پروانو ڀٽي
صحافيءَ جي سار
لهڻ جو وقت
غلام حسين لغاري
پنهنجي زندگي جا ۶۷ سال کن صحافت، ادب ۽ ثقافت کي ارپيندڙ ميوو خان نالي معروف پروانو ڀٽي
جيڪو علالت ڪري پنهنجي گهر تائين هاڻ محدود ٿي چڪو آهي سنڌ سرڪار جي اطلاعات توڙي ثقافت
کاتي جي بي حسي کان ته هونئن ئي مايوس ٿي چڪو آهي پر سنڌ جي هڪ اڌ اخباري مالڪن لاءِ
به کيس بي پناهه شڪايتون آهن جن جي وڏڙن سان هن اڻهوند ۾ به اهڙي وقت ساٿ نڀايو جڏهن
اخبارون مالي بحران هجڻ ڪري شايع ٿيڻ به ڏکيون هيون تن جي پونيئرن به کيس وساري ڇڏيو
آهي ۽ بنهه اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن. هن پنهنجي
اکين ۾ خوشي وارا لڙڪ وهائيندي پوءِ به مُرڪڻ واري انداز ۾ چيو ته کيس ڪنهن جي به مدد
يا سار لهڻ جي ڪا به ضرورت ناهي پر جڏهن ڪو صحافي يا اديب وٽس ٻه پير ڀري لڙي اچي ٿو
ته هو پاڻ کي چڱو ڀلو محسوس ڪري ٿو جيڪو ان جو علاج آهي.
ناليواري ڪالم نگار وهاب منشي جي خواهش ۽ اڳواڻي
۾ آ ۽ ٻيا صحافي هر هڪ عباس قصر، عبدالجبار ناريجو،
عبدالغفور سروهي ۽ رياض مهيسر آچر ڏهاڙي عبدالله سينٽر قاسم آباد ۾ سنڌ جي هن عظيم
صحافي ۽ اديب جي گهر پهتاسين ته هو اسان کي پنهنجي ويجهو ڏسي خوشي وچان نه پئي ماپيو.
پروانو ڀٽي سان منهنجي پهرين ملاقات ۱۹۶۶ ڌاري روزاني
اخبار عبرت ۾ ٿي هئي جتي پاڻ بطور سب ايڊيٽر فرائض سرانجام ڏيندا هئا. سنڌ اندر ٿيندڙ
ثقافتي موقعن ۽ مشاعرن جي موقعن تي به کيس حصو وٺندي ڏٺو جنهن ۾ سندس ادائيگي جو منفرد
انداز هو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو پروانو ڀٽي هڪ نالي طور اڀريو. صحافت توڙي ادب جي جيڪا هن خدمت ڪئي آهي سا شايد
ئي ڪنهن کان وسري پر جيڪڏهن سنڌ جو ثقافت کاتو يا اطلاعات کاتو يا وري نئين ٽهي جا
صحافي ۽ ادبي لڏي جا دوست کيس وسارين ٿا اها ڪنهن افسوس کان گهٽ نه ٿيندي. هن پريس
ڪلب حيدرآباد جي مک اڳواڻ دوستن ۽ صحافي تنظيمن لاءِ به ڏوراپو ڏنو ته هنن به کيس وساري
ڇڏيو آهي ۽ کيس اها اميد هئي ته اهي وٽس ضرور ايندا پر اڃا اهي به وٽس ناهن پهتا. پر
ديرمدار به آيا ته سندس دل وڏي ٿي ويندي ۽ خوشي محسوس ڪندو ڇاڪاڻ ته اهي به سندس جگر
جيان پيارا آهن.هن چيو ته وري به شابش هجي اڳوڻي وزير تعليم پير مظهرالحق صاحب کي جنهن
هڪ نه پر ڪافي ڀيرا فون ڪري سندس خيريت معلوم ڪئي آهي جيڪو روزاني عبرت ۾ ساڻس گڏ سب
ايڊيٽر طور ڪم ڪندو هو. محترم پروانو ڀٽي ۱۹۵۱ ۾ عملي
طور صحافت ۾ پير پاتو ان وقت پاڻ ميوو خان ڀٽي هو. هن منشي هائوس کان هلال پاڪستان
کان پنهنجي صحافت جو آغاز ڪيو جنهن جو ايڊيٽر مرحوم عبدالشڪور منشي هو.سنڌ جو ناليوار
صحافي، اديب ۽ ليکڪ محترم سراج الحق ميمڻ به ساڻس گڏ هلال پاڪستان ۾ بطور پروف ريڊر
ڪم ڪيو جيڪو اڳتي هلي ڀٽو دور ۾ وري ساڳي اخبار جو ايڊيٽر بڻيو هو. هن جو چوڻ هو ته
کيس پروف پڙهڻ جي عيوض هڪ رپيو روزانو ملندو هو جنهن مان هو چار آنا مانجهاندي تي
۽ ڇهه آنا حيدرآباد ٽنڊو محمد خان جي ڀاڙي تي خرچ ڪندو هو جڏهن ته ڇهه بچائي وڃي گهر
واري کي ڏيندو هو ته اها خوش ٿيندي هئي ۽ گهر جو خرچ با آساني سان انهن ڇهن آنن مان
ٿي ويندو هو جڏهن ته هاڻ ڇهه هزار به ٿورا آهن. محترم پروانو ڀٽي هن وقت ۸۱ سالن جي ڄمار ۾ آهي جنهن دوران هن پرائمري استاد ۽ پبلڪ رليشنز آفيسر
طور به پنهنجا فرائض سرانجام ڏنا آهن. هن سائين
جي ايم سيد جي صحبت ۾ رهڻ ڪري به ڪافي ڪجهه پرايو جڏهن ته شمشيرالحيدري، ابراهيم جويو
سان به سندس ويجهڙائپ رهي آهي جن وٽان به هن ڪافي ڪجهه سکيو ۽ پرايو آهي. محترم پروانو
ڀٽي جي دل کي تڏهن گهرو گهاءُ لڳو ۽ اڌ ماڻهو ٿي ويو جڏهن سندس موڀي پڳدار پٽ گل ڀٽي
عبدالله سينٽر ۾ شهيد ڪيو ويو. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڏهن سالن کان مٿي جو
عرصو گذري چڪو آهي پر سندس پٽ جو نه ڪيس هليو آهي ۽ نه وري کيس ڪو انصاف مليو آهي،
ان کان وڌيڪ به سرڪار سڳوري جي ڪهڙي بي حسي چئبي. گل ڀٽي شهيد جو اولاد يعني پوٽا ئي
سندس لاءِ گل ڀٽي جيان اڳيان پويان ڦرن ٿا. گل ڀٽي شهيد جو وڏو فرزند جيڪو انوقت موجود
هو سو اسان سڀني دوستن لاءِ چانهن کڻي آيو ۽ پنهنجي ڏاڏي کي اڪيلائپ محسوس نه ڪرڻ ڏني.
پروانو ڀٽي صحافت ۽ ادب جي تاريخ جو املهه حصو
آهي پر جيڪڏهن کڻي ڪو به نئون ۽ ننڍو صحافي ۽ اديب هجي ان کي به نظرانداز ڪرڻ يا ان
سان نا انصافي وارو رويو اختيار ڪرڻ به ڪنهن بي حسي کان گهٽ ناهي ۽ وري اهڙي بي حسي
جو مظاهرو ثقافت يا اطلاعات کاتي جهڙو ادارو ڪري ڪنهن بي انصافي کان گهٽ ناهي.
هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جا صحافي
توڙي اديب ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جا ڪرتا ڌرتا به
ٻه وکون اڳتي وڌائين ۽ سنڌ جي ٻنهي مک کاتن ثقافت ۽ اطلاعات تي زور ڀرين ته
اهي پروانو ڀٽي جي سڃاڻپ ۽ ڪردار جو اعتراف ڪري نه صرف انجو علاج سرڪاري خرچ تي ڪرايو
وڃي پر انجي مالي مدد به ڪئي وڃي جنهن جو هو هن وقت حقدار آهي. نه صرف ايترو پر وٽس
جيڪو علم ۽ تجربو آهي انجي روشني ۾ سندس انٽرويو ڪري سموري ڄاڻ کي محفوط ڪيو وڃي جيڪا
سنڌ جي علم ادب ۽ ثقافتي جي تاريخ سان ڀري پئي آهي. بهرحال اسانجي ڌڻي در دعا آهي ته
محترم پروانو ڀٽي جلد صحتياب ٿئي ۽ پنهنجيون صحافتي توڙي علمي ادبي سرگرميون جاري رکي
سگهي ڇاڪاڻ ته بيماري جي بستر تي هوندي به سندس حوصلو پرعزم ڏسڻ ۾ پيو اچي ۽ سڀني لاءِ
دعاگو آهي.
پروانو ڀٽي
هڪ صحافي هڪ اديب
انعام الله ڀٽي
پير مرقد ۾ رکيم سوز ڀري دانهن ٻڌم،
موت مهلت جي ڏئي ها اچان ها مان
به وڌي،
مان ته منزل تي رسيس توکي آ
منزل جي تلاش،
تون به سُورن جو سڙيل مان به ڏکڙن
جي ڏُڌي.
هي شعر سنڌ جي ڪهنه مشق اديب
صحافي ۽ شاعر مرحوم ميوو خان پرواني ڀَٽي جو آهي، جيڪو سندس اندر جو آواز چئي
سگهجي ٿو. ميوو خان پروانو ڀَٽي غريب ابن غريب پوليس جمعدار جي گهر ۾ ۱۶ فيبروري ۱۹۳۴ع ۾ اکيون کوليون. ميوو خان
پرواني ڀٽي جي زندگي اها ڪانه هئي جيڪا ڏيکائي ڏني پئي. پنهنجي سڄي زندگي سنڌي ٻولي
جي ادب، صحافت ۽ شاعري واري دنيا ۾ گذري، پنهنجي قلم جي پورهئي سان پنهنجي زندگي
جي سفر کي روان دوان رکيو. زندگي ۾ ايندڙ لاهن چاڙهن کيس گهڻو ڪجهه سيکاري ڇڏيو
هو. هونئن ته اسان واري سنڌي ادب واري سماج ۾ ادبي پنڊتن جي اها هڪ روايت رهي آهي
ته هو هميشه پنهنجن مفادن خواهشن کي ترجيح ڏيندا آيا آهن. ٻولي ۽ لوليءَ جي صنف جي
به کين شايد خبر نه هجي. ميوو خان پرواني ڀٽي جي لکڻين ۾ هميشه لوليءَ ۽ ٻولي واري
صنف جي ته ايتري پختگي نظر ايندي، جنهن جو اندازو سندس هن شعر ۾ لڳي ٿو، جنهن ۾
مزاحمت به آهي ته پيغام به.
ريت جا محل اڏي زندگي گهارڻ
وارا
زندگي صرف ٿڌي ڇانءَ جو نالو ڪونهي
هن ۾ جهولا لڪون سهڻ جي طاقت به
کپي
سنڌ کي ماءُ مٺي چوندي نه ٿڪجڻ
وارا
سنڌڙي صرف ڪنهن مُلڪ جو نالو ڪونهي
هن جي اولاد ٿيڻ لاءِ غيرت به
کپي
شاهه جي عشق اندر پاڻ کي ڳارڻ
وارا
هن جي نياپي تي هلڻ لاءِ همت به
کپي
پرواني ڀٽي مرحوم هميشه پنهنجي
قلم ۽ لکڻين جي ذريعي پوءِ اهو کڻي اخباري ڪالم هجي يا شاعري وارو انداز پر هميشه
پنهنجي ضمير کي اڳيان رکي لکندو آيو آهي. پنهنجي زندگي جو سفر صحافت جي پيشيوراڻا
صلاحيتن ۽ پنهنجي قلم جي پورهئي سان گذاريو. وقت جو کيس احساس به نه رهيو ته پاڻي
جي وهڪري وانگر سندس زندگي وهي وئي. سنڌي ٻولي جي ادب، صحافت ۽ شاعري واري دنيا ۾
رهي جوڳي رمندا ڀلا وارو ڪردار ادا ڪندو رهيو. سنڌي ٻولي جي ادب، صحافت واري دنيا
۾ رهندڙ عجيب ۽ غريب انسان سنڌ جي ادبي محفلن جو هميشه مور سڏيو ويندو هو. ادبي
دنيا ۽ صحافت جي دنيا سان وابستگي اڻٽُٽ هئي. مرحوم ميوو خان پروانو ڀٽي عبرت
اخبار کان وٺي هلال پاڪستان اخبار ۽ سنڌ جي ٻين اخبارن سان سڄي حياتي وابسته رهيو.
سندس هر هڪ لکڻي جي لفظ ۾ پختگي هوندي هئي. سندس لکيل ڪالمن، مضمونن ۽ شاعري ۾ سنڌ
جي ماڻهن جو درد ڀريل هوندو هو. ون يونٽ جي تحريڪ هجي يا ايم آر ڊي جي تحريڪ هجي
پرواني ڀٽي جو قلم هڪ باشعور اديب، صحافي ۽ شاعر جي حيثيت سان ڪڏهن به خاموش نه
رهيو. ڇاڪاڻ ته کيس ادب، صحافت ۽ شاعري واري صنف جي پوري طرح سان ڄاڻ هئي. اسان
واري سنڌي سماج جي ادب ۽ صحافت واري دنيا ۾ ويٺل ادبي پنڊتن کي شايد انهي صنف جي ڄاڻ
به نه هجي پر ساڻس ملهايل ادبي شامن ۽ رهاڻن ۾ اسٽيج تي اچي ٻيا قصيده گوئي ڪندا،
پنهنجي سفيد پوشي پيا لڪائيندا پر مرحوم پرواني ڀٽي سندس ڇپرايل آتم ڪٿا ڪتاب
زندگي جي ورق ۾ پنهنجون ڪچايون ڦڪايون کليءَ دل سان پيش ڪيون آهن، ڪٿي به پنهنجي
سفيد پوشي کي لڪايو ڪونهي. بقول سندس ته سنڌي ٻولي جي ادب جي خدمت ڪرڻي آهي، ڪريون
پيا ڪنداسين پيا، لوڙيو اٿئون لوڙيون پيا. ڊسمبر ۲۰۱۶ع تي سنڌ جو هي بيباڪ صحافي، اديب ۽ شاعر پنهنجي زندگي جي ادبي ۽ صحافت
واري سفر جا ۸۳ سال پورا ڪري پنهنجي مالڪ
حقيقي سان وڃي مليو. هن دنيا کي خيرآباد چئي پويان ادبي دوستن، صحافي دوستن کي
غمزده ڪري ڌرتي ماءُ جي هنج ۾ آرامي ٿيو.
پروانو ڀٽي
جهوني صحافي ۽ ليکڪ جو
لاڏاڻو
’حياتي وئي گذري سفر در
سفر‘
نور سنڌي
سنڌ جو شاعر، ليکڪ صحافي ڀٽ ڌڻي
جي رسالي جو پارکو پروانو ڀٽي ٻن سالن کا وڌيڪ عرصي کان مختلف بيمارين سان جهيڙيندي
۸۳ سالن جي عمر ۾ پهرين ڊسمبر ۲۰۱۶ تي صبح ۹ وڳي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. پاڻ ڪجهه
هفتن کان حيدرآباد جي هڪ اسپتال ۾ موت سان جهيڙيندو رهيو.
پرواني ڀٽي جو شمار سنڌي جي
جهونن شاعرن، ليکڪن ۾ هو. سندس اصل نالو ميوو خان ڀٽي، ۱۹۳۴ع ۾ دادو ضلعي جي پيارو خان ڳوٺ ۾ پوليس جي سپاهي گل محمد خان ڀٽي جي گهر ۾
جنم ورتو. سندس تعليم سنڌي فائينل هئي. شاگردي دور ۾ ڪرڪيٽ ۽ والي بال جو بهترين
رانديگر رهيو، سندس والد لطيف سائين جو عاشق هو. پروانو پهريون شعر اسڪول جي
اسيمبلي ۾ هڪ قومي گيت”پيارو پاڪستان پيارو پاڪستان “ ترنم ۾ ٻڌايو، ان تي اسڪول
جي هيڊ ماستر فريد خان چانڊيو کيس انعام ڏنو، شاعري تي سندس استادن، دوستن، مائٽن
به همٿ افزائي ڪئي، جنهن منجهن وڌيڪ اتساهه پيدا ڪيو. پاڻ ۱۹۴۸ع کان ۱۹۵۲ع تائين استاد رهيو. حيدرآباد ۾
ٽريننگ دوران محمد عثمان ڏيپلائي سان سندس ملاقات ٿي، جيڪو ان وقت هفتيوار عبرت
شايع ڪندو هو. محمد عثمان ڏيپلائي پروانو ڀٽي ۾ ٽيلينٽ ڏسندي کيس اخبار ۾ ڪم ڪرڻ
جي آفر ڏني ۽ پاڻ ماستري ڇڏي صحافت شروع ڪئي ۽ اخبار ۾ ۳۰ رپيا پگهار تي سب ايڊيٽر طور مقرر ٿيو، سگهوئي عبرت اخبار قاضي عبدالمجيد عابد خريد ڪئي ۽
اُها هفتيوار مان روزانه طور شايع ٿيڻ لڳي ۽ پروانو بدستور سب ايڊيٽر طور ڪم ڪندو
رهيو. بعد ۾ ڪجهه وقت عبرت ڇڏي روزانه هلال پاڪستان حيدرآباد ۾ سب ايڊيٽر ۽ ايڊيشن
انچارج ٿيو. ۵۸ع کان ۱۹۸۰ع تائين عبرت ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪيو. شاعري ۾ سندس پهرين ميول تخلص هو،
بعد ۾ شاعري ۾ سندس استاد شيخ محمد ابراهيم خليل کيس پرواني جو تخلص ڏنو ۽ هو سنڌ
۾ پروانو ڀٽي جي نالي سان مشهور ٿيو. انهن ڏينهن ۾ عبرت ۾ شيخ عزيز ٻارڙن جي ٻاري
صفحو ڪڍندو هو، جنهن سان ٻارن ۾ لکڻ جو اتساهه پيدا ٿيو، بعد ۾ شيخ عزيز اخبار جو ڪم وڌي وڃڻ ڪري ٻارڙن جي ٻاري صفحو پروانو ڀٽي
حوالي ڪيو ته هُن نه صرف ٻارڙن جي ٻاريءَ کي بهترين طور شايع ڪيو پر انهيءَ نالي
سان ٻارڙن جي آرگنائيزيشن به قائم ڪئي ۽ ان جون سڄي سنڌ ۾ شاخون قائم ڪري ان پاران
سڄي سنڌ ۾ ٻارڙن جا ڪنوينشن، جلسا ڪرائي ٻارڙن ۾ علمي، ادبي سرگرمين ۽ لکڻ جي جاڳرتا
۽ اتساهه پيدا ڪيو. ڪيترن ئي شهرن ۾ لائبريريون قائم ڪرايون. ۱۹۵۵ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پاران ٻارن جو پروگرام ٻارڙن جي ٻاري شروع ڪيو،
اهو پروگرام مصطفى قريشي، عبدالڪريم بلوچ ۽ پروانو ڀٽي گڏجي هلائيندا هئا.
سندس وايون، غزل، ڪافيون، نظم، ٽيڙو،
قطعه عبرت، مهراڻ رسالو، بادل رسالو، نئين زندگي، امرتا، هلال پاڪستان ۽ ٻين رسالن
اخبارن ۾ شايع ٿيا آهن. پاڻ ماضي ۾ عبرت ۾ روزانو هڪ قطعو لکندو هو، عبرت ۾ سندس ۵ هزارن کان وڌيڪ قطعا شايع، ٿيا جيڪو هڪ رڪارڊ آهي. پروانو ڀٽي پاڻ پنهنجي
شاعري نه ريڊيو نه ٽي وي تي رڪارڊ ڪرائي نه وري فنڪارن کي ڳائڻ لاءِ ڏني، بقول
سندس ته عابده پروين، سينگار علي سليم، محمد يوسف، وحيد علي، استاد ابراهيم، محمد
جمن، وحيد علي ۽ ٻين مشهور فنڪارن هن کان شاعري گهري. سندس چوڻ هو ته اهو شوق
سرندي وارن شاعرن جو آهي ته هو فنڪارن کان پنهنجي شاعري ڳارائي پوءِ ڪنڌلوڏين،
بقول هُن جي ته اهو سندس جذباتي فيصلو هو. جيڪو صحيح نه هو. ان جو کيس احساس رهيو.
پاڻ بهترين شاعر سان گڏ بهترين ليکڪ به هو، عبرت، هلال پاڪستان، خبرون ۽ ٻين
اخبارن ۾ سندس مضمون ۽ هفتيوار ڪالم شايع ٿيا آهن. ماضي ۾ ۱۹۷۰ع ڌاري عبرت ۾ هفتيوار ڪلام جاني جي نالي سان ڪيترائي سال لکيو. ۱۹۶۹ ۾ صحافين جي وفد سان ايسٽ پاڪستان جي دوري تي ويو. جتي هن شيخ مجيب
الرحمان سان ملاقات ڪئي. هُن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ۲۰ کان وڌيڪ ڊرامن ۾ منظور قريشي، مصطفى قريشي، عبدالحق ابڙو، مشتاق مغل،
نصرت چنا، نسرين فضل جهڙن ناميارن صداڪارن سان گڏ صداڪاري ڪئي. هُن سنڌي فلم محبوب
مٺا ۾ وڏيري جو ڪردار به ادا ڪيو. کيس ان دور ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي اسڪرپٽ
رائيٽر جي نوڪريءَ جي آفر ٿي پر هن قبول نه ڪئي. هُو ان کي به جذباتي غلط فيصلو سمجهندو
هو، سندس چوڻ هو ته ان دور ۾ کيس صحافت جو شوق هو، ريڊيو تي نوڪري وٺي پاڻ کي ريڊيو
تائين محدود رکڻ نه ٿي چاهيائين. پاڻ بزم خليل، بزم طالب المولى، سنڌي ادبي سنگت،
بزم روح رهاڻ ۽ ٻين تنظيمن جو بنيادي ميمبر ۽ مختلف عهدن تي رهي سنڌي ادب جي واڌاري
لاءِ نوجوانن ۾ ادبي رجحان پيدا ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي. شاهه لطيف فائونڊيشن جو به
بنيادي ميمبر هو ۽ مختلف عهدن تي رهيو آهي. در محمد ڪمال سان گڏجي سنڌ ڪلچرل ڪائونسل
به قائم ڪري ان پليٽ فارم تان مختلف شهرن ۾ علمي ادبي ثقافتي شاندار پروگرام ڪرايا.
هو لطيف جو پانڌيئڙو هو. لطيف سائينءَ جي ڪلام پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ جاکوڙيندو
رهيو .۱۹۵۰ع کان لطيف سائين جي عرس جي
ادبي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندو رهيو ۽ ادبي ڪانفرنسن کي زور وٺرائڻ لاءِ شاندار ڪردار
ادا ڪندو رهيو. کيس موسيقي سان به دلچسپي رهي. هُن کي جوانيءَ ۾ راڳ سکڻ جو شوق
رهيو ۽ ان دور ۾ کاهي روڊ تي استاد اميد علي خان جي موسيقي جي سکيا واري اسڪول ۾ وڃي
راڳ سکيو. بعد ۾ ۱۹۵۳ع ۾ ريڊيو پاڪستان ڪراچي تي فنڪار
طور آڊيشن به ڏنو، جيڪو ايم ڊي انصاري ورتو ۽ ان کيس چيو ته اوهان راڳ کي معاف ڪريو.
ان بعد هن مٿان فنڪار ٿيڻ جو جنون ختم ٿي ٿيو. پرواني ڀٽي هڪ دفعي ٻڌايو ته علڻ فقير کي هو ريڊيو پاڪستان تي وٺي آيو ۽
سندس پهريون انٽرويو ڪيو، ان بعد هن کي ريڊيو تي پروگرام وٺرائي ڏنا، جن وسيلي هن
سڄي سنڌ ۾ مڃتا ماڻي. سندس اها به دعوا هئي ته مشهور فنڪار ممتاز لاشاري کي ۷۱ع ۾ ريڊيو پاڪستان تي وٺي آيو، هن کيس ميهڙ ۾ شاعر اسحاق راهي جي هڪ
پروگرام ۾ ٻڌو هو ۽ سندس ڳائڻ جي انداز کيس متاثر ڪيو. پروانو ڀٽي ريڊيو پاڪستان
حيدرآباد تي ڪيترائي پروگرام ڪيا، جن ۾ ٻين کانسواءِ ادبي پروگرام، ساٿ ڌڻي سرواڻ
وڏي مقبوليت ماڻي.
ماضي ۾ سئنيما تي فلمون هلڻ کان
اڳ اطلاعات کاتي پاران حڪومت جي ڪارڪردگي تي سڌ سماءُ پروگرام هلندو هو، سنڌي ۾ اهڙي
پروگرام جي ڪمپيئرنگ پروانو ڀٽي ڪندو هو. اطلاعات کاتي پاران سنڌ صدين کان، سٽي
سکر دستاويزي فلمون جي بيڪ گرائونڊ ۾ پروانو ڀٽي جو خوبصورت آواز هو. پاڻ ۱۶ سال پبلڪ اسڪول حيدرآباد جو ڪانٽريڪٽ تي پبلڪ رليشن آفيسر به رهيو. اتي ايڪسٽرا طور استاد جا فرض
به ادا ڪيا. پاڻ انيس حسن اسڪول حيدرآباد ۾ به استاد رهيو اتي سندس اهو به ڪارنامو
رهيو ته صبح جو اسيمبلي ۾ قرآن شريف جي آيت، حديث شريف سان گڏ شاهه لطيف جو شعر ٻارن
کان ترنم ۾ پڙهائڻ شروع ڪيو ۽ پاڻ ان جو اردو ۾ ترجمو ڪندو هو. پاڻ ادب پاران
حيدرآباد ۾ شام لطيف جي حوالي سان سلسلو شروع ڪيو. هُن زندگيءَ ۾ ۶ سئو کان وڌيڪ مشاعرن ۾ شعر پڙهيا. ۴۰۰ کان وڌيڪ ادبي ڪانفرنسن، شاعرن سان رهاڻين، ورسين جنم ڏينهن جي پروگرامن ۾
مقالا پڙهيا آهن.پروانو ڀٽي کي ۳
فرزند، ۴ نياڻيون آهن. سندس جيون ساٿياڻي
۲۰۱۲ع ۾ انتقال ڪري وئي. سندس هڪ
جوان فرزند گل ڀٽي جيڪو قومپرست پارٽي جو ڪارڪن هو، ان کي دهشتگردن حيدرآباد ۾
گوليون هڻي ماري ڇڏيو. گلاب جي خوشبوء جهڙي نوجوان پٽ جي اهڙي درد ڀرئي موت سندس
اندر کي اڌ ڪري ڇڏيو. سندس زندگي جو اهو وڏي کان
وڏو ڏک هو، پروانو ڀٽي جو هيٺيون شعر سندس زندگي جي عڪاسي ڪري ٿو.
حياتي وئي گذري سفر در سفر،
ڪٿي ڪين ٺاهي سگهيس پنهنجو گهر،
اهو پڻ اوهان جي عدم جو مثال،
في هڪ سان ٿا ڪريون درگذر.
پروانو ڀٽي
نه سي وونئڻ وڻن ۾
شعبان وسطڙو
ميوو خان جيڪو
پرواني ڀٽي جي نالي سان مشهور هو، تنهن جي وڇوڙي کانپوءِ ڪويتا پبليڪيشن جي
سربراهه موهن مدهوش، تاجو جويو جي محنتن ۽ ڪاوشن سان ترتيب ڏنل ڪتاب ڇپرائي پڌرو ڪيو.
پروانو ڀٽي هڪ مسلسل محنت ۽ جاکوڙ جو نانءُ آهي، جنهن پنهنجي سموري زندگي ۾ ڪڏهن
به سک نه ماڻيو، ڇو ته هو شاهه جي انهيءَ بيت جو جهڙوڪ تسلسل هجي ته:
ڇپن ڇنا پير، هلي
هلي ماءِ!
هن پنهنجي زندگي جا
جيڪي تجربا هن ڪتاب ۾ سهيڙيا آهن تن لاءِ لکي سگهجي ٿو ته هڪ انسائيڪلو پيڊيا، هن
پنهنجي زندگي جي هڪ سچائي پيش ڪئي آهي. سچ ته سندس ڪتاب پڙهي سندس معصوميت تي رشڪ
اچڻ لڳو آهي، ته مار! هن ڪيڏي سچائي ۽ بي باڪيءَ سان پنهنجي ڪٿ ڪئي آهي، جيڪا هر ڪنهن
جي دل گڙدي جي ڳالهه ناهي.
پرواني جي زندگيءَ
جو سفر اها آگاهي ڏئي ٿو ته پنڌ پرانهو آهي، هلڻو آهي، مسلسل هلڻو آهي، ٿڪجڻو
ناهي، اها واٽ گس نئين نسل لاءِ هڪ پيغام آهي.
پرواني هميشه
پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن سان پيار پريم ۽ محبت واري وارتا واري هئي ۽ اهڙي سچي
جذبي واري سچائي سندس ئي گلي ۾ پوندي هئي، بلڪل ذوالفقار راشديءَ جي انهيءَ شعر
وانگي ته:
ڪئيسين هن سان محبت
ته، ذوالفقار وري،
اسان جو نانءُ به
لکجي ويو گنهگارن ۾.
پرواني جيڪي رنڍا
روڙيا آهن، تن جو ذڪر هن پنهنجي آتم ڪٿا ۾ خوب ڪيو آهي. پرائمري استاد کان تپيداري
۽ پوءِ صحافت جو سفر انسان کي ٿڪائي وجهندو آهي پر پرواني انهن سفرن کي خوب
انجواءِ ڪيو. ڪٿي به ٿڪجڻ واري لکا نه ڏنائين، هن غربت جو سفر به نهايت سانتيڪي ۽
خاموشيءَ سان ڪيو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو وڏو صابرين هو جيڪو آخري دم تائين
صبر ۾ رهيو.
پروانو صاحب ڪتاب
لکڻ مهل وڏي ڪفايت کان ڪم ورتو آهي ۽ ڪي ڳالهيون ته هن اندر ۾ ئي اتاري ڇڏيون آهن
۽ شاهه صاحب جي هنن سٽن جيان ته:
ڳالهيون پيٽ ورن ۾
وڌي وڻ ٿيون
۽ اهي
سموريون ڳالهيون ۽ اڇا ڪارا پڌرا ڪري ها جن دوستن ساڻس بيوفايون ڪيون ۽ ڪلور ڪيا،
انهن کي به لڪائي ويو. جيڪا سندس وڏائي هئي. ڇو ته وري هو اهڙن ماڻهن تي پردو رکي
ويو پر آتم ڪٿا ۾ هو انهن مڙني کي بي نقاب ڪري ها ته ماڻهن کي خبر پوي ها ته گهڻي
ويهين سؤ آهي ۽ اڳتي اسان جهڙا اڻڄاڻ ماڻهو جيڪي شاهه سائينءَ جي انهي سٽ کي ساهه
سان سانڍيندا ايندا رهيا آهيون ته:
ته اديون آءُ اڻ ڄاڻ.......!!
پر سچ به ته اسين ڪيترو
وقت اڻڄاڻائي ۾ گذاريندي اڻ ڄاڻ رهجي وينداسين. ايتري ته خبرداري کان خبرادر رهو،
جيئن اسان کي به ماڻهن جي ذهنن ۽ طبيعتن جي پرک پئجي سگهي يا انهيءَ نيم حڪيم
وانگي جنهن هڪ ڳوٺاڻي کي پنهنجي دواخاني تي مختلف ڊرمن مان ڳاڙهن، ڦڪن ۽ ساون رنگن
جا شيشا ڀري ڏنا ته وڏيرا سائين هڪ هڪ وزن هڪ شيشيءَ مان صبح، منجهند ۽ شام پيئندا
ته نوبنا ٿي ويندا ۽ جڏهن اهو وڏيرو هڪ دوا جو وزن حڪيم جي دواخاني تي پي ڳوٺ
روانو ٿيو ته دوا پنهنجو رنگ ڏيکارڻ شروع ڪيو ۽ وڏيري جو ساهه واٽ تي ئي پرواز ٿي
ويو، گهوڙي به نمڪ حلالي جو ڪم ڪيو ۽ سڌو وڏيري جي اوطاق جي ويجهو پهچي هڻڪارون ڪيون.
ڪمي، ڪاسبي ۽ ڳوٺ جي ماڻهن ڏٺو ته وڏيرو گهوڙي تي ڍرڪيو پيو هو. ويجهو وڃي ڏسن ته
مار! وڏيرو ته بي ساهو ٿيو گهوڙي تي پيو آهي. حڪيم جي دوائن جا شيشا ٽنگيا پيا
هئا، سمجهي ويا، مڙس کي اندر ڪري ڪجهه همراهه ڏنڊن سان وڃي حڪيم وٽ پهتا ۽ کيس
چيائون ته ”تو ڪهڙي دوا ڏئي اسان جي وڏيري کي ماريو آهي؟“ حڪيم عجب وچان ڏسندي چيو
ته ”وڏيرو مري ويو!!“ حڪيم جي اهڙي جواب تي هو به کيس گهوريندا رهيا. تڏهن حڪيم
کين چيو ته پريشان نه ٿيو وڏيرو مري ته ويو پر وزن جي خبر ته پئجي وئي نه!! اڳتي
احتياط ڪبو. سو جيڪر پروانو صاحب اهڙن چهرن کي بي نقاب ڪري وڃي ها ته ڏاڍو سٺو ٿئي
ها ۽ سندن داڳيل چهرا ظاهر ٿين ها، پوءِ اڳتي احتياط کان ڪم وٺجي ها ۽ انهن جي ڀر ڏئي
به نه لنگهجي ها.
پرواني صاحب تي
منهنجو به خاڪو لکيل آهي، جيڪو هن ڪتاب ۾ شامل ناهي. شايد ڪتاب ترتيب ڏيندڙ کي هٿ
نه آيو جيڪو اخبار ۾ ڇپيل هو. مون جڏهن پرواني تي خاڪو لکيو ته کيس پڙهي ٻڌايو، ڏاڍو
خوش ٿيو ۽ چيائين ته ان جي ڪاپي مون کي ڏيو ته حيران ٿيندي مون چيو ته مون بشير
احمد هيسباڻيءَ کي تخيل لاءِ ڏيڻو ڪيو آهي، چيائين يار ساهه تي ڪهڙو ڀروسو آ.
اخبار وارن کي ڏيان ٿو وقت گذري ويو، اُن اخبار سندس خاڪو نه ڇاپيو ۽ پوءِ جڏهن ڇپيو
ته اهو ٽوڙي مروڙي ڇاپيو ويو، جنهن سان ڏاڍو ڏکارو ٿيو ۽ چيائين زور جي ميندي آهي.
تڏهن چيومانس ته اسين آهيون مرده پرست قوم، جڏهن ماڻهو هليو ويندو آهي تڏهن تماشا ڪبا
آهن ۽ پنهنجائپ واريون حيثيتون جتائبيون آهن، پر سچ ته پرواني جي وڃڻ کانپوءِ رڳي
تاج جويو ئي سندس سار لڌي، جنهن سندس وڃڻ کانپوءِ ڪتاب ”زندگيءَ جا ورق“ ڇپائي
پرواني کي زندهه ماڻهن جي لسٽ ۾ آندو، پر اهو به ڪيستائين، وقت گذرندو ويندو ته
پروانو به اسان سڀني جي اکين کان اوجهل ٿيندو ويندو. جيئن دستور زماني مطابق ٿيندو
رهيو آهي. اڄ کيس ياد ڪندي سندس ڪيل ادب ۽ صحافت ۾ خدمتن کي مڃتا ڏيندي ڌڻيءَ در
دعا آهي ته الله تعاليٰ کيس جنت جا دروازا کولي ڏئي.
پرواني ڀٽيءَ جي ڄمار
جو ڪافي حصو عبرت اخبار جي خدمت ڪندي گذريو.
نه سي وونئڻ وڻن ۾،
نه سي ڪاتياريون.
پروانو ڀٽي
هڪ ٻاجهارو شخص ۽ ارڏو شاعر
رکيل مورائي
سنڌي ٻوليءَ جي ذهين ترين نقاد ۽ شاعر جنهن سموري
زندگي ان شخص جيان گذاري جنهن شخص کي اسان پرواني ڀٽيءَ جي نالي سان سڃاڻون ٿا، فرق
فقط اهو آهي ته سگن آهوجا زندگيءَ جا چار ڏهاڪا مس جي سگهيو ۽ پروانو ڀٽي سنڌ جي نيڪ
خواهشن ۽ اسان جي دعائن سان اڄ به اسان سان گڏ آهي. جيتوڻيڪ هن کان زندگيءَ ۽ وقت گهڻو
ئي کسيو آهي پر پوءِ به هو هڪ بهادر بزرگ واري زندگي گذاري رهيو آهي اڄ به لکي رهيو
آهي، سڳن آهوجا جي هڪ سٽ آهي
هڪ عمر کپي دوست سخندان ٿيڻ لاءِ
۽ سچ پچ اسان جي بزرگ سائين پرواني ڀٽيءَ پنهنجي
سخنوزيءَ کي سڄي عمر ارپي ڇڏي. هو سڄي عمر شاعريءَ جي معرفت سنڌ جي حقن لاءِ وڙهندو
رهيو آهي، پر سندس قلم ۽ زبان ڪڏهن به ماٺ جو روز نه رکيو آهي. هن جيڪو به سنڌ کي هڪ
شاعر ۽ هڪ استاد جي ناتي ڏنو آهي، اهو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن تي قرض آهي، ڇاڪاڻ ته هن سنڌ
۽ سنڌي ماڻهن کي زندگيءَ جي هن پوئين پڙاءَ تائين فقط ڏنو آهي، پنهنجو خواهشون، پنهنجا
آدرش، پنهنجي جواني ۽ تمام اهم ڳالهه ته پنهنجي رت مان جرندڙ اولاد به سنڌ کي ڏنو آهي
پر هيءُ اهو سٻاجهو شخص آهي، جنهن ڪڏهن به طلب جي تنوار نه ڪئي آهي، جڏجن ته سنڌس همعصرن
۽ همسفرن سنڌکي ايترو ڏنو نه آهي جيترو انهن مختلف حوالن ۾ سنڌ کان ورتو آهي.
سنڌوءَ جي سٻاڄي ڪپ تي وسندڙ هڪ وڏي ڳوٺ جهڙي
ننڍڙي شهر “پياري ڳوٺ” ۾ سورهين فيبروري اوڻيهه سئو چوٽيهن تي جنم وٺندڙ ڪالهوڪي ميوي
خان ڀٽيءَ ۽ اڄ جي نامياري اديب، شاعر، صحافي ۽ استاد پرواني ڀٽيءَ جي والد جو نالو
گل محمد خان ڀٽي هئو. گل محمد جي گهر ۾ جنم وٺندڙ هن “گل” اڳتي هلي، سنڌ ۾ جيڪا پنهنجي
علم، ادب ۽ شاعريءَ وسيلي سرهاڻ پکيڙي ان جي پنهنجي هڪ الڳ سڳنڌ آهي. جيڪا اڄ جي تاريخ
تائين ماٺي نه ٿي آهي. هن ڪٿي نوڪريون ڪيون ۽ ڪهڙيون نوڪريون ڪيو اهو سڀ ڪجهه هن جي
ادبي زندگيءَ کان ٻاهر جو موضوع آهي، پر ائين آهي هن ته پنجاهه واري ڏهاڪي کان لکڻ
شروع ڪيو ۽ مني صديءَ تائين لڳاتار نثر توڻي نظم لکندو رهيو آهي، هن ڪيترين سنڌي اخبارن
۾ ڪيترائي سال لڳاتار ڪالم لکيا آهن ۽ خاص طور قطعا لکيا آهن جن جو انگ هزارن ۾ آهي،
۽ خوش قسمتيءَ سان اهي شروع کان وٺي ماڻهن جو ڌيان به ڇڪائيندا رهيا آهن هو لڳاتار
نثر پڻ لکندو رهيو آهي ته ان سان گڏ پنهنجي آتم ڪٿا جو ڪجهه حصو به لکيو اٿائين جيڪو
قسطن جي صورت ۾ حيدرآباد مان نڪرندڙ هڪ ادبي رسالي امرتا ۾ شايع ٿيندو رهيو آهي، ائين
سائين پروانو ڀٽي پنهنجي قلم جي آبروءَ سان گڏ پنهنجي شخصي آبرو به رکندو آيو آهي،
عمر جي هن حصي به سندس زباني شعر ٻڌجي ٿو ته رت تيزيءَ سان گردش ڪرڻ لڳي ٿو.
سائين پرواني ڀٽي جا ٻه ترتيب ڏنل ڪتاب اوڻيهه
سئو اڻهٺ ۾ شايع ٿيل آهن جن جا نالا آهن ۱ “ٽڙندڙ
مکڙيون” ۲ “سرهاڻ” اڄ سنڌ ۾ ۽ سنڌي ادب کي سندس
شاعريءَ توڻي نثر جي ڪتابن جي گهڻي گهرج آهي، سندس سموري زندگيءَ جو ڪيل ادبي پورهيو،
سنڌ جي علمي ۽ ادبي ادارن جي ذميواري آهي ته اهي شايع ڪن، ائين ڪري اهي ادارا پڪ سان
پنهنجي آبرو وڌائيندا، سائين پرواني تي ڪو به احسان نه ڪندا ۽ نه ئي اهڙو احسان هو
سنڌ توڻي سنڌي ادب تي ڪندا، اهو مواد شايع ڪرڻ سندس فرض ۾ شامل آهي. خاص طور اسان جو
قومي ادارو سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌ جو ثقافت کاتو اهڙيون ڪوششون ضرور وٺي.
ٻيءَ صورت ۾ اسان جو هي ارڏو شاعر ۽ اديب پنهنجي
سڄي زندگي ان خفي کان آجو رهيو آهي، پر اهو سڀ اسان ۽ اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ ضروري
آهي ۽ اهو به ضروري آهي ته هو پنهنجي سمورو ادبي پورهيون پنهنجي جيئري، اکين سان ڇپيل
صورت ۾ ڏسي وڃي اهو ئي کيس سهي معنيٰ ۾ ٽريبيوٽ آهي.
سنڌ جي هن ٻاجهاري شخص ۽ ارڏي شاعر جي ڪيل ادبي
پورهئي کي ڏسندي ۽ زماني جي ڪيترن ئي ڏکن سان منهن ڏيندي به پنهنجي ڌن ۾ لڳاتار هلندو
ڏسندي خليفي صاحب جي هيءَ ياد ٿي اچي:
ويا اڏامي ڪک، پڻ تان پهڻ نه چريو.
هو شاعر آهي شاعريءَ سان پيار ڪندڙ آهي ۽ اسين
ساڻس پيار ڪرڻ وارا جيڪي سندس پورهئيءَ سان به پيار ڪريون ٿا، سندس ڪي ثانوي ادبي حوالا
هيءَ به آهن. سائين پروانو ڀٽي، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو ۱۹۶۳ع ۾ مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ٿيو، حيدرآباد شاخ جو سرگرم ڪارڪن، بزم طالب
الموليٰ سنڌ جو ميمبر ۽ ٻين ڪيترين ادبي تنظيمن ۽ بزمن جهڙوڪ: بزم خليل وغيره جو سرگرم
رڪن رهيو آهي. هن جو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان، اُن جي قيام واري وقت کان وٺي لاڳاپو
رهيو آهي. اتي مشاعرن، تبصرن، تجزين، ٻارڙن جي ٻاريءَ، فتح خان جي ڪچهريءَ ۽ ٻين پروگرامن
۾ سندس ڀرپور ڪردار رهيو آهي. هڪ سينئر صحافيءَ جي حيثيت ۾ هو ڪيترين اخبارن جو مسلسل
ليکڪ رهيو آهي. هن وقت به ڪيترين اخبارن ۾ سندس ڪالم ڇپبا رهن ٿا. ماهوار ”امرتا“
۾ سندس آتم ڪهاڻي ”ڪتاب زندگيءَ جا ورق“ عنوان سان ڪجهه حصا ڇپيا، جيڪي اڳتي هلي ڪنهن
سبب ڪري تسلسل سان هلي نه سگهيا. سائين پروانو ڀٽي سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس
۽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي نصاب ڪاميٽيءَ جو ميمبر رهيو آهي ۽ هن وقت عبدالله سينٽر قاسم
آباد، حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي. ها! قاسم آباد جيڪا حيدرآباد مان جلاوطن ڪيل سنڌين
جي وسندي آهي ۽ بس!
پروانو ڀٽي
سنڌي ٻولي ۽ ادب جو پروانو، پرواز ڪري ويو
اعظم ڀٽي
هاڻي اک جي اهڙي ڪا به چاٻي
ناهي رهي جيڪا هن جي دل جو تالو کولي سگهي، هو جيڪو سدائين لُڙڪن جي سنگهرن
۾ سوگهو ٿيل هو، درد جي سفر جو راهي هو، سندس دل عشق جي جام جا ڪيترا ئي مَٽ خالي ڪري
ڇڏيا، سندس دل سدائين مست و مُدام رهي، هن سدائين محبت جا احرام ٻَڌا هئا، ان ئي احرام
ته هن جا آرام به وڃائي ڇڏيا هئا، جڏهن بازارِ جهان ۾ سڀ ڪجهه وڪرو ٿي رهيو هو ته هن
پنهنجي آزاديءَ جو احساس بچائي رکيو هو، اهو جيڪو شعلو سندس دل ۾ مچيل هو، اهو
شعلو ئي هر دل ۾ مچائڻ جي تمنا کڻي ويڻ ٻڌڻ کان اڳ نيڻ ٻُوٽي هليو ويو، سنڌي ٻولي
جي ڪُک ۾ پنهنجو نالو ادبي لاٽ جيان زندهه رکي، سنڌي ٻولي جو ناليوارو
اديب، شاعر، ڪمپيئر، اداڪار، صداڪار ۽ جهونو صحافي پروانو ڀٽي ۸۲ سالن جي ڄمار ۾ گهڻو عرصو علالت ۾ رهڻ بعد حيدرآباد جي هڪ نجي اسپتال ۾
لاڏاڻو ڪري ويو، پروانو ڀٽي، شُگر، بلڊ پريشر ۽ دماغي ٽيومر سبب ڪيتري ئي عرصي کان حيدرآباد
جي هڪ خانگي اسپتال ۾ داخل هو جتي هن پهرين ڊسمبر ۲۰۱۶ع جي سرد صبح جو ساهه جون گرم هڏڪيون ڀري دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ سندس
زندگيءَ جو ڏيئو گُل ٿي ويو،
پروانو ڀٽي ۱۶
فيبروري ۱۹۳۴ع ۾ دادو
ضلعي جي ڦلجي اسٽيشن لڳ ڳوٺ پياري آرائين ۾ پيدا ٿيو. سندس اصل نالو
ميوو خان ڀٽي هو، سندس والد جو نالو گل محمد خان ڀٽي هو جيڪو پوليس کاتي ۾ ملازم
هو. پرواني ڀٽيءَ جو خاندان سندس والد جي بدليءَ سبب ۱۹۵۰ع ۾ لڏي اچي ٽنڊي محمد خان شهر کي پنهنجو مسڪن بنايو هو. ٻالڪپڻ کان لکڻ پڙهڻ
جي چاهه منجهس لاتعداد صلاحيتون پيدا ڪيون. ۱۹۴۷ع کان صحافت جي شروعات ڪيائين ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ عبرت جو نمائندو مقرر ٿيو،
۱۹۵۰ع ۾ ڀٽ شاهه ۾ ادبي ڪانفرنس ۾
شريڪ ٿي باقاعدي ادبي سفر جي شروعات ڪيائين. گيت، غزل، نظم ۽ لاتعداد قطعه لکي
پنهنجي حيثيت مڃرايائين، ۱۹۵۴ع کان
هفتيوار عبرت ۾ سندس قطعه ڇپجڻ لڳا. ان وقت اردو زبان جو بهترين شاعر رئيس امروهي ”جنگ“
اخبار ۾ قطعه لکندو هو، جيڪو پڻ پرواني ڀٽي جي قطعن جي تعريف ڪندو هو، جنهن بعد
هلال پاڪستان ۽ آفتاب اخبار ۾ به سندس قطعه شايع ٿيا. شاعري ۾ سندس استاد غلام
محمد گرامي ۽ شيخ ابراهيم خليل هئا.
پروانو ڀٽي ۱۹۵۷ع ۾ تپيداري جو امتحان پاس ڪري سرڪاري نوڪري ۾ لڳو پر ادب سان دلي لڳاءَ
کيس نوڪري طرف مائل نه ڪري سگهيو ۽ هڪ سال بعد نوڪري ڇڏي وري اچي ادبي دنيا وسائي،
هو هڪ ڀلوڙ شاعر، اديب، صحافي، ليکڪ ۽ ڪمپيئر هئڻ سان گڏ بهترين اداڪار، صداڪار پڻ
رهيو. ۱۹۵۳ع ۾ ميٺارام هاسٽل ۾ ”مجرم ڪون“ نالي سان ٿيل اسٽيج ڊرامي ۾ اداڪاري کانپوءِ
شوبز جي دنيا سان به واڳيل رهيو. ۱۹۶۳ع ۾
سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ٿيو. ۱۹۷۰ع ۾ اي ڪيو پيرزادي جي سنڌي فلم ”محبوب مٺا“ ۾ سنڌي وڏيري جو ڪردار نڀايائين.
ان بعد ”مارو“ ۽ ”مومل راڻو“ فلمن ۾ به اداڪاري جا جوهر ڏيکاريائين، جيڪي فلمون رليز
ٿيڻ کان پهرين اڌ ۾ رهجي ويون. پرواني ڀٽي جو پنهنجو ته ڪو ڪتاب نه ڇپجي سگهيو پر
هن ٻه ڪتاب ترتيب ڏنا، جيڪي ۱۹۶۸ع ۾
شايع ٿيا، جن جا نالا ”ٽڙندڙ مُکڙيون ۽ سرهاڻ“ آهن. سياسي، سماجي،
علمي، ادبي ۽ ثقافتي محفلن ۽ ريڊيو پاڪستان تي ڪمپيئرنگ جا بهترين فرض سرانجام
ڏنائين. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي قيام کان وٺي ان سان لاڳاپيل رهيو. حيدرآباد
۽ ٽنڊي محمد خان پريس ڪلب جي بانيڪارن ۾ شامل رهيو. پريس ڪلب حيدرآباد، پريس ڪلب ٽنڊو
محمد خان، سنڌي ادبي سنگت مرڪز سميت ڪيترن ئي ادارن جي ٿيندڙ چونڊن ۾ ڪيترا ئي ڀيرا
اليڪشن ڪميٽين جو سربراهه ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس ۽ سنڌ
ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جي نصاب ڪميٽي جو ميمبر پڻ رهيو. سياسي، سماجي، علمي، ادبي ۽ ثقافتي
ادارن پاران کيس لاتعداد مڃتا ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ مليا. پرواني ڀٽي کي ٽن پُٽن ۽ چار
نياڻين جو اولاد ٿيو، سندس پُٽن ۾ انعام ڀٽي، گل محمد ڀٽي ۽ اسد ڀٽي شامل آهن، جن
مان سندس وڏي نياڻي وفات ڪري وئي ۽ سندس هڪ پُٽ گل محمد ڀٽي، ۲۰۰۳ع ۾ شهيد ٿي ويو هو، پرواني ڀٽي کي ڪالهه مغرب کان پوءِ ٽنڊي محمد خان جي
پير شارفو قبرستان ۾ سپردخاڪ ڪيو ويو، جتي هن پنهنجي شهيد پُٽ سان محبت جي محفل
وڃي رچائي. پروانو ڀٽي صحافت ۽ ادب جي تاريخ جو املهه حصو هو. سنڌي ٻوليءَ جي هن ذهين مقرر،
اديب، دانشور، نقاد، شاعر، لطيف جي عاشق ۽ بهترين ڪمپيئر پنهنجي سموري زندگي علم ۽
ادب لاءِ گذاري ڇڏي پر ڪڏهن به ڪنهن جي آڏو ان جو اظهار نه ڪيو، پروانو ڀٽي سنڌ جي
هر ماڻهو لاءِ نيڪ خواهشن جو تمنائي رهيو. جيتوڻيڪ هن کان زندگيءَ ۽ وقت گهڻو ئي کسيو،
پر پوءِ به هو هڪ بهادر انسان واري زندگي گذاري ويو. هن پنهنجي سخنوريءَ کي سڄي عمر
ارپي ڇڏي. هو سڄي عمر شاعريءَ جي معرفت سنڌ جي حقن لاءِ وڙهندو رهيو، پر سندس قلم ۽
زبان ڪڏهن به ماٺ جو روز نه رکيو هو. هن جيڪو به سنڌ کي هڪ شاعر ۽ هڪ استاد جي
ناتي ڏنو، اهو سنڌ ۽ سنڌي ٻولي لاءِ فرض سمجهي ڏنو، ڇاڪاڻ ته هن سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن
کي زندگيءَ جي هن پوئين پهر تائين به فقط ڏنو آهي، پنهنجون خواهشون، پنهنجا
آدرش، پنهنجي جواني ۽ تمام اهم ڳالهه ته پنهنجي رت مان جڙندڙ اولاد به سنڌ کي ڏنو،
پر هن سٻاجهي شخص ڪڏهن به طلب جي تنوار نه ڪئي، جڏهن ته سندس همعصرن ۽ همسفرن سنڌ کي
ايترو ڏنو نه آهي جيترو انهن مختلف حوالن ۾ سنڌ جي نالي ۾ حاصل ڪيو آهي. پرواني
ڀٽيءَ زندگي جي سفر ۾ اڳتي وڌندي سنڌي ادب کي جيڪي به چار چنڊ لڳايا ۽ سنڌ ۾ جيڪا
پنهنجي علم، ادب ۽ شاعريءَ وسيلي خوشبوءِ پکيڙي ان جي پنهنجي هڪ الڳ سڃاڻپ آهي، جيڪا
سدائين قائم ۽ دائم رهڻي آهي. جيڪا ڪڏهن به ماٺي ناهي ٿيڻي. هن ڪٿي نوڪريون ڪيون ۽
ڪهڙيون نوڪريون ڪيون اهو سڀ ڪجهه هن جي ادبي زندگيءَ کان ٻاهر جو موضوع آهي، پر
پروانو ڀٽي پنهنجي قلم جي آبرو سان گڏ پنهنجي شخصي آبرو به برقرار رکي ويو، گذريل
اڌ صدي کان وڌيڪ عرصو پنهنجوگهر ٻاري سنڌي علم ادب جي خدمت ڪئي پر ڪڏهن به پنهنجو ضمير
نه وڪيو، ۶۶ سالن کان
شاهه لطيف جي شاعري کي پنهنجو نصب العين سمجهي قبوليو ۽ شاهه لطيف کي ئي هو پنهنجي
سڃاڻپ سمجهندو رهيو، هن چڱن ڀلن ماڻهن کي بازار ۾ وڪامجندي ڏٺو جيڪي
پنهنجو اگهه مقرر ڪري اچي بازار ۾ بيهي رهيا پر ڌرتيءَ جو هي حلالي فرزند وڪامڻ واري
طعني لاءِ سڄي ڄمار پنج ئي آڱريون کولي بيٺو رهيو، نه جهڪيو نه وڪاميو.
يارن سان ياريون نڀائڻ جا به هن
عجيب رنگ پسيا هئا، هو پاڻ ئي چوندو هو ته ڪهڙا يار پُڪاريان؟ ڄڻ ته پنهنجو پاڻ کي
مارڻو ٿو پوي، ٿڌڙا ساهه به سندس اندر جا ڌڪ ٺارڻ جو بهانو بڻيل هئا.
ڪهڙا
يار پُڪاريان ويٺو،
پنهنجو
پاڻ کي ماريان ويٺو،
ٿڌڙا
ٿڌڙا ساهه نه ڄاڻج،
ڌڪ
اندر جا ٺاريان ويٺو.
(پروانو ڀٽي)
ان جي باوجود به سندس من جي
مندر ۾ اُداسي جو ڪو به گهنڊ وڄندي نظر نه آيو، هو مايوس نه ٿيو، سندس حوصلا هميشه
هماليه جيان بُلند رهيا، جيئن سندس هن شعر ۾ اظهار ٿيل آهي؛
جيڪي
منزل جي لگن ۾ پيا وڃن،
تن جي
قدمن کي ڀلا روڪيندو ڪير؟
جن جي
سينن ۾ سوين طوفان لِڪل،
تن
جوانن کي ڀلا ٽوڪيندو ڪير؟
(پروانو ڀٽي)
عمر جي آخري حصي ۾ به سندس زباني
شعر ٻُڌبو هو ته رت تيزيءَ سان گردش ڪرڻ لڳي ويندو هو. روح گرمائجي ويندا هئا، پرواني
ڀٽي جي شاعريءَ توڙي نثر جي ڪتابن، سندس سموري زندگيءَ جو ڪيل ادبي پورهيو سنڌ جو
تاريخي ورثو آهي. سنڌ جي هن ٻاجهاري شخص ۽ ارڏي شاعر جي ڪيل ادبي پورهئي کي محفوظ
ڪرڻ لاءِ اهل علم ماڻهن کي هڪ وڏي وِک کڻڻي پوندي، جيڪا وِک هن کاهوڙي انسان جي
رُوح کي تسڪين مهيا ڪري سگهي!!
پروانو ڀٽي
جوڳي جيڪس ويا جبروت
نصير ميرزا
حيدرآباد شهر ۾ هي ٿورڙا ئي ڪي
ورهيه اڳ، هُو صبح شام، پنڌ ئي پنڌ هلندو نظر ايندو هو ۽ نيٺ وکون ويڙهي هاڻي وڃي
ڌڻيءَ در حاضر ٿيو.... ”جوڳي جيڪس ويا جبروت... ماءُ! ڏٺم اڄ ماٺ مڙهين ۾.“ پورو
مهينو جيجل ماءُ جي بيڊ تي بي خبر سُتل رهيا ۽ ماهه ڊسمبر ۲۰۱۶ع جي پهرئين آڌيءَ رات جو اتان جيجل امڙ جي هنج ۾ وڃي سُمهي رهيا ۽ مٽيءَ
سان ملي مٽي ٿي ويا. ته بس سنڌ وطن جي هيءَ مٽي مُٺ، پروانو ڀٽي صاحب ۱۶ هين فيبروري ۱۹۳۴ع
فائنل پاس ڪري پهرين پرائمري ٽيچر، پوءِ تپيدار، شاعر، قلمڪار ۽ صحافت سان پاڻ کي
جو سلهاڙي ڇڏيائون ته بقول ڪنهن اردو شاعر... ”يهي آخر ڪو ٺهرا فن همارا.“ شاعري
هن جي روح ۾ هئي. صحافت پيشو ۽ شعلا بيانيءَ جو هُنر قدرت کيس عطا ڪيو. مٿان ڏات
ڌڻي آواز به اهڙو ته باڪمال عطا ڪيو هوس، جو پاڻ پروانو صاحب، برابر ته ڏينهن به
ڏينهن پوڙهو ٿيندو رهيو، پر سندس آواز ڪڏهن به پوڙهو نه ٿيو. ڀلا سائين ائين ڇو!؟
۽ ان سوال جي جواب ۾ هٿ نجف اشرف ڏانهن کڻي وراڻيندا هئا، ”اها مون تي مولا پاڪ جي
مهرباني آهي“ ۽ اهو ته وفات کان هڪ مهينو اڳ، سندن دماغ ۾ الائي ڪٿان ٽيومر مُنهن
ڪڍيو ۽ ان کانپوءِ ته پاڻ اهڙو خاموش ٿيا، جو سڌو شهر خموشان روانه ٿي ويا. هر
انسان داغدار، گناهگار آهي، پر غسل ڪفن واري تختيءَ تي ڪربلا معليٰ واري ڪفن ۾ مون
کين بي داغ ڏٺو يا عام زندگيءَ ۾ هلندي ڦرندي، تقريبات ۾ شعلا بياني ڪندي، اڇن
وارن، اڇين مُڇن ۽ صاف سٿري ڪلف لڳل لباس ۾ خوش لباس ۽ خوبصورت شخصيت وارو انسان
ئي ته مون کي نظر آيو، جنهن جي چهري تي مُرڪ ۽ محبت جي روشني ۽ اندر ۾ علم ۽ سنڌ
جي بي پناهه مشاهدي ۽ ملاحظي جي روشني، سنڌ جي ڳوٺن، شهرن، ميرن، پيرن، وڏيرن،
جاگيردارن، راڄ ڀاڳن، ميلن ملاکڙن، فن فنڪارن ۽ انهن سڀني جا داستان هن جي سيني تي
رقم نظر ايندا هئا، سو جڏهن جڏهن ڪنهن معلومات ۾ مُنجهندو هوس، پرواني ڀٽي صاحب جي
دماغ انسائيڪلوپيڊيا سان رجوع ڪندو هوس. ڪار زارِ حيات ۾ هن ڪهڙا ڪهڙا نه جهد
پٽيا، ڏونگر ڏوريا. اخباري رپورٽر به رهيو، ماهانه ايڊيشن جاري ڪيا. ڊسٽرڪٽ
ڪائونسل ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ ۾ پي آر او ٿيو. پبلڪ اسڪول ۽ امسا انسٽيٽيوٽ ۾
ٻار پڙهايائين، انهن ۾ لطيف شناسيءَ جو شعور پيدا ڪيائين. هڙان وڙان شاهه جا رسالا
وٺي ٻارن ۾ ورهايائين. ريڊيو، ٽي وي، اسٽيج جا سوين مشاعرا ۽ ادبي ميڙاڪا زبردست
انداز ۾ ڪنڊڪٽ ڪيائين، پر باوجود ايڏي هڻ هڻان ۽ وٺ وٺان جي ٻُڌائيندو ۽ هي به
چوندو رهيو:
حياتي گذر ٿي سفر در سفر،
ڪٿي ڪين ٺاهي سگهيس پنهنجو گهر.
مولانا گرامي صاحب ٽه ماهي
مهراڻ رسالي جي شاعر نمبر ۾ کين منفرد ۽ قادر الڪلام شاعر سڏيو آهي. بقول پرواني
صاحب جي، پاڻ عبرت اخبار لاءِ هزارين حالات حاضره بابت قطعه لکيا. ڪاش! ڪو چاليهارو
کن سال اڳ وارين انهن اخبارن جي سمنڊ ۾ لهي ۽ انهن مان اهي موتي ميڙي، سطح تي کڻي
اچي. پوئين دور ۾ ياد پيو اچيم ته ڀٽي صاحب هٿ ۾ تسبيهه کڻندا هئا. پي ٽي وي جي هڪ
مشاعري ۾ زنده دل شمشير الحيدري صاحب اها تسبيهه سندن هٿن ۾ ڦرندي ڏٺي ته کِلي
چيائين...”اها ڪڏهن کان کنئين اٿئي پروانه!؟“ مُرڪندي وراڻيائينس، ”هي اجهو تو ڇڏي
۽ مون کنئين!“ ڀٽي صاحب هونئن ته گهڻا سنجيده سڀاءُ هئا، پر ڳالهه کِلڻ جهڙي هوندي
هئي ته بي ساخته ٽهڪ به ڏيندا هئا، خاص ڪري ريڊيو حيدرآباد سان ته، سندن انگ ڪو
ازل کان اڙيل هو. اڪثر ٻُڌائيندا هئا...سترهين آگسٽ ۱۹۵۵ع تي، جيڪو پهريون مشاعرو مخدوم سائين طالب الموليٰ جي صدارت ۾ ٿيو هو، پاڻ
ان ۾ به شريڪ ٿيا هئا. ريڊيو حيدرآباد لاءِ ماضيءَ ۾ ”ڪافي رنگ“ پروگرام لاءِ
ڪيترن ئي ڪافي گو شاعرن بابت اسڪرپٽ پاڻ لکيا، جن جي روايت مهتاب چنه صاحبه زبردست
انداز ۾ پڙهي. ويجهي ماضيءَ ۾ ”ڏيئا ڏيئا لاٽ“ ۽ ”ساٿ ڌڻي سرواڻ“ جي عنوان سان،
جيڪي ادب دنيا ۽ همعصر قلمڪارن بابت جيڪي پروگرام رڪارڊ ڪرايائون، انهن جو تعداد
سوَن ۾ آهي ۽ جن مان اڪثر پروگرام، مون ريڊيو حيدرآباد جي آرڪائيوز ۾ محفوظ ڪري
ڇڏيا آهن. ”سارون ۽ سنڀارو“ جي عنوان سان منهنجي ميزبانيءَ ۾ ناز سهتي ڪي ٽي اين
لاءِ سندس هڪ يادگار انٽرويو رڪارڊ ڪيو هو، جيڪو يو-ٽيوب تي اڄ به موجود آهي. سنڌ
جي اهم ترين هستين مان، سائين جي ايم سيد، مخدوم سائين طالب الموليٰ، شيخ اياز،
رئيس ڪريم بخش نظاماڻي ۽ انهن سڀني جي پنهنجن يادگيرين ۽ آتم ڪٿائن ۾ پرواني صاحب
جو تذڪرو نهايت محبت ۽ احترام سان رقم ٿيل نظر ايندو. ڀٽائي صاحب جي خانوادي مان
سائين غلام شبير لطيفي، سائين نثار حسين ۽ موجوده گادي نشين سيد وقار حسين شاهه،
پرواني ڀٽي صاحب کي جيءَ ۾ جايون ڏيندا هئا. ذاڪر اهلبيت پروفيسر عبدالحڪيم بوترابي
مجلس عزا، جتي جتي به پڙهڻ ويندا هئا، سندن سدائين دلي خواهش رهي ته پروانو ڀٽي
صاحب، خطابت وقت سندن مجلس واري ممبر جي سدائين آڏو ويهن. صحافت جي دنيا ۾ کين
قاضي محمد اڪبر صاحب ۽ قاضي عبدالمجيد عابد صاحب متعارف ڪرايو، جن هر ڏکي سُکي
گهڙيءَ ۾ هميشه پرواني صاحب جو دل جي حضور سان ساٿ ڏنو.
پروانو ڀٽي
سنڌ ۽ شاهه جو عاشق
وفا رضا
سنڌ جو قابل احترام شخص، استاد،
اديب، شاعر، اداڪار، صداڪار ۽ صحافي محترم پروانو ڀٽي صاحب به راهِه رباني ٿي ويو
آهي، انتهائي شفيق انسان جنهن سان جڏهن ملبو هو ته هن وٽان اڻ ڳڻيون محبتون ۽ گهڻو
ڪجهه ٻڌڻ ۽ سکڻ لاءِ ملندو هو، مون هن جو نالو ڪتابن ۾ پڙهيو ۽ ريڊئي تي تڏهن ٻڌو
هو جڏهن اسڪول ۾ پڙهندا هئاسين ۽ پوءِ اهي ڏينهن به آيا جڏهن ساڻن روبرو ملڻ ۽
ڪچهري ڪرڻ جو وجهه به ملڻ لڳو. سائين پرواني ڀٽي جهڙي شخصيت ايتري ته وڏي آهي جو
هن تي جيترو به لکجي سو گهٽ آهي. آئون سمجهان ٿو هن کي جڏهن کان سمجهه آئي تڏهن
کان هن پنهنجي عمل ۽ ڪردار کي اهڙو ته بلند رکيو جهڙي سنڌ کي ضرورت هئي، هو، جنهن
کي ذاتي طور ڪابه لوڀ يا لالچ نه هوندي هئي، غريبي ۾ به هو اهڙو ته امير هو جو
اسان جهڙا کوڙ فقير هن وٽان وڃي ونڊ وٺندا هئا. هن سان گڏ ويهبو هو ته خبر پوندي
هئي ته ثابت قدمي ڪيڏي نه اهم شيءِ آهي ۽ ان رستي تي هلندي ڪيڏا نه ڏک ۽ ڏاکڙا اچن
ٿا، پر اهي ڏک، ڪنهن سک ماڻڻ لاءِ ڪجهه به ڪونهن، بس ماڻهوءَ جو ڪردار صاف هجي. سو
صاف ۽ بي داغ ڪردار وارو پروانو ڀٽي صاحب جنهن جي زندگي، پورهئي ۾ گذري، هن جهجهو
پورهيو قلم جو ڪيو، اخبارون هجن توڙي ريڊيو يا وري ادب ۽ شاعري، هن هرپاسي پنهنجي
حصي جو ڪم ڪيو، اهو ڪم سنڌ ڪڏهن وساري نه سگهندي، هو فقيراڻي طبيعت رکندڙ شخص هو،
اڪثر ڪري هن جو عبرت جي آفيس ۾ اچڻ پيو ٿيندو هو ۽ نيوز روم مان سڌو استاد شمون ڏي
پيسٽنگ روم ۾ اچي ويهندو هو ته آئون به دير سوير وڃي ساڻس ملندو هئس، منهنجي ڪوشش
هوندي هئي ته آئون پنهنجي حصي جو ڪم اڪلائي پوءِ وڃي ساڻس گڏ ويهان، ڇاڪاڻ ته هن
سان گڏ ويهڻ، معنيٰ ڪي چڱا ٻول ٻڌڻ لاءِ ملندا هئا. اخباري جهان ۾ ٻولي جي حوالي
سان مون سدائين ٻن ماڻهن کان رهنمائي وٺندي ڪڏهن به هٻڪ محسوس نه ڪئي ان ۾ هڪ
سائين لائق ٿيٻو صاحب ۽ ٻيو سائين پروانو ڀٽي منهنجي لاءِ ڀرجهلا ثابت ٿيا.
سو استاد شمون وٽ اسان جي ڪچهري
جو موضوع اخبارون، ريڊيو، ڪردار، ماڳ مڪان توڙي وري دنيا جا رنگ هوندا هئا، پر مون
ڏٺو ته سائين پروانو انهن هڙني رنگن کان واقف هوندو هو ۽ جڏهن هو سندي زندگي ۽
پورهئي جو ذڪر ڪندو هو ته ڪڏهن خوشي ته ڪڏهن وري ڏک وچان سندس ڳوڙها به ڳڙي پوندا
هئا ۽ ان لمحي ڀٽائي سائينءَ جو ڪو نه ڪو بيت پڙهي ان جي سمجهاڻي به بيان ڪندو هو.
ڪپڙي لٽي ۾ سدائين صاف سٿرو رهندڙ
سنڌ ۽ ڀٽائي جو هي عاشق، کلي مون کان پڇندو هو، پڪ سان تون جڏهن آفيس پهچندو
هوندئين ته هتي اڃان ٻيو اسٽاف نه هوندو؟ جنهن تي کيس هائوڪار ڪندي چوندو هوس
سائين ائين ئي آهي، پوءِ هو وري انهن ڏينهن جو ذڪر ڪندو هو جڏهن عبرت ۾ هو نوڪري
ڪرڻ لاءِ ٽنڊي محمد خان کان صبح سوير ايندو هو. هڪ دفعي چيائين، پاڻ ۾ هڪڙي ڳالهه
ساڳي آهي، سو آهي ٽنڊي مان عبرت اچڻ، آئون ٽنڊي محمد خان مان ۽ تون وري ٽنڊي آدم
مان عبرت آفيس پهچين ٿو، پوءِ هو هتان جي علمي ادبي، توڙي پنهنجن فنڪار دوستن توڙي
واقفڪار اداڪارن جون ساروڻيون ساري انهن سان گڏ گهاريل گهڙين جو به ذڪر ڪندو هو.
استاد منظور علي خان، عبدالحڪيم کوسو، دين محمد شيخ، مشتاق جسڪاڻي، شاهه اسد توڙي
محمد شريف طالب ۽ ڊاڪٽر عاشق حسين مان ڪنهن جو به ذڪر ٿيندو هو ته چوندو هو سنڌ کي
اتان به ڏاڍا سٺا ماڻهو مليا، جن سان عبدالله خان ورياهه جي اوطاق تي وڏيون
رهاڻيون ٿينديون هيون.
هڪ ڀيري کيس عرض ڪيم ته اوهان
سان ٽنڊي آدم ۾ ڪا ڪچهري رکجي، چيائين هائو، جي صحت ساٿ ڏنو ۽ هلڻ جهڙا هونداسين
ته اچي حاضر ٿبو، پر افسوس جو منهنجي اها تمنا اڌوري رهجي وئي ۽ سائين پروانو ڀٽي
صاحب به ڏور هليو ويو.
اڄ جڏهن سندس وڇوڙي تي هي ٻه
اکر لکڻ ويٺس ته مون کي اها تصوير به ياد آئي جيڪا ڀٽ شاهه ۾ سائين نثار حسين شاهه
جي ٽيجهي جي موقعي تي ساڻس گڏ ڪڍرائي سين ته کلندي چيائون هي تصوير به توکي ڪڏهن
منهنجي ياد ڏياريندي، پر اهو ياد رکج ته زندگي ۾ جڏهن ڪنهن مهل ويڳاڻپ محسوس ڪرين
ته هليو اچج ڀٽائي جي آڳر تي، هتان توکي رڳو محبتون ملنديون. هتان ئي توکي هُت وڃڻ
لاءِ چڱائي وارو گس ملندو.
سائين پرواني ڀٽي کي ساريندي هي
سٽ به ياد اچي ٿي:
جان جان هئي جيئري، ورچي نه
ويٺي.
پروانو ڀٽي
ايڪتا جو پروانو
محمود مغل
ايڪتا جي ڏينهن تي، هڪڙو پروانو
کُٽي پيو آهي. ٻاهر رنگ آهن، جؤت آهي، خوشبو آهي، مُرڪن ۽ اتساهه جو ميڙو آهي ۽ ان
هجوم جي سٿ ۾ بار بار ياد اچي ٿو ته سائين ميوو خان عرف ”پروانو ڀٽي“ ٽنڊي محمد
خان ڀرسان، آسوده خاڪ ٿي چُڪو آهي. هڪ ڪتاب ”جُلد“ ٿي ويو. فنا کان بقا جي راهه جي
ڪٻٽ ۾ محفوظ ٿي ويو. انا لله و انا اليہ راجعون.
قبله سائين وقار حسين شاهه جن
کي سجاده نشين جي پڳ ٻڌائي وئي هُئي ته تقريب مان موٽندي مان، تاج جويو ۽ سائين
پروانو ڀٽي گڏجي واپس ٿيا هُئاسين. گاڏي، تاج ڀاءُ جي هُئي ۽ هن پهرين مون کي ڊراپ
ڏيڻ پئي گهريو. سو ڪچهريءَ جي بهاني، سائين پروانو ڀٽي صاحب کي به ساڻ وٺيو آيو ته
محمود کي گهر ڇڏي وري واپس حيدرآباد موٽون ٿا. گهر ڇڏڻ آيا ته غنيمت ڀانيم. اندر
وٺي ويومانِ. جيڪا تڪڙي خدمت ٿي سگهي سا ڪيم. کين وڃڻ کان پهرين روايتي انداز ۾
اجرڪن جو تحفو پيش ڪيم. اڱڻ تي آيل هُئا. اسان جي عزت وڌي هُئي. اجرڪ پائڻ سان ئي
پاڻ آبديده ٿي ويو هو. روايتي، قدردان مُڙس هو. ڀاڪر پائي رخصت ٿيو. پر ٻئي ڏينهن
فون تي چيائين؛ ”ابا محمودَ، جيڪا تو ڪالهه روايت وڌائي. ان کي هاڻي گهٽ ماڻهو
سلامت پيا رکن. شابس هُجئي، جس هُجئي، پنهنجو تڏو ملهايئي. پنهنجي راڄ رسم کي کڻي
هلئين. ٻيلي اهو ڪندو رهج ۽ ڪڏهن نه وسارج.“ سندس آواز ۾ نمي هُئي ۽ ڳالهه مڪمل
ڪرڻ کان پوءِ ته ڄڻ ڇڄي پيو هو. اڳيان جيڪو به ڳالهايو هُئائين، اهي صرف ڳوڙها
هُئا. ڄڻ سيني تي ڪري رهيا هُئا. هن روايتي رسمن ۽ خاص طور تي سنڌي ٽوپيءَ ۽ اجرڪ
جو ذڪر ڪيو پئي. جيڪي ٻُڌايائين، سو ڪمال هو. ”پروانو“ سڏائڻ هر ڪنهن جو وس ٿورو ئي
هو. ۱۶ فيبروري ۱۹۳۴ع تي ڳوٺ پيارو آرائين ۾ گل محمد ڀٽيءَ جي گهر پيدا ٿيل ميوو خانَ، ۱۹۵۷ع ۾ تپيداريءَ جو امتحان پاس ڪيو. تپيدار ٿيو، پر کيس ڄڻ ان ڪم جي سمجهه نه
آئي. ۱۹۵۸ع ۾ هن نوڪري ڇڏي ۽ صحافت جي
جهان سان سلهاڙجي ويو. لطيف سرڪار تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس ۾ شرڪت ساڻ، ادبي قافلي
جي سٿ ۾ شامل ٿيندي، پڙ ۾ پير ڌريائين. اخبار، اسٽيج، ريڊيو، ٽيليويزن ۽ فلم سندس
حياتيءَ جو خاص محور رهيا. فلم ”محبوب مٺا“ ۾ ته ڪردار به ادا ڪيائين. ڪيترين ئي
ادبي تنظيمن ۽ ادارن جو ميمبر رهيو. اٺونجاهه سال، لکڻ پڙهڻ ساڻ سندس ساٿ رهيو.
پروانو صاحب، هر نسل سان سندس
سوچ مطابق هليو. هن تقريبن ٽن نسلن جي ذهني آبياريءَ ۾ ساٿ ڏنو. ريڊيو تي پروگرام
ڪندي ڪا به چڱائي ٿيندي هُئي ته هڪدم سندس فون اچي ويندو هو. هُو ايڏي پاٻوهه مان
تعريف ڪندو هو، جو سينو ويڪرو ٿي ويندو هو... قدرت کيس بي انتها حسين حافظو عنايت
ڪيو هو. هُو يادگيرين جا واهڙ وهائيندو هو ته ٻُڌندڙ دنگ رهجي ويندا هُئا.
کيس پنهنجي دؤر بلڪ دؤرن جو هڪ
هڪ واقعو ياد هو. تقريبن هر اهم شخصيت سان سندس نجي سلام دُعا هوندي هُئي ۽ اها
هُو پاڻ تائين رکندو هو. پروانو صاحب، مُنهنجي خيال ۾ ته ڪڏهن به ڪنهن جي درَ تي
ڪنهن ڪم سان نه ويو هوندو. هُو بيحد خوددار انسان هو. ڪنهن کان ڪُجهه گهرڻ، سندس
سرشت ۾ نه هو. تنهنڪري ئي هُو سدائين سفيد پوش رهيو. وٽس ذاتي گهر نه هو، جنهن جو
ڏک کيس سدائين رهيو. هاڻي جڏهن هن پنهنجو پلاٽ وسايو آهي ته اميد آهي ته سندس اهو
ڏک ڏور ٿي ويو هوندو.
”ٽڙندڙ مُکڙيون“ ۽ ”سرهاڻ“ نالي
ڪتابن جو ليکڪ، هڪ شاعر، هڪ پيشڪار، هڪ اداڪار، هڪ نثر نويس، پنهنجي ذات ۾ بي
انتها گُڻ رکندڙ ۽ اُنهن سڀني گُڻن کي ايڪتا سان سلهاڙيندڙ پروانو ڀٽي صاحب،
روايتن ۽ وضعداريءَ سان ايڪتا جو هڪ خوبصورت استعارو هو. اڄ هن ساٿَ، هن رنگَ، هن
هجومِ ۾ اسين کيس ساريون ٿا. سرڪار لطيف جي هن فقير، آخر تائين ڀيرو نه ڀڳو. هن
سال هُو نه وڃي سگهيو ته سائين وقار شاهه پاڻ کيس ملڻ آيا. معنيٰ سرڪار به هن سان
تعلق کي برقرار رکيو. رمتو روانو ٿي ويو آهي ۽ پويان، ڄڻ اسان لاءِ ايڪتا جي ڏينهن
تي هڪ مثال ڇڏي ويو آهي ته ”حُبَ ۽ سِڪَ جي ايڪتا هُجي ته محبوبَ به خيال رکڻ ۾
اڳيان اڳيان هوندا آهن.“ پروردگار سندس پورهيو قبول ڪري ۽ کيس بهتر کان بهتر جاءِ
سان نوازي. آمين.
پروانو ڀٽي
جيڪي مُئي ڪندا، سو جانب ڪريو جيئري!
تاج جويو
پرواني ڀٽيءَ جو سنڌيءَ جي
معمر، ڪُهنه مشق ۽ باوقار شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو. سنڌي ادب جي سمورين تحريڪن ۽
تنظيمن جمعيت الشعراءِ سنڌ، بزم طالب الموليٰ، سنڌي ادبي سنگت، بزم صوفياءِ سنڌ ۽
بزم روح رهاڻ وغيره ۾ سندس اڳڀرو ڪردار رهيوآهي. سنڌي زبان جي قومي حيثيت لاءِ
جاکوڙ هجي، ون يونٽ ٽوڙائڻ وارو مسئلو هجي، سنڌ جي وجود جي بقا جي تحريڪ هجي، هن
غريب مگر باضمير شخص ۽ شاعر جي قلمي جنگ جاري رهي آهي. ڀٽائيءَ جي هن فقير، اعزازن
۽ ايوارڊن جي لالچن کان مٿانهون ٿي، ادبي ۽ صحافتي ميدانن ۾ سالن کان بي لوث خدمت
پئي ڪئي آهي. پروانو ڀٽي، پوليس واري جو پُٽ آهي، پيءَ جي بدلين سبب پيءُ سان گڏ
مختلف ٿاڻن تي پلجندو ۽ اُتي جي اسڪولن ۾ پڙهندو رهيو. پوليسڪي راڄ ۾ رهندي، هن جي
طبعيت ۾ پوليساڻيون عادتون سرايت ڪري نه سگهيون، پر هي نرم دل ۽ نرم مزاج شاعر
بڻجي پيو. هي ٿاڻن جهڙي جهنمي سرزمين تي گل بنجي اُڀريو ۽ سڄي عمر گُل اڳائيندو
رهيو. ڪنهن شاعر، ڪهڙو نه خوب چيو آهي:
هيءَ
ڪنهن جي آ ڀُلَ؟
ڪنهن
هي آڻي پوکيا،
ٿاڻي
اندر گُلَ!
پروانو سنڌي فائنل ڪري ماستر
ٿيو ۽ تپيداري ڪورس ڪري ڪجهه عرصو تپيدار به رهيو ۽ زندگيءَ جو وڏو عرصو صحافي
رهيو ۽ ان ميدان ۾ دائمي نقش ڇڏي آيو آهي. هن ٻارن جي ٻاريءَ کان ”ادبي ڪياريءَ“
جي تياريءَ تائين جيڪو سفر ڪيو آهي، حياتي گذاري آهي، ان ۾ ڪٿي به پنهنجو مستقل
گهر نه ٺاهي سگهيو، ان جو اظهار شاعريءَ ۾ هن ريت ڪيو اٿس.
حياتي گُذر ٿي سفر در سفر،
ڪٿي ڪين ٺاهي سگهيس پنهنجو گهر.
هن مسافرن وانگر زندگي گذاري،
پر مُڙس ٿي گذاري، حوصلو نه هاريائين ۽ ٻين جا حوصلا به وڌائيندو رهيو.
اجهو رات گذري، اجهو صُبح آيو،
انهيءَ آسري ۾ گهڻا ڏينهن سهبو،
اسين پنهنجي گهر ۾ مسافر مسافر،
اگر آهه رهڻو ته ٿي مڙس رهبو!
ميوي خان ڀٽيءَ جي زندگي ۽
شاعريءَ جو هيءُ سفر ”جوهر“، ”ميول“ ۽ ”آزاد“ کان ترقي ڪندو، جڏهن ”پرواني“ تائين
پهتو، ته دنيا کان ميوو خان ڀٽي وسري ويو ۽ هي سنڌ جو پروانو بنجي ويو ۽ واقعي هي شخص سڄي عمر ”سنڌ جو پروانو“ ٿي
رهيو.
ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته پروانو اڄ
سنڌ جي پهرينءَ صف جو سرموڙ شاعر آهي، پر اڄ کان ۵۵ سال اڳ به مولانا غلام محمد گراميءَ جهڙي نقاد شاعر فتويٰ ڏني هئي ته:
”پرواني ڀٽيءَ هن دور جي نون شاعرن ۾ غزل، آزاد نظم ۽ قطعي جي دلاويز ۽ شوخ، رنگين
۽ شسته تجربي جي حيثيت سان، سنڌي ادب ۾ اضافو به ڪيو آهي ۽ ان سان گڏ پنهنجو
انفرادي مقام به پيدا ڪيو آهي. هن دور جي جديد شاعرن ۾ پرواني جو فن، پنهنجي
انفرادي خصوصيت جي ڪري، جنهن مقام تي پهتو آهي، اهو مقام وڏن وڏن قادرالڪلام شاعرن
جي فن سان ڪُلهو هنيو بيٺو آهي.“
اِهو سچ آهي ته هن باڪمال،
باوقار ۽ قادر الڪلام شاعر کي معاش جي حاصلات لاءِ صحافت جهڙي خشڪ، ورچائيندڙ ۽
ٿڪائيندڙ ماحول ۾ رهي به شاعري ڪرڻي پئي ۽ شاعراڻي ذوق کي هن ۸۶ سالن جي پيرانه ساليءَ تائين نه رڳو زندهه رکڻو پيو، پر شانائتو پڻ. هن جي
۸۶ سالن جي زندگيءَ جا لڳ ڀڳ ۸0 سال حيدرآباد ضلعي ۽ شهر ۾ گذريا آهن، پر هن شهر کيس ڇا ڏنو آهي، اچو ته
کانئس پُڇون.
اوهان جي شهر ۾ ڇا آهي؟
اوهان جي شهر کي مون پنهنجي
ساري زندگي بخشي،
اوهان جي شهر اُن جي بدلي ۾ مون
کي ڏنو ڇا هي!
هتي انسان جي احساس تي پهرو رهي
قائم،
هتي انسان جي جذبات جو وڪرو ٿئي
ظاهر، هتي هر موڙ تي چهرا سُڪل ڪن آجيان بيٺا،
هتي هر چونڪ تي مينديءَ رتا هٿ
بيک لئه ٻاهر،
اوهان جي شهر ۾ ڇا هي!
هتي دولت جا پوڄاري صبح ۽ شام
پنهنجيءَ ۾،
هتي ڪنهن کي خبر ناهي، ڀلا
انصاف ڇا آهي،
هتي جي ٽهڪ ڏيڻا پيا ته پهرين
لُڙڪ پي وٺبا،
نه پُڇندو ڪير پروانا، ته
تنهنجو شان ڇا آهي!
اوهان جي شهر ۾ ڇا آهي!
اردو شاعر رئيس امروهيءَ جي
قطعن جا ٻه جلد آڳاٽو شايع ٿيا ها. هن سنڌي شاعر پرواني ۵000 کان وڌيڪ قطعا لکيا آهن. غزلن، گيتن، نظمن ۽ آزاد نظمن جو ڳاڻيٽو نه آهي، پر سندس شاعريءَ
جو ڪتاب ڇپيل نه آهي، جڏهن ته بنهه ننڍڙن شاعرن جا به الائي ڪيترا مجموعا ڇپجندا
رهن ٿا. هي سالن کان بيمار آهي، ڪڏهن ڪڏهن ثقافت کاتي سندس سار به لڌي پئي آهي، پر
جڏهن هڪڙي سيڪريٽري صاحب پرواني کي ڪجهه هزارن جو چيڪ ڏئي، اخباري بيان شدمد سان
جاري ڪيو هو ته پرواني لکيو هو:
بيمار اديبن سان، ايڏا نه ڪريو
چرچا،
خُوددار اديبن سان، ايڏا نه
ڪريو چرچا،
ڪرسيءَ جو نشو آهي، هڪ ڏينهن
لهي ويندو،
سرڪار اديبن سان، ايڏا نه ڪريو
چرچا!
باوجود ان جي پرواني جي نازڪ
حالت ڏسي، ثقافت کاتي جي موجوده وزير صاحب ۽ سيڪريٽريءَ کي جيڪي ٻئي اديب آهن،
چوان ٿو ته:
جيڪي مُئي ڪندا، سو جانب ڪريو جيئري!
پروانو ڀٽي
تذڪره شعراء ٽنڊو محمد
خان
اعظم ڀٽي
سنڌي ٻولي جو ناليوارو اديب،
شاعر، ڪمپيئر، شاهه لطيف جو عاشق ۽ جهونو صحافي پروانو ڀٽي ۱۶ فيبروري ۱۹۳۴ع بمطابق ۱ ذوالقعد ۱۳۵۲ هجري تي دادو ضلعي جي ڦلجي اسٽيشن
لڳ ڳوٺ پيارو آرائين ۾ پيدا ٿيو. سندس اصل نالو ميوو خان ڀٽي هو، سندس والد جو
نالو گل محمد خان ڀٽي هو، جيڪو پوليس کاتي ۾ ملازم هو.
پرواني ڀٽي جو خاندان سندس والد
جي بدلي سبب ۱۹۵۰ع ڌاري لڏي اچي ٽنڊو محمد خان ۾
رهائش پذير ٿيو. ٻالڪپڻ کان ئي لکڻ پڙهڻ جي چاهه منجهس لاتعداد صلاحيتون پيدا ڪيون.
۱۹۴۷ع کان صحافت جي شروعات ڪيائين. ٽنڊو
محمد خان ۾ عبرت جو نمائندو مقرر ٿيو. ۱۹۵۰ع ۾ ڀٽ شاهه ۾ ادبي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿي باقاعده ادبي سفر جي شروعات ڪيائين.
گيت، غزل، نظم، چوسٽا ۽ لاتعداد قطعه لکي پنهنجي ادبي حيثيت مڃرايائين. ۱۹۵۴ع کان هفتيوار عبرت ۾ سندس قطعه ڇپجڻ لڳا. ان وقت اردو زبان جو بهترين شاعر
رئيس امروهي ”جنگ“ اخبار ۾ قطعا لکندو هو، جيڪو پڻ پرواني ڀٽي جي قطعن جي تعريف ڪندو
هو. جنهن بعد هلال پاڪستان ۽ آفتاب اخبار ۾ به پرواني ڀٽي جا قطعا شايع ٿيا. شاعري
۾ سندس استاد غلام محمد گرامي ۽ شيخ ابراهيم خليل هئا. پروانو ڀٽي ۱۹۵۷ع ۾ تپيداري جو امتحان پاس ڪري سرڪاري نوڪري ۾ لڳو پر ادب سان دلي لڳاءَ
کيس نوڪري طرف مائل نه ڪري سگهيو ۽ هڪ سال بعد نوڪري ڇڏي وري اچي ادبي دنيا
وسايائين. پروانو ڀٽي ڀلوڙ شاعر، اديب، صحافي ۽ ڪمپيئر هئڻ سان گڏ شاهه لطيف جي
شاعري جو عاشق ۽ بهرين اداڪار پڻ رهيو. ۱۹۵۳ع ۾ ميٺارام هاسٽل ۾ ”مجرم ڪون“ نالي سان ٿيل اسٽيج ڊرامي ۾ اداڪاري
کانپوءِ شوبز جي دنيا سان به واڳيل رهيو. ۱۹۵۳ع ۾ ٽنڊي محمد خان ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ڪيائين. ۱۹۶۳ع ۾ سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ٿيو. ۱۹۷۰ع ۾ اي ڪيو پيرزاده جي سنڌي فلم ”محبوب مٺا“ ۾ سنڌي وڏيري جو ڪردار نڀايائين.
ان بعد ”مارو“ ۽ ” مومل راڻو“ فلمن ۾ به اداڪاري ڪيائين، جيڪي رليز ٿيڻ کان پهرين
اڌ ۾ رهجي ويون. پرواني ڀٽي جا ٻه ڪتابچا پڻ ترتيب ڏنل آهن، جيڪي ۱۹۶۸ع ڌاري شايع ٿيا، جن جا نالا ”ٽڙندڙ مُکڙيون" ۽ ”سرهاڻ“ آهن. سياسي،
سماجي، ثقافتي ۽ ادبي محفلن ۽ ريڊيو پاڪستان تي ڪمپيئرنگ جا بهترين فرائض سرانجام ڏنائين.
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي قيام کان وٺي ان سان لاڳاپيل رهيو. حيدرآباد ۽ ٽنڊو
محمد خان پريس ڪلبن جي بانيڪارن ۾ شامل رهيو. پريس ڪلب حيدرآباد، پريس ڪلب ٽنڊو
محمد خان، سنڌي ادبي سنگت مرڪز سميت ڪيترن ئي ادارن جي ٿيندڙ چونڊن ۾ ڪيترائي ڀيرا
اليڪشن ڪميٽين جو سربراهه ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي بورڊ آف گورنرس ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ
جي نصاب ڪميٽي جو ميمبر پڻ رهيو. سياسي، سماجي، علمي، ثقافتي، ادبي ۽ ادارن پاران
کيس لاتعداد مڃتا ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ مليا. پرواني ڀٽي کي ٽن پُٽن ۽ چار نياڻين
جو اولاد ٿيو، سندس پُٽن ۾ انعام الله ڀٽي، گل محمد ڀٽي ۽ اسد ڀٽي شامل آهن، جن
مان سندس وڏي نياڻي وفات ڪري وئي ۽ سندس هڪ پُٽ گل محمد ڀٽي، ۲۰۰۳ع ۾ شهيد ٿي ويو هو. پرواني ڀٽي ۱ ڊسمبر ۲۰۱۶ع تي حيدرآباد جي نجي اسپتال ۾
لاڏاڻو ڪيو کيس ٽنڊو محمد خان جي پير شارفو قبرستان ۾ سوين آلين اکين سان مٽيءّ
ماءۡ حوالي ڪيو ويو. سندس وفات بعد سندس آتم ڪٿا جو ڪتاب "ڪتاب زندگي جا
ورق" ۲۰۱۷ع ۾ ڪويتا پبليڪيشن حيدرآباد
پاران ڇپجي پڌري ٿيو، جيڪو تاج جويي ترتيب ڏنو. سندس شاعري جو وڏو ذخيرو اڃا تائين
ڇپجي نه سگهيو آهي.
پرواني ڀٽي جو چونڊ ڪلام هيٺ ڏجي
ٿو:
غزل
سمجهي ڪين تون سگهندين مٺڙا
مستانن جي ٻولي،
ديوانن جي ٻولي فرزانن جي ٻولي.
حُورن ۽ پرين جي دنيا بيشڪ سُهڻي
آهي،
غور ڪندين ته اُتي به ته ٻُڌندين
انسانن جي ٻولي.
چپڙن تي تالا ۽ خيالن تي بندش ۽
پڻ پهرا،
اهل جنون ويا سمجهه، آخر ارمانن
جي ٻولي.
هيڏي دل ۽ هيڏو جگر گهرجي ٿو سچ
چوڻ جي لئه،
تون ته حقيقت کي به چوين ٿو
افسانن جي ٻولي.
سڀ ڪجهه ڳالهه اشارن اندر لمحن
۾ ٿي ويئي،
شمع ئي سمجهي ٿي هِت آخر “
پروانن ” جي ٻولي.
************************************************
غزل
نه لهندو، نه لهندو دلين تان
غۡبار،
نه ٿيندو نه ٿيندو ڪنهن کي مون
سان پيار.
نگاهن جا ڪريل نه اۡٿندا ائين،
انهن کي مڙي مۡرڪ سان اچ اۡٿار.
جهان جو مٽائي ڇڏيان رنگ رۡوپ،
تون هڪڙو دفعو صرف مۡرڪي نهار.
مونکي بند پڃري ۾ ڪهڙي خبر،
ڇمن ۾ چون پيا ته آيو بهار.
منهنجا گيت ٿي ختم ويا همسفر،
ٺهي وئي لفظن جي سهڻي مزار.
حياتي وئي گذري سفر درسفر،
ڪٿي ڪين ٺاهي سگهيس پنهنجو گهر.
سۡمهي ڪين سگهندا سڄي رات سي،
اوهانجي جنهين کي لڳي وئي نظر.
چون جيڪي "پروانو"
شاعر نه آھ،
لڪي گيت منهنجا ٿا ڳائن مگر.
*************************************************
چوسٽو
سموري زندگي منهنجي، گۡذر ٿي
حادثن ۾ وئي،
ڪيم جا شاعري تو لئه، سا گۡم ٿي
ڪاغذن ۾ وئي،
زندگي جا ورق، ويٺو هاڻ اۡٿلايان،
ڪمائي هيتري ساري، سا ڪهڙن
سلسلن ۾ وئي.
**************************************************
قطعو
اجها رات گذري اجهو صۡبح آيو،
انهيءّ آسري ۾ گهڻا ڏينهن سهبو،
اسين پنهنجي گهر ۾ مسافر مسافر،
اگر آهي رهڻو ته ٿي مۡڙس رهبو.
***************************************************
ھي اوسيئڙي ۾ پاڇولا لَڙي
ويندا، تڏھن ايندين!
جڏھن ھي لُڙڪ اکين مان سُڪي
ويندا، تڏھن اِيندين!
اڃا محفل مَتَل آھي، اڃا مستن
کي ھوش آھي،
جڏھن سجدن ۾ ديوانا جھڪي ويندا،
تڏھن ايندين!
مڃان ٿو اڳڀرو آھين، اڃان
منھنجي نگاھن کان،
تڪي راھون منھنجا جذبا مري
ويندا، تڏھن ايندين!
No comments:
راءِ ڏيندا