عطا دل
سندس ٻي ورسيءَ جي مناسبت سان اڄ ته آهي الوداع!
سرواڻ سنڌي
ڪجهه ڏينهن
اهڙا هوندا آهن جن جي لاءِ دل چوندي آهي ته ڪاش اهي ڏينهن اچڻ کان اڳ ۾ ڪئلينڊر
مان ختم ٿي وڃن يا بنا ٻڌائڻ جي گذري وڃن ۽ ان ڏينهن جي موجودگي جو پتو نه پوي، پر
ائين ناهي ٿي سگهندو. 20 ڊسمبر به اسان ڪيڏي ڪوششون ڪريون، تڏهن به خاموشي سان نه ٿو
گذري. 20 ڊسمبر تي اسان جو پيارو شاعر عطا دل اسان جي آڱرين مان پنهنجو هٿ ڪڍي
ائين هليو ويو جو خبر ئي نه پئي، پر 20 ڊسمبر کي اسان جي لاءِ اهڙي طرح ڇڏي ويو
آهي جو اسان ان ڏينهن اچڻ تي اهو محسوس ڪريون ٿا ته ”هُو اسان جو دوست ان ڏينهن تي
اسان کان جدا ٿيو هو.“
عطا دل
خوبصورت انسان سان گڏوگڏ ڪمال جو شاعر هو. سندس مشاهدو ايترو ته پختو هو جو سندس
هر لفظ دلين مان نڪرندو هو ۽ مشاهداتي حوالي سان سندس اک ايڏي ته خوبصورت ۽ ڪمال
جي هئي جو سندس هر شعر پڙهندي دل سان محسوس ٿيندو آهي ته هي ڪٿا عطا دل جي نه پر
منهنجي آهي. عطا دل جڏهن چوي ٿو ته:
حالتن جي بي واجبي
جڏهن مون کان
تنهنجي دوستي جو هٿ
زوري ڇني ڇڏيو
ته مون پاڻ کي
ڪتابن جي حوالي ڪيو.
اسان وٽ
سدائين ڪنهن جي وڇڙڻ کانپوءِ روڄ راڙي ۽ کنڊر وسائڻ جو رواج يا درس ۽ سبق ڏنو وڃي ٿو،
پر عطا دل واقعي سدائين حوصلو ڏيندڙ ڪمال جو ڪوي آهي، جيڪو ڪنهن جي وڇڙڻ تي به
بجاءِ ڀٽڪڻ جي ڪتابن سان دوستي رکي ٿو ۽ پنهنجو پاڻ کي انهن جي حوالي ڪري ڇڏي ٿو.
هڪ شاعر پنهنجي قوم کي ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو اتساهه ڏئي سگهي ٿو ته جيڪڏهن توهان ڪنهن
پريشاني ۾ آهيو ته توهان کي دڳ ڏاهن جي قولن يا انهن جي لکڻين مان ملي سگهي ٿو، ان
لاءِ پريشاني وڌي وڃي ته ڪتابن سان دوستي وڌائي ڇڏجي.
پاڻ
فطرت جو ڪيڏو نه خوبصورت طريقي سان اظهار ڪري ٿو ۽ چوي ٿو ته:
نديون سدائين
سمنڊ ڏانهن وينديون آهن
۽ مينهن ڪڻيون
ڌرتي ڏانهن اينديون آهن.
ان کان
وڌيڪ فطرت جي عڪاسي ٿي نه ٿي سگهي، ندي جو ڇوڙ سدائين سمنڊ ۾ آهي، اها به فطرت آهي
ته مينهن ڪڻيون سدائين ڌرتي تي وسنديون آهن. هڪ شاعر ان کان وڌيڪ ڪو ڪمال ڪري ئي
نه ٿو سگهي. هر ڪو فطرت جي پنهنجي تشريح ڪري ٿو. مولوي پنهنجي نموني سان فطرت جي
تشريح ڪري ماڻهن کي پنهنجي حلقي ۾ اچڻ جي لاءِ ڪوششون ڪن ٿا ته ٻئي طرف شاعر فطرت
جي فطري طريقي سان تشريح ڪري ماڻهن کي ٻڌائي ٿو ته اصل فطرت هي آهي، جنهن ۾ چئني
طرفن کان رڳو رنگ ئي رنگ آهن ۽ انهن رنگن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي، اهو ٻن ذهنن
جو فرق آهي ته ڪير ڪهڙي شيءَ جي ڪهڙي طريقي سان تشريح ڪري ٿو.
عطا دل
جهڙي طرح سان ڀلوڙ شاعر هو، ايترو ئي هن ماڻهن کي پرکڻ جي سگهه رکي ٿي. سندس دوستي
جو حلقو وسيع به چئي سگهجي ٿو ۽ ننڍڙو به چئي سگهجي ٿو پر هن جنهن سان دوستي رکي
اها آخر تائين نڀائي ۽ ڪڏهن به ڪنهن سان ڪنهن به تڪليف بابت نه ڳالهايو ۽ نه ئي
وري ڪنهن جي بي واجبين تي ڪڏهن ڪنهن کي مهڻو ڏنو، شايد اهو ئي سبب آهي جو ڪيترائي
دوست ائين سمجهندا رهيا ته هو کيس بيوقوف بڻائي رهيا آهن، پر اصل ۾ بيوقوف ته اهي
پاڻ هئا، جن عطا جي ڏات، عطا جي دوستي، ان جي سچائي کي پنهنجي اندر جي بيوقوفي سان
سدائين وڃائيندا رهيا ۽ کيس پيار جي بدلي ۾ ايترو پيار نه ڏنو، جنهن جو هو گهرجائو
هو. عطا کي صرف اهي ئي سمجهي سگهن ٿا، جن کيس دل سان چاهيو، دل سان پيار ڪيو ۽ بس
سندس هر ادا کي قبول ڪيو ۽ کيس هر وقت ڀاڪرن ۾ ڀريو.
عطا
سان منهنجي گهڻي ويجهڙائي رهي. هو سدائين همٿائڻ وارو دوست هو ۽ ڪڏهن به مايوسي جي
ڳالهه نه ڪئي. شايد منهنجي اعتماد ۾ اضافي جو ڪارڻ عطا ئي آهي، جنهن سدائين مون کي
اڳتي وڌڻ ۽ سدائين منهنجي شين کي خوبصورت اک سان ڏسي انهن کي پنهنجي دل ۾ جاءِ ڏني
۽ هن دوستن جي ڪاميابين کي سدائين پنهنجي ڪاميابي سمجهي ان تي ٽهڪ ڏنا، انهن تي
خوش ٿيو ۽ ڪڏهن به ڪنهن جي ڪاميابي تي ارهو نه ٿيو. پاڻ ماڻهن کي پرکڻ جي حوالي
سان چوي ٿو ته:
مون شين کي
ماپڻ ڇڏي ڏنو
منهنجي خيال ۾
شين کي ڏسي
اندازو لڳائي ڇڏڻ ئي ڪافي آهي،
ڏسو پنهنجي وجود ۾
ڪروڙن جي ملهه جو
نهايت ئي پتڪڙو هيرو
پوري آب و تاب سان
چمڪندو ٿو رهي.
ان کان
وڌيڪ ڪنهن جي اهميت جو اندازو لڳائڻ ممڪن ئي نه آهي ته جيڪا شيءَ ڏسڻ ۾ ايندي آهي،
اها اصل ۾ هوندي نه آهي، پر هيرن جي ملهه جو اندازو جوهري کي ئي آهي، ان لاءِ عطا ڏات
جي ڏيهه جو اهو جوهري هو، جنهن کي لفظن جي به پروڙ هئي ته هن ماڻهن کي به سمجهيو ٿئي،
ان جي لاءِ هو هڪ نظر سان ئي ماڻهوءَ جي پرک ڪري وٺندو هو ته اڳئين ماڻهو ۾ ڪيترو
دم آهي.
عطا
خوبصورت عاشق هو ۽ سندس عشق به ايترو ئي قيمتي هو، جيترو هو پاڻ هو ۽ هن عشق جي ٻيڙي
تي چڙهي الائي ته ڪيترا سفر ڪيا. هن جاڳ جا جنسار ٺاهيا هئا، مندرن جي ماٺ کي لفظن
جي گهنڊ سان ٽوڙي ڇڏيو هو ۽ هو شهر جي شور ۾ به پاڻ کي گم ڪري گهڻو ڪجهه ڳوليندو
رهندو هو.
عطا
جام کي جاچڻ سان ئي رقص شروع ڪري ڇڏيندو هو. هو اتر جو واءُ ۽ ڏکڻ جي اها هير هو،
جنهن جي اچڻ سان ٿڪل ٽٽل ماڻهو کي به گهري ننڊ اچي وڃي ٿي. عطا هڪ ڀٽ کان ٻي ڀٽ
تائين ڊوڙندڙ اهو مور آهي، جنهن جا ٽهوڪا ڪنهن به صورت ۾ ختم نه ٿا ٿي سگهن، پر هر
ايندڙ سانوڻ رُت ۾ ان جي ٽهوڪن جو سلسلو وڌيڪ ٿي وڃي ٿو ۽ ياد ڏياري ٿو ته توهان
مورن جا پر حاصل ڪرڻ جي لاءِ مورن کي ماري گناهه ڪريو ٿا. مور مارڻ لاءِ ناهن
هوندا پر مور خوبصورتي جو اهڃاڻ ۽ ان خوبصورتي کي سانڍي رکو، ڇوته خوبصورتي
کانسواءِ هر شيءَ اڌوري آهي.
ننڊ نيڻن کي چيو، اڄ ته آهي الوداع،
جاڳ جا جنسار جوڙي، آ ته پار ٿي وڃون،
من گهريو محبوب ماڻي، مان بڻيس بادشاهه،
دعا ڪريو درويش جهڙي، ڪا پڪار ٿي وڃون.
عطا
واقعي درويش جي اها پڪار ٿي ويو آهي، جنهن کي ڪڏهن به مات ناهي اچڻي ۽ اها پڪار
اسان کي هر 20 ڊسمبر تي اهو ياد ڏياريندي رهندي ته وقت ڀلي ڪنهن کي به ڪنهن کان ڇني
وٺي، پر ڏات جي ڏيهه جي درويش کي ڪڏهن به ڪير اسان کان کسي نه ٿو سگهي.
No comments:
راءِ ڏيندا