مشتاق چنگيزي
سنڌي فلمن جو دليپ ڪمار
حيات علي شاهه بخاري
سنڌي
فلمن جا ٽي دور هئا، پهريون دور فلم ”ايڪتا“ سان شروع ٿيو، بامبي جي فلم انڊسٽريءَ
جي گلشن صوفي جيڪو ماتليءَ جي رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جو دوست هو، ان جي چوڻ تي
رئيس ڪريم بخش نظاماڻي پهرين سنڌي فلم ٺاهڻ لاءِ تيار ٿيو، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي
سنڌ جو ادب ۽ فن دوست شخص هو، سندس ماتليءَ واري رهائشگاهه ”مائي نيسٽ“ تن ڏينهن
ادب ۽ فن جو گهوارو هوندي هئي، جتي روزانو راڳ رنگ جي محفل ٿيندي هئي، پري پري کان
ڪهي ايندڙ ”مائي نيسٽ“ تي اچي حاضري ڀريندا هئا ۽ سڄي رات راڳ رنگ جي محفل متل
هوندي هئي. رئيس ڪريم بخش نظاماڻي پهرين سنڌي فلم ”ايڪتا“ ناهي، سنڌي فلمن لاءِ هڪ
راهه کولي، ڪافي عرصي کانپوءِ حسين علي شاهه فاضلاڻيءَ هدايتڪار شيخ حسن سان گڏجي
سنڌي فلم ”عمر مارئي“ ٺاهي، فلم پرديسيءَ کانپوءِ وري ماٺار ڇانئجي وئي ۽ ڪافي
عرصي کانپوءِ شيخ حسن بهار علي بلوچ نالي فلمساز سان سنڌي فلم ”شهروفيروز“ جو آغاز
ڪيو، فلم شهروفيروز ڪراچيءَ جي ايسٽرن فلم اسٽوڊيو ۾ تيار ٿي، هن فلم لاءِ اداڪارن
جي چونڊ لاءِ ”نوان چهرا گهرجن“ جو اشتهار ڏنو ويو، جنهن لاءِ کوڙ سارن فنڪارن
پنهنجي قسمت آزمائي، قربان جيلاني، ماهه پاره، سعيده، سليمان شاهه ۽ ٻيا ڪافي آيا.
حيدرآباد شهر جو مشتاق چنگيزي، جيڪو ٽنڊي ڄام جي ان وقت جي زرعي ڪاليج ۾ فوٽو
گرافر جي حيثيت سان نوڪري ڪندو هو، ان جي نظر مان به اهو اشتهار گذريو ۽ ان به
پنهنجي قسمت آزمائڻ جو فيصلو ڪيو. مشتاق چنگيزي بنيادي طور تي ڪاميڊين هو ۽ اسٽيج
تي ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ پکين جون ٻوليون ٻڌائي ماڻهن کي وندرائيندو هو، ان ڪري
هُن اِن فلم لاءِ ڪاميڊين طور پنهنجون خدمتون آڇيون، سڀني نون فنڪارن جي ڪئميرا
ٽيسٽ ورتي وئي. سڀني پنهنجيءَ پر ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، فلم ”شهروفيروز“ لاءِ
هيروئن طور ماهه پاره ۽ هيرو لاءِ مشتاق چنگيزي جي چونڊ ڪئي وئي. مشتاق چنگيزي
جيڪو فلم ”شهروفيروز“ ۾ ڪو نه ڪو هلڪي قسم جو ڪردار ادا ڪرڻ جو خواهشمند هو،
هدايتڪار شيخ حسن جي ان فيصلي تي سخت حيران ٿيو. سندس خواب ۽ خيال ۾ به نه هو ته
ڪو کيس فلم ۾ هيرو جو ڪردار ڏنو ويندو. فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾ سليمان شاهه، ملڪ انوکو،
شڪيل لاسي، محمود لاسي ۽ ٻيا شامل هئا. فلم ”شهروفيروز“ لاءِ گيت رشيد احمد لاشاري
لکيا ۽ ميوزڪ ڊائريڪٽر هو غلام علي، فلم ”شهروفيروز“ جي انڊور شوٽنگ ايسٽرن فلم
اسٽوڊيو ۾ ٿي ۽ آئوٽ ڊور شوٽنگ ڪراچيءَ جي ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ ڪئي وئي. فلم
”شهروفيروز“ جا گيت سائونڊ رڪارڊسٽ هاشم قريشي رڪارڊ ڪيا، هن فلم جا سيٽ فخرالدين
لڳايا.
فلم
”شهروفيروز“ جي شوٽنگ دوران ئي فلمي مارڪيٽ ۾ چؤٻول متل هو، هر فلم ڊسٽري بيوٽر
فلم رليز ڪرڻ لاءِ آتو هو ۽ هر سئنيما مالڪ جي خواهش هئي ته اها فلم سندس سئنيما ۾
رليز ٿئي، ان جو سبب اِهو هو ته ڪافي عرصي کانپوءِ سنڌي فلم ”شهروفيروز“ ٺهي رهي
هئي ۽ سڀني کي اِها اُميد ئي ته فلم ”شهروفيروز“ ڪاميابيءَ جا پراڻا رڪارڊ
ٽوڙيندي. گڏوگڏ عام پبلڪ کي به فلم ”شهروفيروز“ جو بي چينيءَ سان انتظار هو. سڀ
کان وڌيڪ فلم جي رليز جو انتظار فلم جي هيرو مشتاق چنگيزيءَ کي هو، جنهن جي وهم ۽
گمان ۾ به نه هو ته ڪو هو فلم جو هيرو بڻجندو. ڇاڪاڻ ته هو فلم ۾ ڪاميڊين جي ڪردار
جو خواهشمند هو.
فلم
”شهروفيروز“ مڪمل ٿي، جڏهن رليز ٿي ته نهايت ڪامياب ٿي، جنهن جي ڪري سنڌي فلمن
ٺاهڻ وارا ڪيترائي فلمساز ۽ هدايتڪار فلمي ميدان ۾ ٽپي پيا. اداڪار مشتاق چنگيزي
ماهه پاره، احمد علي ۽ ملڪ انوکي لاءِ ڪاميابيءَ جا دروازا کلي پيا.
الغرض
ته سنڌي فلم ”شهروفيروز“ سنڌي فلمن جي ان دور جي ڪامياب فلم ثابت ٿي، جنهن کي تمام
گهڻي ڪاميابي حاصل ٿي ۽ سٺو ناڻو ڪمايائين. بهترين شاعري ۽ من موهيندڙ موسيقيءَ
سان رونا ليليٰ جي خوبصورت آواز هِن فلم جي ڪاميابيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
هدايتڪار
شيخ حسن جي قابليت ۽ سوچ سنڌي فلمن کي وڏي هٿي ڏني، هن ثابت ڪيو ته هو بهترين
هدايتڪار آهي ۽ سندس دورانديش نظرون فن جي گوهرن جي سڃاڻپ ۾ ڪمال رکنديون هيون.
وري موسيقار غلام عليءَ جو ذڪر ڪبو ته شهروفيروز ۾ هو موسيقيءَ کي شعبي ۾ انتها
تائين پهتل آهن. فلم جي گيتن ۾ سنڌي موسيقيءَ جا سمورا رنگ ٻڌڻ ۾ اچن ٿا.
فلم
”شهروفيروز“ جا گيت رشيد احمد لاشاريءَ جي تخيل جو خوبصورت روپ آهن، سادا سلوڻا
لفظ شاعريءَ ۾ ڪتب آندل آهن، رشيد احمد لاشاريءَ جي شاعريءَ جو هڪ هڪ لفظ دل جي
احساسن کي ڇهندڙ آهي.
فلم جا
گيت رونا ليليٰ ۽ محمد يوسف ڳايا آهن، جن جو مڌر آواز ڪنن ۾ ماکي اوتي ٿو. گيت ٻڌڻ
سان ئي ماڻهو تصور جي خوابناڪ واديءَ ۾ پهچيو وڃي. فلم جي ڪاميابيءَ ۾ موسيقي،
شاعريءَ سميت گلوڪارن جي محنت شامل آهي.
ان ۾
ڪوبه شڪ ناهي ته سنڌي ماڻهو نه صرف موسيقيءَ جا شيدائي آهن، پر کين موسيقيءَ جي
سٺي ڄاڻ آهي، اِهو ئي سبب آهي جو سٺن گلوڪارن، بهترين موسيقارن ۽ شاعرن جو قدر
ڪندا آهن. سنڌي فلمن جي ڪاميابيءَ جو دارومدار موسيقيءَ تي آهي، انهن جو قدر ڪندڙن
جي ڪري آهي، اڄ به جڏهن ڪنهن سنڌي فلم جو گيت ڪنن تي ٻڌندو آهي ته دل جهومي پوندي
آهي، بي اختيار دل مان واهه واهه نڪرندي آهي. فلم شهروفيروز جا گيت به اهڙائي
وڻندڙ ۽ دل تي اثر ڪندڙ آهن. مشتاق چنگيزيءَ وڌ کان وڌ ڪامياب فلمن ۾ ڪم ڪري سنڌي
فلمن جو دليپ ڪمار جو لقب ماڻيو.
مشتاق چنگيزي
وڃ نه پري مون کان هٿڙو
ڇڏائي!
حيات علي شاهه بخاري
مشتاق
چنگيزي پوليس آفيسر محمد يعقوب ملاڻو جو فرزند هو. رسالا روڊ تي شبير برياني واري
جي دڪان مٿان النور منزل تي گهر هوندو هوس. زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ فوٽوگرافر
جي حيثيت سان ملازم هو. هن پنهنجي فني ڪيريئر جو آغاز اسٽيج ڊرامن ۾ ڪاميڊي ڪردار
ادا ڪرڻ سان ڪيو.
سال ۱۹۶۷ع
ڌاري جڏهن مصطفيٰ قريشي ۽ عبدالڪريم بلوچ ريڊيو حيدرآباد تي ڊراما سيڪشن جا انچارج
هئا، تن ڏينهن مشتاق چنگيزي، آئون، قاسم فاني، امداد پٺاڻ، انور سولنگي، غلام علي
ٽالپر، ممتاز شيخ ۽ ٻيا ڊرامن ۾ ڪم ڪندا هئاسين. جڏهن ڪراچي جي فلمساز بهار علي
بلوچ، شيخ حسن جي هدايتڪاري ۾ سنڌي فلم ”شهروفيروز“ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ته مشتاق
چنگيزي ان فلم ۾ هيرو جو ڪردار ادا ڪيو.
منهنجو
فلمي دنيا ۾ مشتاق چنگيزي سان واسطو هدايتڪار اي ڪيو پيرزادي جي فلم ”محبوب مٺا“
سان ٿيو. ان فلم ۾ آئون اسسٽنٽ ڊائريڪٽر هوس. پوءِ پيار تان صدقي، رت جي راند،
جيجل ماءُ سميت ڪيترين ئي فلمن ۾ مشتاق چنگيزي سان اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ ڪم
ڪيم.
مرحوم
کل مک انسان هو. سدائين پيو کلندو ۽ ڀوڳ چرچا ڪندو هو. اداڪاره چڪوري سان عشق جو
هڪ وڏو سلسلو رهيو، جيڪو ٻنهي جي شاديءَ تي انجام تي پهتو. چنگيزي ۽ چڪوري. سنڌي
فلمن جي ڪاميابيءَ جي ضمانت هئا. جيستائين ٻنهي جي جوڙي قائم هئي، سنڌي فلمن جو
عروج هو. ٻئي ڄڻا هڪ ٻئي کان ڌار ٿيا ته سنڌي فلمون نڌڻڪيون ٿي ويون.
مشتاق
چنگيزي، ايسٽرن فلم اسٽوڊيوز جي مالڪ سعيد اي هارون جي هڪ سنڌي فلم ”اچ ته ڀاڪر
پايون“ به ڊائريڪٽ ڪئي. چڪوري ۽ چنگيزي جو لاهور وڃڻ، کين ڀانءِ نه پيو ۽ هو زماني
جي گردشن سبب، هڪ ٻئي کان ڌار ٿي ويا. ڌار ٿيڻ باوجود، هو هڪ ٻئي جي دلين ۾ سمايل
رهيا. ٻئي ڄڻا، ڪڏهن به هڪ ٻئي کي وساري نه سگهيا.
فلم
”جيجل ماءُ“ جي شوٽنگ دوران چڪوري پنهنجي ٿيندڙ پٽ جو نالو ”جبران“ رکيو. آئون کيس
ان نالي سان چيڙائيندو هوس. جڏهن به شاٽ ريڊي ٿيندو هو ته چڪوري کي چوندو هوس؛
”جبران ڪي امان! شاٽ ريڊي هي، آ جائو!“ ان جملي تي چڪوري شرمائي مرڪندي هئي ۽
مشتاق چنگيزي وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي کلندو هو.
فلم
”محبوب مٺا“ ۾ قربان جيلاني هيرو هو پر فلمساز جي ايس گرناڻي جي ان سان تڪرار جي
ڪري، قربان جيلاني کي فلم مان ڪٽ ڪري مشتاق چنگيزي کي ڪاسٽ ڪيو ۽ مشتاق چنگيزي فلم
”محبوب مٺا“ ۾ بهترين پرفارمنس ڏني. مشتاق چنگيزي جي هڪ ٻي فلم ”چانڊوڪي“ به
يادگار هئي، جنهن جو محمد يوسف جو ڳايل گانو ”وڃ نه پري مون کان هٿڙو ڇڏائي“ تمام
گهڻو مقبول ٿيو.
چڪوريءَ
کان وڇوڙي بعد، مشتاق چنگيزي مستقل طور تي حيدرآباد هليو آيو. عنايت بلوچ جن ڏينهن
۾ ريڊيو جو ڊائريڪٽر پروگرامس هو، ان مشتاق چنگيزيءَ کي ريڊيو حيدرآباد تي،
ڪانٽريڪٽ تي ”اسڪرپٽ رائيٽر“ طور لڳايو. عثمان منگي، سندس پراڻو ۽ جگري دوست آهي.
ڪجهه عرصو اڳ، اسان جي ڪامن دوست ظفر جهنڊير چيو ته؛ مرحوم محبوب عالم ۽ مرحوم
قربان جيلاني جي ياد ۾ هڪ تقريب ڪوٺائي وڃي. مون ظفر جهنڊير کي مذاق ۾ چيو ته؛
تقريب جلد ڪراءِ، ڪٿي مشتاق چنگيزي جو نالو به نه شامل ڪرڻو پوي. ان تي ظفر جهنڊير
۽ آئون کلياسين، پر اڄ سوچيان پيو ته ظفر جهنڊير کي وري چوان ته تقريب جلد ئي
ڪوٺاءِ، ڪٿي محبوب عالم، قربان جيلاني ۽ مشتاق چنگيزيءَ سان منهنجو نالو به نه
شامل ڪرڻو پوئي.
مشتاق چنگيزي
سنڌي فلمن جو
دليپ ڪمار
سيد
يار محمد شاهه
گذريل
هفتي اچانڪ مشتاق چنگيزي جي انتقال جو اطلاع مليو، ان ڪري ان سنڌ جي واحد فلمي
هيرو جي ساروڻين کي ساريندي ٻه چار ڳالهيون ڪرڻ لاءِ دل چاهيو. حالانڪ سندس ڄمڻ ۽
مرڻ جي تاريخ ۽ فلمي سفر تي مشتمل سمورو مواد ان ڏينهن جي مختلف اخبارن ۾ ڇپجي چڪو
آھي.
پاڪستان
جي فلمي تاريخ ۾ جيڪي نامور اداڪار نروار رهيا، تن ۾ نذير، سنتوش، درپن، سڌهير،
اعجاز، يوسف خان، حبيب، اڪمل، علاؤالدين، نديم، وحيد
مراد ۽ محمد علي شامل آهن. انهن سڀني نامور اداڪارن ۾ اداڪار محمدعلي جو دور،
پاڪستان جي فلمي تاريخ ۾ نمايان دور آهي. وڏو عروج ماڻيائين؛ عزت، شهرت، دولت جهڙيءَ
طرح هندستان ۾ دليپ ڪمار جو نصيب بني، بلڪل ساڳيءَ طرح پاڪستان ۾ محمد علي به دليپ
ڪمار جي برابر جو اداڪار به ليکيو ويندو هو. جڏهن پاڪستان جو سپر هيرو محمد علي
ليکيو ويندو هو ۽ دليپ ڪمار هندستان جو، ته ان وقت ۾ سنڌي فلمن جو محمد علي ۽ دليپ
ڪمار، مرحوم مشتاق چنگيزي هيو.
هو
سنڌي فلم انڊسٽريءَ جو واحد سپر هيرو هو، جنهن تمام گهڻين ڪامياب سنڌي فلمن ۾ ڪم
ڪيو، جن ۾ سندس پهريون سفر فلم ”شهرو فيروز“ کان ٿيو. جيئن ته پاڻ فلم جي ڊائريڪٽر
شيخ حسن وٽ فلم ۾ مزاحيه ڪردار حاصل ڪرڻ لاءِ ويو هيو، پر هن نگاهه شناس هدايتڪار
کيس پنهنجي فلم ”شهرو فيروز“ ۾ هيرو جو ڪردار ڏئي، مشتاق چنگيزي جي نئين تاريخي
سفر جي شروعات ڪرائي. ان کان پوءِ سندس ٻي سپر هٽ فلم ”مٺڙا شال ملن“ هئي، جنهن ۾
سندس ۽ چڪوريءَ جي جوڙي، دليپ ڪمار ۽ مدهو بالا وانگر يا محمد علي ۽ زيبا جي ليول
جهڙي جوڙي قبولجڻ لڳي. هر سنڌي فلم ۾، هر ڊائريڪٽر ۽ فلم ساز هنن کي کڻڻ تي مجبور
ٿي پيو. ان وقت سنڌي فلمون مسلسل ان جوڙيءَ جون ئي ٺهي ۽ لڳي رهيون هيون. جن مان
ڪجهه سپر هٽ ٿيون ته ڪئين بي ڪلاس به ٿيون. پر ڌنڌو پي هليو ۽ فلمون پي ٺهيون.
جڏهن
مشتاق چنگيزي ۽ چڪوريءَ جو ڀاڳ عروج تي هو، ته انساني فطرت مطابق هنن کي به خواهش
ٿي ته اسان به لاهور هلي پاڪستان فلم انڊسٽريءَ ۾ پنهنجو پاڻ کي ڪيش ڪرايون. سو ان
وقت ۾ هنن ٻنهي کي پنهنجي ساک ڄمائڻ ۾ جيڪي سک ڏک ڏسڻا پيا، سا هڪ وڏي تاريخ آهي
جنهن تي ڪئين ڪتاب لکجي سگهجن ٿا. پر ٻئي سنڌي سپرهٽ اداڪار هينئر ڌڻيءَ در پهتل
آهن. هي هڪ ٻئي جا جيون ساٿي نه رهيا ۽ چڪوري هن کي ڇڏي اداڪار ڪيفيءَ سان شادي
ڪري ڇڏي. جڏهن ته مشتاق چنگيزي، چڪوريءَ جي وڇوڙي ۾ اڪيلو ٿي ويو ۽ کيس ڪئين مسئلا
درپيش آيا. رهڻ لاءِ جاءِ کپي، کائڻ لاءِ ڏوڪڙ کپن، فلمن ۾ ڪردار کپن. جڏهن ته
چڪوري پنجابي فلم انڊسٽري ۾ مولا جٽ تائين نمبر ون هيروئن به بنجي ويئي. يقينًا
چڪوريءَ ۽ چنگيزيءَ جي اختلافن جي ڪري ۽ چنگيزي جو سنڌي هئڻ جي ڪري، پنجابي ۽ اردو
هدايتڪارن جي طرفان ڪو ريسپانس نه پي مليو. تنهن هوندي به هن، مرحوم چڪوريءَ کي
واپس حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجو فني ڪيريئر ڄمائڻ لاءِ، راتين جو لوهه جي ڪارخانن ۾
مزدوريون ڪري، ۽ ڏينهن جو لوهه جا چڻا چٻاڙي، پنهنجي چار پنج سالن جو وقت ضايع ڪيو.
ان جو نتيجو سنڌي فلم انڊسٽري کي ڀوڳڻو پيو. چنگيزي ۽ چڪوريءَ جي وڃڻ کان پوءِ
لاسي برادران عجيب حليه کڻي فلم انڊسٽري ۾ داخل ٿيا ۽ خراب سنڌي ٻوليءَ ۾ خراب
سنڌي فلمون ٺاهي، سنڌي فلم انڊسٽريءَ کي تباهه ڪري ڇڏيائون. فلم انڊسٽريءَ جو
معيار ختم هئڻ ڪري، ڪير به سنجيده سنڌي فلم ٺاهڻ لاءِ تيار نه هو ۽ نه ڪو ان
ڪاروبار ۾ ڪنهن سرمائيڪار کي ڪو فائدو ٿي ڏسڻ ۾ آيو.
انهن
ڏينهن ۾ آئون ۽ شاهه اسد، فلم انڊسٽريءَ ۾ پهچي چڪا هئاسين. مرحوم شاهه اسد جڏهن
”جلال چانڊيو“ فلم ٺاهڻ جون تياريون ڪري رهيو هو، ته ان وقت مرحوم مشتاق چنگيزي
لاهور فلم انڊسٽريءَ مان هميشه لاءِ مايوس ۽ ناڪام ٿي، اداس ۽ ويران اسٽوڊيوز ۾
اچي ويهڻ لڳو. چڪوريءَ جي هٿان کاڌل آخري چماٽ جي نالي سان سنڌي فلم ”چماٽ“ ٺاهڻ
جو اعلان به ڪيائين، پر ان کان پوءِ جن بليڪ اينڊ وائيٽ فلمن ۾ ڪم ڪيائين يا
ٺاهيائين تن ۾ ”اچ ته ڀاڪر پايون“ ۽ ٿر تي ٺهيل فلم ”پڪار“ قابل ذڪر آهن. جيڪي
غريب پروڊيوسرن جي سرمائي سان غريبانه انداز ۾ ٺاهي، مڙئي فلمون ٺاهيون ويون هيون.
ٻين فلمن ۾ ”بي وس“ ۽ ڪجهه ٻيون فلمون ٺاهڻ جون بيٺڪون شروع ٿي ويون هيون. تن
ڏينهن ۾ شاهه اسد کي ”جلال چانڊيو“ لاءِ شهناز ڀٽي جي سامهون هيرو لاءِ مشتاق
چنگيزي کي کڻڻو پئجي ويو. شاهه اسد جي، بحيثيت هدايت ڪار جي، پهرين فلم هئي. جڏهن
ته مرحوم چنگيزيءَ کي فلم ٺاهڻ جي هر شعبي جي مڪمل ڄاڻ هوندي هئي. ان ڪري جيئن ئي
شاهه اسد ۽ مشتاق چنگيزي، هڪ ٻئي جي ويجهو ٿيا، ته ٻئي هڪ ٻئي لاءِ بهترين مددگار
ثابت ٿيا. شاهه اسد فلم جي شوٽنگ، ايڊيٽنگ، ڊبنگ، مڪسنگ مطلب ته هر شعبي ۾ مشتاق
چنگيزي کان رهنمائي حاصل ڪئي. اهڙيءَ طرح اها فلم سپر هٽ ٿي ته شاهه اسد وري سنڌي
فلم ”پرو“ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو. جنهن ۾ به مشتاق چنگيزيءَ جي صلاحيتن سان ئي، اها
فلم هڪ ڪامياب فلم ثابت ٿي. اها حقيقت آئون ان ڪري وثوق سان ٿو چوان ته جو آئون
انهن جي قريب ترين ۽ ساٿي صلاحڪارن ۾ هر وقت شامل هوندو هوس.
ان
کان پوءِ شاهه اسد جي ٽين فلم ”شهيد“ جون حر جي نالي سان تياريون ٿيون، ته مشتاق
چنگيزي ان وقت ڪجهه ٻين دوستن سان گڏ وري پاڻ مرادو فلمون ٺاهڻ جون تياريون ڪرڻ
لڳو، ته شاهه اسد به کائنس پاسيرو ٿيڻ لڳو. پر مون منٿ ڪري ٻنهي کي وري ويجهو ڪري،
”شهيد“ جي پروجيڪٽ کي مڪمل ڪرائڻ تائين سندن ويجهو رهيس. ”شهيد“ به سپر هٽ ٿي،
جنهن ۾ مشتاق چنگيزي جي اداڪاري جي معراج هئي. سندس سنڌي باغي ليڊر جي حيثيت ۾ ڪيل
ڪردار هميشه ياد رهندو. ان کان پوءِ شاهه اسد جڏهن ”جيئي لطيف“ ٺاهي ته ساڳيون
صلاحيتون کيس اسد قريشيءَ مان مليون، جنهن کي هيرو کڻي، ڊبل پارٽ ڏيئي، پهرين سنڌي
فڪشن فلم ٺاهي، زبردست ڏوڪڙ ڪمايا. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته شاهه اسد جي مڪمل
انڊپينڊنٽ صلاحيتن جي اها پهرين فلم هئي، جنهن ۾ هو سڀني شعبن ۾ مهارت حاصل ڪري
چڪو هو.
مشتاق
چنگيزي، سنڌي فلم جي زوال سان وري زوال پذير ٿي ويو ۽ ڪراچي ٽيليويزن جا چڪر لڳائڻ
لڳو. ڪڏهن ڪڏهن سنڌي پروڊيوسر رحم کائ،ي هن عظيم فنڪار کي ڪو ننڍو سنڍو ڪردار ڏيئي
ڇڏيندا هئا، جنهن سان نه هن جي فن جي تسڪين ٿيندي هئي ۽ نه چلهه چڙهندي هئي. ان
کان پوءِ سنڌي چينلن تي به ڪجهه پروگرام ٺاهي ڏنائين، پر موٽ سٺي نه مليس. ماٺ ڪري
حيدرآباد اچي ويو ۽ ساڻس گسين پنڌين ملاقاتون پيون ٿينديون هيون. جڏهن آئون
چيئرمين پاڪستان فلم پروڊيوسرز ايسوسي ايشن هوس، تڏهن هن مونکي صدارتي ايوارڊ حاصل
ڪرڻ لاءِ پنهنجي سمري موڪلي. جنهن تي مون ڀرپور حمايتي نوٽ هڻي، پريزيڊنٽ هائوس ۽
ڪلچرل منسٽري ڏانهن موڪليو. جتان ڪا موٽ نه ملي. جنهن جو کيس هميشه ارمان هيو. هڪ
ڏينهن ويٺي ڪچهري ڪئيسون ته مون کيس منٿ ڪئي ته؛ تون پنهنجي بايو گرافي لکي ڇڏ، ته
پوين کي سنڌي فلم جي ۽ تنهنجي جدوجهد جي ۽ حيثيت جي ڄاڻ ملي. منهنجي چوڻ تي هن
لکيو ۽ ”سنڌي ساهت گهر“ طرفان ادي ناز سنائيءَ سندس آپ بيتيءَ جو ڪتاب ”مان ڪير آهيان...؟“
سندس حياتيءَ ۾ ئي مارڪيٽ ۾ آندو.
ان
۾ ڪو شڪ نه آهي ته هو هڪ مستقل مزاج، سچو ۽ کرو انسان هو، ۽ عشق ۾ سڀ حدون پار ڪرڻ
وارو هو. پنهنجي انهن ٻنهي صفتن جي ڪري، هن پنهنجي مستقل مزاجيءَ سان پنهنجو مقام
قائم رکيو. پاڻ کي ڪيرائڻ کان هميشه بچائيندو رهيو. حيدرآباد يا ڪراچيءَ جا سڀ
سنڌي فنڪار ۽ فنڪارائون، سندس بي انتها عزت ۽ احترام ڪندا رهيا. پاڻ پنهنجي
صلاحيتن سان فنون لطيفه جي هر شعبي سان وابستگي ۽ جدوجهد جي ڪري سٺو مقام پيدا
ڪيائين. اسٽيج تي مزاحيه خاڪا پيش ڪرڻ سان فني سفر شروع ڪيائين. فوٽوگرافر ٿيو،
سنڌي فلمي هيرو ٿيو، اردو فلمن جو سائيڊ هيرو به رهيو ۽ وري سنڌي فلمن جو ڪامياب
هدايتڪار ۽ اداڪار به رهيو. وري ٽي وي ۽ پرائيويٽ پروڊڪشن ۾ به پنهنجي قد ڪاٺ سان
قائم رهيو.
مون
سان سندس وابستگي تڏهن وڌيڪ ويجهي ٿي، جڏهن منهنجو قانون تي لکيل ڊرامه سيريز ”قلم
نمبر“ سپر هٽ وڃي رهيو هو. پاڻ اچي مونکي ان ۾ ڪردار ڏيڻ جو چيائين. مون فورًا
پروڊيوسر کي چئي، کيس ڊي ايس پي جو ڪردار ڏنو، ۽ آئون سندس انڊر ۾ صوبيدار جو
ڪردار ڪري رهيو هوس. آخري ٽن قسطن ۾ هن کي مون ڀرپور موقعو ڏنو. ان کان پوءِ هو
اڪثر اسڪرپٽ کڻي مون وٽ ايندو هو ۽ آئون سندس زندگيءَ جون اهي ڪٿائون ٻڌي، سبق
پرائيندو هوس، جيڪي ايمانداريءَ سان آئون لکي به نٿو سگهان.
هو
هڪ غيرتمند، طاقتور ۽ مستقل مزاج نفسيات جو مالڪ هو. جيتوڻيڪ علمي طرح ۽ جديد
ٽيڪنالاجيءَ جي ڄاڻ کان پري رهڻ جي ڪري، هو موجوده ساٿين ۾ پراڻو پاپي لڳندو هيو.
ان ڪري سنڌي چينل وارن سندس صلاحيتن مان ڪو فائدو نه ورتو. جڏهن ته هو پاڻ پنهنجي
واتان فلم انڊسٽريءَ جي تاريخ تي پروگرام ڪري ها، ته اهي سالن جا سال پيا هلن ها.
حالانڪ هر سنڌي چينل تي مشتاق چنگيزيءَ جا کوڙ سارا گانا به هلن پيا، سندس فلمون
به هلن پيون. مون ڪي ٽي اين جي پروگرام ”فلمي دنيا“ ۾ کيس بطور مهمان گهرايو ۽
ساڻس سمجهه ڀريون ڳالهيون پڻ ٿيون. ان کان پوءِ هو مسلسل مون سان رابطي ۾ رهيو.
جڏهن آئون مهراڻ ٽي وي تي هوس ته هو ڪجهه پراجيڪٽ کڻي اتي به آيو ۽ شايد منهنجي
ڇڏڻ کان پوءِ مهراڻ جا ڪجهه پروگرام به ڪيائين. پر سندس فني ۽ ذاتي زندگيءَ جو
آخري سفر، حيدرآباد ۾ گمنام ۽ گوشائتي حيثيت ۾ گذارڻ سان ئي ختم ٿئي ٿو. هو فن جي
پارکو ۽ پراڻين بيٺڪن ۽ جهونن دوست فنڪارن وٽ ڪڏهن ڪڏهن اچانڪ اهڙي انٽري ڏيندو
هو، جو لڳندو هو ته اجهو ٿو وري مشتاق چنگيزي جوان ٿئي، ۽ وري ٿو سندس دور شروع
ٿئي.
مشتاق چنگيزي
مسخري مان
هيرو بڻيل مشتاق چنگيزيءَ جي آتم ڪٿا
ممتاز
بخاري
ويهين
صديءَ دوران مشتاق چنگيزي، وسيم ۽ قربان جيلاني سنڌي فلم جا اهڙا هيرو رهيا آهن جن
پاڪستان ۾ اردو، پنجابي ۽ پشتو فلم جي هيرو ز کي ٽڪر ڏنو ۽ سنڌي فلم کي انهن
سامهون بيهارڻ ۾ ڪامياب رهيا. برابر ان ۾ ڊائريڪٽرن سميت ٻي سموري ٽيم جو به هٿ هو
۽ سنڌي فلم انڊسٽري جو معيار سان اڳتي وڌڻ هو. هونئن ته دنيا جهان جي مختلف شعبن
سان تعلق رکندڙ شخصيتن جو سوانحي ادب پڙهيو آهي پر پنهنجي سنڌي فلمي هيرو جي هي
پهرين آتم ڪهاڻي آهي جيڪا مون پڙهي.
سندس
ڪٿا زندگيءَ جي ان دور سان شروع ٿئي ٿي جڏهن سنڌي فلم کي گرهڻ لڳي چڪو آهي ۽ هن جي
معاشي زندگي به بهتر ناهي ۽ پنهنجي ڀرم جو ڀيد هارون رند کي ڏنل ميار سان کولي ٿو
جڏهن هو وٽس ”ديوارين”ٽي وي سيريل ۾ ڪم لاءِ وڃي ٿو ته کيس ڪم نه ٿو ملي. لکي ٿو:
”مون کي پنهنجي سيريل ۾ ڪم ڏي ته ڪجھ وقت لاءِ بک جي راڪاس کي ماٺ ڪرايان. پر ان
وقت پروڊيوسر راڪاس هوندو آهي جڏهن کيس ڪا اسائنمينٽ مليل هوندي آهي. “(ص: ۱۰) ساڳيو وقت هو يارمحمد شاھ معرفت پنهنجي لاءِ
پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ لاءِ ڪوششون ڪندي نظر اچي ٿو. پهاڪا ۽ تشبيهون به سٺيون
ڪتب آنديون اٿائين جيئن: ”ڳڙ نه ڏجي ته ڳڙ جهڙي ڳالھ ڪجي. “آتم ڪهاڻي جو پهريون
حصو سندس زندگيءَ جي پوئين باب بابت آهي جيڪا انتهائي ڏکوئيندڙ آهي.
هن
لکيو آهي ته هُو ڪوٽڙي لڳ ڳوٺ ناگا ۾ پوليس انسپيڪٽر جي گهر ۾ ڄائو ۽ سندس ماءُ
افعاني پٺاڻ هئي. مسلسل ڌيئرون ٿيڻ سبب کيس سس پهاڄ جي ڌمڪي ڏني. ان وقت چنگيزي
ماءُ جي پيٽ ۾ هو ۽ ماءُ جي صدمن سبب هو ستن مهينن ۾ ڄائو ته بچڻ مشڪل هيس، پر هُو
بچي ويو. هن لکيو آهي ته ڪلاڪ ساھ نه ٿي کنيم ۽ ڪلاڪ بعد رنم جنهن تي مزي جو جملو
لکيو اٿائين ته: ”سو کڻي ايئن چئجي ته مان ڄائي ڄم کان وٺي اداڪار آهيان. “ڇهن
سالن تائين هُو ڳالهائي نه سگهيو. کيس اسڪول جي ڊرامن ۾ بهرو وٺرايو ويو. ٻالڪ پڻ
۾ پهرين ڊرامي ۾ ئي کيس هيرو ۽ اورنگزيب کي هيروئن بڻايو ويو. سندس ماءُ وداع ڪري
چڪي هئي. پڙهڻ ۾ جڏو هو ۽ ميٽرڪ ۾ ٽي ڀيرا فيل ٿيو. پڻس ٻي شادي ڪئي. هن ٻي ماءُ
کي ساراهيو آهي. ميٽرڪ بعد هو مسلم ڪاليج ۾ پڙهيو. آتم ڪهاڻي موجب ان دوران هُو
حيدرآباد اسٽيج جي دنيا ۾ هڪ مسخري طور سڃاڻپ ڪري ويو.
هن
پنهنجي مختلف نوڪرين جا ذڪر ڪيا آهن. زرعي ڪاليج ٽنڊو ڄام (موجوده يونيورسٽي ان
وقت ڪاليج هئي. ) ۾ فوٽوگرافر واري نوڪري دوران هن اخبار ۾ فلم ”شهرو فيروز”۾
اداڪارن لاءِ اشتهار پڙهيو، ته هن فوٽو موڪليا، کيس ڪراچي گهرايو ويو. جتي هن لاءِ
”ماڊرن فلم اسٽوڊيو”پهچڻ مشڪل هو. پر هو ڪنهن ريت پنهنجي دوست نواب ڪيفي تائين
پهتو جيڪو کيس بس ۾ اسٽوڊيو وٺي ويو. هن فلم دنيا ۾ داخل ٿيڻ واري پهرين ڏينهن ۽
ڊائريڪٽر شيخ حسن سان ملاقات کي سهڻي ۽ دلچسپ انداز ۾ بيان ڪيو آهي. سچ ته گڏ گڏ
فلمي دنيا جي تڏهوڪي سٺي معلومات به ڏني اٿائين. مزي جي ڳالھ ته هن شيخ حسن کان
پنهنجي لاءِ مزاحيا ڪردار جي يا وري ڪنهن ننڍڙي پارٽ لاءِ ورائي ورائي گذارش ڪئي
هئي.
پر
کيس اسڪرين ٽيسٽ ڏيڻ تائين انتظار جو چيو ويو. ان ڏينهن سندس ملاقات پنهنجي ننڍپڻ
جي دوست قربان جيلاني سان ساڳي هنڌ ٿي. چنگيزي موجب: ”مون کي ڏسي مليو پر هن جي
ملڻ جو انداز ڪو خاص نه هو. شايد هن کي يقين ئي نه ٿي آيو ته ڪو مان به فلم لاءِ
آيو هوندس. “هو لکي ٿو ميڪ اپ مين نذرانو نه ڏيڻ تي سندس خراب ميڪ اپ ڪيو، ”ايتري
۾ شيخ حسين صاحب ميڪ اپ روم ۾ اوچتو اچي نڪتو، جنهن منهنجي منهن کي تخته مشق ٿيندو
ڏسي ميڪ اپ مين محمد علي تي ڏاڍو ڪاوڙيو. (ص: ۲۰)”جنهن بعد سندس ٻيهر ميڪ اپ ٿيو.
هن
سان گڏ قربان جيلاني، وسيم، شهزادي، انيلا ناز، مسرت فلمي نالو ماھ پاره، ڪوثر ۽
ٻين جون به اسڪرين ۽ آواز جون ٽيسٽون ٿيون هيون ۽ بعد اهي سڀ سنڌي فلمي دنيا ۾
نئون روح ڦوڪيندڙ بڻيا. سندس وار آيو ته هُو لکي ٿو: ”منهنجي دل جي ڌڙڪن ڪنهن
اسڪول جي موڪل جي گهنٽي جيان ڌڙڪي رهي هئي. “(ص: ۲۲) آڊيشن جو احوال لکڻ بعد هو چئي ٿو: ”شيخ صاحب منهنجي پاسي ۾ ايندي
چيو ڪيئن رهيو فلم جو آزمودو؟ مون فورن جواب ڏنو پگهر منهنجي کڙين کان اچي ٺڪاءُ
ڪيو آهي. جنهن تي شيخ صاحب وڏو ٽهڪ ڏنو ۽ چيائين آخر ڪاميڊين آهين نه. پر مان توکي
هيرو بڻائيندس. “(ص: ۲۳) ۽ پوءِ ايئن ئي ٿيو اسٽيج
جي دنيا جو مسخرو سنڌي فلمن جو هيرو چونڊجي ويو، سو به پنهنجي ميرٽ ۽ اسڪرين ٽيسٽ
موجب.
هن
پنهنجي آڊيشن کان وٺي هيرو ٿيڻ تائين ڪنهن سان به ذڪر نه ڪيو هو. سندس پهرين فلم ”
شهروفيروز”۾ ڪم ڪندڙ هيروئن مھ پاره بابت لکي ٿو: ”هوءَ حيدرآباد جي ”بازارِ
حسن”جي باغ جي هڪ کلندڙ ۽ خوبصورت پنکڙي هئي. “هن پهرين فلم دوران مه پاره لاءِ دل
۾ پيدا ٿيندڙ طوفانن جو به سٺو بيان ڪيو آهي. هن پنهنجي پهرين فلم جي شوٽنگ جو
پهرين پيار جيان گهڻو احوال ڪيو آهي، ۽ سهڻا جملا به ڪتب آندا اٿائين. فلم کان اڳ
خبرون، پوسٽر لڳڻ، سخت پرنسپال جو عزت ڏيڻ، موٽر سائيڪل تي وڃي حيدرآباد ۾ لڪي فلم
جي پهرين ڏينهن جائزو وٺڻ وغيره. نه رڳو اهو پر شوٽنگ دوران پيدا ٿيل صورتحال کي
اهڙو بيان ڪيو اٿائين جو مرڪ به ڦهلجي ته ڏک واري بيان دوران لڙڪ به نه بيهن.
هن
مسخري مان هيرو ٿيندڙ به جڏهن پنهنجي پهرين فلم جي ڪاميابي بابت پنهنجي دوست ڊاڪٽر
شوڪت کان ٻڌو هو ته روئي پيو هو. ايئن سنڌي فلمن جي هيرو مشتاق چنگيزي پنهنجي آتم
ڪٿا زندگيءَ جي پوئين حصي جي مايوسين ۽ پوءِ فلمي دنيا ۾ پير پائڻ واري حصي ۽
ڪاميابين بابت لکيو آهي ته اتي زندگيءَ جي لاهن چاڙهن ۽ ساٿ رهندڙن جي روين کي به
اپٽاريو آهي. پاڪستان جي فلم ۾ سنڌي فلم جي اسرڻ، اردو ۽ پنجابي ڳالهائيندڙ
ڊائريڪٽرن جي سنڌي فلمون ٺاهڻ ۾ دلچسپيءَ سان گڏ هي هڪ تاريخي دستاويز به آهي،
جيڪو اهڙي ته سادگي ۽ دلچسپيءَ سان لکيو ويو آهي جو پڙهندي پڙهندي خبر نه ٿي پوي.
ها
پر چنگيزي ذاتي زندگيءَ ۽ پنهنجي خامين کي نه هئڻ برابر بيان ڪيو آهي. مشتاق
چنگيزي ”نوري ڄام تماچي”فلم جي شوٽنگ جا احوال به سربستا ڏنا آهن، جن ۾ خاص منڇر
جي ريڪارڊنگ وارا. جتي کيس وڇون به ڏنگ هڻي ٿو ۽ گهوڙي تان ڪري زخمي ٿئي ٿو. ان
بعد هن ”چانڊوڪي”فلم جا احوال لکيا آهن. سليمان شاھ سان فائيٽ سين ۾ سليمان شاھ
کيس سچ ۾ زور جو ٻک وجهي ٿو ۽ هُو بيهوش ٿي وڃي ٿو. ان فلم ۾ قربان جيلاني ولين
آهي. ان ئي فلم ۾ خاور ڇوڪري جو نالو چڪوري رکيو ويو. سنڌي فلمن مان اردو ۽ پنجابي
فلمن لاءِ به هيروئنون نڪتيون هيون. هن جي فلمن جي ڪري ڪاليج واري نوڪري به ختم
ٿي. ڪراچي وڃي هو سنڌي فلمن جو سپر اسٽار ٿيو. چڪوري سان سندس افيئر به انتهائي
دلچسپ آهي. ڳاڙهي بازار جي اداڪارا جي ماءُ سندن پيار ۾ رڪاوٽ هئي ۽ ٻنهي لڪي فلم
شوٽنگ تان ڀڄي ڪورٽ ۾ شادي ڪئي. اداڪارا شهزادي جي گهر ٻه هفتا لڪل رهيا.
ڪراچي
۾ فلمن جي زوال بعد ٻئي زال مڙس لاهور ويا، جتي چنگيزي سائيڊ ڪردارن ۾ ۽ چڪوري
هيروئن ٿي ۽ چڪوري جي ماءُ ولين بڻجي سندس زندگي برباد ڪئي. هو سڀ ڪجھ لٽائي واپس
حيدرآباد موٽيو. شاھ اسد سان ”جلال چانڊيو“، ”پرو” ۽ ”شهيد” جهڙين
فلمن سان هڪ نئين دور ۾ داخل ٿيو ۽ سنڌي فلم وري سينما تي آئي. منصور بلوچ سان
نفاق سبب هُن حيدرآباد اچي ريڊيو تي ڪم شروع ڪيو. اهو به معلوم ٿئي ٿو ته ”پرو” فلم جو نالو ”ڏهيسر” هو پر پوءِ مٽايو ويو. ”شهيد” فلم جو نالو ”حر مجاهد” هو پر ڪٿان دٻاءُ سبب تبديل ڪيو ويو. ”پڪار” فلم جي ڊائريڪشن واري ڪهاڻي جو قصو به ڄڻ پاڻ هڪ فلم آهي، جنهن ۾
ڇوڪريون نه هجڻ سبب هُن ناچو ڇوڪرن کي عورتاڻي ميڪ اپ ۾ آڻي فلم ۾ ڪم ڪرايو. هن جي
هي آتم ڪٿا ۲۰۰۶ع تائين آهي ۽ ان سال کيس صدارتي ايورڊ به مليو.
هي آتم ڪٿا سنڌي فلمن جي عروج جي سببن کي به بيان ڪري ٿي. ان جي زوال جا ڪارڻ ۽ وچ
۾ وري اڀري اچڻ ۽ پوءِ مڪمل ختم ٿيڻ جي پوري ڪهاڻي بيان ڪري ٿي. نوٽن سان کيڏندڙ ۽
عروج ۾ رهندڙ بيمار ٿيڻ واري حالت بعد آخري صفحن ۾ لکي ٿو: ”. . . ۽ دل جو مريض
بڻجي خيراتي اسپتال ۾ زندگي ۽ موت جو کيل ڏسڻ لڳس. “(ص: ۱۵۸)
مجموعي
طور هي آتم ڪهاڻي سيبتي انداز ۾سادگيءَ سان وڻندڙ ۽ دلچسپ لکي وئي آهي ۽ سنڌي هيرو
جي ڪلا جو هڪ خوبصورت رنگين ۽ درد ڀريو داستان آهي، جيڪو ورائي ورائي پڙهي سگهجي
ٿو. هن فلمي دنيا جو تجزيو به واه جو ڪيو آهي: ”هن دنيا ۾ اچڻ کانپوءِ اصلي عشق
اصل نه ڪجي. ڇو جو هي دنيا نقلي هوندي آهي. “(ص: ۴۶) چنگيزي سنڌي فلمن جي انهن هيروئنن جا نالا به لکيا آهن جيڪي ”بازارِ
حسن”سان واسطو رکنديون هيون، جن ۾ مھ پاره، لالي، چڪوري وغيره شامل آهن. مشتاق
چنگيزي جو چوڻ آهي ته مصطفى قريشي سڀ کان پهريائين سنڌي فلم ”پرديسي”۾ ڪم ڪيو پر
هو ان جو ذڪر ناهي ڪندو. سچي ڳالھ اها آهي ته سنڌي فلمن جي شهزادي مشتاق چنگيزيءَ
جي هن ڪتاب تي هڪ بهترين سوانحي فلم (Bio-Picture) ٺهي
سگهي ٿي.
(ڏھاڙي
پنھنجي اخبار ڪراچي ءَ ۾ ۱۶
جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا