ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪافي ڪم ڪيو. ڊاڪٽر ايس ايم قريشي زندگي جي آخري ڏينهن تائين تعليم جي واڌ ويجهه لاءِ ڪم ڪندو رهيو. تعزيتي اجلاس ۾ وائس چانسلر، پرو وائس چانسلر ۽ رجسٽرار سميت مختلف شعبن جي چيئرمينن ۽ ڊينز شرڪت ڪئي ۽ مرحوم جي ڪيل تدريسي خدمتن تي ڀيٽا پيش ڪئي.

(روزاني آن لائين انڊس تان کنيل)


پروفيسر ايس ايم قريشي لاڏاڻو ڪري ويو
ڪراچي (رپورٽ: سترام مهيشوري)
مهراڻ انجنيرنگ يونيورسٽي جو باني وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ايس ايم قريشي ۸۳ ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ڊاڪٽر قريشي محمد خان جوڻيجو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومتن ۾ تعليم توڙي سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي وارين وزارتن جو سيڪريٽري پڻ رهيو. هن وقت هو سنڌ حڪومت جي يونيورسٽين جي نگراني بابت مختلف ٽاسڪ فورسز ۾ ٽيڪنيڪل صلاحڪار هو.


(روزاني پنھنجي اخبار ۱۸ فيبروري ۲۰۱۹ع تان کنيل)


ڊاڪٽر ايس ايم قريشي
هڪ مثالي ۽ جاکوڙي ڪردار
ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل
ڊاڪٽر (شمس الدين) ايس ايم قريشي ۳ مئي ۱۹۳۶ع تي بوبڪ، تعلقي سيوهڻ، ضلعي دادو، سنڌ ۾ ڄائو هو. بوبڪ، هڪ پراڻو تاريخي شهر آهي. هن شهر جي رهائشين ۾ سيد، قريشي، عباسي، ميمڻ، چنا ۽ ٻيا شامل آهن. هن شهر وڏي ۾ وڏا تعليمي ماهر، اديب، عالم، پروفيسر، استاد، ڊاڪٽر، منتظمين ۽ ادبي شخصيتون پيدا ڪيون آهن، جن مختلف شعبن ۾ پنهنجي ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ وڏيون خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. سندس والد جو نالو محمد بخش قريشي هو. هن پنهنجي شروعاتي تعليم، بوبڪ ۽ دادو ۾ حاصل ڪئي. ڊاڪٽر ايس ايم قريشي ۱۹۵۹ع ۾، اين اِي ڊي انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچي مان سول انجنيئرنگ ۾ بي اي ڪئي. ڊاڪٽر ايس ايم قريشي جنوري ۱۹۵۹ع کان ويسٽ پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ ۾ سپروائيزر جي حيثيت سان پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي ۽ اتي آڪٽوبر ۱۹۶۰ع تائين ڪم ڪيو. بعد ۾ آڪٽوبر ۱۹۶۰ع ۾ جونيئر/ سينئر ڊيزائن انجنيئر، گيمن، پاڪستان لميٽيڊ، ڪراچي ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. بعد ۾ ڊاڪٽر ايس ايم قريشي اعليٰ تعليم لاءِ بئنڪاڪ، ٿائيلينڊ هليو ويو ۽ اتانM Eng. (Structural Engineering) جي ايس اِي اي ٽي او گريجوئيٽ اسڪول آف انجينئرنگ، چلائونگ ڪارن يونيورسٽي، بئنڪاڪ، ٿائيلينڊ مان ۱۹۶۵ع ۾ ڊگري حاصل ڪيائين. ٿائيلينڊ مان موٽڻ کان پوءِ ڊاڪٽر ايس ايم قريشي هڪ نجي ڪمپني ظهير الدين اينڊ ڪو آرڪيٽيڪٽ اينڊ انجنيئرس، ڪراچي ۾ اسٽرڪچرل ڪنسلٽنٽ طور ڪم شروع ڪيو. ڪجهه مهينن کان پوءِ ڊاڪٽر ايس ايم قريشي ان ڪمپني مان استعيفيٰ ڏئي، سنڌ يونيورسٽي ۾ انجنيئرنگ ڪاليج ڄامشوري ۾ بحيثيت استاد پنهنجي عملي زندگيءَ جو آغاز ڪيو. ان کان پوءِ هو اعليٰ تعليم لاءِ برطانيه (U.K) ويو، جتان ۱۹۷۱ع ۾ برطانيه جي شيفلڊ يونيورسٽيءَ جي سول اينڊ اسٽرڪچرل انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ مان اسٽرڪچرل انجنيئرنگ ۾ پي ايڇ. ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. انگلينڊ مان واپسي کانپوءِ ڊاڪٽر ايس ايم قريشي اپريل ۱۹۷۱ع ۾ انجنيئرنگ ڪاليج، سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري ۾ سول انجنيئرنگ جو پروفيسر مقرر ڪيو ويو. مارچ ۱۹۷۴ع ۾ ڊاڪٽر ايس. ايم قريشي کي پاڪستان سائنس فائونڊيشن، اسلام آباد جو ميمبر (سائنس) بنجڻ بعد هو اسلام آباد هليو ويو. ڊاڪٽر قريشي اٽڪل ٻن سالن تائين سائنس فائونڊيشن ۾ رهيو. جولاءِ ۱۹۷۶ع ۾، ڊاڪٽر ايس ايم قريشيءَ کي هڪ ئي وقت ٻن ڪئمپسن ڄامشوري ۽ نوابشاهه ۾ پرو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو. هن انجنيئرنگ ڪاليج اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشوري کي مهراڻ يونيورسٽي بنائڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي. ڊاڪٽر قريشي صاحب جي جدوجهد جي نتيجي ۾ مارچ ۱۹۷۷ ع ۾ انجنيئرنگ ڪاليج، ڄامشوري کي يونيورسٽي بڻايو ويو ۽ ڊاڪٽر ايس ايم قريشي کي نئين قائم ڪيل مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشوري جو باني وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو. ڊاڪٽر ايس ايم قريشي چارج وٺڻ کان پوءِ نئين يونيورسٽي کي معياري بنائڻ لاءِ مڪمل توانائي ۽ صلاحيتون وقف ڪيون.
جيڪڏهن انسان خلوص ۽ سچي طريقي سان ڪنهن مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري ٿو ته هن کي ڪامياب ٿيڻ گهرجي. هي ڊاڪٽر ايس ايم قريشي جي مثال مان ظاهر ٿئي ٿو. انجنيئرنگ ڪاليج مڪمل طور تي مهراڻ يونيورسٽي ٿي وئي، ڇو ته ڊاڪٽر ايس ايم قريشي قوت ارادي جو مالڪ هو ۽ مسلسل جدوجهد ۾ يقين رکندڙ هو، جنهن جي نتيجي ۾ هُو انجنيئرنگ ڪاليج کي يونيورسٽيءَ ۾ اپ گريڊ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ڊاڪٽر ايس ايم قريشي وڏي ڪوششن سان درس و تدريس جي ليبارٽريز ۽ ورڪشاپن لاءِ مناسب فنڊ حاصل ڪرڻ ۾ به ڪامياب ٿيو. هو انهن تعليمي ماهرن ۽ منتظمين مان هڪ هو، جن تعليم جي فلاح ۽ بهتري لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي هئي. ڊسمبر ۱۹۸۱ع ۾ مون کي ڊائريڪٽر پاڪستان اسٽڊي سينٽر، يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو مقرر ڪيو ويو. ڊائريڪٽر پاڪستان اسٽڊي سينٽر بنجڻ بعد مون ڊاڪٽر ايس ايم قريشي سان رابطو ڪيو، جيڪو ان وقت وائيس چانسلر، مهراڻ انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي يونيورسٽي ڄامشورو هو. ڊاڪٽر ايس ايم قريشي، هڪ شريف النفس ۽ بي لوث انسان هو ۽ هو هر طرح دوستن جي مدد ڪندڙ هو. ڊاڪٽر ايس ايم قريشي جي ڏينهن رات جي ڪوششن ۽ محنت رنگ لاتو جو مهراڻ يونيورسٽيءَ ڄامشورو ڪيمپس ۾ شاگردن جو تعداد وڌي وڃي چار هزار تائين پهتو ۽ نواب شاهه ڪيپمس ۾ شاگردن جي داخلا وڃي ۱۰۰۰ تائين پهتي. ڊاڪٽر قريشي هڪ وڏو تعليمدان هو ۽ سندس سڄي توجهه انجنيئرنگ ۾ معياري تعليم لاءِ هئي. آڪٽوبر ۱۹۸۷ع ۾ ڊاڪٽر ايس ايم قريشي کي وفاقي وزارت ۾ پاڪستان حڪومت جو سيڪريٽري تعليم مقرر ڪيو ويو پر سندس بي لوث خدمتن کي نظر ۾ رکندي، کيس وائيس چانسلر، مهراڻ يونيورسٽي جي اضافي چارج رکڻ جي اجازت ڏني ويئي. کيس صوبائي يا وفاقي حڪومت طرفان ڪڏهن به ڪا ذميواري سونپي ويئي ته هن اتي مڪمل توجهه سان پنهنجي ذميواري نڀائي. هڪ دفعي مون کي ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته؛ ”مون کي پرواهه ناهي ته ماڻهو ڇا چون ٿا يا ڇا ٿا سوچين. بس آئون اهو ڪندو آهيان، جيڪو منهنجو ضمير مون کي ٻڌائي ٿو ته صحيح آهي.“

ڊاڪٽر ايس ايم قريشي اپريل ۱۹۹۰ع کان آگسٽ ۲۰۰۰ع تائين مختلف ذميواريون سنڀاليون ۽ پاڻ ڪيترن وزارتن جو سيڪريٽري به رهيو، پر سندن طبيعت ۾ ڪو به فرق نه آيو. پاڻ مشير، بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد، ۽ چيئرمين پاڪستان ڪائونسل سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ نيشنل ڪميشن جو سيڪريٽري به رهيو. اسلام آباد مان واپسي کانپوءِ ڊاڪٽر ايس. ايم قريشي کي حڪومت سنڌ طرفان چارٽر انسپيڪشن ۽ ايويليوشن ڪاميٽي جو چيئرمئن مقرر ڪيو ويو، جنهن ڪاميٽي ۾ وائيس چانسلرن کي چونڊيو ويندو هو. پاڻ آگسٽ ۲۰۰۲ع کان مارچ ۲۰۱۳ع تائين ڪاميٽي جو چيئرمئن رهيو. ڊاڪٽر ايس. ايم قريشي کي سنڌ جي گورنر جو اعزازي مشير ٿيڻ جو شرف به حاصل آهي. ڊاڪٽر ايس. ايم قريشي تعليم کي وڌائڻ لاءِ ڏاڍو ڪم ڪيو. هن پنهنجي مشن کي پورو ڪرڻ لاءِ حيدرآباد ۾ انسٽيٽيوٽ آف آرٽس، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي (Hiast) کي قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجي دوستن جي تعاون سان لطيف آباد، حيدرآباد ۾ هڪ اهم تعليمي اداري جو بنياد رکيو. ڊاڪٽر ايس ايم قريشي وڏو تعليمي ماهر هو، هن اداري لاءِ پنهنجون اعزازي خدمتون پيش ڪيون. ڊاڪٽر ايس ايم قريشي هڪ متفق طور تي Hiast ۾ صدر چونڊيو ويو، جتي هو عمر جي آخري وقت ۱۷ فيبروري ۲۰۱۹ع تائين اعزازي خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. ڊاڪٽر ايس ايم قريشي جي صلاحيت ۽ شخصيت، اهڙي طرح هئي جو انهيءَ چوڻ ۾ وڌاءَ نه ٿيندو. هن جي شخصيت جي جيتري به تعريف ڪجي يا هن جي واکاڻ ڪجي ته يقيناً هو انهيءَ جو حقدار آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا