تاجل بيوس
بحيثيت شاعر
محمد سليمان وساڻ
خيرپور
جي ڪچي ۾ ڳوٺ پير حيات شاهه ۾ تاج محمد سمون ۲۲ سيپٽمبر ۱۹۳۸ع ۾ جنم ورتو. ڪنهن کي به اها
خبر نه هئي ته هي ننڍڙو ٻار وڏو ٿي تاجل بيوس بڻبو ۽ سندس ڪلام؛ ”سنڌ منهنجي امان!
سونهن تنهنجيءَ مٿان، ڇا لکي ڇا لکان!“ سندس سڃاڻ بڻجي ويندو. سندس والد مرحوم
محمد جعفر ڪو وڏو ماڻهو ته ڪونه هو پر ان باوجود هن پنهنجي پٽ کي سٺي تعليم ڏياري.
تاجل بيوس ايم اي ته معاشيات ۾ ڪئي، پر هن جي اندر ۾ ننڍپڻ کان وٺي هڪ ڏات ڌڻي لڪل
هو، جيڪو گيت تخليق ڪندو رهندو هو. اهو ئي سبب هو جو تاج محمد ادب جي دنيا ۾ تاجل
بيوس ٿيڻ کي پسند ڪيو.
سندس
سنڌ لاء ڳايل شاعري جيڪا سنڌ جي تراني طور ڳائي ويندي آهي.
سنڌ
منهنجي امان! سونهن تنهنجيءَ مٿان، ڇا لکي ڇا لکان
يا ذوالفقار
علي ڀٽي جي شهادت تي چيل
تون ته
ملندو رهندين خوابن ۾، ڪو ڪيئن ٿو چوي، ڪو ڪيئن ٿو چوي.
يا وري
”منهنجي
لاء مارو هو رنا ڪيئن نه هوندا، پَلوَ پاند تن جا، دامن تنين جا يار ڀنا ڪيئن نه
هوندا“
جهڙا
لازوال ڪلام تخليق ڪيا.
تاجل
بيوس جي وڏي ڳاله اها آهي ته هن سنڌ جي وستين ، واهڻن ، ڪوهستان ، ٿر، بر، ڪاڇي،
اتر ، سري ، وچولي ، ڪچي ۾ رهندڙن جي درد کي ئي نه ڏٺو، پر هو جڏهن ۷۰ع واري ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ ۾ لڏي آيو ته هن ڪراچي جي ڀوائتي صورتحال تي به قلم
کي وهايو
ڪراچي
کي ڪير؟ واڳن جيئن ويڙهي ويا
وجهي
وات وڻن ۾، چمڙن جيئن چوڦير
گهاتو،
پڄو گهير، ٿيا سڏ ساڻيهه جا
سنڌ جي
سونهن کي ڳائن جو سندس انداز سندس ڪلام
جتي
ليار پيرون پٽن تي پچن ٿا
اتان
منهنجا مارو، ميارون مڪن ٿا
مان چٽو
پيو نظر اچي
جيتوڻيڪ
هو وڏن سرڪاري عهدن رجسٽرار آف ڪمپنيز ۽ ناڻي کاتي ۾ وفاقي جوائنٽ سيڪريٽريءَ جهڙن
اهم عهدن تي به رهيو، پر پوءِ به اهي نوڪريون کيس “بيوروڪريٽڪ ڪلچر” جو حصو بڻائي
نه سگهيون ۽ سندس سڄي زندگي شاعراڻي سادگيءَ ۾ گذري . شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي
وائيس چانسلر جو هڪ سال تائين صلاحڪار پڻ رهيو. معيشت جي ماهر هجڻ ڪري تاجل بيوس هڪ
اسٽاڪ ڪميشن جو چيف ايگزيڪيوٽو به رهي چڪو، پر ان باوجود هن سنڌي ادب، خاص ڪري
شاعري ڪرڻ، ڪتاب ڇپرائڻ، پروگرامن ۾ وڃڻ واري ڪرت جاري رکي. تاجل سنڌيء سان گڏ
اردو حلقي ۾ مشهور هيو. پاڻ شاعريء سان گڏ نثر ۾ به بهترين ڪم ڪيو اٿن
تاجل
بيوس جا ڇپيل ڪتاب
(۱) جڏهن ڀونءِ بڻي (شاعري) ۱۹۸۲ع،
(۲) انبن جهليو ٻور (شاعري) ۱۹۸۳ع،
(۳) سرجيندڙ ساڻيهه جا (شاعري) ۱۹۸۵ع،
(۴) سنڌ منهنجي امان (شاعري) ۱۹۸۹ع،
(۵) ڪاڇي مٿان ڪونج (شاعري) ۱۹۹۰ع،
(۶) ڪنڌيءَ ڪونئر ترن (شاعري) ۱۹۹۱ع،
(۷) ڪنڌيءَ اڪ ڦلاريا (شاعري) ۱۹۹۲ع،
(۸) ڏور به اوڏا سپرين (هند جو سفرنامو) ۱۹۹۲ع،
(۹) سرخ گلابون ڪئ موسم مين (اردو شاعري) ۱۹۹۴ع،
(۱۰)صحرا ستر جن (شاعري) ۱۹۹۵ع،
(۱۱) تنهنجا نيڻ غزل (شاعري) ۱۹۹۶ع،
(۱۲) وڏا وڻ وڻڪار جا (شيخ اياز سان گڏ شاعري) ۱۹۹۷ع،
(۱۳) انداز بيان اور (اردو شاعري) ۱۹۹۷ع،
(۱۴) ڏوريان ڏوريان مَ لهان (شاعري: ۹ مجموعا گڏ) ۱۹۹۷ع،
(۱۵) آريجن کان الهاس نگر (هند ۽ سنڌ جي اديبن جا خط) ۱۹۹۷ع،
(۱۶) اديون ڙي اوهان ڇا ڏٺو! (هند جو سفرنامو)۲۰۰۲ع،
(۱۷) ڏک سکن جي سونهن (آتم ڪٿا:ڀاڱو پهريون) ۲۰۰۳ع،
(۱۸) ڏک سکن جي سونهن (آتم ڪٿا:ڀاڱو ٻيو) ۲۰۰۳ع،
(۱۹) ڏک سکن جي سونهن (آتم ڪٿا:ڀاڱو ٽيون) ۲۰۰۳ع،
(۲۰) چپ انجيل جي حاشين جهڙا (شاعري) ۲۰۰۳ع،
(۲۱)جهڄان پسي جهوڪ (ڪهاڻيون) ۲۰۰۷ع،
(۲۲) سج چنڊ تارا ڪتيون (شخصيتن جا خاڪا) ۲۰۰۴ع،
(۲۳) سامي سودو پريم جو (ساميءَ جي بيتن جي واين ۾ تبديلي) ۲۰۰۳ع،
(۲۴) انگريزي شاعريءَ جي مختصر تاريخ ۲۰۰۴ع،
(۲۵) پکي ساڳي پار جا (شاعري) ۲۰۰۴ع،
(۲۶) سون سريکا چار سين (شخصيات) ۲۰۰۴ع،
(۲۷) گل ڇنو گرنار جو (ڪافيون) ۲۰۰۶ع،
(۲۸) تاجل بيوس جو رسالو (شاعري) ۲۰۰۶ع،
(۲۹) ملير جي مارئي (شهيد بينظير ڀٽو کي منظوم خراج) ۲۰۰۸ع
انکانسواء
سندس ڪيترا ئي ڪتاب ڇپائيء هيٺ آهن
تاجل
بيوس سنڌي ادب سان گڏ اردو ادب تي به ڪم ڪيو. تاجل بيوس رڳو سنڌ نه پر هند ۾ رهندڙ
سنڌي ڪميونٽي ۽ اديبن ۾ چڱي سڃاڻپ رکندڙ هو، جنهن ڪري هندستان جي سنڌي اديبن کيس ڪيترن
ئي اهم ايوارڊن سان پڻ نوازيو. کيس ۱۹۹۶ع ۾
نارائڻ شيام گولڊ ميڊل مليو. سنڌي ادبي سڀا پاران کيس فرسٽ ڪلاس ايوارڊ، پروفيسر
رام پنجواڻي گولڊ ميڊل کانسواءِ ۲۹ سيپٽمبر
۲۰۰۱ع ۾ کيس ڀارت ۾ مارئي ايوارڊ
دهلي پڻ ڏنو ويو. تاجل بيوس لڳ ڀڳ ۱۲ اهم
ايوارڊ، گولڊ ميڊل حاصل ڪيا. ايتري قدر جو کيس سهيوگ فائونڊيشن ممبئي وارن ۱۹۹۹ع ٻيو ڀيرو نارائڻ شيام ايوارڊ ڏنو.
تاجل
بيوس سنڌي شاعريء جي سڀني صنفن تي طبغ آزمائي ڪئي آهي جن ۾ سندس گهڻو ڪم وائي ۽ ڪافي
وارو آهي. تترن جون ٻوليون، بانسري جي دل موهيندڙ آواز، عورت جي مظلومي، غلامي،
ارتقا، انتظار، ڪارونجهر جي ڪور کان وٺي هن هر موضوع تي بيت ، گيت ، غزل ۽ نثري
نظم ، چئو سٽا ، ٽه سٽا ۽ طويل نظم گهڻو مشهور آهن. جيتوڻيڪ هن جي اها معصوم خواهش
رهي، ته سنڌ ۾ کيس اياز کان پوءِ سڀ کان وڏو شاعر تسليم ڪيو وڃي، جنهن جي رد عمل ۾
مٿس تنقيد به ٿي ته کيس حد کان وڌيڪ نظر انداز به ڪيو ويو، پر ان کان ڪنهن به ريت
انڪار ممڪن نه آهي ته هو اياز کان پوءِ ڳڻجندڙ شاعرن جي مالها جو هڪ نظر ايندڙ ۽
محسوس ٿيندڙ گُل آهي. مان نثري نظم جو کيس اياز کان به وڏو شاعر تسليم ڪندو آهيان.
سندس ڪتاب “انبن جهليو ٻور “ ان جو مثال آهي.
سندس
بيتن مان ڪجه چونڊ بيت هيٺ ڏجن ٿا :
هَلُ ڪڪوريل
ڪاڪ تي، جتي نيهنن نظامُ
آهي ننڊ
حرام، جاڳڻ سوڀ سرير جي
*
ڇڻندا
سڱر سوڪ، ڇڻ، ڇڻ ڪري ڇڻ تي
مارُن
وٽان موڪ، صبح اينديون سوکڙيون
*
آيا
اُتر پار کان، ڪڪر ڪاريءَ رُوءَ
وَٺا
مينهن مندائتا، جرڪي پيئي جُوءِ
کاهڙ
جي خوشبوءِ، ڄڻ ڪا اوت عنبير جي
*
ڪنڌيءَ
ڪنايو، آيا سانوڻ ڏينهڙا
اِجهو ڪو
آيو، کڻي ڪرس ڪٺار تي
*
سَرجي
نڪتا “سنڌ” مان، ملير ۽ مارُون
ڪيون
جن ڪَتيءَ ۾، اُٺي اُڪارُون
جَڙيل
آهن جن سان، تن، من جون تارُون
تڙ، تڙ
تنوارُون، سُڻان تان سرَهي ٿيان
*
آڇيو
حُور اياز کي، جنت وارو جام
اوري لڌائين
عشق مان، شاهه، سچل ۽ شيام
ڪيائين
ڪلتار کي، صبح جو سلام
پٺيان
مريدڻ جت هو، اڳيان ڄام نظام
سمن جو
سردار ۽، ڄامن سندو ڄام
ڪيائين
ڪلام، سنڌيءَ ۾ سلطان سان
تاجل
بيوس پنهنجي تخليق ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو پوئلڳ رهيو. اهو سبب هو، جو تاجل
بيوس آخري ايامن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جيان پنهنجو “تاجل جو رسالو” پڻ
لکي مارڪيٽ ۾ آندو. تنقيد ته هر اديب تي ٿيندي رهندي آهي ۽ تاجل بيوس به ان تنقيد
جو ٿورو گهڻو ضرور نشانو بڻيو، پر هن ۾ اها مايوسي نه هئي، جيڪا اڪثر ڪري تخليقڪارن
کي مايوس ڪري ڇڏيندي آهي. ڪراچي ۾ زندگي جو وڏو عرصو گذاريندڙ تاجل بيوس “تاجل جو
رسالو” پنهنجي پيءُ، ماءُ ۽ ان گهر واريءَ نالي ڪيو، جنهن کي هو مٺڻ سڏيندو هو.
۴
ڊسمبر ۲۰۰۸ تي
نصير سومرو جي ڪتاب “جل تي ڪنول جيئن “ جي مهورتي تقريب اڪيڊمي آف ادبيات ڪراچيء
جي آفيس ۾ ٿي رهي هئي. شام جو ساڍي چئين بجي تاجل کي تقرير لاء سڏيو ويو ۽ تاجل
پنهنجي کيسي مان لکيل ڪاغذ ڪڍي ڳالهائڻ شروع ڪيو ته بجلي هلي وئي ۽ تاجل موبائل جي
ٽارچ جي روشنيء ۾ پنهنجي تقرير پڙهي پوري ڪئي ء کيس مٿي ۾ سور پئجي ويو ۽ هو اتي
ئي بيهوش ٿي ويو. جتان کيس جناح اسپتال نيو ويو ٻن ڏينهن کانپوء ٻڌايو ويو ته کيس
فالج جو حملو ٿيو آهي پوء کيس اتان لياقت اسپتال نيو ويو پر تاجل ٻيهر هوش ۾ ڪونه
آيو ۽ ۱۳ ڊسمبر
تي پاڻ اسان کان موڪلائي ويو. تاجل بيوس چوڪنڊيءَ جي ان تاريخي قبرستان ۾ آرامي ٿيو،
جنهن ۾ دفن ڪرڻ جي به هن پاڻ وصيت ڪئي هئي.
تاجل بيوس
جديد ڪلاسڪيل شاعر
رکيل مورائي
اڄ سنڌ
جي ثقافتي سونهن جي شاعر تاجل بيوس جي ڄمڻ جو ڏينهن آهي، تاجل بيوس سنڌي شاعريءَ ۾
پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ رکندڙ شاعر هُئو. اڄ جي جديد شاعريءَ ۾ هُن سنڌ جون اصلي
صنفون بيت، وائي ۽ ڪافيءَ کي نئين زندگي ۽ تازگي ڏني، هڪ اهڙي تازگي جنهن کان مٿيون
صنفون گهڻو عرصو وانجهيل هيون.
تاجل
بيوس بنيادي طور صوفي مزاج رکندڙ هڪ اهڙو شخص هو، جنهن کي شهري ڳوٺاڻو روح عطا ٿيل
هئو ۽ سندس خمير ۾ سچل سرمست جي مٽيءَ جي خوشبو هئي، جنهن ڪري هو پنهنجي شاعريءَ ۾
سدائين سچل سائينءَ کي ويجهو رهيو. ان جا ڪيترا ئي سبب آهن،
هڪ ته
هو سچل جي نگريءَ ڀرسان سوڀي ديري لڳ جنهن ڳوٺ ۾ ڄائو، نپنو ۽ وڌيو ويجهيو، ان ۾ هڪ
درگاهه پير حيات شاهه جيلاني هئي، جنهن تي راڳ ويراڳ مسلسل هلندو رهندو هو، جنهن ۾
تاجل سائين ننڍي عمر ۾ ئي ويندو رهندو هو.
ان کان
اڳ سندس امڙ پڻ صوفي مزاج رکندڙ خاتون هئي،
اڳتي
هلي جنهن شخص سان سندس پهريون تعلق جڙيو، اهو استاد الهندو جتوئي، پڻ صوفي مزاج
رکندڙ، شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ غالب وغيره جي شاعريءَ کان واقف هو، شعوري عمر ۾
سندس تعلق ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جهڙي شاعر سان جڙيو، جنهن کانپوءِ شمشير الحيدريءَ
سان سندس ويجهڙائي ٿي.
ايئن
هو شعوري ۽ ادبي طور اڳتي آيو، پر جيئن ته ننڍپڻ ئي راڳ ويراڳ جي محفلن ۾ سندس وڃڻ
ٿيندو هو. ان ڪري موسيقي سندس روح ۾ رچي ويئي هئي. جنهن ڪري هو پهرين عمر ۾ اهڙي
ئي شاعري ڪندو هو، جنهن کي آسانيءَ سان ڳايو وڃي. سندس ان عمل سندس شاعريءَ کي چار
چنڊ لڳائي ڇڏيا. هُن جي شاعري سنڌيءَ جي لڳ ڀڳ سڀني وڏن راڳين بيحد سهڻي نموني ڳائي
آهي. اڄ به سندس ڳايل شاعري ٻڌجي ٿي ته سڄي سنڌ جو صوفياڻو مزاج ۽ واڌو سنڌ ٻوليءَ
۽ ثقافت جي سونهن اکين اڳيان تري ايندي آهي، جڏهن سندس تعلق ڊاڪٽر تنوير سان جڙيو
ته هو ادب ڏانهن لڙي آيو. ايئن سندس شاعريءَ ۾ اهم تبديلي آئي ۽ هو هڪ سنڌي فڪر
رکندڙ جديد شاعر ٿي اڀريو. جيتوڻيڪ هُن پنهنجي شاعريءَ لاءِ صنف توڙي ٻوليءَ جي
چونڊ ۾ ڪلاسيڪل صنف ۽ ٻوليءَ کي وڌيڪ پسند ڪيو. ائين هُن انهيءَ ٻوليءَ کي نئين
سونهن ڏني. سنڌي ادب ۾ هو هڪ نهايت سنڌپرست ليکڪ طورآخري گهڙي تائين رهيو. هو سنڌ
جو اهڙو عاشق شاعر هو، جنهن ۾ سموري سنڌ جي سونهن نظر ايندي هئي.
سندس
پهريون ڪتاب “جڏهن ڀونءِ بڻي” جڏهن ڇپيو ته ادبي حلقن ۾ ان جي چڱي آجيان ڪئي وئي،
جنهن کيس اتساهه ڏنو ۽ هن نهايت تيزيءَ سان لکڻ شروع ڪيو. ساڳئي وقت سندس ڪتاب پڻ
تيزي سان ڇپجڻ لڳا، ڏسندي ڏسندي سندس ٻن درجنن کان وڌيڪ ڪتاب شايع ٿيا.
شاعريءَ
کانسواءِ هن نثر ۾ لکڻ شروع ڪيو، جنهن جا پڻ اڌ درجن ڪتاب سنڌي ادب جو حصو بڻيا.
تاجل سائين هونئن ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ڏانهن سفر ڪيا، پر هُن فقط انڊيا جي
سفرن جا سفرناما لکيا، جن جو انگ چار آهي. آخري ڏينهن ۾ هن چئين جلدن ۾ پنهنجي آتم
ڪٿا پڻ لکڻ شروع ڪئي، جنهن جا ٽي جلد سندس زندگيءَ ۾ شايع ٿيا. ايئن سندس جيئري توڙي
وفات کانپوءِ کيس بابت به چڱو ئي لکيو ويو آهي، خاص طور انڊيا جي اديبن ڊاڪٽر جڳديش
جو لکيل اهم ڪتاب “ڏور به اوڏا سپرين” آهي جيڪو شاهه لطيف، اياز ۽ تاجل سائين بابت
آهي. تازو ئي هند جي هڪ ٻئي اديب هولا رام هنس “عظيم شاعر تاجل بيوس” نالي ڪتاب
لکيو آهي، جيڪو ڊسمبر ۾ ئي سندس ورسيءَ جي پروگرام ۾ پڌرو ڪيو ويندو.
تاجل
سائين پنهنجي زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين لکندو رهيو ۽ سنڌ سان عشق ڪندو رهيو.پر
هو ادبي طور اسان سان پنهنجي ڪتابن وسيلي گڏ آهي، جيڪو ڪڏهن به جدا ٿيڻو نه آهي.
اڄ
اسان کيس سندس جنم ڏينهن تي ياد ڪري ڄڻ سنڌي ادب جي روشن مستقبل ڏانهن واجهائي
رهيا آهيون، سنڌ کي ۽ سنڌي ادب کي سندس جنم ڏينهن مبارڪ!
تاجل بيوس
هميشه
زندهه رهڻو آ...
اسد چنو
سائين
منهنجا شاعري اندر جي اظهار جو اعلي،پر اثر ذريعو آهي سنڌ ڌرتي پنهنجي ڪک مان اهڙا
ڪيترا ئي هيرا لعل ۽ گوهر ڄڻيا آهن جن پنهنجي ڏات جي ڏانءَ سان سنڌ جي سينڌ سجائي
آهي، ٻولي جي ادب جي خدمت ڪئي، سنڌ جي سور ۽ سنڌ واسين جي پيڙائن جي پنهنجي شاعري
ذريعي ترجماني ڪئي، آهي سائين منهنجا سنڌ سان پنهنجي محبت۽عقيدت جو اظهارلڳ ڀڳ مڙني
قلمڪارن پنهنجي تخليقن ۾ ڪيو آهي هر ڪنهن پنهنجي ڏات پنهنجي وت ،۽ وس آهر سنڌ جي
حسناڪين کي بيان ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي آهي هر ڏات ڌڻي جو انداز نرالو ۽ وڻندڙ آهي،
سنڌي جديد شاعري ۾ اسان کي ڪيترا ئي وڏا نالا ملن ٿا جن سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ميدان
۾ شاعري جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪندي پاڻ خوب ملهايو آهي، جديد سنڌي ساعري جي افق
تي ترقي پسند خيال جا ٻه وڏا نالا شيخ
اياز ۽ استاد بخاري پنهنجي ڏات سان ڀرپور چمڪندي نظر اچن ٿا،پر مان جيڪڏهن انهن ٻن
نالن سان گڏ هڪ ٻيوسنڌي شاعري جو نالو ڳنڍيان ته غلط نه ٿيندو جيڪو شيخ اياز، ۽ استاد بخاري جو هم عصر هجڻ سان گڏوگڏ، سنڌ
جي مڙني حسناڪين جو پنهنجو مٽ پاڻ شاعر آهي، مان ڳالهھ ڪيان پيو سنڌ ڌرتي جي ٻهڳڻي،
مصور شاعر تاجل بيوس جي جنهن جي شاعري ۾ اسان کي سنڌ جي مٽيءَ جي سڳنڌ مهڪندي ملي ٿي،ته
سنڌو جي ڇولين جو شور به ملي ٿو، سندس شاعري جي گيتن، بيتن، نظمن، واين ۾ سنڌ سان بي
انتها پيار جو اظهار ملي ٿو. مان جيڪڏهن ائين چوان ته غلط نه ٿيندو تاجل بيوس جي
شاعري سنڌ ڌرتي جو سينگار آهي،
تاجل
بيوس جي شاعري ۾ اسان کي سنڌ سان اڻ ٽٽ پيار جي انيڪ رنگن جو وسيع ڦهلاءُ ملندو
آهي، سندس شاعري جي ٻولي، اسلوب، استعمال ڪيل اصطلاح، محاورا، ۽ سندس شاعري جا ڪردار سڀ
ڪمال جي درجي جا آهن، تاجل بيوس جي شاعري ۾ استعمال ٻولي ڏاڍي سادي سلوڻي، عام
فهم، آهي سندس شاعري ۾ فطرتي منظرحقيقت جي بلڪل ويجهو آهن جيڪي سندس شاعري جي سونهن
سوڀيا کي وڌائين ٿا، سنڌ سان محبت جو ثبوت پنهنجن گيتن، بيتن، واين هر شاعر ڏنو
اهي پر جهڙي طرح تاجل بيوس پنهنجي شاعري ۾ سنڌ ڌرتي سان پنهنجي محبت،عقيدت، سڪ جو اظهار ڪندي جنهن
خوبصورت، انداز سان ڀيٽا پيش ڪئي آهي اهرو
انداز ڪنهن به ٻئي شاعر وٽ ڪونه ثو ملي سندس مشهور معروف نظم جيڪو سائڻ عابده
پروين ڳايو آهي،جيڪو هر سنڌ واسي جي دل جي ترجماني ڪري ٿو
سنڌ
منهنجي امان سونهن تنهجيءَ مٿان
ڇالکي ڇالکان،ڇا
لکي ڇا لکان
هڪ قلم
هڪڙو مان ڪيئن پورو پوان
ڇا لکي
ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان
مان
سمجهان ٿو تاجل بيوس پنهنجي مٿان سنڌ امڙ جي ٿڃجو قرض لاهي ويوسندس شاعري ۾ ڪيڏيون
نه دل کي ڇهندڙ، تشبيهون تلميحون ڏنل آهن جو پڙهندڙ جا لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا، سندس ٻولي
ايتري ته سادي۽ ڳوٺاڻي انداز واري آهي ،۽
اهي نج پج سنڌي ڳوٺاڻي سماج جي صبح جا خوبصورت منظر پنهنجي سڀني حسناڪين سان پڙهندڙ
جي دل ۽ دماغ تي ڇانئجي وڃن ٿا پڙهندڙ يا ٻڌندڙ
جا مٿان هڪ جادوئي سحر تاري ٿي وڃي ٿو
هوءَ
جا بيوس بکن تي مڙهي منڊ ٿي
اڄ به
جوٽي اسر جو اٿي جنڊٿي
جا گرم
کير ۾ پئي گڏي کنڊ ٿي
ان سهاڳڻ
کي مان ڪئين نه سجدو ڪيان
تاجل
بيوس پنهنجي شاعري ۾ جيڪي لفظن جي موتين سان منظرن جا خوبصورت محل جوڙيا آهن اهي ڪڏهن
به نه وسرڻ جهڙا آهن،
شيخ
اياز تاجل بيوس کي مصور شاعر سڏيندي لکيو ته: تاجل بيت ۽ وائي جو پنهنجي ٽهي ۾ وڏي
۾ وڏو شاعر آهي،سنڌي ٻولي جي وڏي شاعر نارائيڻ شيام تاجل جي لاءِ لکيو ته؛ شاھ
لطيف کان پوءِ تاجل جي شاعري ۾ ڳوٺاڻو ھڳاءُ،شيخ اياز کان به وڌيڪ آهي. ڊاڪٽر
تنوير عباسي هڪ جاءِ تي تاجل بيوس لاءِ لکيو ته؛ تاجل بيوس سنڌ جي ٻهراڙي جو شاعر
آهي سندس تشبيهون، تلميحون ۽ ٻولي سنڌ جي ماحول جون عڪاسي آهن. تاجل بيوس جي شاعري
کي پڙهڻ سان بخوبي ان ڳالھه جو اندازو ٿئي ٿو ته هو ٻين مڙني خوبين سان گڏ
مشاهداتي شاعر پڻ هو. سندس شاعري ۾ سنڌ جا کيت، بر، بحر، پهاڙ، مالوند مارو، ڏوٿي،
سنڌو جون لهرون، پکا، جنڊ جوٽيندڙ گهر ڌياڻي جا عڪس، چٽا نظرايندا، تاجل بيوس
شاعري جي هر صنف تي طبع آزما.ئي ڪئي سندس بيت، گيت، ڪافيون، قطعا، لوڪ گيت، غزل، نظم،
آزاد نظم پنهنجي جاءِ تي شاعراڻي تخليق جي مٿاهين سطح تي آهن تاجل نه صرف سنڌ جي
سونهن تي لکيو پر سنڌ جي سياسي، سماجي، توڙي معاشي حالتن کي به پنهنجي شاعري ذريعي
منظرعام تي آندو تاجل بيوس پنهنجي بيتن ۾ وڏي واڪي سنڌ جي دشمن کي للڪاري ٿو ۽
اعلان ڪري ٿو؛
کولي ڪن
ٻڌي ڇڏ آيل
سنڌ ۾
رهندا سنڌ جا ڄايل
خوشحال
سنڌ جا مالڪ سنڌي ماروئڙا جڏهن پنهنجي ديس ۾ ئي معاشي بدحالي جي ور چڙهيل رهن ٿا ۽
پيٽ بکايل رهن ٿا ته تاجل بيوس انهن جي انهن اهنجن، تڪليفن جو اظهار به ڪيو آهي
انهن مارئوڙن جي جذبن جي عڪاسي ڪندي تاجل بيوس جو هي شعر سواليه نشان آهي
ديس
وارا دم ڏين ٿا ڇا ڪجي.
پيٽ
سان پاهڻ ٻڌن ٿا ڇا ڪجي.
تاجل
بيوس جي شاعري جو محور ۽ مرڪز سنڌ ڌرتي، سنڌ واسي انهن جا ڏک، درد، تڪليفون، اهنج،
۽ انهن سان ساڻس بي لوث پيار آهي. ۽ تاجل بيوس پنهنجي شاعري ۾ هميشه ان الڪي ۾
رهندي محسوس ٿئي ٿو ته جيڪو ناتو سنڌ سان سنڌ واسين سان آهي اهو تعلق شال مان نڀائي
سگهان
ڪينجهر
۽ ڪارونجهر جا، سنڌوءَ کي سور سڻايان
مٺڙي
تنهنجو کير پياريل، مرڪي شال ملهايان
سنڌڙي
منهنجي سائنڻ تو سان ناتو شال نڀايان
تاجل
بيوس جو سنڌ سان اهڙو ته ناتو جڙيل آهي جيڪو ڪڏهن به نه ختم ٿيندڙ آهي تاجل سنڌ جي
چيڪي مٽيءَ مان ٺهيل سنڌ جو سچو عاشق هو، جنهنجي سنڌ سان عشق جي ڪا حد مقرر نه
آهي. تاجل بيوس جو اصل نالو ته تاج محمد سمون ولد جعفر سمون آهي سندس جنم ۲۲ سيپٽمبر۱۹۳۸ع، تعلقي سوڀي ديري جي ڳوٺ پير
حيات شاھ ۾ ٿيو تاجل سندس ادبي نالو ۽ (بيوس) تخلص آهي تاجل بيوس بنيادي تعليم
پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪندي مال به چاريو، تاجل بيوس اڪنامڪس ۾ ماسٽرس ڪئي ۽ مختلف
سرڪاري نوڪريون ڪندي رجسٽرار آف ڪمپنيز جي عهدي تان ۱۹۹۸ع۾ رٽائر ٿيو، جنهن کان پوءِ پاڻ شاھ لطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس
چانسلر جو صلاحڪار جي حيثيت سان خدمتون سر انجام ڏيندو رهيو تاجل بيوس کي شاعري جو
شوق استاد حڪيم الله آندي جتوئي سان صحبت جي ڪري ٿيو سندس شاعري جا ۽ نثر جا ڪيترا
ئي ڪتاب ڇپيل آهن تاجل نه صرف سنڌي ۾ بلڪ اردو ٻولي کي به پنهنجي اظهار جو ذريعو بڻايو
سندس اردو شاعري جو ڪتاب ”انداز بيان اور“ جي نالي سان ڇپيل آهي جنهن جو مهاڳ اردو
زبان جي تمام وڏي نالي واري شاعر محسن ڀوپالي جو لکيل آهي، هڪ ٻيو اردو ڪتاب ”سرخ
گلابون ڪي موسم ۾“ پڻ ڇپيل آهي،تاجل بيوس جي شاعري ڪلاسيڪيت۽جديديت جو بهترين سنگم
آهي تاجل بيوس ۱۳ ڊسمبر ۲۰۰۸ع تي هميشه جي لاءِ سنڌ امڙ جي هنج ۾ ابدي آرامي ٿيو سندس آخري آرام گاھ سنڌ
جي گاديءَ واري شهر ڪراچي جي قديمي قبرستان چوکنڊي قبرستان ۾آهي
نه ڪي
پارس نه ڪي سون چاندي مان
سنڌ جي
مٽيءَ منجهان جڙيل آهيان مان
تاجل
هميشه زنده رهڻو آ پنهنجن گيتن ۾ ، سنڌ جي هوائن ۾ سنڏو جي لهرن ۾ سنڌ جي مٽيءَ جي
خوشبوءَ ۾
تون ته
ملندو رهندين خوابن ۾.
تاجل بيوس
سنڌ جي ڀلوڙ شاعر جي يادگيري
ابراهيم لاشاري
سنڌ جو
هي خوبصورت شاعر، اديب تاجل بيوس خميس ڏينهن ۲۲ سيپٽمبر ۱۹۳۸ع ڌاري پنهنجي زندگي جو سفر
محمد جعفر سمون جي گهر ڳوٺ پير حيات شاهه تعلقي سوڀيديرو ضلعي خيرپور ميرس کان ڪئي.
سندس تعليم جي ابتدا والد صاحب ڦرهي هٿ ۾ ڏئي نورپور پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو
ٿوري عرصي بعد ڀونڀٽ پور جي پرائمري اسڪول ۾ ٻيو درجو پڙهي رهيو ته سندس زندگي جو
سهارو ۽ زندگي جي ڇپر ڇانءَ يعني والد جو وڇوڙي زندگي جا سمورا سک کسي ورتا. والد
جي وڇوڙي کانپوءِ ترت تعليم پرائڻ کان به هٿ ڪڍي، ڪلهي تي لٺ کڻي مينهن جو ڌنار
واري ڪرت سان سلهاڙجي ويو مسلسل زندگي جا ٽي سال جهنگ جو منهن ڪري مينهن جو
ڌنار بڻجي مينهن کي هون مان هون مان جا ٻول پيو
ڪاٽيندو هو. نيٺ سال ۱۹۴۹ع ڌاري
مينهن جي ڌنارئپ پنهنجي مٺڙي امڙ پناهه خاتون جي چوڻ تي ڇڏي
پڙهائي جو وري شوق من ۾ جاڳي پيس، ثانوي تعليم گمبٽ هاءِ اسڪول منجهان پاس ڪيائين
۽ گريجوئيشن جي سند سنڌ يونيورسٽي منجهان پڻ حاصل ڪيائين، هن تعليم منجهان هٿ نه
ڪڍيو وڌيڪ تعليم پوسٽ گريجوئيٽ (اقتصاديات) به سنڌ يونيورسٽي مان ڊگري ورتائين،
پوءِ تاجل بيوس صاحب ترت ٻاهرين ملڪن آمريڪا، جپان، ٿائيلنڊ منجهان به تعليم جا
ڪافي ڪورس ڪري پوءِ پنهنجي ملڪ پياري پاڪستان واپس موٽي اچي پڙهڻ پڙهائڻ واري
ڪرت سان سلهاڙجي ويو. تعليم کاتي منجهه سيڪنڊري استاد جي حيثيت سان سرڪاري ملازمت ۱۹۶۰ع ڌاري اختيار ڪيائين . تاجل بيوس صاحب مسلسل ۸سالن تائين درس تدريس جي شعبي ۾ وڏي محنت سان پنهنجا فرض سر انجام ڏيندو
رهيو، سال ۱۹۶۸ع ڌاري پيغمبري پيشي کي ڇڏي
تاجل بيوس صاحب هڪ نئين نوڪري ايڪسپورٽ پروموشن بيورو ۾ (اي سي او) جي عهدي
انويسٽيگيٽر تي ڪم ڪندو رهيو اهڙي طرح تاجل بيوس کي انهي زماني ۾ گڏيل قومن (اقوام
متحده) پاران (فيلوشپ) منظور ٿيڻ کان پوءِ جپان جي شهر (ٽوڪيو) ويو جتان واپس موٽي
اچي سال ۱۹۷۳ع ڌاري (فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن)
جي امتحان ۾ ڪامياب ٿيڻ يعني ٻيهر چونڊجي وڃڻ بعد حڪومت پاڪستان جي خزاني جي وزارت
منجهه (ڪارپوريٽ لا اٿارٽي جي اسسٽنٽ چيف) جو عهدو ماڻيائين اهڙي طرح تاجل بيوس
وقت به وقت سرڪاري مختلف عهدن تي پنهنجا فرض سرانجام ڏيند ي ڏيندي سندس سرڪاري عمر
جي حد پوري ٿيڻ، بعد ۲۱سيبٽمبر
سال ۱۹۹۸ع تي رٽائرمينٽ ورتائين، تنهن
بعد سنڌ جي هي ڀلوڙ شاعر، اديب شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور منجهه ڪجهه ٽائيم
لاءِ وائيس چانسلر جو (صلاحڪار) مقرر ٿيو. تاجل بيوس کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته
هو سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر پڻ رهيو.
تاجل
بيوس سنڌ ڌرتي جو خوبصورت شاعر کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته هن جي شاعري ڇپي گهٽ
آهي ۽ ڳائي زيادهه وئي آهي، همعصرن شاعرن منجهان شيخ اياز ۽ سونهن جي پوڄاري شاعر
استاد بخاري کان پوءِ تاجل بيوس جو درجو شاعرن جي ٽئين نمبر تي پڻ آهي، شاعري جي
چڻنگ مال چاريندي ٻاراڻي طبيت کائين محسوس ڪيائين سندس شاعري
ڪرڻ جا سڀ گر حڪيم استاد فقير الهندي جتوئي جي صحبت ۾
رهندي حاصل ٿي، تاجل بيوس کي علمي، ادبي، ثقافتي ڪچهرين ۾ رهندي صوفياڻي شاعري ۽
عارفاڻا ڪلام ٻڌندي، شاعري ڪرڻ جو وڌيڪ شوق جاڳيو، پوءِ ٿورڙي ئي عرصي منجهه
پنهنجو شاعري ۾ تخلص (بيوس) اختيار ڪري ادبي دنيا ۾ نالو نروار ڪرايائين. سندس
شاعري کي سنڌ جي ڪيترن ئي فنڪارن ريڊيوپاڪستان ۽ ٽيليويزن تي ڳايو ويو ۽ زبردست موٽ پڻ
ملي. تاجل بيوس هڪ لاجواب شاعر جنهن جي شاعري منجهان جديد توڙي قديم سڀني صنفن جا
رنگ نروار آهن، هن شاعري جي مڙني صنفن۾ پاڻ ملهايو جهڙوڪ وايون، بيت، قطعا، گيت،
لوڪ گيت، ڪافيون، غزل، آزاد نظم ۽ نثري نظم تي طبع آزمائي ڪري آساني سان ۽ عوامي
انداز سان شاعري ادبي دنيا آڏو پيش ڪئي ۽ وڏي مڃتا ماڻيائين، سنڌ جي مهان شاعر شيخ
اياز کيس (مصور شاعر) جي خطاب سان نوازيو تاجل بيوس پنهنجي شاعري
وسيلي الله تعالي جي ثنا ۽ سنڌ ڌرتي لاءِ دعاڳو آهي ۽ پنهنجي من اندر لڪيل آواز
عام ماڻهن جي آڏو هن طرح پيش ڪري ٿو
اول عالم جو ڌڻي، خالق خلقڻهار،
ملي ڪايا ڪين کي، جڏهن ڀونءِ بڻي،
اڳي جي احسان جي، هئي گهرج گهڻي،
بيوس جڏهن ڀونءِ تي، ڦيري رب ڦڻي،
ماڻهون ملڪ ملير جا، ٿڪا کوڙ کڻي،
واحد جا وڻي، سا سونهن ڏنائين سنڌ کي.
تاجل بيوس
سنڌ جي عظمتن جو شاعر
ادل سولنگي
ميرن
واري خيرپور جي ڪچي واري علائقي جي ڳوٺ حيات شاهه ۾ ۲۲ آڪٽوبر ۱۹۳۸ع تي محمد جعفر
سمي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ تاجل (تاج محمد سمون) بيوس بڻجي، شاعريءَ جي ميدان ۾ ڏات
جا ڪيترا ئي ڏيئا روشن ڪري ڌرتيءَ مٿان ڇائنجندڙ اونداهه کي ڌڪارڻ لاءِ پنهنجي
شاعراڻي هنر/ ڏات، ڏانو، مهارت ۽ علم جون ڪيتريون ئي مشعلون ٻاري ڇڏيون. جنهن جي
روشنيءَ ۾ سنڌ پنهنجي سمورين حسناڪين سان ڏسڻ ۾ اچي ٿي. جڏهن ”ڀونءَ بڻي“ ڪتاب، ۾
ڏنل شاعريءَ مان هن آدم- حوا، سان گڏ، پاڻي، ماني، پورهيت ۽ کيت ڏيکاريا آهن.
سنڌ منهنجي امان! سونهن تنهنجيءَ مٿان،
ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان.
هڪ قلم هڪڙو مان، ڪيئن پورو پوان،
ڇا لکي ڇا لکان، ڇا لکي ڇا لکان.
هن ڪنڌيءَ تي ڪڏيو جو اڀم ٻار آ،
ڪنهن ته جيجل جو جاني اکين _ ٺار آ،
هي جو ٻالڪ سڀاڻي جو معمار آ،
اِن جي ٻوليءَ ۽ لوليءَ تان صدقي وڃان.
تنهنجي ماڻهن کي سيني ۾ سانڍيو وتان،
تنهنجي لاڻن لَون کي به چند ن چوان،
شال تنهنجي ئي ڪُک مان پيو هرهر ڄمان،
کير تنهنجو پيان، وَير تنهنجو وٺان.
هوءَ منڇر کُٽي ڪيئن جا کٽڻي نه آ،
هوءَ ڪينجهر رُسي ڪيئن جا رُسڻي نه آ،
هوءَ سنڌو سُڪي ڪيئن جا سُڪڻي نه آ،
ڪَرُ کڻي ڪالهه آئي جا ڪيلاش کان.
ٿر جي ٿوهر مٿان، جهنگ جهر تي لکان،
مينهن جي بوند تي، سائي سَرَ تي لکان،
ڏاٽي، ڪوڏر، کُرئي، گهوٻي هر تي لکان،
تنهنجو نالو وٺي تو تي لکندو رهان.
هوءَ جا ”بيوس“ بُکن تي مڙهي منڊ ٿي،
اڄ به جوٽي اسر جو اُٿي جنڊ ٿي،
جا گرم کير ۾ پئي گڏي کنڊ ٿي ،
اُن سهاڳڻ کي مان ڪيئن نه سجدو ڪيان.
سنڌ منهنجي امان، سونهن
تنهنجيءَ مٿان ڇا لکي ڇا لکان.. ڇا لکي ڇا لکان، جهڙا نظم لکندڙ سنڌ جو عاشق تاجل
بيوس جيڪو پنهنجي ٻالڪپڻي کان وٺي جوانيءَ تائين راڳ- ويراڳ، علم، ادب، تهذيب،
ثقافت، قديم، ماڳن، مڪانن کان جديد دنيا جي جديد، شهرن تائين، سفر ڪري اندر جي اڃ
اجهائڻ لاءِ سدائين لوچ پوڇ ۾ رهندڙ روح جو رولاڪ ۽ راڻو هئو، اهڙو راڻو جنهن
شاعراڻي ڪاڪ محل ۾ پنهنجي منزل جي مومل ماڻڻ لاءِ راتين جا اوجاڳا ڪري منڌ جي
مهرين تي چڙهي، مومل ماڻڻ جا جتن ڪيا. تاجل بيوس جنهن ڀٽ ڌڻي جي ڀر ۾ ويهي سندس
تند جي تنوار کي نه رڳو ڪنايو پر پنهنجي هانوَ سان هنڊايو. هن شاهه سائين جي
تنبوري کي پنهنجي ڏات ۽ ڏانو جو محور ۽ محرڪ بڻايو، جنهن جي آڌار تي تاجل بيوس سنڌ
ڌرتيءَ مٿان پنهنجي فن ۽ فڪر جي ڇانيل گهاٽن ڪڪرن مان محبتن ۽ عظمتن جا مينهن
وسايا. جڏهن هن جي شاعريءَ جي ”انبن ٻور جهليو“ هو تڏهن هن جي من ۾ سرهائي محسوس
ٿي هئي. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ پورهيتن کي گهڻو مان ڏنو، جنهن اهڙو اظهار ڪندي ٻڌايو
ته پورهيت ئي ”سرجيندڙ ساڻيهه جا“ آهن، جن جي هٿن کي مان ۽ مرتبو ڏنو وڃي، هن ڌرتي
جي قديم تاريخ واري زماني کان سِرجندڙ شاعريءَ جي مٽن کي پنهنجي اندر ۾ اوتيندي،
ڌرتيءَ جي عظمتن جا گيت لکندي، چيو ته ”سنڌ منهنجي امان“ ۽ هن پنهنجي سمورين
سچائين سان سنڌ کي علم، ادب ۽ شاعريءَ جي ميراث ارپي ڇڏي. هن پنهنجي شاعريءَ کي
پکين جهڙي اڏار ڏيندي ”ڪاڇي مٿان ڪونج“ جو مشاهدو ڪرايو، هن جو مشاهدو هن جي
شاعريءَ مان ليئا پائيندو نظر ايندو رهيو آهي، ”ڪنڌيءَ ڪونئرترن“ کان ”ڪنڌيءَ اڪ
ڦلاريا“ تائين، تاجل مسلسل مشاهدو ماڻيندي اڳتي وڌندو رهيو، جڏهن هو هند جي سفر تي
ويو ته محسوس ڪيائين ته ”ڏور به اوڏا سُپرين“، ورهاڱي جا وڍ سهندڙ سنڌي اديبن، شاعرن
جي روح رچندين جو پيرائتو احوال ڏيندي، انتهائي سرهائي محسوس ڪندو رهيو. تاجل بيوس
روايتي سماج جو غير روايتي انسان هيو، جنهن پنهنجي ڳوٺاڻي سڀاءَ سان شهر جي ماحول
۾ ڳوٺاڻي خوشبوءِ پکيڙي هئي.
هن جو
گهر سنڌ جي اديبن لاءِ ڪنهن اجهي ۽ پناهه کان گهٽ نه هيو، هي سنڌ جو سدا ملوڪ شاعر
نهايت ئي ٻاجهه ڀريو، خوش اخلاق ۽ آئي کي آڌر ڏيندڙ، اهڙو شخص هيو، جنهن جي ڪشادي
دسترخوان تي ڪيترن ئي مهمانن جي ميزباني ڪئي ويندي هئي، ننڍپڻ ۾ يتيم ٻار جي زندگي
گذاريندڙ، تاجل جڏهن پنهنجيءَ سمجهيءَ وارو ٿيو، تڏهن هن پنهنجي وڏي عيال/ آڪهه کي
انتهائي پيار مان، اميرن جهڙي زندگي گذارڻ واريون سموريون سهولتون ڏنيون. تاجل
پنهنجي غريبي، مسڪين، لاچاريءَ ۽ اڻ هوند جا قصا به فخر وچان ٻڌائيندو هيو، ان
حوالي سان ”ڏک سکن جي سونهن“ جي سري سان پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي پاڻ کي سڄي دنيا آڏو
ظاهر، نروار ۽ چٽو ڪيو. هي ”سُرخ گلابن جي موسم جهڙو“ پيارو ۽ خوبصورت انسان
پنهنجي اندر اور ۾ به ايترو ئي خوبصورت ۽ پيارو، انساني قدرن جو رکپال ۽ لفظن جو
لجپال شاعر ۽ اديب هيو، جنهن وٽ سهپ، رواداري، سنگت ساٿ، سان توڙ نڀائڻ وارا گڻ
موجود هيا، سندس ئي زماني ۾ ڪيترائي ٻيا تخليقڪار، شاعر ۽ اديب وڏي مان مرتبي ۽
سماجي حيثيت وارا به هوندا هئا پر اُهي تاجل وانگيان نه ڳوٺاڻا هئا، نه عوامي هئا،
۽ نه وري هن جهڙا سادا هئا، هي فقيرمنش پنهنجي زندگيءَ جي حاصلاتن کي پنهنجي ذاتي
ٽجوڙي ۾ بند ڪرڻ وارن ٻين ”بيوروڪريٽ اديبن“ جيان نه هيو، جن پنهنجي ”بيوروڪريٽ
ادبي“ لڏي کان سواءِ ٻئي ڪنهن به اديب ۽ شاعر کي پنهنجي ويجهو اچڻ ئي نه ڏنو. هن
جڏهن ٿر جي زندگيءَ جو مشاهدو ڪيو، تڏهن هن جي اندر مان ”صحرا سَترجن“ جهڙا آلاپ
سِرجي، سنڌ جي واهڻ ۽ وسندين ۾ اُڏارون ڪندي محسوس ٿيا. هو ڄام تماچيءَ جو پونيئر
هيو. جنهن جي اندر ۾ عشق جون اُهي مشعلون به ٻرنديون رهنديون هيون. هن جڏهن به
خوبصورت ۽ گهائيندڙ نيڻ ڏٺا، تڏهن بي اختيار چئي ڏنائين ته ”تنهن جا نيڻ غزل“ جنهن
۾ هن انهن غزل جهڙن نيڻن جو ذڪر ڪندي اندر جي آنڌ مانڌ کي آٿت بخشيو، ۽ انهن اکين
جو تخليقي ۽ تخيلاتي اظهار ڪيو.
تاجل
بيوس جنهن زماني ۽ جنهن دور جو شاعر ۽ اديب هيو، ان زماني ۾ ادب جو کيرٿر بڻيل ته
مهاڪوي شيخ اياز نظر اچي رهيو هيو. تڏهن هن چيو ته ”سينو سير سمونڊ جي، ڪُلها ڪارونجهر“
۽ هي ڪارونجهر جهڙو سگهارو ڏات ڌڻي نه رڳو اياز سان دوستي ڪندي نظر آيو پر هن سان
”پنهنجو شاعراڻو بر ميچيندي“ به نظر آيو، جنهن جو پيار ۽ پنهنجائپ وارو اظهار، هن
”وڏا وڻ وڻڪار جا“ جي سري سان شاعريءَ واري ڪتاب وسيلي ڪيو ۽ سنڌي ادب ۾ مڃتا ۽
قبوليت ڏانهن تڪڙيون وکون کڻندي نظر آيو. اهو پيار جو سندس ”انداز بيان اور“ هيو،
جنهن اڳتي هلي ”ڏوريان ڏوريان مَ لهان“ واري منزل ماڻي. هن جي ”شاعريءَ جو محور
سنڌ، سنڌ ۽ فقط سنڌ هئي“، جنهن تان هن پاڻ واريندي ڌرتيءَ جي ڏکن، سورن، اهنجن،
ايذائن، پيڙائن، پڇاڻن، پڇتائن، قدامتن، عظمتن، مزاحمتن ۽ حسناڪين، سورمن، سورمين،
ڏاتارن ۽ متارن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ اهم موضوعاتي حيثيت ڏني. هن پنهنجي پر انهين
پار، سرحد جي هن پار واري سنگتين سان پنهنجو قلمي ۽ علمي ساٿ ڪڏهن به نه ڇنو، هن
جي اندر ۾ جيڪا انهن جي لاءِ اُڪير هئي، سڪ هئي، يا انهن کي جيڪا هن لاءِ اُڪير
هئي، سِڪ هئي، ان جي شاهديءَ لاءِ هن ”آريجن کان اُلهاس نگر تائين“، جو قلمي سفر
ڪيو. تاجل پنهنجي هند جي ٻئي سفر جو اظهار هن لفظن ۾ اظهار ڪيو ته ”اديون ڙي اوهان
ڇا ڏٺو“ جنهن لطيف سائين جي سٽن کي کڻي، پنهنجي جذبن جو اظهار انتهائي احساساتي
نموني ڪندي، ورجايو ته ”جيڪي ڏٺو سو مون“، جڳ جهان جون تتيون ٿڌيون سَهندڙ، انساني
احساسن جي پوئترتا ۽ ڪوملتا بيان ڪندي، بي اختيار چئي، ويٺو ته ”چپ اِنجيل جي
حاشين جهڙا“ انساني خوبصورتيءَ جو هيءُ شاعراڻو اظهار ئي تاجل جي حاصلات رهيو آهي.
هن پنهنجي اوسي پاسي ۾ ٿيندڙ آمراڻين ڪارروائين جو تمثيلي انداز ۾ اظهار ڪيو ته
”جهڄان پسي جهوڪ“ ڪنهن زماني ۾ شاهه سائين اهڙي ماحول ۾ چيو هيو ته:
نه سي وونئڻ وڻن ۾ نه سي ڪاتياريون،
پسيو بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي.
تاجل
پنهنجي دور پنهنجي زماني جي سموري سياسي، سماجي، ادبي اٿل پٿل جو شاهد ۽ مشاهدو
ماڻيندڙ اهڙو اديب ۽ شاعر هيو، جنهن پنهنجي اوسي پاسي رهندڙ اُنهن املهه ڪردارن کي
پنهنجي لکڻين جو موضوع بڻايو ۽ انهن کي امرتا بخشيندي کين ”سج، چنڊ، تارا، ڪتيون“
ڪوٺيندي پنهنجي لکڻين وسيلي نه رڳو ياد ڪيو پر انهن کي مڃتا ڏني ۽ ايندڙ نسلن لاءِ
کين ڪتابي شڪل ۾ آڻيندي هڪ دستاويزي حيثيت ڏني، تاجل، شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي سوچ،
فڪر، ڏات ۽ ڏانو کان نهايت ئي متاثر رهيو.
جنهن
جي ڪري سندس مزاج ۽ لکڻين ۾ اسان جي انهن ڪلاسيڪي ادب جي معمارن جو گهڻو تڻو اثر
نظر ايندو رهيو آهي. تاجل، ساميءَ جي شاعري کي نئين نرالي لکت وسيلي عام ڪيو ۽ چيو
ته ”سامي سودو پريم جو“ پيار، پريم ۽ پنهنجائپ وارو ماحول رچيندڙ تاجل، عالمي
ادب ۽ شاعريءَ جي حوالي سان به پنهنجو ڪردار ادا ڪندي نظر اچي ٿو، جنهن انگريزي
شاعري جي مختصر تاريخ لکي انگريزي شاعريءَ کي به سنڌي ادب جي جهول ۾ وڌو، جنهن مان
ڪيترن ئي نوجوان اديبن، شاعرن، ڪاليج ۽ يونيورسٽين جي شاگردن کي تمام گهڻو لاڀ
پلئه پيو آهي. شاعريءَ جي سفر ۾ تاجل جو نهايت ڊگهو، اڻانگو ۽ مسلسل سفر رهيو، هن
لوڪ شاعريءَ کان ويندي جديد شاعريءَ جو نه رڳو گهرو مطالعو ڪيو، پر ان کي پنهنجي
شاعريءَ لاءِ فڪري ۽ فني محرڪ، محور، سگهه ۽ سونهن طور ڪتب به آندو. تڏهن هن چيو
هيو ته ”پکي ساڳي پار جا“ واقعي به هيءُ ان ڏات واري ڏيهه ۽ پرينءَ جي پار جي پکين
جي سڃاڻ رکندڙ سپورنج شاعر ۽ اديب هيو، جنهن ڪافيءَ جهڙي قديم صنف کي نئون ۽ موڙ
نئين شڪل، شبيهه ڏيندي سِرو ڏنائين ته ”گل ڇنو گرنار جو“. تاجل مختلف ادبي، سماجي،
سياسي، شخصيتن بابت ڪيترا ئي سُر لکيا، جنهن ۾ شهيد بينظير ڀٽو، بخش علي لاکو،
استاد جمن ۽ ٻيا کوڙ سارا اهڙا ڪردار هن پنهنجي شاعريءَ ۾ آندا آهن، جن کي تاريخ
سدائين ياد رکندي.
ملير
جي مارئي هجي يا ڪراچي سنڌ جي مارئي هجي، ڪلاچيءَ جو ڪن هجي يا ڪلاچيءَ ڪن ۾ رهندڙ
مانگر مڇ تاجل پنهنجي شاعريءَ ۾ انهن کي خوب چٽيو آهي، هن شاهه سائين جي نه رڳو
ادبي روايتن جي پاسداري ڪئي پر ان روايت جي تسلسل ۾ ”تاجل جو رسالو“ به تخليق ڪيو.
تاجل
ڪيڏو وڏو اديب، شاعر ۽ وڏو ماڻهو هيو، اهو سندس رهڻي ڪهڻي، اٿي ويٺي، ڳالهه ٻولهه
۽ ادبي وهنوار مان چٽي ٿي سامهون اچي ٿي، اهو هيو اسان جو تاجل جنهن کي اڄ ياد
ڪيون ٿا.
سنڌي،
اردو ۽ انگريز ٻولين ۾ ادب تخليق ڪندڙ، جيڪو سٺو کاڌو کائيندڙ، سٺو ڪپڙو پهريندڙ،
سٺي گهر ۾ رهندڙ، سٺو پاڻي پيئندڙ، نازڪ ۽ نفيس، يار ويس، مهمان نواز، گفتي جو
گوهر، ڪچهرين جو ڪوڏيو، محفلون مچائيندڙ، مست الست ٿي گيتن، لاڏن ۽ جمالن تي وجد ۾
اچي هٿ کڻندڙ، ڳائيندڙن ۽ سازيندڙن مٿان گهورون گهوريندڙ تاجل بيوس، جيڪو وفاق ۽
سنڌ سرڪار ۾ اعليٰ عهدي وارو آفيسر رهيو. هن جي ڪنڌ ۾ ڪڏهن به بيورو ڪريسيءَ واري
ڪلي لڳل نظر ڪا نه ايندي هئي. هن جي اندر ۾ انساني احساسن جو سمنڊ ڇوليون هڻندڙ
هيو، جنهن پنهنجي سموري زندگي اعليٰ انساني قدرن جي رکوالي ڪندي گذاري، هي ڏات جي
ڏيهه جو ڏاتار، پنهنجي لفظن جون مالهائون ڌرتيءَ کي ارپي پاڻ ڌرتي ماءُ جي هنج ۾ وڃي
آرامي ٿيو، اڄ اسان هند ۽ سنڌ واسي کيس ياد ڪريون ٿا، مٿس لفظن جي گلابن جي ورکا
ڪيون ٿا ۽ پنهنجي نسلن ڏانهن، هي قومي ورثو منتقل ڪريون ٿا، ان اميد سان ته اسان
جو پويون نسل سنڌ جي عظيم روايتن جي پاسداري ڪندي، پنهنجي هيروز، عالمن، اڪابرن،
ڏاهن، ڏات ڌڻين، شاعرن ۽ اديبن کي مڃتا واري موٽ ڏئي کين سدائين ياد ڪندو رهندو.
تاجل
بيوس جنهن کي اُڀن شاهه جي ٽڪريءَ تي قومي مزاحمتي شاعريءَ پڙهڻ تي سائين جي ايم
سيد ڀاڪر ڀري ڳراٽڙي پائي شاباس ڏني هئي، سچ ته تاجل بيوس پنهنجي سموري ڄمار ۾
سائين جي ايم سيد جي پاتل ان ڀاڪر مان ٻاهر نه نڪري سگهيو.
هن
گيت، غزل، نظم، آزاد نظم، نثري نظم، ڪافيون، وايون، ترائيل، ڪهاڻيون، سفرناما، خط،
اڀياس، مهاڳ، پروفائيل، خاڪا، فلمي اسڪرپٽ لکي سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ لفظن جا واهڙ
وهائي ڇڏيا، اسان جو تاجل بيوس وس واري سماجي حيثيت ۾ هجڻ باوجود پاڻ کي بيوس
سڏائي جيڪو مان ۽ مريادا ماڻي آهي، اسان کي اهڙي حاصلات تي نهايت ئي سرهائي رهي
آهي، ۽ سدائين رهندي.
تاجل
چوٿين ڊسمبر ۲۰۰۸ع ۾ نصير سومري جي ڪتاب ”جلتي ڪنول جئين جي مهورتي تقريب ۾
ڳالهائيندي، فالج جي حملي جو شڪار ٿي پيو کيس ترت ئي جناح اسپتال آندو
ويو پر کيس ڪو به فائدو ڪو نه ٿيو ان کانپوءِ کيس لياقت نيشنل اسپتال ۾ داخل ڪيو
ويو، جتي آئون رکيل مورائي گڏجي کانئس طبيعت پڇڻ لاءِ ويا هئاسين، کيس ڏٺو هو ۽
سندس هٿن تي هٿ رکيا هئا، ۱۳ ڊسمبر تي هن جي لاڏاڻي جي خبر آئي، چپيل سن سٽي ڀرسان
واري گهر تي سندس تڏي تي پهچي سندس آخري سفر ۾ ڪلهي ڪانڌي ٿي، چوڪنڊي قبرستان ۾
کيس مٽيءَ ماءُ حوالي ڪري آياسين، جنهن جاءِ تي کيس لحد ۾ لاٿو ويو، اها جاءِ
مهينو کن اڳ تاجل دوستن کي ڏيکاري آيو هئو.
سڀاڻي
ڌرتيءَ جي شاعر تاجل بيوس جي اٺين ورسي ملهائي ويندي.
ديس جي بيروزگار ماڻھوءَ جو درد
ڊاڪٽر
عزيز ٽالپر
ڏاڍو
شوق هئم ته ڪو وڏو ڪامورو ٿيان. ڪو ايس پي يا ڊي سي ٿيان. منهنجي اڳيان پٺيان
پوليس جون موبائلون هجن. پر نصيب اهڙو ڦٽل، جو پٽيوالي به ڪانه ملي. وري دعا گهريم
ته ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي گهران شادي ٿئي ته ڏاج ۾ ڪا ڊگهي ڪار ۽ وڏو بنگلو ملي. کوٽ
ٽوٽ ۾ زال کي موڪليان ته پڻس کان ٻه ٽي لک ڦري اچي. فليٽ، بنگلا ۽ پراپرٽيون ملن.
پر نصيب خراب! بُکين ۾ شادي ٿي. ماسيءَ ناٿيءَ نانگڻ جي ڇتي ڌيءَ طوطن ماءُ اهڙي
مٿي ۾ لڳي، جو اصل جنم ٽيپ اچي وئي. اباڻي ملڪيت ۾ به نه ڪو باغ مليو، نه ٻني، نه
هوٽل، نه دڪان، نه ٽريڪٽر، نه ٿريشر، نه پلنگ، نه پينگهو. ملڪيت اها ملي جو هڪ
ڪکائون ڀونگو، منڊڙي گڏهه، ڦلي ڪڪڙ، ڀونڪڻي ڪتي گلرن سميت، مَٽ، دِلو، دانگي،
ديڳڙي ۽ ٻيا ابا جا کنيل سيٺين جا قرض ورثي ۾ مليا. هل ڙي نصيب تنهنجون ڦٽاڻيون!
ٻيو ته ڪجهه ڪونه مليو، باقي الله جي مهربانيءَ سان مونکي عقل جام مليو. دماغ جي
دٻليءَ ۾ عقل جون اهڙيون ويرون پيون لهن چڙهن، جو ڄڻ ته ڪينجهر ٿي اٿلي. مون سي
اين جي گئس جي سلينڊر وانگر دماغ جي دٻليءَ تي ميٽر هڻائي ڇڏيو، جيئن ٿورو ٿورو
ڪري کپايان. باقي عقل جا ڀريل ڀانڊا ڏکئي وقت لاءِ بچائي رکان. مٿان اليڪشن جو
اعلان ٿيو. اسانجو ڳوٺ کورواهه جي ڀرسان اهڙي هنڌ هو، جتي بدين، سجاول ۽ ٽنڊي محمد
خان جون حدون اچي ٿي مليون. منهنجو ڀونگو ضلعي بدين ۾ ٿي آيو. مون تپيدار تنون
تپاڻي سان ڏي وٺ ڪرائي ضلعي بدين جو شناختي ڪارڊ ٺهرائي ورتو. وري ڀونگو پٽي،
سجاول جي حد ۾ هڻي، سجاول مان ٻيو شناختي ڪارڊ ٺهرايم. وري اتان ڀونگو پٽي ٽنڊي
محمد خان جي حد ۾ هڻي ٽيون شناختي ڪارڊ ٺهرايم ۽ ٽنهي ضلعن جي ووٽر لسٽن ۾ پنهنجو
۽ طوطن ماءُ جو نالو درج ڪرائي ڇڏيم.
اليڪشن
ويجهي آئي ته ڀوتار ميدان ۾ لهي ويا. چئو طرف اٽي، لٽي ۽ اجهي جا اعلان هجن. نعرن
جي ڌم لڳي پئي هجي. ووٽ وٺڻ لاءِ ايلاز، هٿ جوڙ ۽ منٿ ميڙ جا ٺڪاءُ هجن. مون کڻي
بوسڪيءَ جو پٽڪو ٻڌو ۽ مڇون وٽيون. منهنجي ائين پئي لانگ لڳي، جهڙوڪر ڪي ٻه ٽي
هزار ووٽ منهنجي کيسي ۾ پيا هجن. جڏهن ته اها پڪ هيم ته شل طوطن ماءُ به منهنجي
چوڻ تي ووٽ ڏي. هڪڙي ڀوتار مون کي ڳراٽڙي پائي چيو ته تو واري برادريءَ جا ووٽ
مونکي ڏيار ته توکي ڀانڊو ڪڻڪ جو ڀري ڏيان، ست کوڙيون سارين جون اڱڻ تي راڳائي
ڏيان، سئو تاڪيا زناني ۽ مرداني ڪپڙي جا وٺي ڏيان ۽ ستن ڪمرن وارو پڪو گهر ٺهرائي
ڏيان. معنيٰ ته مڪمل اٽو، لٽو ۽ اجهو. ٻئي ڀوتار وري مختيارڪار جي نوڪريءَ جو آسرو
ڏنو. ٽئي ڀوتار وري طوطن ماءُ لاءِ انڪم سپورٽ جو ڪارڊ ۽ پوليو جا ڦڙا پيارڻ واري
نوڪري ڏيارڻ جو پڪو واعدو ڪيو. آئون به ليکي تي لڳي ويس. اليڪشن واري ڏينهن بديڻن
واري ڀوتار ٽوٽي خان کي صبح ساڻ ووٽ ڏنم، منجهند جو سجاول واري ڀوتار سونٽي خان کي
ووٽ ڏنم ۽ شام جو ٽنڊي محمد خان واري ڀوتار کوٽي خان کي ووٽ ڏيئي، سندن بنگلن تي
حاضري ڀري، مارڪون ٺاهي آيس. اليڪشن کانپوءِ ٽيئي ڀوتار ائين روپوش ٿي ويا، جهڙو
ڪنهن خون ۽ ڌاڙي جا جوابدار هجن. منهنجا انهن جي بنگلن تي پنڌ هجن، ڀوتار ملن ئي
نه.
قصو
ڪوتاهه، مونکي نه اٽو مليو، نه لٽو، نه اجهو، نه انڪم سپورٽ ڪارڊ، نه ڪا نوڪري. ڏک
۾ منهنجو منهن اهڙو ٿي ويو، جهڙو ڪنيءَ ۾ رڌل ڪو بِهه هجي. بيروزگاري جي ڪري گهر ۾
عزت ٽڪي جي به ڪانه رهي. طوطن ماءُ صفا هوش مان نڪري ويئي. ڏنئورن تي ڏوئي، ٽڪڻ تي
ٽڦڻي ۽ سٿرن تي سئونٽي روز جو معمول بنجي ويئي. حالتون اهڙيون خراب ٿي ويون، جو
پاڻ واري گورنر وانگي رات ڏينهن وينٽيليٽر تي پيو هئس. پوءِ مون پنهنجي دماغ جي
دٻليءَ جو ميٽر فُل کولي ڇڏيو. پنهنجي ڏک، پيڙاءُ ۽ محروميءَ کي ڪاوڙ ۽ جوش
۾ تبديل ڪري ڇڏيو. مون ڀوتارن خلاف شاعرين جا دفتر ڀري ڇڏيا. جتي به جنهنجو به ڪو
سيمينار، ڪو ميڙاڪو، ڪا شام، ڪا مهورت، ڪا ڪانفرنس يا ڪو جلسو ڏسان ته وڃيو ڪڙڪو
ڪريان. وي آءِ پي گنج ۽ ڍڳي جيڏيون اکيون ڏيکاريندڙ نائين نمبر جي عينڪ جي ڪري
همراهه مونکي ڪو عالم، اسڪالر، اڪابر سمجهيو کڻيو اسٽيج تي ويهارين ۽ تقرير
ڪرائين. تقرير ڪرڻ کان اڳ آئون فل ڪاوڙ ۽ جوش ۾ اچي، مڇون ڦڙڪايان. تتر وانگر رڦان
۽ تپي اهڙو ڳاڙهو ٿيو وڃان، جهڙو سرهاڙيءَ جي سانڊي کي ڇوڪرن پٿر هنيا هجن. ڀوتارن
جي خلاف اهڙي جوشيلي ۽ دونهيدار تقرير ڪريان جو ايڪو سائونڊ وارا لائوڊ ٻه اڌ ۽
ڊائيس مڪن سان چار ٽڪر ٿيو وڃي.
هڪ
دفعي خبر پئي ته ڀوتارن جو سردار بديڻن ۾ ٿو اچي. سو صبح سوير ڍوڍو ۽ بصر جي ڳنڍ
ٻڌي آئون وڃي بديڻن پهتس. شاهنواز چوڪ تي مون اچي گوڙ ڪيو. چيم ته آئون ۱۹۷۱ع کان
وٺي اهڙو بدنصيب جيالو آهيان، جنهن کي نه اٽو مليو، نه لٽو مليو، نه اجهو مليو، نه
نوڪري ملي. ٻيو ته ٺهيو طوطن ماءُ کي به نه انڪم سپورٽ ڪارڊ مليو، نه پوليو جا ڦڙا
پيارڻ واري نوڪري! ابا منهنجي گوڙ تي صاحب سڌو مون ڏانهن هليو آيو ۽ منهنجي آواز
بند ڪرڻ لاءِ منهنجي منهن ۾ هٿ وڌائين. هڪ پاسي آڱوٺو، ٻئي پاسي چار آڱريون، اهڙي
چپ ڏنائين جو زبان ٻاهر نڪري آئي ۽ اکين جا دوڏا نڪري آيا. ذري گهٽ ساهه ٿي نڪتم.
منهنجي وات مان گڦ وهڻ لڳي ته اهڙي زور سان جهٽڪو ڏيئي هٿ ڪڍيائين جو منهنجي مڻڪي
مان ٺڪاءُ نڪتا. پوءِ چيائين: ”گوڙ نه ڪر! ڊسٽرب نه ڪر! ڪراچي اچ ته توکي نوڪري ٿا
ڏيون.“ اهو ٻڌي آئون ٺري پيس، مون صبر سان سڀني ڀوتارن جون ٿرڊ ڪلاس تقريرون ٻڌي
فرسٽ ڪلاس تاڙيون وڄايون. ورندي ڏينهن مون پنهنجا ٻه ٽي ڀلوڙ گلر اڌ موڙيءَ ۾
وڪڻي، ڀاڙو هٿ ڪيو ۽ وڃي ڪراچي پهتس. دل ۾ خوش ته ڄاڻ مختيارڪار ٿي ٿو موٽان ۽
ماڻهن جي زمين جي کاتن ۾ ٿو ٽاڪوڙا وجهان. پر ادا نصيب ڦٽل! خبر پئي ته صاحب اسلام
آباد ويل آهي.
مون
وٺي گوڙ ڪيو. صاحب جو صلاحڪار ڪو ڪانگ ماڻهو، تنهن ڏٺو ته طوطن پيءَ هاڻي ماڳهين
اڳڙي ٿو کڻي. سو مونکي ڳراٽڙي پائي، آفيس ۾ وٺي ويو. کير پتي چانهه، نان خطايون ۽
کارا بسڪيٽ کارائي اسلام آباد لاءِ جهاز جو ٽڪيٽ، فائيو اسٽار هوٽل ۾ رهائش جو
ليٽر ۽ پنج هزار خرچ جا کيسي مان ڏيئي روانو ڪيائين. آئون پنهنجي هڙ ڪلهي تي رکي
ايئرپورٽ آيس. جهاز ۾ ڪجهه ليٽ هئي، سو لائونج ۾ ويهي رهيس، اتي پيل اخبارون پڙهيم
ته ڇرڪ ڀري اٿيس. لکيل هو ته اسان واري ايئر لائين وارن ٻن انجڻ واري جهازن جي هڪ
انجڻ خراب هوندي آهي ته هڪ انجڻ تي جهاز اڏاريندا آهن. جنهن جو گيئر باڪس به اهڙو
خراب هوندو آهي، جو ٽاپ گيئر هڻبو آهي ته ريورس گيئر لڳي ويندو آهي، جيستائين انجڻ
هلي، جتي به انجڻ خراب ٿئي ته اتي جهاز وڃيو ڦهڪو ڪري. باهه جا شعلا! هڙ مسافر چٽ!
اهو پڙهي مون سوچيو ته مون وارو جهاز به جي ڪري ٿو ته آئون جيئرو سڙي ويندس. سو
مون جهاز جي سفر تان ئي هٿ کنيو. ٽڪيٽ اڌ قيمت ۾ وڪڻي، آئون چنگچي ڪرائي تي ڪري
آيس اسلام آباد. چاليهين ڏينهن پهتس. اسلام آباد ۾ خبر پئي ته صاحب واپس ڪراچي
هليو ويو آهي. شام ٿي وئي. آئون پڇائون ڪري وڃي بڪنگ واري فائيو اسٽار هوٽل تي
پهتس. مئنيجر صاحب ڪونه هو، سو آئون لائونج ۾ ويهي اخبار پڙهڻ لڳس. اهو پڙهي
منهنجا وار اڀا ٿي ويا ته وڏين هوٽلن ۾ نه باهه وسائڻ جو انتظام آهي، نه ڀڄي ساهه
بچائڻ لاءِ ڪو ايمرجنسي گيٽ آهي. ڪراچيءَ جي هڪ وڏي هوٽل ۾ به باهه لڳڻ ڪري پنج
سينئر ڊاڪٽر، ٻه نرسون ۽ ڪئين ماڻهو سڙي ڪوئلو ٿي ويا. اهو پڙهي مون هوٽل جي ڪمري
۾ رهڻ تان هٿ کنيو. هيٺ لان ۾ پاڻي جي ٽانڪيءَ مٿان، جُتي سيرانديءَ ڏيئي، هڙ مان
رلي ڪڍي، اوڍي سمهي رهيس. وڏي فجر جو مونکي محسوس ٿيو ته ڪو جيئرو وجود منهنجي
رليءَ ۾ گهڙي آيو آهي، ننڊ ۾ مون ڀانيو ته آئون پنهنجي گهر ۾ ستل آهيان ۽ طوطن
ماءُ، طوطن کي سمهاري، اچي ستي آهي. نيٺ صبح ٿيو، سج نڪتو، مونکي محسوس ٿيو ته ڪير
منهنجو منهن پيو چٽي. آئون جاڳي پيس، ڏسان کڻي ته مون سان گڏ طوطن ماءُ نه پر هڪ
گلر ستو پيو آهي. مون کيس سيءَ کان بچايو هو، ان ڪري پيار مان، مونکي پنهنجي ماءُ
سمجهي منهن پيو چٽي. سامهون ڏسان ته اسان ٻنهي تي ڪئين ڪئميرائون فوڪس ٿيون پيون آهن.
خبر پئي ته انهيءَ هوٽل ۾ اڄ جانورن جي حقن جي باري ۾ انٽرنيشنل ڪانفرنس ٿيڻ واري
آهي. ان ڪري سڄي دنيا جا اسڪالر لٿل آهن، ان جي ڪوريج لاءِ نيشنل ۽ انٽرنيشنل
ميڊيا به پهتل آهي. تن صبح ساڻ گلر جهڙي مسڪين جانور جي زندگي بچائڻ لاءِ اسانجو
منظر ڏٺو ته اهڙو فلمايائون، جو سڄي دنيا جي ٽيوين ۽ فيس بڪ تي آئون ڇانيل هجان.
ڪانفرنس جا منتظمين اهڙا متاثر ٿيا جو مونکي ڪانفرنس جي خاص مهمان جي دعوت ڏيئي
ويا. پنهنجي اهڙي لئه ڏسي دل ۾ چيم ته چڱو ٿيو، جو مونکي جاڳ ڪانه ٿي، نه ته هن
گلر کي آئون لٺيون هڻي ڊوڙائي ڪڍان ها ۽ پوءِ مون واري، اڄوڪي لئه ڌوڙ ٿي وڃي ها.
پوءِ ته آئون به گلر کي سچ پچ ڀانئڻ لڳس، کيس کير پياريم، چڪن تڪا، پيزا، ٻوٽي
ڪباب ۽ گلاب جامن کارايم. گلر به ڪو ڏينهن کان بکايل هو، سو هڙ چٽ ڪري ويو. خوشي ۾
پڇ پيو لوڏي.
نيٺ
گلر سميت وڃي ڪانفرنس هال ۾ پهتس. تاڙيون وڄائي منهنجو شاندار استقبال ڪيو ويو.
سڄي دنيا جي اسڪالرن جانورن جي حقن جي باري ۾ ڳالهايو. آخر ۾ آئون تقرير لاءِ اٿيس
ته سڄو پنڊال اٿي بيٺو ۽ تاڙيون وڄائڻ لڳو. مون تقرير شروع ڪئي. چيم: آئون
بيروزگار ماڻهو آهيان ۽ درد وندي ديس سنڌ مان آيو آهيان. سڄي دنيا جي ملڪن ۾ جييترا
جانورن کي حق مليل آهن، ايترا منهنجي ديس جي ماڻهن کي مليل ناهن. منهنجي ديس ۾
محمد راهمون جهڙا بزرگ کنڀيا وڃن ٿا ۽ نذير بگٽي جهڙا جوان ڪٺا وڃن ٿا، منهنجي ديس
۾ فضيلائون هميشه لاءِ اغوا ٿي وڃن ٿيون، منهنجي ديس ۾ سنڌو، ڪائنات ۽ درشنا بجير
جهڙيون نياڻيون لڄالٽ جو شڪار ٿين ٿيون. منهنجي ديس ۾ تيرهن چوڏهن سالن جون
نياڻيون پئسن عيوض وڪرو ڪري ستر اسي سالن جي پوڙهن سان پرڻايون وڃن ٿيون. منهنجي
ديس ۾ مينهن جي قيمت ٻه لک روپيا آهي پر منهنجين گلاب جي گلن جهڙين نياڻين، حوا جي
ڌيئرن جو ملهه چاليهه هزار روپيا آهي. اهو چئي آئون وڌيڪ ڳالهائي نه سگهيس، زارو
قطار ڍڍڪيون ڏيئي روئڻ لڳس ۽ روئندو روئندو هال مان ٻاهر نڪري آيس. جڏهن پنهنجي
ديس پهتس ته نئين اليڪشن جون سرگرميون شروع هيون. ڀوتارن اٽي، لٽي ۽ اجهي جا آسمان
ڏاريندڙ اعلان پئي ڪيا. مون پنهنجن ٻنهي ڪنن ۾ ڪپهه وجهي ڇڏي، ان ڪري جو اهي سکڻا
اعلان ۽ ڪوڙا ڏٽا گذريل ۴۵ سالن
کان ٻڌندو پيو اچان.
تاجل بيوس
تاج محمد سمون- هڪ مقبولِ عام عوامي شاعر
احمد علي صابر چانڊيو
هڪ غريب محمد جعفر سمون
جي گهر ۾ جڏهن تاج محمد سمون ڄائو اها شام ۲۲ سيپٽمبر
۱۹۳۸ع جي گرم شام هئي. محمد جعفر لاءِ پٽ
جي آمد تي سرهائي ته هئي پر سڀ ڏک اچي ڄڻ گڏ ٿيا هئس، لبڙن تي مرڪ ۽ اکين ۾ وري لڙڪ
هئا، انگريز سرڪار جو ڪٺور دؤر هئو. هڪ طرف هيمون ڪالاڻي ٻئي طرف ڀڳت سنگهه آزاديءَ
جا ورلاپ ورائي رهيا هئا. ڪي غدار ۽ غاصب وري سامراجيت جا ڀرجهلا هئا. ڌرتيءَ تي آزاديءَ
جي گهڻگهرن کي قيد ڪيو ٿي ويو. افراتفريءَ جو عالم هئو، گهر ۾ چار داڻا به ڪين هئا
جو کڻي ڇٺيءَ تي مائٽن ۾ ورهائجن. تاج محمد سمون (تاجل بيوس) ڄڻ غريب والدين جي الجهن
جو سبب بنيل هئو. امان پناهه خاتون، ٻالڪ جي مٿي تي هٿ ڦيري چوندي هئي ته هي اسان جي
سکن جو ڪارڻ بڻجندو، هن ڪري مان سنڌ ڌرتيءَ تي سڃاتي ويندس. پير حيات شاهه جو ڳوٺ سوڀوديري
ضلعي خيرپور ۾ هئو، جتي تاجل بيوس جا وڏڙا ڪرت ڪري پيٽ جو پورائو ڪندا هئا. تاجل ٻالڪپڻي
کان وٺي هوشيار هئو، هن ۾ قدرت ڪا خاص مڻيا ڀري هئي. هڪ طرف ڌرتيءَ جو سھڻو شاعر هئو،
ٻئي طرف اقتصاديات ۾ ماسٽر ڪيائين ۽ ٽئين طرف جڏهن کيس سنڌ جي ناميارن فنڪارن جو ڳايو
ته تاجل جو نانءٌ ڪنجهي جي ٿانءَ وانگر وڄڻ لڳو هئو. ”سنڌ منھنجي امان تنھنجي سونھن
مٿان ڇا لکي ڇا لکان.“ جڏهن سنڌ ڌرتيءَ جي ٻھڳڻي فنڪاره عابده پروين جي آواز ۽ مور
فقير جي آواز ۾ گونجيو ته ڌرتيءَ تي تاجل جي نانءَ جي هٻڪار ڦھلجي وئي. امان پناهه
خاتون پنھنجي سھيلين جي وچ ۾ ويھي تاج جي واکاڻ ڪندي هئي ته تاجل هاڻي انگريزي ماستر
بنجي ويو اٿم ڏک سور لھي ويا، سک هاڻي اچي ڀيڙا ٿيا آهن. وقت کيس هٿ ۾ ٻٻر جي لٺ ڏئي
مال چارايو پر الله جي مھر سان منھنجو تاجل هڪ وڏو شاعر بنجي ويو آهي. مايون جڏهن مونکي
ڏسن ٿيون ته چون ٿيون تاجل جي امڙ ٿي وڃي! جڏهن تاجل اڃان اٺن نون سالن جو مس ٿيو هئو ته سندس جو والد لاڏاڻو ڪري ويو هئو.
هڪ طرف گهرو اخراجات ٻئي طرف يتيميءَ وارو دؤر، ٽئين طرف تعليمي ويچار، هنن غريبن جون
وايون ئي منجهي ويون هيون. اهڙين حالتن ۾ تاجل بيوس ڪيئن پڙهيو هوندو. ملازمت ڪيئن
حاصل ڪئي هوندي، ڀائرن ۽ ڀينرن سان يا مٽن مائٽن سان ڪھڙيءَ ريت نڀايو هوندو. ۽ جڏهن
ان غريب گهراڻي جو فرد ملازمت ٿو ماڻي ته واقعي ان جي ماتا مرڪي اٿي هوندي. تاجل بيوس
کي ”مٽيءَ جو ماڻھو“ به سڏيو ويندو هئو ۽ کيس مِٽيءَ جو رنگ به بيحد پسند هوس. گيت
ته مٽيءَ لاءِ لکيائين. امان پناهه خاتون ۵۵ سال تائين
پٽ جي مھر مروت جو پاڇولو بني. تاجل بيوس، مون وانگر غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو ۽ دنيا
جو سئر ڪيو، ڪڏهن جاپان ته ڪڏهن هانگ ڪانگ، ڪڏهن ٿائيلينڊ ته ڪڏهن آمريڪا ۽ جرمني ٿي
واسيائين. ڀارت جا پڻ چڪر ڪاٽي آيو هئو. ترقي مٿي ترقي ماڻيائين، رجسٽرار آف ڪمپنيز
تائين پھتو. ان دوران منھنجي ملاقات اسلام آباد ۾ ٿي هئي. هڪ حادثي ۾ کيس ڄنگهه ۾ ڌڪ
لڳو هئس جو لنڱائي ٿي هليو. مان پنھنجي پھرين ڪتاب جو تحفو کيس ڏنو. ايتري ته پيار
سان مليوجو مان پاڻ کي هڪ لڱا ته گهڻو ڀاڳ ڀليرو ڀائڻ لڳو هوس، ايڏي نالي واري انسان
مونکي دوست ڪوٺيو هئو. شھدادڪوٽ سان کيس گهڻو پيار هئو. سندس دوستي منھنجي مائٽن سان
هوندي هئي. مونکي ڏاڍو ڀائڻ لڳو هئو. ۲۰۰۷ع جي سرد
راتين ۾ استاد پيرل جي ورسيءَ تي مونکي ايوارڊ به ڏنائين ۽ چيائين ته ايندڙ ڪتاب ”ڪاڪَ
ڪڪوريءَ آءُ“ جي مھورت ۾ مان پاڻ ايندس. پر افسوس جو کيس ۲۴ تاريخ کان اڳ ۾ ئي هن فاني دنيا کي ڇڏڻو پيس. تاجل بيوس کي سنڌ ڌرتيءَ
سان پيار هئو ۽ ڌرتي ڌڻي به هن سان پيار ڪندا هئا. تاجل بيوس کي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن
پاران ۱۹۸۳ع ۾ گولڊ ميڊل، پاڪستان رائيٽرز گلڊ طرفان
فرسٽ پرائيز به ان ئي سال مليو. جڏهن ته نارائڻ شيام ايوارڊ “Award of
Great Poet” ۱۹۹۴ع ۾ مليو، نه صرف ايترو
بلڪ کيس ڪينجهر ايوارڊ، سلور جوبلي جشن ۾ سگا طرفان ۱۹۹۷ع ۾ گولڊ ميڊل به مليو. تاجل بيوس تي لطيفي رنگ چڙهيل هئو. هن وٽ ڏات
جا خزانا هئا.
تاجل بيوس جو نالو سنڌ
۽ هند جي سنڌين لاءِ ڪو نئون ۽ اوپرو ڪينھي، تاجل بيوس هڪ مڻيادار ۽ محبتي انسان هئو.
سندس جا ڪيترائي مجموعه لئبريرين جي سونھن بڻيا پر هڪ بھترين ڪتاب ”ڏوريان، ڏوريان
مَ لھان“ جيڪو سندس جي ۹-مجموعن کي گڏائي ترتيب
ڏئي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سھڪار سان تاجل بيوس اڪيڊمي ڇپرايو جنھن ۾ ۱۹۸۳ع کان ۱۹۹۷ع تائين جي ڪيل شاعري
شامل ڪئي وئي آهي تن ڪتابن کي گڏائي ”ڏوريان ڏوريان مَ لھان“ جي صورت ڏني وئي تن ڪتابن
۾ ”صحرا ستر جن“، ”تنھنجا نيڻ غزل“، ”ڪنڌيءَ اڪ ڦلھاريا“، ”ڪنڌيءَ ڪونئر ترن“، ”ڪاڇي
مٿان ڪونج“، ”جڏهن ڀون بڻي“، ”سرجيندڙ ساڻيھه جا“، ”سنڌ منھنجي امان“ ۽ ”انبن جهليو
ٻُورُ“ شامل آهن. تاجل جا ٻيا به ڪيترا ئي ڪتاب اچڻ جي انتظار ۾ آهن جن ۾ ”شاهه جي
ٿر جي تاريخ“، ”ليمان انب انجير“، ”ڀرين کان ڀوپال“، ”شاهه جي شاعريءَ جو تاريخي پسمنظر“،
”چاسر کان چوراسي تائين“، ”مائي مرادان (ڪھاڻيون)“، ”چپ انجيل جي حاشين جھڙا (ترائيل)“،
سونھن نگر جا سرجڻھار (مھاڳ) ۽ آريجن کان الھاس نگر (خط) وغيره.
تاجل، لطيف جي لطافت
جو ڄاڻو هئو، هند ۽ سنڌجي اديبن جو دلدار ٻھڳڻو شاعر هو،
اکيون لال ڪنواريون ڏٺيون ڪنھن نه هونديون،
اوهان جي اولاريون ڏٺيون ڪنھن نه هونديون.
انعام شيخ، کيس لفطنجو
لڄپال شاعر ڪوٺيو آهي. واقعي تاجل بيوس اکرن ۽ لفظن کي ساهه بخشيو آهي.
تاجل بيوس جي شاعري
ڪا عام رواجي ٻولي ڪانھي، هن جي ٻولي مٿئين طبقي جي سوچ جا پيرا کڻندڙ ٻولي آهي. لطيف،
سامي، سچل، استاد ۽ اياز کان پوءِ بيوس ئي آهي جو ان صف ۾ بيھي ٿو. تاجل هڪ مٺڙو انسان،
سٻاجهڙو ۽ مروت جھڙو ماڻھو هئو، هن تي سنڌ فخر ڪندي. تاجل کي سندس جي الفاظن جي درسني
۾ پرکڻ گهرجي؛
ڦٽن گاهه پيا ڦوڳ ڦولارجن وڄون ڪَنِ جي
وسڪا ته ڀونگا ڀِڄن،
بنا انگ اوڇڻ ڊَڀن جي مٿان، ڪري ٻانھه
ٻيڻي سڀاڳيون سمھن.
تاجل بيوس، شاهه، سچل،
سامي، استاد، اياز وانگر ڌرتيءَ تي مرتبو ماڻي چڪو آهي. سنڌ ڌرتيءَ جي قدآور شخصيت
طور سامھون آيو آهي. فن ۽ فڪر جي ماٿر تي مڃتا ماڻي چڪو آهي. تاجل ۶۹ سالن ۾ ۸ سال ٻالڪپڻيءَ
۾ گهاريا، ۸ سال نڌڻڪائپ ۽ يتيميءَ ۾ گهاريا. ۱۲ سال تعليمي جھاد لاءِ ارپيا ۽ باقي گذريل زندگي پيار ۽ پاٻوهه ۾ گهاري.
تاجل ڌرتي ۽ انسان سان پيار ڪندڙ هئو. تاجل جو قد ڏات جي ڏيھه ۾ تمام اوچو آهي، صديون
گذرنديون پر تاجل جي مڃتا کي زنگ ڪين لڳندو. هو پرکنا ماٿر جو شاهوڪار سرجڻھار ۽ مانائتو
فلسفي قرار پائيندو رهندو، هن زندگيءَ جي وهڪري ۾ هزارين ڏک ڏٺا پر سڀ جا سڀ سور وساري
پيار ورهائڻ لڳندو هئو. سندس چھري تي هر وقت تبسم جي لھر ڊُڪ ۽ ڊوڙ پائيندي رهندي هئي.
مان کيس ٻه لڙڪ اکين ۾ تڏهن ڏٺا جڏهن سندس جي جگر جو ٽڪر ٻالڪپڻيءَ ۾ هن کان موڪلايو
هئو ۽ جڏهن سنڌين جي وسندي ڌارين هٿان ڊاٿي وئي هئي. تاجل بيوس کي ڌرتيءَ جو جهوراڻو
ته هيو پر ڌرتيءَ جي مٿان بدتھذيبي ۽ ڏوجهرا کيس گهاوَ ڏيندڙ هئا. هن کي ماءُ ۽ پٽ
جو وڇوڙو به ڏاڍو ستائيندو هئو. هن جو مقصد ڌرتيءَ ۽ انسانيت سان پيار ڪرڻ هئو، هو
ڌرتيءَ تي انسان کي ڌوڪيبازن جو غلام ڏسڻ پسند ڪين ڪندو هئو. هن کي ظلم ۽ ڏاڍ کان نفرت
هوندي هئي، هو محبتي انسان هئو ۽ اهڙي طرح تاجل بيوس، بيوسيءَ جي لوئي لاهي امرتا جو
لباس اوڙهي ڇڏيو.
ديس ڌڻيءَ کي جيءُ جيءُ هردم، دشمن سِرَ
تي ڀالو رکجانءِ،
مان جوڙ جُڳن ۾ رهندس سائين مون لئه نيڻ
نه آلو رکجانءِ،
ڀل ته گذرن صديون صابر پنھنجو يار حوالو
رکجانءِ.
تاجل بيوس
سنڌ جي سونهن جا گيت لکندڙ جي ورسي
اسد رڏ
سنڌ
ثقافتي تنظيم سنڌ پاران خيرپور جي ڳوٺ مٺڙي ۾، ناليواري اديب، شاعر
تاجل بيوس جي اٺين ورسي ملهائي وئي. جنهن صحافين سميت زندگي جي مختلف شعبن سان
تعلق رکندڙ شخصيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، انهي موقعي تي تاجل بيوس جي ڪتاب ”سنڌ جي
تاريخ جو ڪيڏارو“ جي مهورت پڻ ڪئي وئي.
ورسي
تقريب جي صدارت ريڊيو پاڪستان خيرپور اسٽيشن جي ڊائريڪٽر سيد اڪبر شاهه ڪئي، جڏهن
پروفيسر ساجد سومرو، پروفيسر شاهه محمد لهراڻي ۽ اختر درگاهي مهمان خاص هئا،
انهي
موقعي تي سنڌ ثقافتي تنظيم سنڌ جي چيرمين ممتاز علي رڏ خطاب ڪندي چيو ته تاجل بيوس
سنڌ جو انمول هيرو هيو، هو جيڏو ڀلو شاعر هئو، اوترو ئي ڀلوڙ شخص به هئو، هن جو ڪتاب
”سنڌ جي تاريخ جو ڪيڏارو“ ايندڙ نسلن ۽ تاريخ جي شاگردن لاءَ سنڌي دردناڪ تاريخ
بابت رهنمائي ڪندو. تاجل جي قول ۽ فعل ۾ ڪو فرق نه هوندو هو، تاجل وائي ۽ ڪافيءَجو
وڏو شاعر هو، تاجل پنهنجي زندگي جو پهريو شعر بزم صوفياءِ سنڌ، سائين جي ايم سيد
جي تنظيم جي پهرئين اجلاس ۾ پڙهيو هو، اهو اجلاس ڪوٽڏيجي ۾ واقع اڀن شاهه جي
درگاهه جي احاطي ۾ ٿيو هو، جنهن ۾ شيخ اياز، تنوير عباسي، اميد خيرپوري ۽ ٻين
اديين شرڪت ڪئي هئي،
سيد اڪبر
شاهه پنهنجي خطاب ۾ چيو ته تاجل بيوس سنڌي قومي شاعريءَ جي گلدستي جو اهو گل آهي،
جنهن جي سدا بهار خوشبوءَ سنڌي قوم جي قومي شعور حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي حقن جي حاصلات
لاءَ جهدوجهد جو درس ڏنو، سنڌ جي هن جديد فڪرجي صوفي شاعر جي شخصيت هڪ
همه گير شخصيت آهي، هن جي ادبي پورهئي کانسواءَ سنڌ جي تاريخ اڻ پوري آهي، پورفيسر
ساجد سومري پنهنجي خطاب م چيو ته تاجل بيوس عام لوڪن جي دردن سان سلهاڙيل هو، هن
جي هر لکڻي سنڌي عام ماڻهن جي اهنجن سورن جو آواز آهي، پروفيسر شاهه محمد خطاب ڪندي
چيو ته اسان جو ادبي سخصيتون اسان جو سرمايو آهن، انهن جي ڏنل فڪر ۾ سنڌ جو آجپو
آهي.
حبدار جاگيراڻيءَ چيو ته تاجل
جي زندگي هميشه سنڌي قوم جي لاءِ جاکوڙيندي گذري، هن جو علمي ادبي پورهيو، شاعري
توڙي نثر باڪمال آهي، تقريب کي اختر درگاهي، سيد شيراز شاهه، مير صوبيدار سعيد، ذوالفقار
بڙدي، مير ساجد رڏ، امجد مهيسر، شازيه سمون ۽ ٻين خطاب ڪيو ۽ آخر ۾ راڳ رنگ جي
محفل ٿي گذري.
تاجل بيوس
سنڌيءَ جو ٻهڳڻو شاعر
رکيل مورائي
ڪن ڪن شخصن سان
پنهنجي ويجهن رشتن جيان جذباتي لڳاءُ ٿيندو آهي، پڪ سان اهڙو ئي جذباتي لڳاءُ
منهنجو سائين تاجل بيوس سان هئو، تڏهن کان جڏهن سندس پهريون شاعراڻو ڪتاب ”جڏهن ڀونءِ
بڻي“ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو هُئو ۽ مون پيار سان پڙهيو هُئو.
ان کانپوءِ سندس ڪيترائي
شاعراڻا ڪتاب آيا، ساڳئي وقت سندس ڪيترا ئي نثراڻا ڪتاب پڻ الڳ الڳ وقتن تي شايع ٿيندا
رهيا، جن ۾ سندس چار ڪتاب سفر نامن تي ٻڌل آهن، جيتوڻيڪ سائين تاجل بيوس پنهنجي
عُمر ۾ ڪيترائي ٻاهرين ملڪن جا سفر ڪيا پر هن سفر ناما صرف انهن چئين سفرن جا لکيا
جيڪي هن هند جي الڳ الڳ شهرن جا ڪيا، جن مان سندس ٻن سفرن ۾ منهنجي پڻ ساڻس شراڪت
رهي.
ياد رهي ته سندس
پهريون سفر ۱۹۹۰ع ۾ مها ڪوي شيخ اياز سان گڏ ٿيو هئو، جيڪو فقط ممبيءَ جي دائري ۾ هئو،
جنهن سفر کي هُن”ڏور به اڏوا سپرين“ جي سري هيٺ لکيو ۽ سنڌيڪا اڪيڊميءَ ان کي ڇاپيو.
جيئن ته هيءُ سندس
پهريون سفر نامو هُئو ان ڪري فطري طور هن ۾ جذبي کان وڌيڪ جذبات جو عمل دخل هُئو،
اڄ جڏهن مان انهن سفر نامن بابت ڪجهه لکي رهيو آهيان جن جي ٻن سفرن ۾ مان پاڻ به
شامل هوس، ڪوشش ڪندس ته لکڻ جو جذبو سلامت هجي پر جذبات کان پاسي هجان ڇاڪاڻ ته
ادب تي لکڻ وقت جذبات جو ڪو به عمل ادب لاءِ ٺيڪ نه آهي.
ورهاڱي وقت سنڌي
ادب، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي جاتيءَ جو ٻن حصن ۾ ورهائجي وڃڻ هڪ سانحو ته هُئو، پر ادبي
دائري ۾ اسان ٻنهي پاسي جي لکندڙن ان سانحي بابت لکڻ وقت ڪجهه جذبات کان ڪم به
ورتو آهي، ايئن محسوسڻ کان وڌيڪ اسان ٻوليءَ کان ڪم ورتو آهي ۽ ٻوليءَ جي لفظن ۾
آيل سمورو ڏک اسان انهن لکڻين ۾ اوتيو آهي ۽ هر مسئلي يا معاملي کي پهريون ۽ آخري ڀيرو
سمجهي ٽريٽ ڪيو آهي ۽ ايئن هنن سفر نامن ۾ به آهي. خاص طور پهرئين سفر نامي ”ڏور
به اوڏا سپرين“ ۾. اهو فطري ان ڪري به آهي يا لڳي ٿو جو سائين تاجل جو اهو هند جو
پهريون ڀيرو سفر هُئو ۽ ڪنهن به شخص جو اهڙو سفر جذباتي ئي ٿئي ٿو.
ٻيو سبب اهو آهي ته
تيستائين هو هند جي تخليقي ادب سان ايترو روشناس پڻ ڪو نه هُئو، هيءُ پهريون ڀيرو
هُئو جو سندس ناتو هند جي اديبن سان جڙيو ۽ اتان جو ادب سندس مطالعي هيٺ آيو،
نتيجو اهو نڪتو جو ان سفر نامي ”ڏور به اوڏا سپرين“ ۾ ان وقت جي هنڌ جي سنڌي ادب
جي گهڻي معلومات نه آهي جنهن ڪري اهو سفر نامو جذبات سان پُر هوندي به گهڻي ادبي ڄاڻ
ڏيڻ کان رهجي ويو آهي.
هي سفر نامو اهڙو
آهي، جنهن سائين تاجل جو هند ۾ هڪ شاعر طور واڌو نثر نيوس طور حلقو ويڪرو ڪيو، خاص
طور انهن اديبن/شاعرن ۾ جيڪي جذباتي طور سنڌي ادب کان وڌيڪ سنڌ وطن ڏانهن صادق
جذبو رکندڙ هُئا، ۽ واڌو سنڌين جو اهو حصو جن جي سنڌي موسيقيءَ سان دلچسپي هئي، ٻيءَ
طرح هيءَ ئي موقعو هُئو جڏهن هند جي لکندڙن جي هڪ چڱي موچاري حصي شخصي سڀاءَ ۽
تعلق کي پڻ گهڻي اهميت ڏني ۽ هر سطح تي انهن جي جذبن جو خيال اسانجي هن سٻاجهي سرجڻهار
رکيو، لکڻ ۾ يا عمل ۾.
سائين تاجل بيوس جي
هن سفر منجهس جيڪا تبديلي آندي اها هيءَ هئي ته هن ادب پڙهڻ ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏنو ۽
خاص طور نثر لکڻ لاءِ منجهس اتساهه پيدا ٿيو. جنهن بعد هن شاعريءَ سان گڏ نثر ڪجهه
وڌيڪ لکيو ۽ ان نثر جا ڪتاب پڻ ڇا پيا ويا. ڪيئن به سندس زندگيءَ ۾ هن سفر ۽ ان بابت
لکيل سفر نامي گهڻو لاڙو آندو اهو سچ آهي.
ائين هند جي هر
ياتراتي هن هڪ سفر نامو لکيو. جنهن سان ادبي طور اهو فائدو ٿيو ته سندس ٻئي نمبر
سفرنامي ”اديون ڙي اوهان ڇا ڏٺو“ ۾ ڪجهه وڌيڪ ريئلٽي آئي، جنهن مان محسوس ٿيو ته
هن ڪجهه وڌيڪ کليل اکين سان ڏٺو ۽ ڪجهه گهٽ جذبات سان محسوس ڪيو، ساڳئي وقت لکڻ ۾
پڻ هن گهڻو احتياط ڪيو ۽ لڳاتار پنهنجي پوين ٻن سفر نامن ”اديون ڙي اوهان ڇا ڏٺو“
۽”مورتين جو ديس هندستان“ ۾ هو وڌيڪ کان وڌيڪ سنجيده ٿيندو ويو، جنهن سنجيدگيءَ ۾
سندس هند جي ڪتابن پڙهڻ جو به عمل دخل هُئو، ڇاڪاڻ ته انهن جي وڏي حصي ۾ ويچار وڌيڪ،
جذبات گهٽ هُئي.
پوءِ به مان پنهنجي
يقين سان چوان ٿو ته سندس پسند جو ادب/ اديب اهو هُئو جنهن پنهنجي لکڻ/ عمل ۾ سنڌ
سان جذباتي لڳاءُ ٿي ڏيکاريو، گنوسامتاڻي، هريش واسواڻي، آنند کيماڻي، لعل پشپ يا
پرم اڀيچنداڻي جهڙا ذهين اديب سندس پسندگيءَ کان ٻاهر هُئا جنهن جو اهم سبب ”سنڌ“ لفظ هُئو جيڪو ان ديس جو نالو
هُئو جنهن جي هر نسبت کيس عزيز هئي، ان بابت ويچارڻ جي گنجائڻ بنهه گهٽ هُئي،
انهيءَ چوڻ/ لکڻ جي شاهديءَ ۾ اهي سڀ شعر آڻي سگهجن ٿا جيڪي هُن پنهنجي هند ۾ رهندڙ
علمي، ادبي دوستن بابت لکيا آهن.
اها ٻي ڳالهه آهي
ته انهن مان ڪجهه جو سنڌي تخليقي/ تحقيقي توڻي تنقيدي ادب ۾ ڪو خاص حصو نه آهي پر
جئين ته اهي سنڌي آهن ۽ سنڌ جا ڄاوا آهن ان ڪري ساڻن پيار يا همدردي اوس جاڳي ٿي.
جيڪا سنڌ جي هر اديب/ شاعر کي هند ۾ رهندڙ هر اديب/ شاعر لاءِ آهي.
تاجل سائين جي سفر
نامن ۾ حيرت جي حد تائين ڪنهن به شخص لاءِ نگيٽو / نفي راءِ نه آهي، جيتوڻيڪ جن
سفرن ۾ مان ساڻس گڏ هوس انهن ۾ پڻ چڱيون ئي اڻ وڻندڙ ڳالهيون ٿيون جن تي اسان پاڻ
۾ گفتگو ته ڪندا هئاسين پر هُن ڀلمانس لکيڪ مڙني واقعن يا عملن مان ڪو به نفي
واقعو / عمل لکت ۾ نه آندو آهي، جن واقعن/عملن کي اڄ به ياد ڪري ذهني تڪليف ٿيندي
آهي.
اڄ جڏهن انهن واقعن
۽ عملن تي ٻيهر سوچيان ٿو ته باوجود ذهني اذيت جي تاجل بيوس صاحب مونکي شاهه
سائينءَ جي هيٺين سٽ جو هڪ هزار پرسينٽ پوئلڳ ٿو لڳي ته:
پريان سندي پار جي،
مڙئي مٺائي
ڪانهي ڪڙائي، چکين
جي چيت ڪري
۽ جڏهن ان
ويچار سان سندس سفرنامن جو جائزو وٺجي ٿو ته يقين ٿئي ٿو ته هو شخصي طور به وڏو ماڻهو
هُئو ۽ ليکڪ طور به وڏو ليکڪ هُئو، ان ڳالهه ۾ ڪنهن به قسم جو شڪ ڪرڻ گناهه آهي،
مان پنهنجي لاءِ ائين سمجهان ٿو.
ڪيئن به تاجل
سائينءَ جا سفر ناما ور-ور ڪري جذباتي ڪيفيتن سان ڀريل آهن، جنهن کان کيس ڪجهه
پاسيرو هئڻ گهربو هُئو پر جيئن مون مٿي چيو آهي ته هو ”سنڌ“ ۽ ”سنڌي“ لفظن تان
قربان ويندڙ ليکڪ/ شخص هُئو. پر ادب، خاص ڪري سفر نامي جون ٻيون به ڪجهه گهرجون
آهن، جن جو پوراءُ ڪرڻ گهرجي ها! ۽ هاڻ هنن سفر نامن کانپوءِ جڏهن اسانجو ڪو به
اديب/ شخص هند گهمڻ ويندو ۽ جذبات کان آجو ٿي سفر نامو لکندو ته گهڻو ڪجهه مختلف
نظر ايندو.
وڏو سچ دنيا جو اهو
به آهي ته دربدري جذبات کي گهٽائيندي آهي ته ائيندي به آهي ڇو ته اها حالتن جي
آمهون سامهون هوندي آهي، حالتون اڪثر ڪڙاڻ ئي اندر ۾ اوتينديون آهن، اهو تجربو
انهن جو وڌيڪ هوندو جن دربدري ڀوڳي آهي. هند جي سنڌين دربدري ڀوڳي آهي ان ڪري هو
جذبات کان وڌيڪ سچ جي ويجهو آهن. اسان دربدري ڀوڳي نه آهي ان ڪري جذبات جي ويجهو
آهيون اهو منهنجو مشاهدو آهي.
تاجل بيوس
ھڪ مصور شاعر
ابراھيم لاشاري
سنڌ جو خوبصورت
شاعر ۽ اديب تاجل بيوس جو پروفائل انتهائي منفرد آهي. هن ۲۲ سيپٽمبر ۱۹۳۸ع ڌاري محمد جعفر سمون جي گهر، ڳوٺ پير حيات
شاهه تعلقي سوڀيديرو ۾ جنم ورتو، اڃان ٻئي درجي ۾ ئي هو ته سندس والد وفات ڪري ويو
۽ والد جي وڇوڙي کانپوءِ ترت تعليم مان هٿ ڪڍي، ڪلهي تي لٺ کڻي مينهون چارڻ واري ڪرت
سان سلهاڙجي ويو. نيٺ سال ۱۹۴۹ع ڌاري پنهنجي ماءُ پناهه خاتون جي چوڻ تي ڌنار واري ڪرت
ڇڏي پڙهائي شروع ڪيائين ۽ پوسٽ گريجوئيٽ (اقتصاديات) سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين، پوءِ
ترت ٻاهرين ملڪن آمريڪا، جاپان، ٿائيلنڊ مان تعليم جا ڪافي ڪورس ڪري واپس ڏيهه اچي
پڙهائڻ واري ڪرت سان سلهاڙجي ويو.
تاجل بيوس مسلسل ۸ سالن تائين درس تدريس جي شعبي ۾ وڏي محنت
سان پنهنجا فرض سر انجام ڏيندو رهيو، سال ۱۹۶۸ع ڌاري هن هڪ نئين نوڪري ايڪسپورٽ پروموشن بيورو ۾ (اي
سي او) جي عهدي انويسٽيگيٽر تي ڪم ڪندو شروع ڪيو. اهڙي ريت، تاجل بيوس کي ان زماني
۾ گڏيل قومن پاران فيلوشپ ملي ۽ هو ٽوڪيو ويو جتان واپس اچي سال ۱۹۷۳ع ڌاري هن فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان
پاس ڪري ناڻي وزارت ۾ ڪارپوريٽ لا اٿارٽي جو اسسٽنٽ چيف بڻجي ويو. ايئن مختلف عهدن
تي رهڻ بعد ۲۱ سيپٽمبر سال ۱۹۹۸ع تي رٽائرمينٽ ورتائين. تنهن بعد ڪجهه وقت لاءِ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي
خيرپور ۾ وي سي جو صلاحڪار رهيو، جڏهن ته سنڌي لئنگئيج اٿارٽي جي بورڊ آف گورنرس
جو ميمبر به رهيو.
سنڌ ڌرتي جي هن
خوبصورت شاعر کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته هن جي شاعري ڇپي گهٽ آهي ۽ ڳائي وڌيڪ
وئي آهي، همعصرن شاعرن منجهان شيخ اياز ۽ استاد بخاري کان پوءِ تاجل بيوس جو درجو ٽئين
نمبر تي پڻ آهي. کيس شاعري ڪرڻ جو شوق مال چاريندي ئي ٻاراڻي وهي ۾ ٿيو، شاعري جا
گر حڪيم استاد فقير الهندي جتوئي جي صحبت ۾ رهندي سکيا، تاجل بيوس علمي، ادبي،
ثقافتي ڪچهرين ۾ رهندي صوفياڻي شاعري ۽ عارفاڻا ڪلام ٻڌندي کيس، شاعري ڪرڻ جو شوق
جاڳيو، پوءِ ٿورڙي ئي عرصي شاعري جي افق تي تاجل “بيوس” جو نالو اڀري سامهون آيو.
سندس شاعري سنڌ جي ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي آهي.
تاجل بيوس جي شاعري
۾ جديد توڙي قديم صنفن جا رنگ نروار آهن. هن شاعري جي سڀني صنفن ۾ پاڻ ملهايو، جهڙوڪ
وايون، بيت، قطعا، گيت، لوڪ گيت، ڪافيون، غزل، آزاد نظم ۽ نثري نظم وغيره. سنڌ جي
مهان شاعر شيخ اياز کيس مصور شاعر جي خطاب سان نوازيو هو.
تاجل بيوس ڀلوڙ
شاعر سان گڏ هڪ مڻيادار ماڻهو، بهترين انسان به هو. سنڌي اديبن ۽ شاعرن جي فهرست ۾
نالو سندس انتهائي احترام سان ورتو ويندو آهي. شاعري کانسواءِ هن نثر ۾ به پاڻ ملهايو.
سندس ادبي پورهي تي نظر وجهبي ته هن سنڌي ادب جي جهول ۾ ۴۴ کان به مٿي ڪتاب ڏنا آهن. سندس ادبي ۽
تخليقي پورهئي مان ۳۴ ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ پهتا آهن. تاجل بيوس سنڌي
زبان کانسواءِ اردو ۽ انگريزي زبان ۾ پڻ لکيو آهي. کيس شهرت جي آسمان تي پهچائڻ جو
وڏو سبب هڪ لکيل گيت “سنڌ منهنجي امان، سونهن تنهنجي مٿان ڇا لکي ڇا لکان” آهي، جيڪو
ڪلاسيڪل فنڪاره عابده پروين ڳايو آهي.
سندس شاعري جو
پهريون مجموعو “جڏهن ڀونءِ بڻي” سال ۱۹۸۲ع ڌاري ڇپجي پڌرو ٿيو. ان کانسواءِ سندس اردو شاعري جو
مجموعو “انداز بيان اور” به ڇپيل آهي. ان ڪتاب جو مهاڳ اردو زبان جي بهترين شاعر ۽
ادب جو پارکو محسن ڀوپالي لکيو آهي. ان کانسواءِ انبن جهليو ٻور (شاعري)، سرجيندڙ
ساڻيهه جا (شاعري)، ڪنڌيءَ ڪنئور ترن (شاعري)، ڪنڌيءَ اڪ ڦلاريا (شاعري)، تاجل جو
رسالو (شاعري)، سرخ گلابون ڪي موسم (شاعري)، ڏوريان ڏوريان م لهان (۹ شعري مجموعا گڏ)، تنهنجا نيڻ غزل (هڪ سئو
غزل)، چپ انجيل جي حاشين جهڙا (هڪ سئو غزل)، ڪاڇي مٿان ڪونج (نثري نظم)، ڏور به اوڏا
سپرين (سفرنامو)، آريجن کان الهاس نگر، پکي ساڳئي پار جا، سون سريکا چارسن، صحرا
ستر جن، ڏک سکن جي سونهن، سج چنڊ ڪتيون تارا ۽ ان کان سواءِ هڪ ڪتاب انگريزي شاعري
جي مختصر تاريخ نالي به ڇپيل اٿس .
پنهنجي ادبي پورهي
عيوض کان مٿي مڃتا طور ايوارڊن سان نوازيو ويندڙ سنڌ جو هي حساس ۽ ڪومل طبيعت جو
شاعر ۴ ڊسمبر جي تي فالج جي حملي ۾ سخت بيمار ٿي پيو ۽ ۱۳ ڊسمبر ۲۰۰۸ع تي دماغ جي رڳ ڦاٽڻ سبب ۷۰ سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. تاجل بيوس
جو آخري آرامگاهه ڪراچي جي چوڪنڊي مقام ۾ آهي. اڄ سندس ۱۱ ورسي ملهائي پئي وڃي. هتي تاجل بيوس کي
اسين سندس ئي سٽن جي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا.
سنڌ منهنجي امان. سونهن
تنهنجي مٿان
ڇا لکي ڇا لکان، ڇا
لکي ڇا لکان
هڪ قلم هڪڙو مان، ڪيئن
پورو پوان
ڇا لکي ڇا لکان، ڇا
لکي ڇا لکان
تاجل بيوس
سنڌ جي ثقافتي سونهن جو
شاعر
رکيل مورائي
اڄ سنڌ جي ثقافتي سونهن
جي شاعر تاجل بيوس جي وڇڙڻ جو ڏينهن آهي، تاجل بيوس جو وڇڙڻ سنڌي شاعريءَ لاءِ هڪ
اپسوڻ آهي، هُن جي هلئي وڃڻ سان سنڌ جي ڪلاسيقي شاعراڻي ٻوليءَ جو هڪ جديد شاعر
سنڌ کان ۽ سنڌي شاعريءَ کان موڪلائي ويو. ساڳئي وقت سنڌي ڪلاسيقي صنف، بيت ۽ وائي
جو هڪ بيمثال تخليقڪار اسان وٽان هليو ويو. تاجل بيوس سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي هڪ الڳ
سڃاڻپ رکندڙ شاعر هُئو. اڄ جي جديد شاعريءَ ۾ هُن سنڌ جون اصلي صنفون بيت، وائي ۽
ڪافيءَ کي نئين زندگي ۽ تازگي ڏني، هڪ اهڙي تازگي جنهن کان مٿيون صنفون گهڻو عرصو
وانجهيل هيون.
تاجل بيوس بنيادي طور
صوفي مزاج رکندڙ هڪ اهڙو شخص هو، جنهن کي شهري ڳوٺاڻو روح عطا ٿيل هئو ۽ سندس خمير
۾ سچل سرمست جي مٽيءَ جي خوشبوءِ هئي، جنهن ڪري هو پنهنجي شاعريءَ ۾ سدائين سچل
سائينءَ کي ويجهو رهيو. ان جا ڪيترا ئي سبب آهن، هڪ ته هو سچل جي نگريءَ ڀرسان
سوڀي ديري لڳ جنهن ڳوٺ ۾ ڄائو، نپنو ۽ وڌيو ويجهيو، ان ۾ هڪ درگاهه پير حيات شاهه
جيلاني هئي، جنهن تي راڳ ويراڳ مسلسل هلندو رهندو هو، جنهن ۾ تاجل سائين ننڍي عمر
۾ ئي ويندو رهندو هو. ان کان اڳ سندس امڙ پڻ صوفي مزاج رکندڙ خاتون هئي، اڳتي هلي
جنهن شخص سان سندس پهريون تعلق جڙيو، اهو استاد الهندو جتوئي، پڻ صوفي مزاج رکندڙ،
شاهه لطيف، سچل سرمست ۽ غالب وغيره جي شاعريءَ کان واقف هو، شعوري عمر ۾ سندس تعلق
ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ جهڙي شاعر سان جڙيو، جنهن کانپوءِ شمشير الحيدريءَ سان سندس ويجهڙائي
ٿي.
ايئن هو شعوري ۽ ادبي
طور اڳتي آيو، پر جيئن ته ننڍپڻ ئي راڳ ويراڳ جي محفلن ۾ سندس وڃڻ ٿيندو هو. ان ڪري
موسيقي سندس روح ۾ رچي ويئي هئي. جنهن ڪري هو پهرين عمر ۾ اهڙي ئي شاعري ڪندو هو،
جنهن کي آسانيءَ سان ڳايو وڃي. سندس ان عمل سندس شاعريءَ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. هُن
جي شاعري سنڌيءَ جي لڳ ڀڳ سڀني وڏن راڳين بيحد سهڻي نموني ڳائي آهي. اڄ به سندس
ڳايل شاعري ٻڌجي ٿي ته سڄي سنڌ جو صوفياڻو مزاج ۽ واڌو سنڌ ٻوليءَ ۽ ثقافت جي سونهن
اکين اڳيان تري ايندي آهي، جڏهن سندس تعلق ڊاڪٽر تنوير سان جڙيو ته هو ادب ڏانهن لڙي
آيو. ايئن سندس شاعريءَ ۾ اهم تبديلي آئي ۽ هو هڪ سنڌي فڪر رکندڙ جديد شاعر ٿي
اڀريو. جيتوڻيڪ هُن پنهنجي شاعريءَ لاءِ صنف توڙي ٻوليءَ جي چونڊ ۾ ڪلاسيڪل صنف ۽
ٻوليءَ کي وڌيڪ پسند ڪيو. ائين هُن انهيءَ ٻوليءَ کي نئين سونهن ڏني. سنڌي ادب ۾
هو هڪ نهايت سنڌپرست ليکڪ طورآخري گهڙي تائين رهيو. هو سنڌ جو اهڙو عاشق شاعر هو،
جنهن ۾ سموري سنڌ جي سونهن نظر ايندي هئي.
سندس پهريون ڪتاب “جڏهن
ڀونءِ بڻي” جڏهن ڇپيو ته ادبي حلقن ۾ ان جي چڱي آجيان ڪئي وئي، جنهن کيس اتساهه ڏنو
۽ هن نهايت تيزيءَ سان لکڻ شروع ڪيو. ساڳئي وقت سندس ڪتاب پڻ تيزي سان ڇپجڻ لڳا،
ڏسندي ڏسندي سندس ٻن درجنن کان وڌيڪ ڪتاب شايع ٿيا. شاعريءَ کانسواءِ هن نثر ۾ به لکڻ
شروع ڪيو، جنهن جا پڻ درجن کن ڪتاب سنڌي ادب جو حصو بڻيا.
تاجل سائين هونئن ته
دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ڏانهن سفر ڪيا، پر هُن فقط انڊيا جي سفرن جا سفرناما لکيا،
جن جو انگ چار آهي. آخري ڏينهن ۾ هن چئين جلدن ۾ پنهنجي آتم ڪٿا پڻ لکڻ شروع ڪئي،
جنهن جا ٽي جلد سندس زندگيءَ ۾ شايع ٿيا. ايئن سندس جيئري توڙي وفات کانپوءِ کيس بابت
به چڱو ئي لکيو ويو آهي، خاص طور انڊيا جي اديبن ڊاڪٽر جڳديش جو لکيل اهم ڪتاب “ڏور
به اوڏا سپرين” آهي جيڪو شاهه لطيف، اياز ۽ تاجل سائين بابت آهي. تازو ئي هند جي هڪ
ٻئي اديب هولا رام هنس “عظيم شاعر تاجل بيوس” نالي ڪتاب لکيو آهي، جيڪو نئون نياپو
اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران شايع ڪيو ويو آهي. تاجل سائين پنهنجي زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ
تائين لکندو رهيو ۽ سنڌ سان عشق ڪندو رهيو. اڄ سندس ورسيءَ جو ڏينهن آهي، پر هو
ادبي طور اسان سان پنهنجي ڪتابن وسيلي گڏ آهي، جيڪو ڪڏهن به جدا ٿيڻو نه آهي.
(ڏھاڙي عوامي
آواز، ۱۳ ڊسمبر ۲۰۱۹ع)
تاجل بيوس
ھڪ مصور شاعر
ابراھيم لاشاري
سنڌ جو خوبصورت شاعر
۽ اديب تاجل بيوس جو پروفائل انتهائي منفرد آهي. هن ۲۲ سيپٽمبر ۱۹۳۸ع ڌاري محمد جعفر سمون جي گهر، ڳوٺ پير حيات
شاهه تعلقي سوڀيديرو ۾ جنم ورتو، اڃان ٻئي درجي ۾ ئي هو ته سندس والد وفات ڪري ويو
۽ والد جي وڇوڙي کانپوءِ ترت تعليم مان هٿ ڪڍي، ڪلهي تي لٺ کڻي مينهون چارڻ واري
ڪرت سان سلهاڙجي ويو. نيٺ سال ۱۹۴۹ع ڌاري پنهنجي ماءُ پناهه خاتون جي چوڻ تي ڌنار واري ڪرت
ڇڏي پڙهائي شروع ڪيائين ۽ پوسٽ گريجوئيٽ (اقتصاديات) سنڌ يونيورسٽي مان ڪيائين،
پوءِ ترت ٻاهرين ملڪن آمريڪا، جاپان، ٿائيلنڊ مان تعليم جا ڪافي ڪورس ڪري واپس ڏيهه
اچي پڙهائڻ واري ڪرت سان سلهاڙجي ويو.
تاجل بيوس مسلسل ۸ سالن تائين درس تدريس جي شعبي ۾ وڏي محنت سان پنهنجا فرض سر انجام ڏيندو
رهيو، سال ۱۹۶۸ع ڌاري هن هڪ نئين نوڪري ايڪسپورٽ پروموشن بيورو ۾ (اي سي او) جي عهدي انويسٽيگيٽر
تي ڪم ڪندو شروع ڪيو. اهڙي ريت، تاجل بيوس کي ان زماني ۾ گڏيل قومن پاران فيلوشپ ملي
۽ هو ٽوڪيو ويو جتان واپس اچي سال ۱۹۷۳ع ڌاري هن فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ناڻي
وزارت ۾ ڪارپوريٽ لا اٿارٽي جو اسسٽنٽ چيف بڻجي ويو. ايئن مختلف عهدن تي رهڻ بعد ۲۱ سيپٽمبر سال ۱۹۹۸ع تي رٽائرمينٽ ورتائين. تنهن بعد ڪجهه وقت لاءِ
شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ وي سي جو صلاحڪار رهيو، جڏهن ته سنڌي لئنگئيج اٿارٽي
جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر به رهيو.
سنڌ ڌرتي جي هن
خوبصورت شاعر کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته هن جي شاعري ڇپي گهٽ آهي ۽ ڳائي وڌيڪ وئي
آهي، همعصرن شاعرن منجهان شيخ اياز ۽ استاد بخاري کان پوءِ تاجل بيوس جو درجو ٽئين
نمبر تي پڻ آهي. کيس شاعري ڪرڻ جو شوق مال چاريندي ئي ٻاراڻي وهي ۾ ٿيو، شاعري جا گر
حڪيم استاد فقير الهندي جتوئي جي صحبت ۾ رهندي سکيا، تاجل بيوس علمي، ادبي، ثقافتي
ڪچهرين ۾ رهندي صوفياڻي شاعري ۽ عارفاڻا ڪلام ٻڌندي کيس، شاعري ڪرڻ جو شوق جاڳيو،
پوءِ ٿورڙي ئي عرصي شاعري جي افق تي تاجل “بيوس” جو نالو اڀري سامهون آيو. سندس شاعري
سنڌ جي ڪيترن ئي فنڪارن ڳائي آهي.
تاجل بيوس جي شاعري
۾ جديد توڙي قديم صنفن جا رنگ نروار آهن. هن شاعري جي سڀني صنفن ۾ پاڻ ملهايو، جهڙوڪ
وايون، بيت، قطعا، گيت، لوڪ گيت، ڪافيون، غزل، آزاد نظم ۽ نثري نظم وغيره. سنڌ جي
مهان شاعر شيخ اياز کيس مصور شاعر جي خطاب سان نوازيو هو.
تاجل بيوس ڀلوڙ
شاعر سان گڏ هڪ مڻيادار ماڻهو، بهترين انسان به هو. سنڌي اديبن ۽ شاعرن جي فهرست ۾
نالو سندس انتهائي احترام سان ورتو ويندو آهي. شاعري کانسواءِ هن نثر ۾ به پاڻ ملهايو.
سندس ادبي پورهي تي نظر وجهبي ته هن سنڌي ادب جي جهول ۾ ۴۴ کان به مٿي ڪتاب ڏنا آهن. سندس ادبي ۽
تخليقي پورهئي مان ۳۴ ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ پهتا آهن. تاجل بيوس سنڌي زبان کانسواءِ اردو ۽ انگريزي
زبان ۾ پڻ لکيو آهي. کيس شهرت جي آسمان تي پهچائڻ جو وڏو سبب هڪ لکيل گيت “سنڌ
منهنجي امان، سونهن تنهنجي مٿان ڇا لکي ڇا لکان” آهي، جيڪو ڪلاسيڪل فنڪاره عابده پروين
ڳايو آهي.
سندس شاعري جو پهريون
مجموعو “جڏهن ڀونءِ بڻي” سال ۱۹۸۲ع ڌاري ڇپجي پڌرو ٿيو. ان کانسواءِ سندس اردو شاعري جو
مجموعو “انداز بيان اور “ به ڇپيل آهي. ان ڪتاب جو مهاڳ اردو زبان جي بهترين شاعر ۽
ادب جو پارکو محسن ڀوپالي لکيو آهي. ان کانسواءِ انبن جهليو ٻور (شاعري)، سرجيندڙ
ساڻيهه جا (شاعري)، ڪنڌيءَ ڪنئور ترن (شاعري)، ڪنڌيءَ اڪ ڦلاريا (شاعري)، تاجل جو
رسالو (شاعري)، سرخ گلابون ڪي موسم (شاعري)، ڏوريان ڏوريان م لهان (۹ شعري مجموعا گڏ)، تنهنجا نيڻ غزل (هڪ سئو غزل)،
چپ انجيل جي حاشين جهڙا (هڪ سئو غزل)، ڪاڇي مٿان ڪونج (نثري نظم)، ڏور به اوڏا سپرين
(سفرنامو)، آريجن کان الهاس نگر، پکي ساڳئي پار جا، سون سريکا چارسن، صحرا ستر جن،
ڏک سکن جي سونهن، سج چنڊ ڪتيون تارا ۽ ان کان سواءِ هڪ ڪتاب انگريزي شاعري جي مختصر
تاريخ نالي به ڇپيل اٿس.
پنهنجي ادبي پورهي عيوض
کان مٿي مڃتا طور ايوارڊن سان نوازيو ويندڙ سنڌ جو هي حساس ۽ ڪومل طبيعت جو شاعر ۴ ڊسمبر جي تي فالج جي حملي ۾ سخت بيمار ٿي پيو
۽ ۱۳ ڊسمبر ۲۰۰۸ع تي دماغ جي رڳ ڦاٽڻ سبب ۷۰ سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. تاجل بيوس جو آخري آرامگاهه
ڪراچي جي چوڪنڊي مقام ۾ آهي. اڄ سندس ۱۱ ورسي ملهائي پئي وڃي. هتي تاجل بيوس کي اسين سندس ئي
سٽن جي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا.
سنڌ منهنجي امان. سونهن
تنهنجي مٿان
ڇا لکي ڇا لکان، ڇا
لکي ڇا لکان
هڪ قلم هڪڙو مان، ڪيئن
پورو پوان
ڇا لکي ڇا لکان، ڇا
لکي ڇا لکان
تاجل بيوس
بحيثيت شاعر
۱۳ ڊسمبر ۲۰۲۰ع
خيرپور جي ڪچي ۾ ڳوٺ
پير حيات شاهه ۾ تاج محمد سمون ۲۲ سيپٽمبر ۱۹۳۸ع ۾ جنم ورتو. ڪنهن کي به اها خبر نه هئي ته
هي ننڍڙو ٻار وڏو ٿي تاجل بيوس بڻبو ۽ سندس ڪلام؛ “سنڌ منهنجي امان! سونهن تنهنجيءِ
مٿان، ڇا لکي ڇا لکان!” سندس سڃاڻ بڻجي ويندو. سندس والد مرحوم محمد جعفر ڪو وڏو ماڻهو
ته ڪونه هو پر ان باوجود هن پنهنجي پٽ کي سٺي تعليم ڏياري. تاجل بيوس ايم اي ته
معاشيات ۾ ڪئي، پر هن جي اندر ۾ ننڍپڻ کان وٺي هڪ ڏات ڌڻي لڪل هو، جيڪو گيت تخليق ڪندو
رهندو هو. اهو ئي سبب هو جو تاج محمد ادب جي دنيا ۾ تاجل بيوس ٿيڻ کي پسند ڪيو. سندس
سنڌ لاءِ ڳايل شاعري جيڪا سنڌ جي تراني طور ڳائي ويندي آهي.سنڌ منهنجي امان! سونهن
تنهنجيءِ مٿان، ڇا لکي ڇا لکان يا ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت تي چيل تون ته ملندو
رهندين خوابن ۾، ڪو ڪيئن ٿو چوي، ڪو ڪيئن ٿو چوي. يا وري”منهنجي لاءِ مارو هو رنا ڪيئن
نه هوندا، پَلوَ پاند تن جا، دامن تنين جا يار ڀنا ڪيئن نه هوندا” جهڙا لازوال ڪلام
تخليق ڪيا. تاجل بيوس جي وڏي ڳالهه اها آهي ته هن سنڌ جي وستين، واهڻن، ڪوهستان، ٿر،
بر، ڪاڇي، اتر، سري، وچولي، ڪچي ۾ رهندڙن جي درد کي ئي نه ڏٺو، پر هو جڏهن ۷۰ع واري ڏهاڪي ۾ ڪراچيءِ ۾ لڏي آيو ته هن ڪراچي
جي ڀوائتي صورتحال تي به قلم کي وهايو
ڪراچي کي ڪير؟ واڳن
جيئن ويڙهي ويا
وجهي وات وڻن ۾، چمڙن
جيئن چوڦير
گهاتو، پڄو گهير، ٿيا
سڏ ساڻيهه جا
سنڌ جي سونهن کي ڳائن
جو سندس انداز سندس ڪلام
جتي ليار پيرون پٽن
تي پچن ٿا
اتان منهنجا مارو،
ميارون مڪن ٿا
مان چٽو پيو نظر
اچي
جيتوڻيڪ هو وڏن سرڪاري
عهدن رجسٽرار آف ڪمپنيز ۽ ناڻي کاتي ۾ وفاقي جوائنٽ سيڪريٽريءِ جهڙن اهم عهدن تي
به رهيو، پر پوءِ به اهي نوڪريون کيس “بيوروڪريٽڪ ڪلچر” جو حصو بڻائي نه سگهيون ۽ سندس
سڄي زندگي شاعراڻي سادگيءِ ۾ گذري. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جو هڪ
سال تائين صلاحڪار پڻ رهيو. معيشت جي ماهر هجڻ ڪري تاجل بيوس هڪ اسٽاڪ ڪميشن جو چيف
ايگزيڪيوٽو به رهي چڪو، پر ان باوجود هن سنڌي ادب، خاص ڪري شاعري ڪرڻ، ڪتاب ڇپرائڻ،
پروگرامن ۾ وڃڻ واري ڪرت جاري رکي. تاجل سنڌيءِ سان گڏ اردو حلقي ۾ مشهور هيو. پاڻ
شاعريءِ سان گڏ نثر ۾ به بهترين ڪم ڪيو اٿن.تاجل بيوس سنڌي ادب سان گڏ اردو ادب تي
به ڪم ڪيو. تاجل بيوس رڳو سنڌ نه پر هند ۾ رهندڙ سنڌي ڪميونٽي ۽ اديبن ۾ چڱي سڃاڻپ
رکندڙ هو، جنهن ڪري هندستان جي سنڌي اديبن کيس ڪيترن ئي اهم ايوارڊن سان پڻ نوازيو.
کيس ۱۹۹۶ع ۾ نارائڻ شيام گولڊ ميڊل مليو. سنڌي ادبي سڀا پاران کيس فرسٽ ڪلاس ايوارڊ،
پروفيسر رام پنجواڻي گولڊ ميڊل کانسواءِ ۲۹ سيپٽمبر ۲۰۰۱ع ۾ کيس ڀارت ۾ مارئي ايوارڊ دهلي پڻ ڏنو ويو.
تاجل بيوس لڳ ڀڳ ۱۲ اهم ايوارڊ، گولڊ ميڊل حاصل ڪيا. ايتري قدر جو کيس سهيوگ فائونڊيشن ممبئي
وارن ۱۹۹۹ع ٻيو ڀيرو نارائڻ شيام ايوارڊ ڏنو.تاجل بيوس، سنڌي شاعري جي سڀني صنفن تي
طبغ آزمائي ڪئي آهي جن ۾ سندس گهڻو ڪم وائي ۽ ڪافي وارو آهي. تترن جون ٻوليون، بانسري
جي دل موهيندڙ آواز، عورت جي مظلومي، غلامي، ارتقا، انتظار، ڪارونجهر جي ڪور کان وٺي
هن هر موضوع تي بيت، گيت، غزل ۽ نثري نظم، چئو سٽا، ٽه سٽا ۽ طويل نظم گهڻو مشهور آهن.
جيتوڻيڪ هن جي اها معصوم خواهش رهي، ته سنڌ ۾ کيس اياز کان پوءِ سڀ کان وڏو شاعر تسليم
ڪيو وڃي، جنهن جي رد عمل ۾ مٿس تنقيد به ٿي ته کيس حد کان وڌيڪ نظر انداز به ڪيو ويو،
پر ان کان ڪنهن به ريت انڪار ممڪن نه آهي ته هو اياز کان پوءِ ڳڻجندڙ شاعرن جي
مالها جو هڪ نظر ايندڙ ۽ محسوس ٿيندڙ گُل آهي. مان نثري نظم جو کيس اياز کان به وڏو
شاعر تسليم ڪندو آهيان.تاجل بيوس پنهنجي تخليق ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو پوئلڳ رهيو.
اهو سبب هو، جو تاجل بيوس آخري ايامن ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جيان پنهنجو
“تاجل جو رسالو” پڻ لکي مارڪيٽ ۾ آندو. تنقيد ته هر اديب تي ٿيندي رهندي آهي ۽ تاجل
بيوس به ان تنقيد جو ٿورو گهڻو ضرور نشانو بڻيو، پر هن ۾ اها مايوسي نه هئي، جيڪا اڪثر
ڪري تخليقڪارن کي مايوس ڪري ڇڏيندي آهي. ڪراچي ۾ زندگي جو وڏو عرصو گذاريندڙ تاجل
بيوس “تاجل جو رسالو” پنهنجي پيءِ، ماءِ ۽ ان گهر واريءِ نالي ڪيو، جنهن کي هو مٺڻ
سڏيندو هو.۴ ڊسمبر ۲۰۰۸ تي نصير سومرو جي ڪتاب “جل تي ڪنول جيئن “ جي مهورتي
تقريب اڪيڊمي آف ادبيات ڪراچيءَ جي آفيس ۾ ٿي رهي هئي. شام جو ساڍي چئين بجي تاجل
کي تقرير لاءِ سڏيو ويو ۽ تاجل پنهنجي کيسي مان لکيل ڪاغذ ڪڍي ڳالهائڻ شروع ڪيو ته
بجلي هلي وئي ۽ تاجل موبائل جي ٽارچ جي روشنيءَ ۾ پنهنجي تقرير پڙهي پوري ڪئي ته کيس
مٿي ۾ سور پئجي ويو ۽ هو اتي ئي بيهوش ٿي ويو. جتان کيس جناح اسپتال نيو ويو ٻن ڏينهن
کانپوءِ ٻڌايو ويو ته کيس فالج جو حملو ٿيو آهي پوءِ کيس اتان لياقت اسپتال نيو ويو
پر تاجل ٻيهر هوش ۾ ڪونه آيو ۽ ۱۳ ڊسمبر تي پاڻ اسان کان موڪلائي ويو. تاجل
بيوس چوڪنڊيءِ جي ان تاريخي قبرستان ۾ آرامي ٿيو، جنهن ۾ دفن ڪرڻ جي به هن پاڻ وصيت
ڪئي هئي.
(ڏھاڙي عوامي
آواز ڪراچي ۾، ۱۳ ڊسمبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)
تاجل بيوس
سنڌي ٻوليءَ جي جھولي ڀريندڙ شاعر
رضوان گل
جيئن هر گل جي الڳ الڳ خوشبو هجي ٿي تيئن هر انسان ۾ به
پنهنجو پنهنجو سڳنڌ هوندو آهي، سنڌ جي زرخيز مٽيءَ تي ڪيترائي اهڙا مهَا پُرش
جنميا جن پيار، امن، ڀائيچاري ۽ محبت واري روَيي ۽ روشن سان ماڻهن جي دلين ۾ جايون
جوڙيون آهن، اهڙن پيارن، مانوارن ڏاهن ۽ ڏات ڌڻين ۾ تاجل بيوس جو شمار پڻ ٿئي ٿو
جنهن سموري ڄمار محبت، پيار، امن ۽ ايڪتا جا گيت لکيا.
تاجل بيوس جو اصل نالو تاج محمد سمون هو، جيڪو خيرپور جي
ڳوٺ پير حيات شاهه ۾ ۲۲ آڪٽوبر ۱۹۳۸ع تي محمد جعفر جي
گھر ۾ پيدا ٿيو. سندس تعلق غريب گھراڻي سان هو پر سندس والد کيس سٺي تعليم ڏياري،
تاجل بيوس ايم اي معاشيات ۾ ڪئي، پر سندس شوق ۽ ذوق شروع کان ئي ادب سان هو، کيس
ادبي ڪتابن پڙهڻ سان ڪافي دلچسپي هئي خاص طور شاعريءَ جا ڪتاب سندس ڪمزوري هئا،
شاعريءَ ۾ نالو تاجل تخلص ”بيوس“ استعمال ڪيائين، هو هڪ سنڌ پرست شاعر هو جنهن جي
هر سٽَ ڌرتيءَ سان محبت ۽ عقيدت ۾ ٽمٽار هئي، سنڌ جي مختلف علائقن جي ٻولي ۽
استعارا سندس شاعريءَ ۾ تمام خوبصورتيءَ سان استعمال ٿيل آهن. سنڌ جي ڪيترن ئي گلوڪارن
سندس شاعري ڳائي آهي، جڏهن عابده پروين سندس سٽون آلاپي ٿي ته منَ ۾ جل ترنگ وڄڻ لڳن
ٿا پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت جي حوالي سان لکيل سندس هي سٽون ڏسو:
سنڌ منهنجي امان، سونهن تنهنجي مٿان،
ڇا لکي ڇا لکان.
هڪ قلم هڪڙو مان ، ڪيئن پورو پوان،
ڇا لکي ڇا لکان.
تاجل بيوس ٻهراڙي جي ماحول ۾ به رهيو هو پاڪستان جي گادي
واري شهر اسلام آباد ۾ به رهيو، ته سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ جي شهري ماحول
۾ پڻ، ۱۹۷۰ع واري ڏهاڪي ۾ هو مستقل طور ڪراچي لڏي آيو جتي کيس ڪراچيءَ
جي صورت حال ڏسي پريشاني به ٿي جو اهو دؤر ڪراچيءَ جي حالتن خراب ٿيڻ وارو ابتدائي
دور هو، هن ڪراچيءَ جي اهڙين حالتن جي حوالي سان به ڪيتريون ئي سٽون لکيون جيڪي ڪراچيءَ
۾ ٿيندڙ ظلمن، زيادتين ۽ ناانصافين جي منظوم تاريخ پڻ آهن، شاعر وٽ مختلف ڪيفيتون ٿين
ٿيون جن جو اظهار هو مختلف وقتن تي ڪندو رهي ٿو، جڏهن تاجل بيوس پنهنجي ڌرتيءَ
واسين کي ڌڪا کائيندي ۽ ڌارين جي داداگيرين کي پنهنجي اکين سان ڏسي ٿو ته سندس منَ
اندر ۾ هن قسم جا جذبا جنم وٺن ٿا:
ڪراچي کي ڪير؟ واڳن جيئن ويڙهي ويا،
وجهي وات وڻن ۾، چمڙن جيئن چوڦير،
گهاتو، پڄو گهير، ٿيا سڏ ساڻيهه جا.
شاعر جھڙيءَ ريت ڪوري ڪاڳر تي پنهنجي دور جي تاريخ پينٽ ڪن
ٿا سا ايندڙ نسلن لاءِ سچ جي سج وانگر هجي ٿي، سرڪاري ۽ درٻاري تاريخن کان بلڪل
مختلف هوندي آهي ڪنهن به شاعر يا ڪهاڻيڪار جي ڪابه لکڻي! ڇا لاءِ ته ڪوبه سچو قلم ڪار
هميشه پنهنجي ضمير جو آواز ئي ٻڌندو آهي ۽ ان تي ئي آخر تائين اٽل رهندو آهي، دنيا
جي تاريخ ان ڳالهه جي شاهد آهي ته دنيا ۾ جيڪي به انقلاب آيا آهن انهن ۾ شاعرن ۽
اديبن جو تمام وڏو ۽ اهم ڪردار رهيو آهي. تاجل بيوس به اهڙو ئي ڪردار نڀايو جنهن
سان کيس سڃاڻپ جوحوالو مليو، اهڙو حوالو جنهن سان هو صدين تائين جيئندو رهندو.
تاجل بيوس جي شاعريءَ جي اها خوبي هئي جو هن ڌرتيءَ جي
سونهن ۽ نظارن کان ويندي آسمان تي اڏامندڙ رنگ برنگي پکين تائين سڀني تي قلم کنيو
آهي، کيس لايون، لڻيون، پپر، ٻاٻيها، ٿوهر، ڪنڊا، گل، گؤنچ ۽ ڏُڌَ مکڻ به نظر آيا
آهن ته سنڌ جي فصلن کان سواءِ گاهه ۽ ٿر جي ريگستان کان ويندي جابلو سلسلا پڻ، جن
کي هن پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻايو آهي ڇاڪاڻ ته هو سنڌ جي چپي چپي سان پيار ڪندڙ
ڪوي آهي، سندس شاعريءَ جي خاص خوبين ۾ ٺيٺ سنڌيءَ جي تشبيهن جو خوبصورت استعمال پڻ
آهي هن پنهنجي شاعريءَ ۾ اهڙيون تشبيهون به استعمال ڪيون آهن جيڪي اسانجي ٻهراڙين
مان به هاڻي ختم ٿي چڪيون آهن يا موجوده ٽهيءَ جي نوجوانن کي انهن بابت ڪا سُڌ
ناهي رهي، انهيءَ حوالي سان هن سنڌي ٻوليءَ جي جھولي ان ريت پڻ ڀري آهي. تاجل جي
پسند جون صنفون وائي ۽ ڪافي رهيون آهن پر مجموعي طور هن هر صنف ۾ پاڻ ملهايو آهي.
جيتوڻيڪ تاجل ڪافي وقت ڪراچيءَ ۾ رهيو پر سندس ڳالهائڻ جو لهجو ٺيٺ سنڌي ڳوٺاڻي ٻوليءَ
جون سڪون لاهيندڙ هو، هن جي دوستيءَ جو حلقو نه فقط سنڌي پر اردو اديبن سان پڻ رهيو،
ڪراچي ۾ رهندي هن ڪيترائي اردو ڳالهائيندڙ سٺا دوست ٺاهي ورتا جن سان هو اڪثر ڪچهريون
به ڪندو هو، اردو ادب ۾ به ڪم ڪيائين، هندستان جي سنڌي اديبن سان سندس گھري
وابستگي رهي خاص طور حياتيءَ جي پڇاڙڪن سالن ۾ جو هو ان کان اڳ هندستان جو دورو به
ڪري آيو هو، اتي کيس ڪيترائي پنهنجا پراڻا دوست يار به مليا جيڪي ورهاڱي بعد هتان
لڏي ويا هئا، هندستان جي اديبن سان سندس خط
۽ ڪتابت آخري وقت تائين مسلسل جاري رهي، کيس هندوستان مان ڪيترا ئي ادبي
ايوارڊ پڻ مليا، جن ۾: ۱۹۹۶ع ۾ نارائڻ شيام گولڊ ميڊل (ٻه ڀيرا)، سنڌي ادبي
سڀا پاران فرسٽ ڪلاس ايوارڊ، پروفيسر رام پنجواڻي گولڊ ميڊل ۽ ۲۰۰۱ع ۾ مارئي ايوارڊ
شامل آهن. ان کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي انعام ۽ ايوارڊ کيس مختلف سرڪاري ۽ غير سرڪاري
ادارن ۽ تنظيمن پاران ڏنا ويا.
تاجل ڀٽائي جو پوئلڳ هو کيس حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي
سان بيحد عقيدت هئي، شاهه جو رسالو سندس پسنديده ڪتابن مان هڪ هو جنهن کي هو سيني
۾ سانڍيندو رهيو، جڏهن هن پنهنجي ڪلام جي ڪليات جو نالو ”تاجل بيوس جو رسالو“ رکيو
۽ ان کي ڇپرائي مارڪيٽ ۾ آندو ته کيس ادبي حلقن مان تنقيدي رايا به ٻڌڻ لاءِ مليا
پر هو ڪڏهن به مايوس نه ٿيو جو هُن سڄي حياتي اهو ئي ڪيو هو جيڪو سندس مَن چيو، دل
جي ڳالهه کي هن هر راءِ کان وڌيڪ اهميت ڏني. تاجل هندستان کان واپس ٿي سفرنامو به
لکيو جنهن ۾ هن پنهنجي زندگيءَ جون ڪيتريون ئي يادگيريون سهيڙيون، پاڻ سنڌ جي ٻرندڙ
مسئلن تي تيز ۽ ترش ڪالم به لکندو رهيو، سنڌ جي سهڻي شاعر شمشيرالحيدري سندس وڇوڙي
بعد سندس ياد ۾ منعقد ٿيل هڪ تقريب ۾ کيس ياد ڪندي چيو هو ته: ”تاجل جو وڇوڙو
هونئن ته سڄي سنڌ جو نقصان ۽ سڀني سنڌ واسين جو گڏيل ڏک آهي پر مونکي سندس وڇوڙي
جو احساس ان ڪري به اڃا وڌيڪ ٿئي ٿو جو هو منهنجو نه فقط دوست ۽ ساٿي هو پر ذاتي
طور مٽي مائٽي جو حوالي سان به اسان پاڻ ۾ تمام ويجها هئا سين، ڏک ان ڳالهه جو به
آهي ته هن جو وڃڻ ڪُه مَهلو هو جو هن هٿ ۾ ڪجهه اهڙا ڪم کنيا هئا جيڪي اڃا اڌ ۾
هئا، سندس چاليهارو کن ڪتاب رِٿيل هئا جن مان ڪجهه ته ڇپيا پر ٻيا اڃا رهيل آهن
اهو ڪم جيڪر مڪمل ٿي پوي ها ته سنڌي ٻوليءَ جو ڀلو ٿي پوي ها“.
تاجل بيوس سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو هڪ تسلسل به هو جو
سندس شاعريءَ جي ٻولي ۽ لفظن جي خوبصورتي جيڪڏهن جديد شاعرن ۾ ڳولهجي ٿي ته ورلي
ئي ملي ٿي، سندس ڊڪشن پنهنجي الڳ سڃاڻپ جو اهم حوالو هو. سنڌيت سندس لفظ لفظ ۾
تسبيح جي داڻن جيان پويل هئي. 4 ڊسمبر تي مٿس فالج جو حملو ٿيو جنهن کان پوءِ هو ڪوما
۾ هليو ويو ۽ آخرڪار انهيءَ حملي ۱۳ ڊسمبر ۲۰۰۸ع تي هي پيارو ماڻهو
اسان کان هميشه لاءِ کسي ورتو، جنهن جون اڄ به سنڌ جي جھر جھنگ ۾ ڪيتريون ئي سٽون
گونجي رهيون آهن، هو پنهنجي وصيت مطابق چوڪنڊي جي تاريخي مقام ۾ آرامي آهي.
نٿو نبري نينهن
جوڳي منهنجا جوءِ مٽي ويا
ويا اهڙي ملڪ،
جتي رات نه ڏينهن
جوڳي منهنجا جوءِ مٽي ويا.
تاجل بيوس
محبوب! وري
تنهنجي ياد جا ڏينهن وري آيا
رکيل مورائي
وري اتر واءُ وريو، وري سياري جي مند موٽي، وري ڊسمبر
آيو، وري سورن جي مند سنڌ لاءِ شروع ٿي، وري اسان کي پنهنجا پرين پيارا ياد پيا،
جيڪي ويا ته وري نه وريا. جيڪڏهن وري ته فقط سندن ياد ئي وري، جنهن وري جيءَ کي
جهير ڏيڻ شروع ڪيا آهن. هيءُ ڊسمبر جو مهينو ئي آهي، جنهن ۾ جهانُ سال جا ليکا
چوکا لاهي، سڄي سال جو پوتا ميل ٺاهيندو آهي ۽ اسين شاعر اديب به پنهنجي سالن جي
ليکن چوکن کان آجا ٿي نٿا سگهون، گهٽ ۾گهٽ هن ڊسمبر تائين سنڌ ڪيترا سور سٺا آهن.
انهن جو انگ هروڀرو ڳڻائڻ ضروري ڪونهي، پر اسان کان اهو ڪڏهن به ڪو نه وسرندو ته ڊسمبر
ئي اسان کان شيخ اياز کسيو، بينظير ڀٽو کسي ۽ تاجل بيوس کسيو، ان ڪري جڏهن به ڊسمبرايندو
آهي ته اسان ڪنهن امڪاني ڏک ۾ وٺجي ويندا آهيون ۽ هاڻ ته شايد ڏکن تي ايترو هري
ويا آهيون، خوشيءَ جو احساس ماڻڻ کان به لاچاري ڏيکارڻ لڳا آهيون، ڄڻ چوندا هجون
ته
سکن واري سڌ، متان ڪامون سين ڪري.
اهو به اڀاڳو ڏينهن ڊسمبر جو ئي هئو، جڏهن ڪراچيءَ کان اڍائي
سئُه ميل ڏور، صبح سوير جنهن موبائيل جي ميسيج ننڊ مان ڇرڪ ڀرائي اٿاريو هئو، اهو
ميسيج شايد باقي حياتي مون کان نه وسري سگهي. ميسيج ته اڀاڳو ضرور هو پر ان دوست
جو به آءُ سڄي حياتي احسان مند رهندس، جنهن مون کي ميسيج ڪري، مون کي آخري ڀيرو
پنهنجي محبوب دوست ۽ شاعر جو آخري ديدار ڪرڻ جو اطلاع ڏنو هئو ۽ ائين آئون سج اڀرئي
کان اڳ اتان نڪتو هوس ۽ قسم سان چوان ٿو ته سفر جو سمورو وقت مون پنهنجي اکين سان ٻيو
ڪجهه ڏسڻ نٿي چاهيو، فقط پنهنجي محبوب دوست ۽ شاعر تاجل بيوس جو آخري ڀيرو چهرو ڏسڻ
ٿي چاهيو، جنهن لاءِ شايد مون وٽ ڀٽائيءَ جو اهو تاثر هئو ته
نيرا نائي نيڻ، نيئي آڇ پريئَن کي
ستر کاڌا اکيڻ، جي ڏٺو منهن محبوب جو،
هن گهڙيءَ ته مون لاءِ اهو سوال به هئو ته اهو چهرو، جيڪو
چهرو وري زندگيءَ ۾ ڏسي نه سگهندس. ان کي ڏسڻ لاءِ هيءُ ڪجهه ڪلاڪ ئي آهن ۽ انهن
کانپوءِ هڪ ڊگهو وڇوڙو، ايستائين جيستائين انسان هن حياتيءَ جي قيد کان آزاد ٿئي ۽
ان کانپوءِ به
نه ڄاڻان ٻيهار، ڪير ملندو ڪنهن سان؟
۽ ائين آءُ ڊگهو سفر ڪاٽي پنهنجي گهر پهتو هوس ۽ اتان پنهنجي ٻارڙن
سان گڏ ان وقت سندس گهر پهتو هوس، جڏهن هو به پنهنجي آخري سفر لاءِ پنهنجي گهران نڪري
چڪو هو. ان وقت مون کي محسوس ٿيو هو، منهنجو پيءُ شايد ٻيو ڀيرو مون کي يتيم ڪري
رهيو آهي، منهنجو دوست ڄڻ مون کي پنهنجي دوستيءَ کان لاتعلق ڪري رهيو آهي، منهنجو
محبوب ڄڻ منهنجي اڻ مئي پيار ڪرڻ جي سزا ڏيئي رهيو آهي، منهنجو ڀاءُ ڄڻ مون کي
پنهنجو ننڍ ڀاءُ مڃڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي ۽ اهي رشتا هن مون سان ڪراچيءَ جي ۲۳ سالن جي زندگيءَ ۾
نڀايا ۽ ائين نڀايا جيئن نڀائبا آهن. هو خوش ٿيو، رنج ٿيو، ڪاوڙيو، پيار ڪيائين پر
انهن سڀني رشتن پويان هن کي اهو احساس رهيو ته هي منهنجا پنهنجا آهن، ساڻس آخري
سفر ۾ گڏ هوندي ڪيئي روح رهاڻيون ٿيون. جيڪي لکي به سگهجن ٿيون ۽ نه به لکي سگهجن ٿيون.
جيڪي لکي سگهجن ٿيون انهن لاءِ هي صفحا گهٽ آهن ۽ جيڪي نٿيون لکي سگهجن، انهن کي
سيني ۾ سانڍي، پهرئين پيار جيان زندگيءَ ۾ انهن سان ڪيئي اورون، اوري سگهجن ٿيون،
اڄ سندس ياد کي تازو ڪرڻ لاءِ وري هڪ نئين ڏک جي سامهون ٿيڻو پيو آهي، شايد ڀٽائيءَ
تڏهن ئي چيو هو ته:
ڏيکاريس ڏکن، گوندر گس پريئَن جو.
ڏک جيڪو هن جي ڪيترن ئي دوستن کي آهي، ڪيترن ئي چاهيندڙن
کي آهي، سندس گهروارن کي آهي، سندس نياڻين کي آهي، جن سان هو پٽن کان وڌيڪ پيار ڪندو
هو ۽ انهن کي هڪ نج سنڌيءَ جيان سڀاڳ جي علامت سمجهندو هو. سندس وني (جنهن کي هو ستن
ڌيئرن ۽ پنهنجن پٽن جي ماءُ سڏيندو هو) جنهن کي اڻ مئي آدر سان، مان شان سان پاڻ
سان رکيائين، مون کي ڪڏهن ڪڏهن گمان ٿيندو آهي ته اهو سچ آهي ته مرد کي ٺاهڻ ۾
عورت جو هٿ وڌيڪ هوندو آهي، تاجل سائينءَ کي شاعر بڻائڻ ۾ ڀلي ٻين شخصن جو هٿ هجي
پر هن کي سٺي شخص ۽ ڪامياب شخص بڻائڻ ۾ امان مٺڻ خاتونءَ جو هٿ ئي هئو ۽ مان ساڻن
ويجهڙائيءَ جي بنياد تي چئي سگهان ٿو ته هُن جي ڪيفيت آخر تائين پروين شاڪر جي هن
شعر وانگر رهي،
وو جهان بهي لوٽا تو ميري پاس آيا،
يه هي تو بات هي اڇي ميري هرجائي ڪي
هن ڪيترائي عشق ڪيا هوندا پر هن پنهنجي ونيءَ جو مان مٿاهون
رکيو، هن ڳوٺاڻي، شهر جي مصنوعي سونهن ڏسي، سيڻ نه مٽايا، هن ڪائنات جو سفر گهر جي
اڱڻ مان شروع ڪيو ۽ پنهنجي گهر جي اڱڻ ۾ ئي ختم ڪيو ۽ ائين پنهنجي گهر کي هڪ مقدس
پڻي جي سند ڏئي ويو، فرق رڳو اهو هئو، جو هن جنهن گهر مان سفر شروع ڪيو هئو، اهو هڪ
جهوپڙيءَ نما پير حيات شاهه جو ڳوٺاڻو گهر هئو ۽ جتي سفر پورو ڪيائين، اهو هن ملڪ
جي هڪ وڏي شهر جو، وڏو گهر هئو ۽ وچ ۾ هئو، هن جو سفر! جنهن کيس ڪٿي کان ڪٿي کان پڄايو.
اڄُ دنيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين، جتي سنڌي ماڻهون رهي ٿو، اتي ”تاجل بيوس“
نالو اوپرو نه لڳندو. ان کان وڌيڪ هن جهان ۾ ماڻهون ڪيترو ڌنُ ڪمائي سگهن ٿو؟
۽ تاجل منهنجا محبوب! تو ايترو ۽ اهڙو ڌن ڪمايو، جنهن لاءِ اسان جي
مرشد ڀٽائي چيو هئو ته:
سئُه سرن پائي، جي تند برابر توريان،
ته اٽل اوڏاهين ٿئي، جيڏانهن ٻيجل ٻرائي
سکڻو هڏ آهي، سِر ۾ سڄڻ ناهي ڪين.
تاجل بيوس جي وفات ۱۳ ڊسمبر ۲۰۰۸ع ۾ ٿي.
تاجل بيوس ۽ قرب ڀريون ڪچهريون
رزاق سھتو
سال ۱۹۹۱ع ڌاري آصف اسڪوائر ايڪسٽيشن
سهراب ڳوٺ ڪراچي مان لڏي معمار ڪامپليڪس جي فليٽ نمبر پي ٽو آبلڪ ٿري ۾ گھروارن
سميت اچي بسيرو ڪيو. رمضان نول کان پري ٿي پيس ڇو ته هو به آصف ايڪسٽينشن ۾ رهندو
هئو. پر شام جو ڏيهاڙي رمضان پنڌ ڪري جيڪو ڏيڍ ڪلوميٽر تي محيط هو. ملڻ ايندو هئو ڪراچيء
جي رهواسين جي اڪثريت شام جو سمنڊ ڪناري يا ڪنهن ٻي جاءِ تي محبوبن سان ڪچهري ڪندا
آهن۔ مان وري رمضان سان ڪراچيءَ جون اڪثر شامون گذاري ڇڏيون. سندس لاءِ واڪ ضروري
هئي جوشگر جي سوغات مليل هئس. بلڊ پريشر گريبيءَ ۾ مليو هئس. رمضان جي ڪيهر شوڪت
سان ڏاڍي لڳندي هئي. منهنجو فليٽ ٻي ماڙيءَ تي هوندو هئو. رمضان مٿي ڪڏهن چڙهي
ايندو هئو يا وري هيٺان ئي ڳوٺاڻن وانگر سڏ ڪندو هئو. “هوـــ رزاق” سندس اهو انداز
ڏاڍو وڻندو هئو. ائين لڳندو هئو اباڻي ڳوٺ ۾ پيو رهان گھٽيءَ منجھان ڪوئي ڳوٺائي
نالو کڻي پيو سڏ ڪري. مان ٻي ماڙجي گيلريءَ ۾ بيهي کيس ديدار ڪرائيندو هيس ته
خاموش ٿي ويندو هئو. هڪ ڀيري سڏ ڪيائين ته جيئن ئي گيلريءَ ۾ بيٺس ته رمضان سان گڏ
هڪ ٻيو همراهه به نظر آيو. هيٺ لٿس ملاقات ٿي. تعارف ٿيو ته خبر پئي ڪيهر شوڪت
آهي. گڏجي هلياسين. چيم “ڪيڏانهن هلڻ جوارادو آهي.” چيائون؛ “انعام شيخ سان ڪچهري ڪرڻ
ٿا هلون.” چيم؛ “ڪٿي رهندو آهي؟” چيائون؛ “هنن ئي فلينٽن ۾ گرائونڊ فلور تي گيٽ جي
ڀرسان ئي سندس فليٽ آهي.”
ڪيهر جي شخصيت وڻي. سهڻي هاٺي،
وڏيون مڇون ۽ وار جنهن جي ڪهاڻين کي رسالن ۾ پڙهبو هئو۔ سو گڏ پئي هليو. انعام شيخ
جي باري ۾ نه ڪڏهن پڙهيو هئو. نڪي ملاقات هئي. سندس ڪالم ۽ مضمون ترجمان اخبارن
رسالن ۾ پڙهيا هئا. انعام جي فليٽ تي آياسين. دروازو ناڪ ڪيوسين ته انعام نڪري
آيو. اندر وڃي صوفن تي ويٺاسين. ڪيهر، انعام پڪا دوست هئا. ڪچهري شروع ٿي. تن ڏينهن
يعني نوي جي ڏھاڪي ۾ سي اين اين جي ٽي وي تي نشريات هلڻ شروع ٿي هئي. انعام بيٺي
پير ڌيان سان ڏسي رهيو هئو ۽ هر هر ڪچن يعني رڌڻي ۾ وڃي رهيو هئو. اڪيلو رهيو پيو
هئو. سندس فيملي لاڙڪاڻي ويل هئي۔ سو کائڻ لاءِ ڪا شيءِ پچائي رهيو هو. ڪيهر ۽
انعام پاڻ ۾ نالن کڻڻ کانسواءِ پئي ڳالهايو ته انعام چيو پئي؛ “يار بروهي صاحب ڦاسائي
ڇڏيو. کيس ڪير سمجھائي ته هن وٽ نوڪري ڪرڻ سان منهنجا مخالف ڪجھ به ڪري سگھن ٿا.
علي احمد بروهي سان انڪار به نٿو ڪري سگھان. کيس ڪئين انڪار ڪيان. اهي جيڪي هچائون
آهن. انهن کي سڌ پئي ته منهنجون ٻئي نوڪريون چٽ ڪرائي ڇڏيندا.”
مون گھڻي دير کان سندس ڳالهيون
پئي ٻڌيون. ڪجھ پروڙيم سو اوهان جي گوش گذار ڪيان ٿو. انعام شيخ کي علي احمد بروهي
شيخ سلطان ٽرسٽ ۾ نوڪري ڏني هئي، جڏهن ته پاڻ اڳ ئي سرڪاري نوڪري ڪندڙ هو. کيس خوف
هئو ته سندس مخالف جن کي هچائون ڪري پئي سڏيائين، انهن کي خبر پوندي ته مشڪل پيدا ٿي
پوندي. سي هچائون ڪير هئا؟ سا نڪي رمضان کي خبر نڪي مونکي خبر هئي. اسان اکيون ڦاڙي
پئي ٻنهي کي ٻڌو. گھڻي بحث کانپوءِ انعام کي ڪيهر چيو ته؛ “پريشان نه ٿي. سڀاڻي
بروهي صاحب وٽ ويندس. کيس ڳالهه سمجھائيندس. تنهنجو مسئلو حل ٿي ويندو.”
انعام کيس چيو؛ “يار ائين ته ڪر
منهنجي جان ڇڏاءِ بروهي صاحب کي تون ئي مطمئن ڪري سگھين ٿو. مان ته کيس جواب نٿو ڏئي
سگھان. خير انعام رڌو پڪو ڪري ورتو. چيائين؛ “ماني ڪير ڪير کائيندا ته اوترا نان وٺي
اچان.” رمضان ۽ مون ته انڪار ڪيو. باقي ڪيهر ها ڪئي.
ماني به کاڌائون پئي ۽ وري وري
ساڳئي موضوع تي ڳالهائيندا رهيا. انعام سخت پريشان هئو، ايتري تائين جو مان نئون
آيو هئس حال احوال به ڪون ورتائين نڪي تعارف ٿيو. بس کيس هچائن جي ڳڻتي هئي.
انعام، ڪيهر، رمضان جي پاڻ ۾ اڳ ئي ملاقاتيون هيون. ماني کائڻ کانپوءِ چانهه جو
وارو آيو ته رمضان چيو؛ “انعام چانهه مان ٺاهيان ٿو.” ائين چئي رڌڻي ۾ هليو ويو.
رمضان رڌ پچاءُ ۾ ڀڙ هيو. رات جو مانيءَ جي ويلي تي ڇڙا رهندڙ سندس فليٽ تي رڳو ماني
کائڻ ايندا هئا. هي فقير ماڻهو دل ۾ ڪون ڪندو هئو. هر آيل ماڻهونءَ جي دل سان خدمت
ڪندو هئو.
ڪيهر مخاطب ٿيندي چيو؛ ”توهان ڪهاڻيون
لکندا آهيو. ڪٿي ڇپيون آهن.” چيم؛ “هلال پاڪستان جي ادبي صفحي ۾ ڇپيون آهن.”
چيائين؛ “ڪوشش ڪري ڪنهن رسالي ۾ ڪهاڻي ڇپائيندا ڪيو. اهو رڪارڊ تي رهي ٿو. اخبار
جي ته هڪ ڏينهن جي زندگي آهي.” تنهن دور ۾ تمام پيارو شخص شڪور نظاماڻي هلال پاڪستان
جو ادبي صفحو سنڀاليندو هئو. س ا س ڪراچي جي گڏجاڻين ۾ ايندو هئو. کيس گڏجاڻيءَ ۾
کوڙ مواد ملي ويندو هئو. رئوف نظاماڻي، شڪور نظاماڻي ۽ حسن منصور ٽئي ڀائر آهن.
حسن منصور ته ويجھڙائيءَ ۾ الله کي پيارو ٿي ويو. سندن خاندان ڪراچيءَ جو اصل رهاڪو
آهي. وري ڪيهر پڇيو ته؛ “ڪهڙا ڪهاڻيڪار پڙهيا اٿو.” کيس ٻڌايم ته چيائين؛ ملڪ آگاڻي
کي پڙهيو اٿو. چيم؛ “نه” زور ڀريائين ته هن کي ضرور پڙهو. سندس ناول نيرولي جو ڪن
جي گھڻي تعريف ڪيائين. ڪجھ مهينن کانپوءِ پڙهڻ لاءِ آڻي به ڏنو هئائين. پڙهيو هئم.
ضياءُ جي مارشلا جي پسمنظر ۾ لکيل هئو. رمضان چانهه ٺاهي کڻي آيو ته وري خاموشي ٿي
وئي. انعام ڳالهيون ٻڌيون پئي. تنهن چيو ته “پيارا سڀاڻي تاجل وٽ استاد بخاري پيو اچي.
صبح جو اچي وڃ جو ڪيهر کي چوڻ کانپوءَ رمضان کي چيائين پوءِ مونکي چيائين توهان به
اچجو.” ائين ڪچهري ختم ٿي. ٻاهر نڪتاسين ته پيارو رمضان اتان ئي گيٽ وٽان موڪلايو.
ڪيهر ۽ مان پنهنجي گھرن ڏانهن روانا ٿياسين.
ٻئي ڏينهن صبح جو انعام جي گھر
گڏ ٿياسين. اتان تاجل جي گھر روانا ٿياسين. مون کانسواءِ ٽئي همراهه تاجل جي گھر
ويندڙ هئا. منهنجي ملاقات تاجل سان ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ ٿيل هئي. پهريون ڀيرو
کيس جڏهن سلوار قميص جي جوڙي ۾ ويسڪيٽ پاتل کيسي ۾ ڳاڙهو رومال. مٿان پاسي تي سينڌ
نڪتل. گھاٽا وار، ڏاڍو وڻيو هئم. ان ڪري به گھڻو خوش هئم جو سندس نالو سوڀوديري ۾ ڏاڍو
ٻڌو هيم. سندس اباڻو ڳوٺ اتي ئي ڀرپاسي جي ڳوٺ حيات شاهه ۾ هئو. جتي پاڻ تعليم
حاصل ڪرڻ جي ڏينهن کي هيئن ياد ڪيو اٿائون.
“مان جڏهن اٺن سالن جي عمر جو
هئس ته هر روز اڍائي ميل پنڌ ڪري ڀروارن ڳوٺن، جي ٻارن سان گڏجي ڀونڀٽ پور پڙهڻ
ويندو هئس. ڀونڀٽ پور گمبٽ تعلقي ۾ انبن ڀرسان سڳين ۽ نواڙي جي اتر ۾ ڪچي جي کاٻي ڪلهي
تي جَھلي بند هيٺان هڪ پراڻو ڳوٺڙو آهي. محراب واهه تي ٻنڌ يا ڪاٺي نه هئڻ ڪري گوڏ
ڪلهي تي رکي. اسانکي واهه جي چيلهه تي ايندڙ پاڻيءَ مان لنگھڻو پوندو هو. اهو زمانو
۱۹۴۶ع وارو هئو.”
تاجل بيوس سيلف ميڊ ماڻهو هئو.
ننڍپڻ ۾ پيءُ جي فوت ٿيڻ کانپوءِ غربت جا ڏينهن گھاريائين. پڙهڻ ۾ هوشيار هئو. ساڻس
استاد الهندو مالي سهڪار ڪندو رهندو هئو. جنهن ڪري هو پڙهي سگھيو. سندس زندگيءَ جي
سڦلتا ۽ اعلي عهدي تي پهچڻ ۾ سندس ماءُ جي دعائن جي قبوليت هئي. نج ٻهراڙي جو ڪچي
۾ مينهون چاريندڙ تاج محمد سمون ڦري تاجل بيوس بڻجي سنڌي ادب ۽ ٻين ٻولين ۾ پنهنجو
نالو پيدا ڪيائين. مان اهي تاجل وارا پڊ ڏسي آيو آهيان. سوڀيديري ۾ اسان جا مائٽ
آهن۔ جتي ڪَتل ۽ انبن جي مند ۾ اتي وڃي مهينو کن رهندو هيس. مامو عرس جيڪو گھڻو پڙهيل
ته ڪو نه آهي پر شاعريءَ سان لڳاءُ هوندو هيس. منهنجي به دلچسپي هوندي هئي پوءِ
تاجل بابت ٻڌائيندو هئو ته جڏهن هتان لڏيون پئي ويو ته هي ڪلام لکيو هئائين جيڪو
ريڊيوپاڪستان تي به جام هلندو هئو.
ڇڏي شهر تنهجو مٺا اڄ وڃون ٿا.
هزارن ڏکن کان ڇٽا اڄ وڃون ٿا
ڪڏهن ڪون اچبو اوهان جي شهر ۾
نه ماکيءَ کي ڇڏبو ملائي زهر ۾
لکي شعر مٺڙا رٺا اڄ وڃون ٿا.
گھڻو ياد ڪو نه اٿم ان طرح جو ڪلام
هئو. وري اسان جي ڳوٺ منهنجي ڀيڻيويي محمدصالح جي دعوت تي سندس کاتي جو آفيسر
ايندو هئو. نجف علي مرزا وڏو قوم پرست ۽ سنڌ پرست هوندو هئو. ان دور ۾ اسان جي ڳوٺ
۾ بجلي ڪو نه ھوندي ھئي سو پاڻ سان گڏ ٽيپ رڪارڊر آڻيندو هئو ۽ سيل وجھرائي ايندو
هئو. پوءِ عابده پروين جي آواز ۾ تاجل جو ڪلام؛
سنڌڙي منهنجي امڙ تو سان ناتو شال
نڀايان
ناتو شال نڀايان الا جھولي چنڊ
جھلايان.
مون ۾ تون موجود ازل کان
بيوس ڪيئن سڏايان.
پورو ياد ناهي پر اهو ڪلام رات ڏينهن
جيترو وقت اسان وٽ مهمان طور رهندو هئو ٻڌندو رهندو هئو. تاجل جا ڪيترائي قومي گيت
مشهور هئا. مثلن (منهنجي لاءِ مارون رنا ڪيئن نه هوندا. پلو پاند تن يار ڀنا ڪيئن
نه هوندا) اهو ڪلام ذوالفقارعلي ڀٽي جي ڦاسيءَ کانپوءِ لکيائين. ساڻس ڪچهريءَ لاءِ
سندس گھر پئي ويس ڏاڍي خوشي پئي ٿي. هونئن تاجل بيوس جي اباڻي ڳوٺ ۽ اسان جي ڳوٺ ۾
ڪوئي چاليهن ميلن جو مفاصلو هئو.
آچر يعني موڪل جو ڏينهن هو۔ اسان
اچي تاجل جي گھر اي ـــ ٿري پائيونر هومز جنهن جي در تي تختيءَ تي لکيل هو؛ تاجلس
نيسٽ. بيل ڪئيسين ته سندس پٽ نديم تاج آيو. چيائين اچو اچو بابا جن مٿي ويٺا آهن. ڪار
پورچ مان ئي مٿي ڏاڪڻ نڪري پئي. مٿي چڙهي وياسين. سڄو آڳر خالي هو ڪنڊ تي وڏو ڪمرو
هئو. جنهن ۾ داخل ٿياسين ته تاجل اٿي آڌرڀاءُ ڪيو. ويٺاسين مون ڪمري جو جائزو
ورتو. ڀتين سان چوڌاري ڪتابن جا شيلف هئا. هيٺ ويهڻ جو اهتمام هئو. هيٺ خوبصورت ڪارپيٽ
وڇايل هئو جنهن تي اسان ويٺا هئاسين، ڪمرو وڏو ڪشادو هئو. ڳالهيون پئي ڪيونسين ته
نديم، استاد بخاري ۽ عبدالغفار تبسم کي وٺي آيو. ملياسين. ڇا ته استاد بخاريءَ جي
شخصيت هئي. توڻي پوڙهائپ ۾ هيا پر چهري تي تازگي ۽ ڪشش موجود هئي. خوش خير عافيت
کانپوءِ حال احوال شروع ٿيا ته استاد ٻڌايو ته؛ “ڪينٽ جي طرف هوٽل ۾ رهيل آهيان. ڪجھ
سنگتين سان ملاقات ٿي آهي، ڪجھ سان ڪرڻي آهي. تبسم کي شابس آهي ڪراچي ۾ گڏ گڏ پيو
گھمي. شهر کان گھڻو واقف ناهيان. جڏهن به ڪراچي اچڻ ٿيندو آهي ته تبسم کي تڪليف ڏيندو
آهيان. ائين ڳالهايون پيا ته رکيل مورائي ۽ شان ڏهر آيا. پري کان ٻانهون ٻڌي سلام ڪري
ويهي رهيا. ڪچهري جاري هئي. ان ڪري ملڻ جو رخنو ڪون وڌائون. هونئن به استاد، رکيل
کي ته چڱي طرح سڃاڻي پيو.
سنڌي ادب تي ڳالهه ٻولهه هلندي
رهي. وقت گذرڻ جو احساس ئي ڪون ٿيو. ايتري ۾ نديم تاج اچي تاجل بيوس کي ڪن ۾ ڪجھ
چئي هليو ويو. استاد بخاري ڳالهايو پئي. جڏهن ٺاپر ٿي ته تاجل بيوس چيو ته؛ “ٻه ٽي
گرهه ماني ٿي وڃي باقي ڪچهري بعد ۾ ڪيون.” سڀني گڏجي ماني کاڌي. پوءِ ڀرپور مشاعري
جي تياري شروع ٿي ته تاجل سائين ٻڌايو ته سندس شاعري جو ڪتاب “ڪنڌي ڪونئر ترن” ڇپجي
اچي ويو آهي. هتي آيل سڀني دوستن کي هڪ هڪ ڪاپي ڏيندس. کيس سڀني مبارڪون ڏنيون. پاڻ
ڏاڍو خوش هئو. ايتري ۾ نديم تاج ڪتاب جون ڪاپيون کڻي آيو. رکيل مورائي سندس مدد ڪري
رهيو هئو. هڪ هڪ ڪتاب تاجل سائين کي ڏيندو ويو. پاڻ ڪتاب تي ڪجھ لکي واري واري سان
ڏيندو ويو. ڪاپي جا مونکي ڏنائين تنهن تي لکيل هئو.
(پيار ۽ پاٻوهه سان نوجوان دوست
شاعرــــــ رزاق سهتي لاءِ.... تاجل بيوس تاريخ ۱۳.۱۲.۹۱)
جڏهن سڀني ۾ ڪتاب ورهائجي پورا ٿيا
ته شاعري پڙهڻ جو مرحلو شروع ٿيو. جيئن ويٺا هئاسين ته واري سان شاعري ٻڌائڻ شروع ڪئي.
منهنجو وارو آيو ته مون بحر وزن کان آجو هي غزل پڙهيو.
ڪاش هوا جو جھوٽو هجان ها
تنهنجي ڇاتيءَ تان پوتي چُڻان
ها
ڪنڌ رکين ها گوڏن تي ۽
مان تنهنجي وارن ۾ گل وجھان ها.
هر هڪ چپ تي ٻول هجن ها
ڪاش ڪو اهڙو گيت لکان ها.
جيون جا ارمان اڌورا رهجي ويا ڇو
ڪاش ڪنهن ڪارڻ جڳ ۾ مان ته جيان
ها.
آخر ۾ تاجل سائين ۽ استاد بخاري
وڃي بچيا. تاجل ته ميزبان هيو سو استاد کي وارو ڏنائين. شام ٿي چڪي هئي. سج لهڻ ۾ ڪو
باقي وقت بچيو هئو. استاد جو به تازو ئي شاعريءَ جو ڪتاب “ڌرتي سرتي” آيو هئو ان
مان هڪ طويل نظم پڙهڻ شروع ڪيائين. اهو پورو ڪيائين ته وري ڊائريءَ مان ٻيو، وري ٽيون
پڙهندو رهيو. نديم... تاجل سائين ڏي پنڌ شروع ڪيا. پر استاد سائين بس ئي ڪون ڪري،
سڀ چپ. استاد بخاري ڪوئي اڍائي ڪلاڪ کن شاعري پڙهي. پوءِ به اهو چيائين “ٿڪا ته
ناهيو.” ساهي پٽيائين ته تاجل چيس؛ “گھروارن کي مائٽن جي تقريب ۾ وڃڻو آهي.” ته
استاد چيو “تون به ويندين ڇا.” تاجل ها ڪئي. چيائين؛ ”بس! آخري نظم پڙهان پوءِ اٿون
ٿا.” جڏهن پڙهي پورو ڪيائين ته تاجل چيو؛ “هاڻ آنءُ شاعري ڪون ٿو پڙهان بس ڇيهه ٿي
ويو.” استاد چيو؛ “جيڪي هي نوجوان ويٺا آهيو سڀني جا پني تي نالا لکي ڏيو. رکيل
اهو ڪم ڪيو. ڪچهري مشاعري تي پڄاڻيءَ تي پهتي.
لُڏي پئي لام، پر نه پکيئڙا ڏار
تي
اسان پڻ اتامرا، اجھا ٿي اڏام
هاڻوڪا هشام، ڪير نه پسندو ڪڏهن.
(تاجل بيوس)
(منھنجي آتم ڪٿا جو باب؛ تاجل
بيوس جي وڇوڙي جي ڏينھن تي کيس آتم ڪٿا مان باب کڻي ياد ڪيان ٿو.)
(رزاق سھتو جي فيسبڪ تي ۱۳
ڊسمبر ۲۰۲۴ع تي
رکيل پوسٽ)
No comments:
راءِ ڏيندا