فيڊل ڪاسترو
ڪيوبا جو انقلابي اڳواڻ
ارشاد ڪاغذي
هن سال پنهنجي سالگره ملهائيندي ڪاسترو چيو هو ته هو جلد لاڏاڻو ڪري ويندو
۽ ڪالهه صبح سوير ڪيوبا جي ٽي وي هن جي فوت ٿيڻ جي خبر نشر ڪئي. فيڊل ڪاسترو گھڻي
عرصي کان آنڊن جي بيماري وگھي سخت عليل هو. آمريڪا، انقلاب ۽ ڪاسترو جي دشمنن کيس
ڪيئي ڀيرا مارڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پر هو معجزانه طور هر ڀيري بچي ويو. توهان اهو
ٻڌي حيران ٿي ويندا ۽ يقين نه ڪندا ته ڪاسترو کي 638 دفعا مارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي
هئي. اهي حملا جيمز بانڊ طرز جهڙا هئا، هن انهن موتمار حملن جي باري ۾ چيو هو ته
”جيڪي حملا ڪيا ويا ۽ انهن کان بچي ويس، جيڪڏهن اهي اولمپڪ ايونٽ هجن ته مان سونو
ٻلو حاصل ڪرڻ جو حقدار آهيان.“ ڪاسترو 1959ع ۾ اقتدار تي قبضو ڪيو، 49 سالن تائين
ڪيوبا تي حڪمراني ڪئي. ان کان علاوه آمريڪا جي اينٽيلنجنس ايجنسي سي آءِ اي هن جو
تختو اونڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هر دفعي ناڪام ٿيا. 10 سال اڳ هن پنهنجي ڀاءُ جي حق
۾ هٿ کنيو هو ۽ ان کي ملڪ جون واڳون سوپي ڇڏيون.
فيڊل ڪاسترو انقلابي اڳواڻ هو، جنهن چي گويرا سان گڏجي ڪيوبا تي حملو ڪيو ۽
اتي ڪميونسٽ حڪومت قائم ڪئي، هو مارڪسزم ۽ لينن ازم جو پيروڪار هو. ڪاسترو 1959ع
کان 1976ع تائين ڪيويا جو وزيراعظم ۽ 1976ع کان 2008ع تائين صدر رهيو. 1961ع کان
2011ع تائين هو ڪيوبا جي ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري جنرل رهيو. هن پنهنجي ملڪ ۾
انقلابي سوشلسٽ سڌارا نافذ ڪيا، صنعت، واپار ۽ ٻين کي قومي تحويل ۾ ورتو، هو
آمريڪا جو سخت مخالف هو ۽ هميشه آمريڪا ۽ سرمائيداري نظام کي تنقيد جو نشانو
بنايو. هن جي اقتدار کي ختم ڪرڻ لاءِ آمريڪا ڪيئي ڪوششون ڪيون پر هر بار آمريڪا کي
منهن ڀر ڪِرڻو پيو. ڪاسترو هڪ اهڙو انقلابي هو جيڪو آمريڪا جي ڀر ۾ رهندي به
آمريڪا کي ست سُريون ٻڌائيندو هو ۽ ڪڏهن به آمريڪا جي اڳيان نه جهڪيو. هو مرد
مجاهد هو جنهن جي ڪري هن آمريڪا سان اکيون اکين ۾ ملائي هر طرح سان مقابلو ڪيو. هن
پنهنجي ملڪ ۾ هڪ اهڙو نظام قائم ڪيو جيڪو پورهيت راڄ جي نالي سان مشهور آهي،
پنهنجي ديس ۾ پورهيتن جي حڪومت قائم ڪئي، صحت ۽ تعليم جي ميدان ۾ ڪيوبا سموري دنيا
۾ اڳتي آهي ۽ هن جا ڊاڪٽر مختلف ملڪن ۾ ڪم ڪندا رهن ٿا. ڪاسترو پنهنجي ملڪ ۾ غريبن
۾ خوشحالي آندي پر آمريڪا جي گھيري ۾ هوندي ۽ آمريڪا جي بائيڪاٽ باوجود هن پنهنجي
ڪڏهن به نه وڪاميو.
فيڊل ڪاسترو 21 صدي جي عالمي سياست جو هڪ مضبوط ٿنڀو آهي. آمريڪا جي صدر
اوباما جڏهن ڪيوبا جو دورو ڪيو هو ته ڪاسترو پنهنجي عوام کي خبردار ڪيو هو ته هو
آمريڪا جي ٺٺن ۾ نه اچن، ڇاڪاڻ ته آمريڪا سامراج آهي. تاريخ ساز شخصيت فيڊل ڪاسترو
11 آمريڪي صدرن کي تبديل ٿيندي ڏسي چڪو آهي. جڏهن ته دنيا ۾ سوشلسٽ ۽ ڪميونسٽ ڪيمپ
کي زوال طرف ويندي به پنهنجي اکين سان ڏسي چڪو آهي پر هو هڪ اڏول جبل جيان پنهنجي
ملڪ ۾ ڄمي بيٺو رهيو ۽ سوشلسٽ نظام کي نه فقط بچايو پر پنهنجي ملڪ ۽ راڄ بخت ڀاڳ
کي دشمنن کان پڻ بچايو. اڌ صدي اڳ ۾ ”ڏاڙهي واري گوريلا فوج“ ڪيوبا تي قبضو ڪري
اتان هڪ آمر کي ڀڄائي سوشلسٽ ڪيوبا جو بنياد وڌو هو. هن کي اڌ صدي اڳ گرفتار ڪري
جيل ۾ بند ڪيو ويو ۽ ڪيس هلايو ويو، هن ڪورٽ اڳيان تقرير ڪئي هئي. ”تاريخ مون کي
بي ڏوهي قرار ڏيندي.“ جنهن ۾ هن پنهنجو موقف پيش ڪيو هو. هو سچو انقلابي هو ۽
مرندي تائين انهن اصولن ۽ آدرشن تي قائم رهيو، جن لاءِ هن سموري عمر جدوجهد ڪئي
هئي. هو مشهور انقلابي چي گويرا جو ساٿي هو، جنهن سان گڏجي ڪيوبا جي انقلاب لاءِ
ڪم ڪيو. چي گويرا لاطيني آمريڪا جي ٻين ملڪن ۾ وڙهڻ لاءِ ويو ۽ آمريڪا جي فوج کيس
شهيد ڪيو. ڪاسترو به ڪيترن موقعن تي ڪيوبا جي فوجين کي لاطيني آمريڪا جي ملڪن ۾ موڪلي
اتان جي مظلوم ۽ محڪوم ملڪن ۽ قومن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي ويڙهه وڙهي. ان کان علاوه
هن ڪيترن ئي ڏهاڪن کا پنهنجي ملڪ جا ڊاڪٽر ٻاهرين ملڪن ۾ موڪليندو رهيو هو جتي هو
وڃي اتان جي ماڻهن جو علاج ڪندا هئا.
ڪاسترو انقلابي اڳواڻ هو تنهن ڪري هو آمريڪا سامراج جو سخت مخالف هو ۽
آمريڪا جا صدر ۽ انتظاميا به هن کي ڪونه
ڀائيندي هئي، تنهن ڪري آمريڪا ۽ ڪيوبا جي وچ ۾ ڪيترن موقعن تي جنگ لڳڻ جو خطرو
پيدا ٿي پيو هو. ان خطري جي ڪري ڪيوبا ۾ سوويت يونين ميزائل نصب ڪيا هئا، سرد جنگ
جو وڏي ۾ وڏو بحران ان وقت شروع ٿيو، جڏهن 1962ع ۾ آمريڪا جي صدر جان ايف ڪينيڊي،
آمريڪاجي فوج موڪلي ڪيوبا جي ناڪا بندي ڪئي ۽ ان وقت جنگ جو خطرو پيدا ٿي پيو هو ۽
جيڪڏهن ايئن ٿئي ها ته عالمي جنگ ڇڙي وڃي ها پر خروشوف ڪيوبا مان ميزائل هٽائي جنگ
کي ٽاري ڇڏيو. ايترن سنگين گھوٽالن ۽ ڇڪتاڻ جي هوندي به ڪاسترو ڪڏهن به آمريڪا کان
مرعوب نه ٿيو ۽ پنهنجي ملڪ، عوام ۽ ساٿين تي ڀروسو رکيو ۽ عوام جي خدمت ڪندو رهيو.
هو 2006ع کان سخت بيمار هو ۽ 2008ع ۾ هن پنهنجي ڀاءُ رائول ڪاسترو کي حڪومت سونپي
ڇڏي ۽ هو گوشه نشين ٿي ويو. گذريل آگسٽ ۾ پنهنجي سالگره جي موقعي تي ڪانگريس کي
خطاب ڪيو هو ۽ پنهنجي حامين سان مليو هو ۽ ايترا سال اڪيلو رهيو. پر هو ڪالهه 90
سالن جي عمر ۾ گذاري ويو. ڪيوبا جي سرڪار پنهنجي انقلابي اڳواڻ جي موت تي 9 ڏينهن
جي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. ڪاسترو جي وڇوڙي سان هڪ اهڙو خال پيدا ٿيو آهي، جنهن جو
بڻجڻ ڏاڍو مشڪل آهي. لاطيني آمريڪا، ڪيوبا سميت سموري دنيا جا کاٻي ڌر سان واسطو
رکندڙ عوام ڪاسترو جي وڇوڙي تي ڏکارو آهي ۽ هرڪو هن عظيم اڳواڻ کي ڀيٽا پيش ڪري
رهيو آهي.
فيڊل ڪاسترو
ريفليڪشنز آف ڪامريڊ سوشلزم
يا موت جو نعرو هڻندڙ
عالمي واءُ سواءُ
ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين ڪيوبا تي حڪمراني ڪندڙ فيڊل ڪاسترو 90 سالن جي ڄمار ۾
لاڏاڻو ڪري ويو، اڳوڻو صدر فيڊل ڪاسترو 8 سال اڳ طبيعت خراب ٿيڻ ڪري اقتدار پنهنجي
ڀاءُ رائول حوالي ڪيو هو، ڪاسترو ڪيوبا ۾ ڪميونسٽ انقلاب جو اڳواڻ هو، کيس آمر
حڪمران فليگنسيو باتيستا قيد به ڪيو هو، پوءِ هو ميڪسيڪو ۾ جلاوطني جي زندگي گهارڻ
لڳو، پر 1959ع ۾ هُو 32 سالن جي عمر ۾ ڪيوبا ۾ اقتدار تي قبضو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو
هو، ان کانپوءِ هو ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين ڪيوبا جو حڪمران رهيو، سندس اقتدار دوران
هن ڏهن آمريڪي صدرن ۽ واشنگٽن حڪومت طرفان لڳايل سخت پابندين کي به منهن ڏنو. فيڊل
ڪاسترو پنهنجي قيادت ۾ انقلاب کانپوءِ فتح جو اعلان ڪندي اهو نعرو هنيو هو، جيڪو
تاريخي طور تي سندس سڃاڻپ طور ياد رکيو ويندو ۽ اهو نعرو هو: ”هميشه فتح طرف“.
آمريڪي رياست فلوريڊا کان صرف 90 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي واقع ڪيوبا ڊگهي عرصي تائين
گڏيل نظام جو ساٿ ڏنو، فيڊل ڪاسترو به سڄي دنيا ۾ گڏيل نظام لاءِ اُٿندڙ آواز جو
ساٿ ڏيندو رهيو. سوشلزم لاءِ سندس عزم پختو هو، پر ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندڙ صحت جي
ڪري هن 2008ع ۾ شروعاتي طور اقتدار عارضي بنيادن تي ۽ پوءِ مستقل طور پنهنجي ڀاءُ
رائول ڪاسترو حوالي ڪيو هو.
پنهنجي ريلين ۾ سوشلزم يا موت جو نعرو هڻندڙ فيڊل ڪاسترو ڊگهي عرصي تائين
پنهنجي نظرياتي عزم تي قائم رهيو، جڏهن ته چين ۽ ويتنام جهڙن ملڪن ۾ آهستي آهستي
سوشلزم ڇڏڻ بعد سرمائيداري واري نظام طرف وڌڻ جو عمل جاري هو، انهيءَ دوران 17
ڊسمبر 2014ع تي آمريڪا ۽ هوانا حڪومتن گڏيل سفارتي لاڳاپن جو اعلان ڪيو هو، هاڻي
ته آمريڪا ڪيوبا تي ڪيترن ئي ڏهاڪن کان لڳايل پابنديون به آهستي آهستي ختم ڪري
رهيو آهي. فيڊل ڪاسترو 1953ع ۾ بتيستا حڪومت جي خلاف ناڪام بغاوت جي سربراهي ڪرڻ
تي جيل وڃڻو پيو، 1955ع ۾ فيڊل ڪاسترو کي عام معافي ڏئي جيل مان آزاد ڪيو ويو، ٻئي
سال 1956ع ۾ هن حڪومت جي خلاف چي گويرا سان گڏ گوريلا ويڙهه شروع ڪئي، 1959ع ۾
بتيستا کي شڪست ڏيڻ کانپوءِ هن ڪيوبا جي وزيراعظم جو حلف کنيو، 1960ع ۾ بي آف پگز
۾ سي آءِ جي سرپرستي ۾ ٿيل بغاوت کي ناڪام بڻايو، 1976ع ۾ فيڊل ڪاسترو کي ڪيوبا جي
قومي اسيمبلي صدر چونڊيو ۽ ڊگهي عرصي تائين حڪمراني ڪرڻ کانپوءِ بيمار ٿيڻ ڪري
فيڊل ڪاسترو نيٺ 2008ع ۾ صدارتي منصب ڇڏي ڏنو.
فيڊل ڪاسترو کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن ڊگهي عرصي تائين دنيا جي ڪنهن ملڪ
تي حڪمراني ڪئي، جيتوڻيڪ آمريڪا ڪيوبا تي حڪمراني ڪندڙ ڪاسترو کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ
لاءِ ڀرپور نموني ڪوششون ڪيون، پر ان ڊگهي عرصي ۾ آمريڪا جا گهٽ ۾ گهٽ ڏهه صدر
تبديل ٿي چڪا هئا ۽ هو ڪيوبا جي حڪمران فيڊل ڪاسترو کان اقتدار کسڻ جي سازش ۾
ناڪام ٿيندا رهيا.
دنيا تي ڪميونزم کي شڪست ڏيڻ جي باوجود ڪاسترو آمريڪا جي پنهنجي ئي دروازي
تي هڪ چُڀندڙ زنده ياد جي صورت ۾ موجود رهيو. فيڊل اليهاندرو ڪاسترو 3 آگسٽ 1926ع
تي ڪيوبا جي ڪيوبا جي ڏکڻ اوڀر واري صوبي اورينٽي ۾ هڪ امير گهراڻي ۾ پيدا ٿيو،
جيڪو پيشي جي لحاظ کان جاگيردار هو، پر عيش واري زندگي هجڻ جي باوجود سندس چئوطرف
پکڙيل اذيتناڪ مفلسي جي صورت ۾ سماجي فرق ۽ ٻين مسئلن کيس انقلابي ليڊر بڻائي
ڇڏيو. ان وقت ڪيوبا تي فلجينسوي بتيستا جي حڪومت هئي، جنهن جو اقتدار بدعنواني،
تنزلي ۽ عدم مساوات جي علامت بڻيل هو، ڪاسترو ان نظام جي خاتمي لاءِ پرعزم هو. ان
زماني جو ڪيوبا حقيقت ۾ منظم مجرمن جي پناهگاهه وانگر هو، جتي جسم فروشي، جوا جا
اڏا ۽ منشيات جي اسمگلنگ عام جام هئي. ڪاسترو ۽ سندس انقلابي گروهه موجوده
گوانتانامو بي جي ڏکڻ ۾ واقع سيراما اسٽيا نالي پهاڙن ۾ موجود پنهنجي اڏي تان وڏي
پئماني تي گوريلا مهم شروع ڪرڻ جي منصوبابندي ڪئي هئي. 2 جولاءِ 1959ع تي ڪيوبا جي
صدارتي هنڌ هوانا ۾ باغي فوج اندر داخل ٿي، نتيجي ۾ ڪاسترو کي فتح ملي ۽ بتيستا کي
فرار ٿيڻو پيو، اهڙي ريت ڪيوبا کي نئين حڪومت ملي وئي، اها ڪاميابي ارجنٽائن سان
تعلق رکندڙ انقلابي ارنسٽ چي گيوارا کي به ملي هئي، جنهن ڪاسترو جي انقلابي تحريڪ
۾ حصو ورتو هو ۽ بعد ۾ هو سندس حڪومت جو حصو به بڻيو هو. ڪيوبا جي نون حڪمرانن
ماڻهن جون زمينون واپس ڪرڻ ۽ غريبن جي حقن جو تحفظ ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، پر جلد ئي
منظرنامو تبديل ٿي ويو، حڪومت ملڪ ۾ هڪ جماعتي نظام مڙهي ڇڏيو، جنهن جي ڪري سوين
ماڻهن کي جيل وڃڻو پيو ۽ مزدورن جون ڪئمپون به سياسي قيدين سان ڀرجي ويون، رڳو اهو
ئي نه پر هزارين ماڻهن کي جلاوطني اختيار ڪرڻي پئي.
ڪاسترو جي اها دعويٰ هئي ته سندس نظر ۾ سڀ کان مقدم حيثيت ڪيوبا جي عوام جي
آهي، هن هڪ موقعي تي چيو هو ته ”معيشت ۾ جمهوريت ۽ سماجي انصاف جي ترجماني ٿيندي
آهي“. 1960ع ۾ فيڊل ڪاسترو ڪيوبا ۾ موجود انهن سمورن ڪاروباري اثاثن کي قومي ملڪيت
۾ ورتو، جيڪي اصل ۾ آمريڪا جي ملڪيت هيون، جوابي طور تي آمريڪا ڪيوبا تي واپاري
پابنديون لڳائي ڇڏيون، جيڪي گذريل ڪجهه سالن ۾ صدر باراڪ اوباما جي دور ۾ ختم ٿيڻ
شروع ٿيون آهن.ڪاسترو اها به دعويٰ ڪئي هئي ته کيس مجبورن سوويت يونين جي سربراهه
نيڪيتا ڪروسچو سان رابطا بحال ڪرڻا پيا، تنهن هوندي به تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته
ڪاسترو پنهنجي خوشي ۽ مرضي سان سوويت يونين کي ڳلي لڳايو هو. سندس اهڙي قدم پٺيان
ڪهڙا سبب هئا جو نتيجي ۾ ڪيوبا سرد جنگ جو ميدان بڻجي ويو.
اپريل 1961ع ۾ آمريڪا ڪيوبا ۾ ڪاسترو جي اقتدار جو خاتمو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ۽
ان کي عملي جامو پارائڻ لاءِ ڪيوبا جي شهرين کي غير سرڪاري فوج ۾ ڀرتي ڪرڻ شروع
ڪيو. ڪيوبا جي سمنڊ ڪناري بي آف پگز ۾ آمريڪي معاونت سان تربيت حاصل ڪندڙ ڪيوبن
شهرين حملو ڪيو هو، پر ڪيوبا جي سرڪاري فوجي جٿن ان کي ناڪام بڻايو، انهيءَ ويڙهه
۾ ڪيترائي حملي آور ماريا ويا هئا ۽ هڪ هزار ڄڻن کي گرفتار به ڪيو ويو هو. فيڊل
ڪاسترو ان حملي کي ناڪام بڻائي آمريڪا کي رُڪ جا چڻا چٻرايا، جنهن کي آمريڪا وڏي
عرصي تائين وساري نه سگهيو. 1962ع ۾ آمريڪا جي جاسوس جهازن ڪيوبا جي مختلف هنڌن تي
سوويت يونين جي ميزائيلن جي موجودگي جو پتو لڳايو، ان کانپوءِ اوچتو سڄي دنيا تي
ائٽمي جنگ جا بادل ڇائنجڻ لڳا، ڇوته ان وقت ٻه عالمي قوتون هڪٻئي جي اکين ۾ اکيون
وجهي جنگ لاءِ تيار هيون، پر اک ڇنڀڻ جي شروعات روس جي صدر نيڪيتا ڪروشيف ڪيوبا
مان ميزائيل ڪڍڻ جي صورت ۾ ڪئي، ان جي عيوض ترڪي مان آمريڪي هٿيارن کي ڪڍڻ جو ڳجهو
معاهدو به طئي ٿيو.
ڪاسترو آمريڪا جي دشمنن جي لسٽ ۾ پهرين نمبر تي هو، اهو ئي سبب آهي جو
آمريڪا کيس آپريشن مونگوس ۾ کيس قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو بچي ويو. ٻئي طرف
سوويت يونين ڪيوبا ۾ پئسو لڳائي رهيو هو ۽ ان هڪ ٻيٽ ۾ ڪمند جو فصل خريد ڪيو هو،
ان جي عيوض هوانا جي بندرگاهه تي ان جي سامان سان ڀريل جهاز لهندا هئا، آمريڪا
طرفان واپاري پابندين جي ڪري ڪيوبا ۾ روزمره جي شين جي شديد کوٽ هئي. سوويت يونين
تي ڀاڙڻ جي باوجود ڪاسترو ڪيوبا کي اڻ لاڳاپيل تحريڪ ۾ شامل ڪيو ۽ هن آفريقا جي
مدد ڪئي ۽ پنهنجا فوجي دستا انگولا ۽ موزمبيق ۾ مارڪسٽ گوريلن جي مدد لاءِ به
موڪليا هئا. 80ع جي ڏهاڪي ۾ عالمي سطح تي جاگرافيائي سياسي منظرنامو تبديل ٿي رهيو
هو، اهو ميخيل گورباچوف، گلاس نوسٽ ۽ پيرسٽوئڪا جو زمانو هو ۽ اهو ئي دور ڪاسترو
جي انقلاب لاءِ تباهي جي شروعات بڻيو. ٻئي طرف روس ڪيوبا جي معاشي مدد ڪرڻ به ڇڏي
ڏني، آمريڪا جون واپاري پابنديون ۽ سوويت يونين جي مدد نه ملڻ ڪري ڪيوبا ۾ وڏي
پئماني تي عام واهپي جي شين جو بحران پيدا ٿي ويو، جتي مختلف علائقن ۾ خوراڪ حاصل
ڪرڻ لاءِ ماڻهن جو ڊگهيون قطارون بيهڻ لڳيون. جنهن ملڪ لاءِ فيڊل ڪاسترو دعويٰ
ڪئي هئي ته اهو دنيا جو سڀ کان وڌيڪ ترقي
يافته ملڪ آهي، اتي حقيقت ۾ غربت ۽ مفلسي ٻيهر ڪر کڻڻ لڳي، 90 جي ڏهاڪي جي وچ ڌاري
ڪيوبا جي عوام جي صبر جو پئمانو جواب ڏيڻ لڳو، نتيجي ۾ هزارين شهري تنگ ٿي سمنڊ
رستي آمريڪي رياست فلوريڊا طرف لڏپلاڻ ڪرڻ لڳا، ڪيئي اهڙا ماڻهو به هئا، جن کي
سمنڊ رستي سفر ڪرڻ دوران پنهنجي جانين تان هٿ ڌوئڻا پيا ۽ انهن جو اهو عمل فيڊل
ڪاسترو لاءِ عدم اعتماد جو ووٽ هو.
اقتدار جي آخري سالن ۾ ڪاسترو ڪيريبئين ڪميونزم جي هڪ انوکي انداز کي
متعارف ڪرايو ۽ پنهنجي انقلاب کي بچائڻ لاءِ ڪاسترو سرمائيدار نظام، فري مارڪيٽ جي
سڌارن کي اختيار ڪرڻ ۽ آهستي آهستي متعارف ڪرائڻ لاءِ مجبور ٿي ويو. 2004ع ۾
ڪاسترو جي گوڏي جي هڏي ٽُٽي پئي ۽ سندس ٻانهن به متاثر ٿي، جنهن کانپوءِ سندس صحت
خراب ٿيڻ لڳي، جنهن بعد اهي افواهه به گردش ڪرڻ لڳا ته فيڊل جي جاءِ تي سندس ڀاءُ
رائول امڪاني طور تي حڪمراني سنڀاليندو ۽ ڪجهه ئي عرصي کانپوءِ فيڊل پنهنجي
حڪمراني عارضي طور ڀاءُ حوالي ڪئي، ان وقت ڪيوبا جي حڪومت انهن خبرن جي مسلسل
ترديد ڪندي رهي ته ڪاسترو ڪينسر جي خطرناڪ حد تي پهچي چڪو آهي، بعد ۾ ڪاسترو
حڪمراني کي الوداع چئي ”ريفليڪشنز آف ڪامريڊ“ جي عنوان سان ملڪي ميڊيا لاءِ ملڪي
ميڊيا لاءِ تحريرون لکڻ لڳو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪيوبا جي اڪثر ماڻهن جو فيڊل
ڪاسترو سان حقيقي پيار هو ۽ هو ڪاسترو کي ڊيوڊ وانگر سمجهندا هئا، جيڪو آمريڪا جي
گولائٿ سامهون بيهڻ جي همت رکندو هو ۽ جنهن ڪاميابي به حاصل ڪئي هئي، انهن لاءِ
ڪاسترو ڪيوبا ۽ ڪيوبا ڪاسترو هو، جيڪو هاڻ هميشه لاءِ کانئن وڇڙي ويو.
ھڪ ڪميونسٽ رول ماڊل جو وڇوڙ
ڪيوبا جو اڳوڻو صدر ۽ ڪميونسٽ انقلاب جو سربراهه فيڊل ڪاسترو 90 ورهين جي
ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. فيڊل ڪاسترو ڪيوبا جي مقامي وقت جي مطابق جمعي جي رات ساڍي
ڏهين وڳي دم ڏنو. سندس لاڏاڻي جي تصديق ڪيوبا جي صدر ۽ سندس ڀاءُ رائول ڪاسترو
ڪئي. فيڊل ڪاسترو جي پارٽي ڪيوبا تي تقريبن اڌ صديءَ تائين حڪمراني ڪئي ۽ 2008ع ۾
اقتدار پنهنجي ڀاءُ رائول ڪاسترو کي منتقل ڪيو. سندس مٿان ڪيترائي قاتلاڻا حملا
ٿيا، پر هو معجزاڻي طور بچي ويو. سندس حامين جو چوڻ آهي ته هن ڪيوبا واپس عوام کي
سونپيو آهي، جڏهن ته سندس مخالف ان تي مخالف ڌر کي سختيءَ سان چٿڻ جو الزام هڻن
ٿا. ڪيوبا جي صدر رائول ڪاسترو رات دير سان سرڪاري ٽي ويءَ تي هڪ خطاب ۾ فيڊل
ڪاسترو جي لاڏاڻي بابت ٻُڌايو ۽ جڏهن ته سندس آخري رسمون اڄ آچر تي ادا ڪيون
وينديون. رائول ڪاسترو پنهنجي خطاب جي پُڄاڻي انقلابي نعري سان ڪئي، جنهن ۾ چيو
ويو ته ”فتح جي طرف هميشه“ فيڊل ڪاسترو جي لاڏاڻي کان پوءِ هاڻي گهڻن ڏينهن تائين
ڪيوبا ۾ سوڳ ملهايو ويندو. هوانا ۾ اڳوڻي صدر جي لاڏاڻي جي خبر ڪيترن ئي ماڻهن کي
حيران ڪري ڇڏيو هو. اپريل ۾ فيڊل ڪاسترو ڪميونسٽ پارٽي ڪانگريس جي آخري ڏينهن تي غير
متوقع خطاب ڪيو هو، جنهن ۾ هن پنهنجي وڌندڙ عمر جو اعتراف ڪيو ۽ ڪيوبا جي ڪميونسٽ
تصور کي درست قرار ڏيندي، ڪيوبا جي عوام لاءِ اهو چيو ته، ”هو ضرور فاتح ٿيندا.“
فيڊل ڪاسترو 2006ع ۾ صحت جي خرابيءَ جي ڪري عارضي طور تي پنهنجي ڀاءُ کي اقتدار
سونپيو هو، پر ٻن سالن کانپوءِ سندس ڀاءُ رائول ڪاسترو باقاعده طور تي ڪيوبا جو
صدر بڻجي ويو. فيڊل ڪاسترو جي لاڏاڻي تي لاطيني آمريڪا جي اڳواڻن تڪڙو پنهنجي
ردعمل جو اظهار ڪندي فيڊل ڪاسترو کي خراج تحسين پيش ڪيو. ميڪسيڪو جي صدر ايئريڪ
پينانيتو، ڪاسترو کي ميڪسيڪو جو بهترين دوست قرار ڏنو. ايڪواڊور جي صدر سليوا ڊور
فيڊل ڪاسترو کي دائمي دوست ڪري سڏيو. وينزويلا جي صدر نڪولاس مدورو دنيا جي
انقلابين کي فيڊل ڪاسترو جي نقش قدم تي هلڻ لاءِ زور ڀريو. ٻئي پاسي ميامي جتي وڏي
تعداد ۾ ڪيوبا سان تعلق رکندڙ آباد آهن، اتي وري ڪيترن ئي هنڌن تي جشن ملهايو پيو
وڃي.
زندگيءَ ۽ انقلابي جدوجهد تي هڪ نظر:
فيڊل ڪاسترو ڪيوبا جي ڏکڻ اوڀر واري صوبي اورينٽي ۾ 1926ع ۾ پيدا ٿيو.
1953ع ۾ کيس بتسيتا حڪومت خلاف ناڪام بغاوت جي سربراهي ڪرڻ تي جيل جو مُنهن ڏسڻو
پيو. 1955ع ۾ ڪاسترو عام معافيءَ جي تحت جيل مان آزاد ٿيو. 1956ع ۾ ڪاسترو حڪومت
خلاف چي گويرا سان گڏجي گوريلا ويڙهه جي شروعات ڪئي. 1959ع ۾ بتسيتا کي شڪست ڏيڻ
کانپوءِ هن وزير اعظم جي حيثيت سان حلف کنيو. 1960ع ۾ بي آف پگ ۾ سي آءِ اي جي
سرپرستي ۾ ٿيل بغاوت کي ناڪام بڻايو. 1962ع ۾ ڪيوبا ۾ يو ايس ايس آر جوهري ميزائل
نصب ڪرڻ پئي چاهيو، پر اتفاق نه ٿيڻ سبب ڪيوبا جو ميزائل بحران شروع ٿيو. 1976ع ۾
فيڊل ڪاسترو کي قومي اسيمبليءَ صدر چونڊيو. 1992ع ۾ آمريڪا سان ڪيوبا جي پناهگيرن
بابت ٺاهه ٿيو. 2008ع ۾ فيڊل ڪاسترو صحت خراب ٿيڻ سبب صدر جو عهدو ڇڏيو هو. ڪاسترو
کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن ڊگهي عرصي تائين دنيا جي ڪنهن ملڪ جي سربراهي ڪئي.
جيتوڻيڪ آمريڪا ڪيوبا تي حڪمراني ڪندڙ فيڊل ڪاسترو کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ
گهڻيون ڪوششون ڪيون، پر ان ڊگهي عرصي ۾ آمريڪا ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 صدر تبديل ٿي چڪا
هئا. دنيا ۾ ڪميونزم کي شڪست ڏيڻ جي باوجود ڪاسترو آمريڪا جي پنهنجي دروازي تي هڪ
چُڀندڙ زندهه ياد جي صورت ۾ موجود رهيو. فيڊل ڪاسترو 03 آگسٽ 1926ع ۾ ڪيوبا جي هڪ
امير خاندان ۾ پيدا ٿيو، جيڪو پيشي جي لحاظ کان جاگيردار هو، پر پنهنجي آرام واري
طرز زندگي ۽ آسپاس اذيتناڪ مفلسيءَ جي صورت ۾ سماجي فرق ۽ ٻيا مسئلا سندس لاءِ
ڪنهن ڌچڪي کان گهٽ نه هئا، ان ڪري هو انقلابي بڻجي ويو هو. ان وقت ڪيوبا تي
فلجينسيو بتسيتا جي حڪومت هئي، جنهن جو اقتدار بدعنواني، تنزلي ۽ اڻ برابريءَ جي
علامت هو. ان زماني جو ڪيوبا ڪنهن لاءِ جنت وانگر هو، پر دراصل اهو منظم ڏوهارين
جي پناهگاهه طور هو، ڇاڪاڻ ته اُتي جسم فروشي، جوا ۽ منشيات جي اسمگلنگ عام هئي.
ڪاسترو ۽ ان جي انقلابي گروهه موجوده گوانتانامو بي جي ڏکڻ ۾ واقع سيراما اسٽيا
نالي جبلن ۾ موجود پنهنجي اڏي تان وڏي پئماني تي گوريلا مهم شروع ڪرڻ جي
منصوبابندي ڪئي. 02 جولاءِ 1954ع ۾ ڪيوبا جي گاديءَ واري هنڌ هوانا ۾ اها ئي
ويڙهاڪ فوج داخل ٿي وئي، نتيجو اهو نڪتو ته ڪاسترو فتح ماڻي ۽ بتسيتا کي فرار جي
راهه اختيار ڪرڻي پئي ۽ ڪيوبا کي نئين حڪومت ملي وئي. اها ڪاميابي ارجنٽائن سان
تعلق رکڻ واري انقلابي ارنسٽ چي گويرا کي به ملي هئي، جنهن ڪاسترو جي انقلابي تحريڪ
۾ حصو ورتو هو ۽ بعد ۾ حڪومت جو حصو به بڻيو. ڪاسترو جي دعويٰ هئي ته سندس نظريي ۾
سڀ کان وڌيڪ حيثيت ڪيوبا جي عوام جي آهي. ڪاسترو ڪيوبا ۾ موجود انهن سمورن
ڪاروبارن کي قومي ملڪيت ۾ وٺي ڇڏيو، جيڪي دراصل آمريڪا جي ملڪيت هئا. ان جي جواب ۾
وري آمريڪا 1960ع ۾ ڪيوبا تي واپاري پابنديون مڙهي ڇڏيون، جيڪي باراڪ اوباما جي
دور ۾ ختم ٿيڻ شروع ٿيون. ڪاسترو اها دعويٰ ڪندو هو ته کيس مجبورن سوويت يونين جي
سربراهه نيڪيتا خروشيف سان رابطا رکڻا پيا. تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته ڪاسترو
پنهنجي خوشي ۽ مرضيءَ سان سوويت يونين کي ڳلي لڳايو هو. نتيجي ۾ ڪيوبا سرد جنگ جو
ميدان بڻجي ويو. فيڊل ڪاسترو ان حملي کي
ناڪام بڻائي آمريڪا کي وڏو ڌڪ رسايو، جنهن کي آمريڪا هڪ عرصي تائين نه ٿو وساري
سگهي. 1962ع ۾ آمريڪا جي جاسوس جهازن ڪيوبا جي مختلف هنڌن تي سوويت يونين جي
ميزائلن جي موجودگيءَ جو پتو لڳايو. ان کانپوءِ اوچتو سڄي دنيا تي ايٽمي جنگ جا
ڪڪر ڇائنجڻ لڳا.
ڪاسترو آمريڪا جي دشمنن جي فهرست ۾ پهريون نمبر هو. اهو ئي سبب آهي ته آمريڪا کيس آپريشن مونگوس ۾ قتل ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي ۽ هو بچي ويو. سوويت يونين تي دارومدار جي باوجود ڪيوبا کي غير وابستا تحريڪ ۾
شامل ڪيو، جيڪا ان وقت نئين هئي، پر ٻئي طرف ڪاسترو اتحادن جو حصو به بڻيو، خاص
طور تي هن آفريقا جي معاونت ڪئي. هن پنهنجا فوجي دستا انگولا ۽ موزمبيق ۾ مارڪسٽ
گوريلن جي مدد لاءِ اماڻيا. 1980ع واري ڏهاڪي تائين عالمي سطح تي جاگرافيائي سياسي
منظرنامو تبديل ٿي رهيو هو، اهو ميخائل گوربا چوف، گلاس نوسٽ ۽ پروئڪا جو زمانو هو
۽ اهو ئي ڪاسترو جي انقلاب لاءِ تباهيءَ وارو دور ثابت ٿيو.
2004ع ۾ ڪاسترو جي گوڏي جي هڏي ٽُٽي وئي ۽ ٻانهن به متاثر ٿي، جنهن
کانپوءِ ڪاسترو جي صحت جي باري ۾ مختلف افواهه گردش ڪرڻ لڳا. جولاءِ 2006ع ۾ ڪاسترو
عارضي طور تي پنهنجا اختيار پنهنجي ڀاءُ جي حوالي ڪري ڇڏيا. ڪاسترو اقتدار ڇڏڻ جي
اعلان کانپوءِ عوامي زندگي کان پري ٿي ويو ۽ ”رفليڪشنز آف ڪامريڊ“ جي عنوان سان
ملڪي ميڊيا لاءِ تحريرون لکڻ لڳو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪيوبا جي عوام جو ساڻس حقيقي
پيار هو.
فيڊل ڪاسترو جو لاڏاڻو
دنيا جو عظيم انقلابي
اڳواڻ، ڪيوبا جو پوڙهو ”شينهن“، ڊگهي عرصي
تائين آمريڪا جي لاءِ ڏهڪاءَ جي علامت بڻيل فيڊل ڪاسترو 90 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو
ڪري ويو. هو دنيا جي حق ۽ انصاف لاءِ جاکوڙيندڙ ماڻهن جي دلين ۾ هميشه زنده رهندو.
فيڊل ڪاسترو ۽ ڪيوبا هڪ ئي وجود جا ٻه نالا آهن. آمريڪا جي ڪک ۾ ويهي هو
آمريڪا کي للڪاريندو رهيو. هو هٿياربند جدوجهد جي نتيجي ۾ اقتدار ۾ آيو ۽ اڌ صديءَ
تائين نه صرف ڪيوبا تي، پر عوام جي دلين تي پڻ حڪمراني ڪيائين. هٿياربند جدوجهد جي
حوالي سان وٽس اهو دليل هو ته، جتي سڄي قوم جي مرضي ۽ مينڊيٽ يرغمال بڻجي وڃي، اتي
عدالتون ڪهڙيون آزاد هونديون ۽ انهن کان عوام کي ڪهڙو انصاف ملي سگهندو؟ جڏهن
رياست جو اختيار ۽ طاقت ڪيوبا جو آمريڪا نواز حڪمران بتيستا جهڙو ڏاڍو ماڻهو
استعمال ڪري ته اتي ته واقعي به قانوني گس ترڪ ڪرڻ جو ئي خيال ايندو! فيڊل ڪاسترو
کي جڏهن فوجي بيرڪن تي حملي ڪرڻ جي ”ڏوهه“ ۾ 15 سالن جي سزا ڏني ويئي هئي، تڏهن
انهن الزامن جو جواب ڏيندي هن جيڪا تقرير ڪئي هئي، اها تاريخ جي صفحن ۾ ”تاريخ
مونکي بيڏوهي قرار ڏيندي“ جي عنوان سان موجود آهي. تاريخ واقعي به کيس بيڏوهي قرار
ڏنو ۽ هو انسانيت خلاف جرم ڪندڙن جي اکين جو ڪنڊو بڻيل رهيو. سندس اهائي تاريخي
تقرير سندس تحريڪ جو منشور سمجهي وڃي ٿي.
دنيا هڪ عظيم انقلابي، استحصالي قوتن کي للڪاريندڙ ۽ انهن جي هنيانءَ تي مڱ
ڏريندڙ اڳواڻ کان محروم ٿي ويئي آهي. توڻي جو هو 10 سال اڳ اقتدار پنهنجي ڀاءَ
رائول جي حوالي ڪري چڪو هو، پر جيستائين جيئرو رهيو، تيستائين دلين تي ان جو ڌاڪو
رهيو. هن جي انقلابي جدوجهد، عوام دوست ڪردار کي هميشه ياد رکيو ويندو.
ڪيوبا ڪاسترو ۽ ڪاسترو ئي
ڪيوبا هو
فيڊل ڪاستروءَ کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن ڊگهي عرصي تائين دنيا جي ڪنهن
ملڪ جي سربراهي ڪئي.
جيتوڻيڪ آمريڪا، ڪيوبا تي حڪمراني ڪندڙ ڪاستروءَ مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ
ننهن چوٽيءَ جون ڪوششون ڪيون پر ان ڊگهي عرصي ۾ آمريڪا گهٽ ۾ گهٽ ڏهه صدر تبديل ٿي
ويا.
دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪميونزم کي شڪست ڏيڻ باوجود ڪاسترو آمريڪا جي پنهنجي ئي
چانئٺ تي هڪ چڀندڙ جيئري جاڳندي ياد جي صورت ۾ موجود رهيو.
فيڊل اليهاندرو ڪاسترو 3 آگسٽ 1926ع تي ڪيوبا جي هڪ امير خاندان ۾ پيدا
ٿيو، جيڪو پيشي جي حوالي سان زميندار هو، هن پنهنجي عيش آرام واري زندگي پنهنجي
جاءِ تي پر سندس چوڌاري پکڙيل اذيتناڪ مفلسيءَ جي صورت ۾ سماجي فرق ۽ ٻيا جَبُرَ
هن لاءِ ڪنهن ڪاپاري ڌڪ کان گهٽ نه هئا ۽ انهن ئي کيس انقلابي بڻايو.
ان وقت ڪيوبا تي فلجينسيو تبيستا جي حڪومت هئي، جنهن جو اقتدار بدعنواني،
تنزلي ۽ اڻبرابريءَ جي علامت هو. ڪاسترو ان جي خاتمي لاءِ پرعزم هو.
ان زماني ۾ ڪيوبا ڪنهن عياشي پرست شخص لاءِ جنت برابر هو پر حقيقت ۾ اهو
منظم ڏوهارين جي پناهه گاهه به هو. اتي جسم فروشي، جوئا بازي ۽ منشيات جي اسمگلنگ
عام هئي.
ڪاسترو ۽ ان جي انقلابي جٿي موجودهه گوانٽانامو بي جي ڏکڻ ۾ قائم سيراما
اسٽيا نالي جبلن ۾ موجود پنهنجي اڏي کان وڏي پيماني تي گوريلا ويڙهه شروع ڪرڻ جي
رٿابندي ڪئي.
2 جولاءِ 1959ع تي ڪيوبا جي گاديءَ واري هنڌ هوانا ۾ اها ئي باغي
فوج داخل ٿي وئي، نتيجي ۾ ڪاستروءَ کي سوڀ ملي، بتيستا ڀڄي ويو ۽ ڪيوبا کي نئين
حڪومت ملي وئي. اها ڪاميابي ارجنٽائن سان تعلق رکندڙ انقلابي اڳواڻ چي گويرا کي به
ملي هئي، جنهن ڪاستروءَ جي انقلابي تحريڪ ۾ حصو ورتو هو ۽ اڳتي هلي حڪومت جو حصو
به بڻيو.
اوڀر ڏانهن جهڪاءُ:
ڪاستروءَ جي دعويٰ هئي ته سڀ کان مقدم حيثيت ڪيوبا جي عوام جي آهي. هن هڪ
ڀيري چيو هو ته ”اشتراڪيت مارڪيٽ سان نه، پر بهتر رٿابنديءَ ذريعي جوڙيل معيشيت ۾
جمهوريت ۽ سماجي انصاف جي ترجماني ٿيندي آهي.“
1960ع ۾ فيڊل ڪاستروءَ ڪيوبا ۾ موجود انهن سمورن ڌنڌن کي قومي
ملڪيت ۾ وٺي ڇڏيو. جيڪي اصل ۾ آمريڪا جي ملڪيت هئا، موٽ ۾ آمريڪا، ڪيوبا تي واپاري
پابنديون هڻي ڇڏيون، جيڪي ويجهڙ ۾ ئي ڪجهه سال اڳ صدر براڪ اوباما جي دور ۾ وڃي
ختم ٿيڻ شروع ٿيون.
ڪاسترو اها دعويٰ ڪندو هو ته هن کي مجبوريءَ وچان سوويت يونين جي سربراهه
نيڪيتا سان رابطا شروع ڪرڻا پيا، پر گهڻا تجزيي نگار وري چون ٿا ته ڪاسترو پنهنجي
خوشي ۽ مرضيءَ سان سوويت يونين کي ڳلي لڳايو هو، ان کان هٽي ڪري ته ان قدم جي
پٺيان اصل سبب ڪهڙا هئا، نتيجي ۾ ڪيوبا سرد جنگ جو ميدان بڻجي ويو.
اپريل 1961ع ۾ آمريڪا، ڪيوبا مان ڪاستروءَ جو اقتدار ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽
ان کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ ڪيوبا جي باشندن کي غير سرڪاري فوج ۾ ڀرتي ڪرڻ شروع ڪيو.
ڪيوبا جي سامونڊي ڪناري بي آف پِگِز ۾ آمريڪي مدد سان تربيت حاصل ڪندڙ
ڪيوبن باشندن حملو ڪيو پر ڪيوبا جي فوجي جٿن اهو ناڪام بڻائي ڇڏيو. ان ويڙهه ۾
لاتعداد حملو ڪندڙ مارجي ويا. جڏهن ته هڪ هزار کان وڌيڪ گرفتار ٿيا، فيڊل ڪاسترو
اهو حملو ناڪام بڻائي آمريڪا کي رُڪَ جا ڄڻا چٻرائي ڇڏيا. جنهن کي آمريڪا هڪ وڏي
عرصي تائين وساري نه سگهيو.
سال 1992ع ۾ آمريڪا جي جاسوس جهازن ڪيوبا جي مختلف هنڌن تي سوويت يونين جي
ميزائيلن جي موجودگيءَ جو پتو لڳايو. ان کانپوءِ اوچتو سڄي دنيا تي ايٽمي جنگ جا
ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويا ٻه عالمي طاقتون هڪ ٻئي جي اکين ۾ اکيون وجهي بيهي رهيون، پر
اک ڇنڀ واري پهرين شروعات روس جي صدر نيڪتيا ڪروشف ڪيوبا مان ميزائيل ڪڍڻ جي صورت
۾ ڪئي. ان جي بدلي ترڪيءَ مان آمريڪي هٿيار ڪڍڻ جو ڳجهو معاهدو ٿيو.
آفريڪا ۾ موجودگي:
ڪاسترو آمريڪا جي دشمنن جي فهرست ۾ پهرئين نمبر تي هو، اهو ئي سبب آهي جو
آمريڪا کيس آپريشن سونگوس ۾ قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو بچي ويو. ٻئي پاسي سوويت
يونين ڪيوبا کي پئسا ڏئي رهيو هو. هن ٻيٽ تي ٿيندڙ ڪمند جي فصل جو وڏو حصو خريد
ڪري ورتو، موٽ ۾ هوانا جي بندرگاهه تي ان جا ساز ۽ سامان سان ڀريل جهاز اچي لنگر
انداز ٿيندا هئا. آمريڪا طرفان واپاري بندشن باوجود ڪيوبا ۾ ضرورت جي شين جي تمام
گهڻي کوٽ هئي.
سوويت يونين تي ڀاڙڻ باوجود ڪاستروءَ ڪيوبا کي اڻ سڌي تحريڪ ۾ شامل ڪيو،
جيڪا ان وقت اڃا قائم ٿي هئي. پر ٻئي پاسي ڪاسترو اتحادن جو حصو به بڻيو، خاص ڪري
هن آفريڪا جي مدد ڪئي. هن پنهنجا فوجي جٿا انگولاءِ موزبيق ۾ مارڪسٽ گوريلن جي مدد
لاءِ موڪليا.
80ع واري ڏهاڪي جي اڌ تائين عالمي سطح تي جغرافيائي سياسي منظرنامو
تبديل ٿي رهيو هو. اهو زمانو ميخائل گوربا چون، گلاس نوسٽ ۽ پيروسٽروئڪا جو زمانو
هو ۽ اهو ئي ڪاستروءَ جي انقلاب لاءِ تباهيءَ جو گهنڊ ثابت ٿيو. هوڏانهن روس،
ڪيوبا جي معاشي مدد کان هٿ پٺتي ڪري ڇڏيو ۽ ان کان وڌيڪ کنڊ وٺڻ کان انڪار ڪري
ڇڏيو. آمريڪي واپار جي بندش ۽ سوويت يونين جي مدد نه ملڻ جي ڪري ڪيوبا ۾ وڏي پيماني
تي ضروري شين جي قلت پيدا ٿي. جڏهن کاڌو حاصل ڪرڻ لاءِ قطارون وڌڻ لڳيون ته عوامي
ضبط به وڌيڪ گهٽجي ويو.
لڏپلاڻ:
اهو ملڪ، جنهن ڪاستروءَ دعويٰ ڪئي هئي ته سڀني کان وڌيڪ ترقي يافتا ملڪ آهي
اصل ۾ هر هلائڻ جي دور ۾ واپس اچي چڪو هو. 90ع واري ڏهاڪي جي اڌ تائين ڪيوبا جي
عوام جي صبر جو پيمانو لبريز ٿي چڪو هو، اڳ ۾ جيڪڏهن ماڻهو سياسي ۽ معاشي سببن ڪري
اميريءَ ڏانهن جهڪيا هئا ته هاڻي هزارين اهڙا هئا جيڪي هڪ سٺي زندگيءَ جو خواب
اکين ۾ سانڍي سمنڊ رستي آمريڪي رياست فلوريڊا لڏي ويا، گهڻا وري اهڙا به هئا، جيڪي
سفر دوران زندگيون به وڃائي ويٺا، پر ايئن ڪرڻ هنن طرفان ڪاستروءَ لاءِ عدم اعتماد
جو ووٽ هو.
ان عرصي ۾ ڪاستروءَ جي حڪومت اندروني سطح تي ڪجهه ڌيان ڇڪائڻ جوڳا اهم هدف
حاصل ڪري ورتا. انهن ۾ سموري عوام لاءِ بهترين طبي سهولتن جي فراهمي نمايان هيا.
ان جي ڪري ڪيوبا ۾ ٻارن جي موت جي شرح ترقي پذير ملڪن کان گهٽ ٿي وئي. پنهنجي
حڪومتي دور جي آخري حصي ۾ ڪاسترو ڪافي حد تائين دور انديش ٿي چڪو هو.
پنهنجي واضح ڪوتاهين باوجود ٻئي پاسي ڪاستروءَ ڪيبريبين ڪميونزم جو هڪ
انوکو طريقو متعارف ڪرايو. پنهنجي انقلاب کي بچائڻ لاءِ ڪاسترو سرمائيداري نظام ”آزاد
مارڪيٽ“ وارو اصطلاح اختيار ڪرڻ ۽ آهستي آهستي متعارف ڪرائڻ لاءِ مجبور ٿي ويو.
2004ع ۾ ڪاستروءَ جي گوڏي جو هڏو ڀڄي پيو ۽ ٻانهن به متاثر ٿي،
جنهن جي ڪري ڪاستروءَ جي صحت بابت ڪيئي افواهه گردش ڪرڻ لڳا. اهو به چيو ويو ته
سندس 24 سالن جو ڀاءُ رائول امڪاني طور سندس جاءِ يا ذميواريون سنڀالي وٺندو.
جولاءِ 2006ع ۾ جڏهن ڪاستروءَ جي 80هين سالگرهه ۾ ڪجهه ڏينهن باقي هئا،
ڪاستروءَ آنڊن جي آپريشن کانپوءِ اختيار عارضي طور پنهنجي ڀاءُ ڏانهن منتقل ڪري
ڇڏيا. ان دوران ڪيوبا جي حڪومت لاڳيتو ترديد ڪندي رهي ته ڪاستروءَ کي لڳل ڪينسر جو
مرض خطرناڪ حد کي پهچي چڪو آهي. بعد ۾ فيبروري 2007ع ۾ ڪاستروءَ جي ڀاءُ اعلان ڪيو
ته ڪاستروءَ جي طبعيت بهتر ٿي رهي آهي. ان جي ٺيڪ هڪ سال کانپوءِ ڪاستروءَ اقتدار
ڇڏڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته هو قومي اسيمبليءَ جي ايندڙ اجلاس ۾ صدر ۽ ڪمانڊر ان
چيف جي حيثيت ۾ شرڪت نه ڪندو. ڪاستروءَ
عوامي زندگيءَ کان ڪناري ڪشي اختيار ڪري ورتي ۽ ”ريفليڪشنز آف ڪامريڊ“ جي عنوان
سان ملڪي ميڊيا لاءِ مضمون لکڻ لڳو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪيوبا جي گهڻن ماڻهن
ڪاستروءَ کي آزمائڻ ڇڏي ڏنو هو، پر گهڻا اهڙا به هئا، جن کي هن سان حقيقي پيار هو.
اهي ڪاستروءَ کي ڊيوڊ وانگر سمجهندا هئا جيڪو آمريڪا جي اجگر اڳيان بيهڻ جي همت
رکندو هو ۽ جنهن ڪاميابي حاصل ڪئي هئي. هنن لاءِ ڪاسترو ڪيوبا ۽ ڪيوبا ئي ڪاسترو
هو.
(بي بي سي جي ٿورن سان)
فيڊل ڪاسترو، هڪ انقلابي
اڳواڻ
سرمد سميجو
سرد جنگ جو زمانو هو. ٻي مهاڀاري جنگ کان پوءِ اڀرندڙ ٻه وڏيون قوتون سوويت
يونين ۽ آمريڪا وچ ۾ نظرياتي جنگ عروج تي هئي. ان جنگ دوران ڪيتريون ئي جنگيون
لڳيون، انسان ماريا ويا ۽ ملڪ ٽڪرن ۾ ورهايا ويا. هي اهو ئي زمانو هو جنهن دوران
ائٽمي هٿيارن جي ڊوڙ چوٽ چڙهيل هئي. جيڪو ملڪ چاهي، ائٽمي هٿيار ٺاهي پنهنجون
شيطاني خواهشيون ٻين ملڪن تي مسلط ڪندو هو. انهيءَ سموري ٽڪساٽ کي سرد جنگ (cold
war) جي نالي سان سڏيو ويندو آهي جنهن جو مطلب
آهي ته اها جنگ جنهن ۾ آمريڪا ۽ سوويت يونين سڌيءَ طرح مهاڏو اٽڪائڻ جي بدران ننڍن
ملڪن کي جنگ جو ميدان بڻائي پنهنجي طاقت آزمائي ڪئي.
سرد جنگ جتي ڪيترن ئي ملڪن کي پنهنجي باهه ۾ ساڙيو، اتي ڪيترائي اهڙا رهبر
پيدا ٿيا جن ان نظرياتي جنگ خلاف آواز اٿاري ان وقت جي وڏين طاقتن سان اکين ۾
اکيون ملايون. ڪيوبا جي ڪميونسٽ اڳواڻ فيڊل ڪاسترو جو نالو پڻ اهڙن ئي شخصيتن ۾
ياد ڪيو وڃي ٿو، جنهن مرڻ گهڙي تائين ڪميونزم جي نعري جي پرچار ڪندي سرمائيداريءَ
جي پرچار ڪندڙ آمريڪا کي ڪيوبا مان تڙي ڪڍيو. فيڊل کي سياستدان چئجي، يا هڪ بهترين
جنگجو سپاهي يا کڻي انقلابن جو سرواڻ، اهي سڀئي خصوصيتون هن جي جدوجهد جي عڪاسي ڪن
ٿيون. ڪٿي هو داناءُ سياستدان نظر پئي آيو جنهن پنهنجي حڪومت ۾ ڪيوبا کي سوشلزم جي
جهنڊي هيٺ آڻي، هڪ ترقي يافته ملڪ بڻايو، ته ڪٿي وري جنگجو سپاهي، جنهن 1962 ڌاري
سوويت يونين کي پنهنجا ائٽمي هٿيار ڪيوبا ۾ رکڻ جو چئي دنيا اندر ائٽمي جنگ جو خوف
طاري ڪري ڇڏيو. ته ڪٿي وري هن جي انقلابي سوچ ڪيوبا جي عوام ۾ سوشلزم ۽ ڪميونزم جي
نظريي جو شعور پيدا ڪيو.
فيڊل ڪاسترو جو جنم 13 آگست 1926 ۾ ٿيو، پنهنجي شروعاتي تعليم ۾ انتهائي
شرارتي رهندڙ ڪاسترو هوانا يونيورسٽيءَ ۾ قانون جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد آمريڪا جي
سرمائيداراڻي نظام جو چڱيءَ طرح مطالعو ڪيو. بغاوتي سوچ هن جي ذهن ۾ ايترو ته گهر
ڪري وئي جو 1947 ۾ ئي ڪيوبا ۾ آمريڪا جي اشارن تي هلندڙ سرڪار جو تختو اونڌو ڪرڻ
واري تحريڪ ۾ حصو ورتائين. ان تحريڪ ۾ ناڪام ٿيڻ بعد ڪجهه سالن اندر عوام ۾ ڪارل
مارڪس، فريڊرڪ اينجل ۽ لينن جي خيالن کي عوام اندر اجاگر ڪرڻ سان گڏ مختلف حڪومت
خلاف تحريڪن ۾ حصو ورتائين. ڪاسترو جي سوشلزم جي پرچار ڪيوبا جي عوام ۾ ايترو ته
اثر ڪيو جو ڪيوبا ۾ پيش ايندڙ هر مسئلي جي تشريح سرمائيدار جي مزدور طبقي خلاف
سازشن جي زمري هيٺ ٿيڻ لڳي ۽ هر زبان تي انقلاب انقلاب جو نعرو اچڻ لڳو. نيٺ
آمريڪا جي اشاري تي هلندڙ بتستا جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري فيڊل ڪاسترو ڪيوبا کي
هڪ سوشلسٽ ملڪ قرار ڏئي ڇڏيو. هي اهو وقت هو جڏهن آمريڪا بتستا جي حڪومت جي مدد
لاءِ ڪا به ڪسر ڪا نه ڇڏي هئي، پر بغاوت جي باهه ايتري ته ڀڙڪي جو ان کي وسائڻ نا
ممڪن هو. فيڊل ڪاسترو نگران حڪومت جوڙڻ بعد ايندڙ اليڪشن ۾ سرخرو ٿيو ۽ وزير اعظم
جو اهم عهدو سنڀالي ملڪ اندر معاشي ڍانچي کي سرڪاري ڪري ڇڏيو. فيڪٽريون، ادارا ۽
ڪمپنيون سرڪاري ڪنٽرول ۾ اچي ويون ۽ ملڪ اندر اخبارن کي ڪميونزم جي اصولن هيٺ
دٻايو ويو ته ڪنهن به طرح سرڪار جي خلاف ڪا خبر نه هلائن. نيٺ ڪيوبا فيڊل ڪاسترو
جي حڪومت ۾ سرد جنگ جو باقائدي ميدان بڻجي ويو. جنهن بعد ئي آمريڪا ۽ ڪيوبا جا
لاڳاپا ايترا ته خراب ٿي ويا جو آمريڪا کي ان تي معاشي پابنديون لاڳو ڪرڻيون پيون.
ڪيوبن مزائيل ڪرائيسز 1962ع جي نالي سان مشهور هڪ اهڙو واقعو آهي جنهن هڪ گهڙيءَ
لاءِ پوري دنيا کي لوڏي ڇڏيو. فيڊل ڪاسترو سرد جنگ دوران سوويت يونين جو ساٿي هو.
ٻنهي ملڪن ڳجهي طريقي سان ڪيوبا ۾ آمريڪا خلاف ائٽمي هٿيار رکيا هئا، جيڪي آمريڪا
کي خبر پوڻ بعد ائٽمي جنگ جي خطري بعد هٽايا ويا..
فيڊل ڪاسترو بابت ڪجهه ڌرين جو خيال آهي ته هو هو جنگجو هو جنهن ڪيترائي
ماڻهو مارايا، ملڪ اندر ڏڦيڙ پيدا ڪيا ۽ سويت يونين جو ساٿي ٿي دنيا اندر جنگ جي
پاليسن کي هٿي ڏني. منهنجي خيال ۾ اهي ڳالهيون ڪرڻ دراصل انقلابي سوچ کي دٻائڻ
برابر آهن. فيڊل ڪاسترو پاڻ چيو هو ته انقلاب ڪا گلن جي سيج نه آهي، بلڪه ان کي
آڻڻ لاءِ ڪيتريون ئي قربانيون ڏيڻيون پون ٿيون..
اها هڪ حقيقت آهي ته هن وقت ڪميونزم ۽ سوشلزم جو نظريو پويان پساهه کڻي
رهيو آهي پر ان حقيقت کان به ڪو اڻواقف نه آهي ته هن وقت به سرمائيدار اهڙي خوني
انقلاب جي خوف ۾ مبتلا آهي، ڇو ته انقلابي شخصيتون ته وڃي سگهن ٿيون پر انقلابي
سوچ جو وڃڻ مشڪل آهي. انقلابي سوچ جڏهن ڪنهن سماج ۾ جنم وٺندي آهي ته ان جا اثر
صدين تائين محسوس ڪيا ويندا آهن. ساڳي طرح فيڊل ڪاسترو جي سوچ به هن وقت ڪيترن ئي
عام ماڻهن جي ذهنن ۾ سمايل آهي، جنهن کي ڊاهڻ سرمائيدار جي وس جي ڳالهه نه آهي.
اهو ئي سبب آهي جو هڪ مزدور کي پنهنجي بنيادي پگهار سان گڏ، ميڊيڪل الائونس،
انشورنس ۽ ٻيون مراعتون ملن ٿيون. نه ته هن دنيا اندر ڪو وقت هو جڏهن ڪو انسان
مشينن جي اندر ڦاسي مري ويندو هو ته ڪمپني ان جي لاش کي بغير ڪنهن حساب ڪتاب جي
ٻاهر اڇلائيندي هئي. هن وقت مزدور کي جيڪي حق ملي رهيا آهن اهي حقيقت ۾ ڪارل
مارڪس، اينجل، لينن ۽ فيڊل ڪاسترو جهڙي عظيم شخصيتن جي عظيم قربانين جي نتيجي ۾
ملي رهيا آهن پر بدقسمتي سان اسان اڻواقف مزدور حڪومتن جي مهربانين جي واهه واهه
ته ڪيون ٿا پر انهن عظيم انسانن کي ذري برابري به ڀيٽا پيش ڪونه ٿا ڪيون.
ڪنهن مفڪر چيو آهي ته اهي قومون جيڪي پنهنجي ماضي کي وسارين ٿيون اها پڪ سمجهيو
ته قومون وري بيهر ڀٽڪي وينديون، اسان جي ملڪ جي موجودهه حالت ان حقيقت کي چٽو
ظاهر ڪري ٿي ته اسان ماضيءَ جا مثال گذرندڙ حال جي دز ۾ پوري ڇڏيا آهن، انهيءَ ڪري
هتان جو مزدور طبقو سدائين پيڙهجي رهيو آهي.
فيڊل ڪاسترو موجب ته انقلاب جي اها تحريڪ آهي جيڪا ماضيءَ ۽ مستقبل جي وچ ۾
هلندي آهي. ماضيءُ کان اڻڄاڻ اسان جي قوم مستقبل ۾ ڪهڙا مينار جوڙيندي، ان جو
اندازو اسان آرام سان لڳائي سگهون ٿا. ڪن سرمائيدارن موجب ته مزدورن جي تحريڪ،
سوشلزم ۽ ڪميونزم هڪ ناڪام تحريڪ هئي، جيڪا ختم ٿي چڪي آهي فيڊل ڪاسترو موجب ته
سرمائيدارن جي تحريڪ ڪهڙو وري ڪامياب ٿي آهي، ان جو مثال آفريڪا ۽ ايشيا ۾ غربت جي
چڪيءَ ۾ پيسجندڙ ملڪ آهن.
مغربي دنيا ۾ پهرين ڪميونسٽ رياست
جو بنياد وجهندڙ فيڊل ڪاسترو جمعي جي ڏينهن 25 نومبر 2016 تي هن دنيا مان لاڏاڻو
ڪري ويو آهي، هن جي سوچ کي جيئرو ڪرڻ اسان سڀني مزدورن مٿان سماجي فرض بڻجي ٿو.
پوءِ اچو ته ان جي انقلابي سوچ کي پنهنجي نسلن جي روشن مستقبل کي سنوارڻ لاءِ اڳتي
وڌايون..
فيڊل ڪاسترو
دنيا جو عظيم انقلابي اڳواڻ
ادل سولنگي
جنهن کي مارڻ لاءِ آمريڪي سي آءِ اي، 600 کان وڌيڪ ڀيرا مارڻ جون ڪوششون
ڪيون. فيڊل ڪاسترو پهريان وزيراعظم ان کان پوءِ صدر بڻيو جنهن اڌ صديءَ تائين
ڪيوبا جي انقلاب جي حفاظت ڪئي. فيڊل ڪاسترو 1956ع ۾ چي گويرا سان گڏجي فوجي آمر
تبستا خلاف گوريلا ويڙهه وڙهندي آزادي ماڻي. فيڊل ڪاسترو 1959ع ۾ وزيراعظم 1976ع
کان 2008ع تائين ڪيوبا جو صدر رهيو.
فيڊل ڪاسترو لاطيني آمريڪا ۽ آفريڪا ۾ انقلاب جا بنياد رکي عالمي، ليول تي
سرمائيداري نظام خلاف ويڙهه ڪئي. فيڊل ڪاسترو سموري ڄمار، انقلابي جدوجهد ۾ گذاري،
جنهن جي انقلابي جدوجهد عالمي سامراج جو ڪردار ادا ڪندڙ آمريڪا جي نڙيءَ تي نهن
ڏيڻ جهڙو ڪردار ادا ڪيو، جنهن ڪميونزم ۽ سوشلزم لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏي
هئي.
فيڊل ڪاسترو ياسر عرفات، نيلسن منڊيلا ۽ قذافي جو گهاٽو يار هئو، فيڊل
ڪاسترو گڏيل قومن جي اداري ۾ عربن کان وڌيڪ فلسطين جو ڪيس وڙهندڙ انقلابي اڳواڻ
هئو، جنهن جو چوڻ هئو ته ”انقلاب ماضي ۽ مستقبل وچ ۾ جدوجهد جو نالو آهي،“ جنهن جو
چوڻ هيو ته سرمائيداري گند آهي، سرمائيداري دنيا ۾ جنگين کي جنم ڏيندڙ آهي.
جنهن 13 آگسٽ 1926ع تي ڪيوبا جي هڪ زميندار ڪٽنب جي گهر ۾ جنم ورتو، جنهن
پنهنجي چوڌاري عوامي بيوسي ۽ مفلسي ڏسي، هن انقلاب جي واٽ ورتي، شروعاتي تعليم
جيٽِ اسڪولن مان پرائڻ کانپوءِ يونيورسٽيءَ مان قانون ۽ سوشل سائنس ۾ ڊگريون
ورتيون، هن جو چوڻ هو ته ”منهنجي لاءِ سڀ کان مٿانهين حيثيت ڪيوبا جي انقلاب جي
آهي،“ هن اهو به چيو هو ته منهنجي لاءِ ڪيوبا جو عوام ئي انقلاب جو محرڪ آهي،
”لينن چواڻي ته جيڪي پورهيت مشينون هلائي سگهن ٿا ته اهي پورهيت ته هن سماج جي
نظام کي به هلائي سگهن ٿا. ۽ ان چوڻيءَ تي فيڊل ڪاسترو مڪمل عمل ڪري ڏيکاريو.
هن منڊيءَ جي معيشت کي رد ڪندي رٿابنديءَ واري معيشت تي ڀاڙيو، جنهن جي
نتيجي ۾ دنيا خاص ڪري آمريڪا جي مقابلي ۾ ڪيوبا جي شهرين کي صحت جون مفت ۽ بهترين
سهولتون ملي رهيون آهن.
فيڊل ڪاستروءَ جو لاڏاڻو ان ڏينهن تي ٿيو آهي جنهن ڏينهن اسان جي ملڪ ۾
نئون چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ڪيو ويو آهي.
1960ع ۾ فيڊل ڪاسترو هڪ انقلابي هيرو جي حيثيت ۾ گڏيل قومن جي
اداري ۾ 6 ڪلاڪ ڊگهي تقرير ڪري ڪيوبا ئي عوام کي آزاديءَ جو اعزاز بخشيو. جڏهن
فيڊل ڪاسترو سوويت يونين سان لاڳاپا وڌايا هئا، تڏهن آمريڪي سامراج مٿس ڏمرجي سندس
خلاف ٿي پيو هيو ۽ ڪيوبا جي انقلاب خلاف ۽ فيڊل ڪاسترو کي اقتدار تان هٽائڻ لاءِ
مختلف ڳجهيون سازشون ڪيون، جنهن ۾ آمريڪا کي مڪمل شڪست نصيب ٿي.
فيڊل ڪاسترو ڪميونزم ۽ سوشلزم لاءِ انقلابي جدوجهد ڪندي انگولا، اٿيوپيا،
ڪانگو، الجزائر، شام ۾ مجموعي طور تي انقلابين جي حمايت ۽ سهڪار لاءِ هڪ لک ڇهاسي
هزار انقلابين تي ٻڌل مختلف هٿياربند جٿا موڪليا، جن انقلابين جي جوڳي مدد ڪئي.
فيڊل ڪاسترو آمريڪا جي 10 هن صدرن سامهون مزاحمت جاري رکندڙ دنيا ۽ ڪيوبا جو اڪيلو
انقلابي اڳواڻ هيو، جنهن کي ميڪسيڪو جي صدر انيريٽ ڀيناليٽو، ميڪسيڪو جو دوست سڏيو
آهي.
فيڊل ڪاسترو 1953ع ۾ مونڪاڊا ملٽري بيرڪس تي حملي ۾ انقلابين سان گڏ هيو،
تڏهن ڪنهن کي به اهو اعتبار نه پئي آيو ته هي 26 سالن جو نوجوان اڳتي هلي ملڪ جي اهم
سياسي شخصيت جو رتبو ماڻيندو. ان حملي جي ناڪاميءَ کانپوءِ فيڊل ڪاسترو کي گرفتار
ڪيو ويو ۽ سندس ڪيترن ئي ساٿين کي ماريو ويو پر فيڊل ڪاسترو ڪيوبا جي آمر حڪمران
فلفينسو باتيستا جي فوج کان بچي وڃڻ ۾ ڪاميابي ماڻي. ڇهن سالن جي جلاوطني بعد هو
جڏهن هوانا ۾ ٻيهر داخل ٿيو ته هڪ گوريلا ويڙهه وڙهندڙ اڳواڻ جي حيثيت سان باتستا
جي فوج کي شڪست ڏئي انقلاب برپا ڪيو. 1960ع ۾ فيڊل ڪاسترو سڄي دنيا ۾ سامراج سان
مزاحمت ڪندڙن انقلابين جو هيرو بڻجي چڪو هيو.
ڪيوبا ۾ فيڊل ڪاسترو انقلاب آڻي ڪميونزم کي آمريڪا جي مٿان اچي بيهاريو هئو،
آمريڪا مارڪسي نظرئي جي پوئلڳي جي سزا لاطيني آمريڪا جي عوام کي ڏني، آمريڪي سي
آءِ اي، انقلابي فيڊل ڪاسترو کي اڪيلو ڪرڻ لاءِ سندس ويجهي دوست ۽ انقلابي ساٿي چي
گويرا کي جسماني طور ختم ڪري ڇڏيو، پر سندس انقلابي سوچ اڄ به آمريڪا جي هيانوَ ۾
بڙ ڇيءَ وانگر لڳل محسوس ٿي رهي آهي، فيڊل ڪاسترو جنهن جو چوڻ هئو ته ”منهنجو ملڪ
انسانيت آهي، هن انسانيت جي خدمت لاءِ انتهائي بهادراڻو ڪردار ادا ڪندي انقلابي
جدوجهد ڪئي. جنهن کي سموري دنيا ۾ انقلاب ۽ آزادين لاءِ جهيڙيندڙ ڌريون پنهنجو
آئيڊيل ڪردار قبول ڪندي کيس سرخ سلام پيش ڪري رهيون آهن.
فيڊل ڪاسترو هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ عالمي سياست، ادب، معشيت ۽ انقلاب بابت 18
ڪتاب لکيا، جيڪي دنيا جي مظلوم ماڻهن کي نظرياتي آٿت ڏيندا رهيا آهن.
آمريڪا کان 90 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي آباد ملڪ ڪيوبا سان اختلاف ختم ڪرڻ
لاءِ آمريڪا کي 90 ورهيه لڳي ويا، هن ئي سال آمريڪا جي صدر باراڪ اوباما ڪيوبا جو
دورو ڪري ڪيوبا سان پنهنجا لاڳاپا بحال ڪيا. جڏهن ته سوويت يونين سان سرد جنگ جي
خاتمي کانپوءِ به آمريڪا ڪيوبا سان پنهنجا اختلاف جاري رکندو آيو هو. فيڊل ڪاسترو
آمريڪي سامراج جي ظلمن جو شڪار ٿيندڙ ڪاري نسل جي ”باغين“ کي پناهه ڏني ۽ مختلف
ملڪن ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين پنهنجا ڊاڪٽر موڪلي اتان جي ماڻهن جي صحت جي بحاليءَ
لاءِ ڪارائتو ڪردار ادا ڪيو. آمريڪا پنهنجن مخالفن کي ڪنهن به ريت بخش ناهي ڪندو.
اڄ تائين آمريڪي اسٽيبلشمينٽ اڻ سهپ جو شڪار رهندي پئي اچي.
شاهه فيصل، عيدي امين، ذوالفقار علي ڀٽو، اندرا گانڌي، ڪرنل قذافي، صدام
حسين ۽ ٻيا کوڙ دنيا جا سياسي عوامي اڳواڻ آمريڪا هشي ڏئي ڀاڙيتو آمرن جي هٿان
ماريا آهن.
فيڊل ڪاسترو جنهن 1956ع ۾ مرتا بيارو بلارٽ سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس هڪ
پٽ آهي، جڏهن ته هن چئن ڏهاڪن کانپوءِ ڊاليا سوٿو ڊي وال سان 1980ع ۾ شادي ڪئي
جنهن مان کيس 5 پٽ آهن. جڏهن ته هاڻي ڪيوبا جو صدر سندس انقلابي ڀاءُ راهول ڪاسترو
آهي.
فيڊل ڪاسترو جي لاڏاڻي تي آمريڪا جي صدر باراڪ اوباما چيو آهي ته اڄ اسان
ڪيوبا جي عوام سان دوستيءَ جو هٿ وڌايون ٿا. برطانيا جي ليبر پارٽي جي اڳواڻ چيو
آهي ته جديد تاريخ ۾ قومي آزادي لاءِ ڪاستروءَ جون ڪيتريون ئي ڪاميابيون رهيون
آهن.
هو سماجي انصاف ۽ عالمگيريت جو چيمپئن سڏجندو رهندو، عسيائين جي روحاني
پيشوا پوپ فرانسس جو چوڻ آهي ته ڪاستروءَ جي وڇوڙي جي خبر سوڳوار ڪيو آهي، لبولويا
جي صدر ايوود هوارس چيو آهي ته هن ڌرتي تي هڪ تاريخ لکي جيڪا ئي سوشلزم آهي، هاڻي
ڪاسترو جهڙو ڪامريڊ وري نه ايندو، جنهن پنهنجي سموري زندگي ڪيوبا جي عوام سميت
دنيا جي ڏتڙيل ۽ غلام قومن جي سک سڪار ۽ آزاديءَ لاءِ وقف ڪئي هئي ، فيڊل ڪاسترو
جي انقلابي جدوجهد هڪ مثالي جدوجهد رهي آهي، جنهن کي غلام قومون پنهنجي آزاديءَ
لاءِ سڀ کان وڏو انقلابي ۽ نظرياتي هٿيار سمجهن ٿيون ۽ ان مان ڀرپور نموني اُتساهه
حاصل ڪرڻ جون جدوجهد وسيلي عملي ڪوششون ڪن ٿيون، فيڊل ڪاسترو تاريخ جو اهو ارڏو،
اڙپنگ ۽ انمول ڪردار آهي جنهن تي تاريخ سدائين فخر ڪندي رهندي، سائين جي ايم سيد
چوندو هيو ته منهنجي دوستي ۽ دشمنيءَ جو ”محور“ سنڌ آهي، جيڪو سنڌ جو دوست آهي،
اهو منهنجو دوست آهي، جيڪو سنڌ جو دشمن آهي اهو منهنجو دشمن آهي، اهڙي نموني سان
هن مهان انقلابي اڳواڻ فيڊل ڪاستروءَ جو چوڻ هو ته منهنجي دوستي ۽ دشمني جو محور
سامراج خلاف جدوجهد انقلابي آهن، هن امير گهراڻي جي زميندار فرزند، نيلسن منڊيلا
جيان پنهنجي عقل، علم ۽ ڏاهپ ۽ جدوجهد کي اجتماعي طور انساني آزادي، مظلوم قومن جي
آزادي ۽ انقلاب لاءِ وقت جي وردي پوش آمرن خلاف گوريلا ويڙهاند ڪري ڪيوبا سميت
دنيا جي اڻ ڳڻين ملڪن ۽ قومن کي انقلاب ۽ آزاديءَ جا ڪامياب رستا گر ۽ جدوجهد جا
طريقا سيکاري سندن مالي ۽ اخلاقي مدد ڪندي دنيا جي عالمي سامراج سان اکين ۾ اکيون
وجهي انقلابن جي وڏي واڪي مالڪي ۽ واهر ڪئي.دنيا ۾ اڄ هڪ صدي تائين روشن رهندڙ سج
ڄڻ ته لهي ويو آهي.
ڪامريڊ ڪاسترو کي سُرخ سلام
منان چانڊيو
26 نومبر تي ميرپور خاص ۾ ٿيندڙ سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي ڪانفرنس
۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ٻين دوستن سان گڏجي وارھ کان وين ذريعي جڏھن ميھڙ شھر ۾ پھتاسين
تہ ھڪ ساٿي جي موبائل نمبر تان ميسيج آيو.جيڪو ھن ريت ھيو.دنيا جو انقلابي اڳواڻ ۽
ڪيوبا جي انقلاب جو باني ڪامريڊ فيڊل ڪاسترو نوي سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. اھو
ايس ايم ايس ساٿين کي پڙھي ٻڌايو، جن سڀني چيو تہ ڪامريڊ کي سرخ سلام ۽ پوءِ
ڪاسترو جي زندگي ۽ ڪيل شاندار جدوجھد ۽ حاصل ڪيل ڪاميابين تي ڳالھيون ٿينديون
رھيون، تان جو جڏھن ميرپور خاص شھر پھتاسين تہ ھاري ڪانفرنس جو پنڊال ماڻھن سان
ڀرجي چڪو ھيو ۽ جيئن ئي پليجو صاحب اسٽيج
تي پھتو تہ پروگرام جي باقائدي شروعات ڪئي وئي ۽ سڀ کان پھريون اسٽيج تان اعلان
ٿيو تہ ڪامريڊ ڪاسترو جي لاڏاڻي تي ٻن منٽن لاءِ اٿي بيھي خاموشي اختيار ڪئي وڃي
جنھن جي موٽ ۾ ھزارين مرد.عورتون ۽ ٻارڙا ادب ۽ احترام ۾ اٿي ڪنڌ جھڪائي بيھي
رھيا.خير اھو تہ ھيو دنيا جي عظيم گوريلا اڳواڻ کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ڏٺو وڃي تہ
فيڊل ڪاسترو 13 آگسٽ 1926ع تي ڪيوبا جي ھڪ
ننڍي ڳوٺ بيران ۾ جنم ورتو، ھي اھو دور ھيو.
جڏھن سوويت يونين ۾ ڪامريڊ لينن.اسٽالن.۽ سندن ساٿين جي اڳواڻي ۾ خوني
انقلاب ذريعي زارشاھي جي بربريت ۽ قھري راڄ جي خاتمي کي صرف 6 سال گذريا ھئا.ڪامريڊ ڪاسترو جو والد وڏو
زميندار ھيو جنھن وٽ اٽڪل پنجويھه ھزار ايڪڙ زرخير زمين ھئي جنھن ۾ ڪمند جو ڀلو
فصل ٿيندو ھيو، ڪامريڊ جي امڙ ھڪ گھريلو ملازم ھئي جيڪا ڪاسترو خاندان جي ئي
ملازمه ھئي. ڪاسترو جي والد پنھنجي پھرين شادي جي ناڪامي بعد ان ملازمه سان ٻي
شادي ڪئي. ڪامريڊ شروعاتي تعليم سانتياگو ڊي ڪيوبا جي اسڪول جيسوت مان حاصل ڪئي ۽
بعد ۾ ھوانا يونيورسٽي مان قانون جي تعليم حاصل ڪندڙ ڪاسترو جي دلچسپي سياست ۾ ھئي
تہ جيئن ھو پنھنجي ديس واسين جي ڏکن جو خاتمو آڻي سگھي.
بهرحال 1953ع ڌاري ھن ٽوٽل 120 پاڻ جھڙن انقلابي سپاھين سان ملي سانتياگو
ڊي ڪيوبا ۾ فوجي مورچن تي حملو ڪيو، پر ھنن کي ڪاميابي نصيب ڪو نہ ٿي ۽ ڪيترن ئي
ساٿين سميت ھو گرفتار ٿي ويو ۽ فوجي ڪورٽ کيس 15 سالن جي سزا ٻڌائي ۽ سندس ڪيترن
ئي ساٿين کي قتل ڪيو ويو.واضح رھي تہ ڪاسترو مٿس ھلندڙ ڪيس دوران پنھنجي وڪالت پاڻ
ڪندي تمام ڊگھي ۽ شاندار ۽ بي مثال دليلن سان تقرير ڪئي جيڪا اڳتي ھلي ھڪ ڪتاب جي
صورت ۾ شايع ٿي جنھن ڪتاب جو نالو ھيو ”تاريخ مونکي بي ڏوھي قرار ڏيندي“ ڪاسترو کي صرف ٻن سالن جي سزا ڪٽڻ
کانپوءِ ڪيوبا جي حڪمران بتيستا کيس عام معافي ڏني.ھو آزاد ٿيڻ جي ڪجھه ڏينھن
کانپوءِ پاڙيسري ملڪ ميڪسيڪو ھليو ويو جتي ھن پنھنجي دلي دوست ۽ ٻئي انقلابي اڳواڻ
چي گويرا سان ملاقات ڪئي ۽ وطن واپس اچي ٻيھر ظالم حڪمرانن سان جھيڙو جوٽڻ جي رٿابندي
ڪندي، صرف ھڪ سال کانپوءِ ايڪاسي انقلابي جوان گڏ ڪري ھڪ ٻيڙي تي سوار ٿي، ڪيوبا جي ساحل تي پھتا، جتي
سرڪاري فورسز مٿن حملو ڪري ڏنو.
اھڙي خونخوار حملي مان صرف 18 جوان زندھ بچا جن ۾ ھو پڻ ھيو ۽ پوءِ اھي
اتان نڪري ڪيوبا جي جابلو علائقي ۾ اچي پھتا ڪيڏي نہ حيرت جھڙي ڳالھه آھي تہ
ڪاسترو انقلابي ويڙھ صرف ٻن رائيفلز ذريعي ڪئي. پر پوءِ 1957ع دوران ڪيترائي ماڻھو ھن جي انقلابي جٿي ۾ شامل
ٿيڻ لڳا ۽ انھن ٻھراڙيءَ وارن ڳوٺن ۾ سرڪاري فوج کان جنگ کٽڻ شروع ڪئي ڪامريڊ ۽ ان
جي انقلابي سپاھين کي ماري مات ڪرڻ لاءِ سرڪاري فوج زميني.ھوائي ۽ نيوي جي فورسز
کي ميدان تي آندو ۽ گوريلن پڻ جواب ۾ ھنن سان ميدان تي ملاکڙا شروع ڪيا نتيجتن
پھرين جنوري اڻويھه سو اڻھٺ تي بتيستا جي فوجين کي عبرتناڪ شڪست ڏئي. کانئس اقتدار
کسي ورتو ۽ ھڪ ھفتي کانپوءِ ڪامريڊ ڪيوبا جي گادي واري شھي ھوانا ۾ فاتحاڻي نموني
پھتو جتي سندس شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ ھو ملڪ جو پھريون عوامي ۽ انقلابي وزير
اعظم بنجي ويو.ڪامريڊ پنھنجي اقتدار کي مضبوط بنائيندي عوامي انقلابي عدالتون قائم
ڪري اڳوڻي ظالم حڪمران ۽ ھن جي ويجھن ساٿين کي موت جون سزائون ڏيڻ شروع ڪيون.
ڪامريڊ ڪاسترو کي آمريڪي سامراج ۽ سندن جوڙيوالن مارڻ لاءِ ھڪ سئو کان وڌيڪ
ظاھر ۽ ڳجها حملا ڪيا پر ھو ڪاسترو جو وار بہ ونگو ڪري ڪو نہ سگھيا، ھن ھڪ طرف
پنھنجي ملڪ جي عوام کي بنيادي مسئلن مان
نجات ڏيارڻ لاءِ ڀرپور ۽ ايمانداراڻي نموني ڪوششون ۽ جاکوڙ جاري رکندي وڏو رليف فراھم
ڪندو رھيو تہ ٻئي طرف سامراجين جي لٺ سردار آمريڪا جي ڪک جو ڪان ۽ اک جو ڪنڊو بنجي
ھن جي ھنيانءُ تي مڱ ڏريندي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي عوامي انقلابي ۽ قوم دوست
پارٽين ۽ انھن جي اڳواڻن کي فوجي مالي.سياسي.سفارتي ۽ اخلاقي سپورٽ ڏيندو رھيو،
ڪاسترو ڪيوبا ۾ ان وقت عوامي راڄ قائم ڪيو جنھن وقت خاص ڪري ٻي جنگ عظيم ۾ ڪامريڊ
لينن ۽ سندس انقلابي ساٿين جي شاندار فتح حاصل ڪرڻ کانپوءِ ڪيترائي ملڪ ڏيھي توڙي
پرڏيھي ظالم حڪمرانن ۽ قوتن جي ظلمتن، وحشتن ذلتن کان آجا ٿيندا رھيا، انھن نون
آزاد ٿيندڙ ملڪن جي وطن ۽ عوام دوست پارٽين ۽ اڳواڻن مارڪسزم، ليننزم فڪر مائوزم.۽
ٻين انقلابي نظرياتي ۽ گوريلا ويڙھ جي گرن ۽ حرفتن ذريعي آزاديون ماڻيون.
اھڙن ملڪن ۾ البانيا، رومانيا، اتر ڪوريا، اتر يمن، اوڀر جرمني، ھنگري،
پولينڊ، يوگوسلاويا، چيڪوسلاويا، ليبيا، گني بسائو، انگولا، ويٽنام۽ ٻيا ڪيترائي
ملڪ ھيا، جن مٿي ڄاڻايل نظرين انقلابي واٽن گوريلا ويڙھن کي پنھنجو آئيڊل بنائي
قومي.طبقاتي ۽ جمھوري حق حاصل ڪيا، پر افسوس تہ اڻويھه سئو نوي ڌاري سويت يونين جي
آخري صدر گربا چوف جي غلط پاليسين ۽ انقلاب دشمن قدمن ڪري سويت يونين ٽٽي ويو ۽
اھڙي طرح جن ملڪن جي لکين عوامي سپاھين پنھنجن پنھنجن سرن جا نذرانا ڏئي آمريڪي
سامراج ۽ ان جي مغربي اتحادين کي ٽوٽا چٻايا ھئا اھي وري ھڪ ڀيرو ٻيھر بي لغام
گھوڙا، مست ھاٿي ۽ انڌا شينھن بنجي مظلوم قومن، بي گناھ طبقن.نسلن ۽ فردن جي نسل
ڪشي ڪندا پيا اچن، جن جا مثال عراق جي عظيم مرد صدام حسين ليبيا جي ڪنڌار مڙس ڪرنل
قذافي ۽ سندن لکين قوم جي ڪونڌرن کي ڪٺو ويو.
شام ملڪ جي صدر بشرالاسد کي مارڻ لاءِ ان تي سوين ھزارين خوني حملا ڪري
اتان جي لکين ماڻھن کي ماريندا پيا اچن ۽ ان کانسواءِ تيونس، مصر ۾ پڻ ھزارين
ماڻھن کي بي وقتي موت جي منھن ۾ ڏئي ڇڏيو اھڙن وحشين جلادن جي ڪھري ڪرتوتن ۽
ڪارواين جي صورت ۾ القائده، داعش، بوڪو حرام ۽ طالبانن جھڙين بڇڙين بلائن جي وات ۾
لکين افغاني ھزارين پاڪستاني ۽ ٻين مسلم ملڪن جا مسلمان اچي رھيا آھن چوڻ جو مقصد
تہ سمورين انسان سوز حرڪتن جا ذميوار آمريڪي سامراج ۽ ان جا جوڙيوال مغربي اتحادي
ملڪ آھن ٻي ڳالھه تہ اڄ جڏھن گوريلا ويڙھ جي سرموڙ چي گويرا جو دوست ڪامريڊ ڪاسترو
ھن فاني دنيا مان موڪلائي ويو آھي تہ ان کان ڏھ سال اڳ سندس ڀاءُ ۽ انقلابي ساٿي
راھول ڪاسترو ڪيوبا جو حڪمران رھندو پيو اچي ۽ تمام جلد آمريڪا جو نئون صدر ٽرمپ
وائيٽ ھائوس ۾ ويھڻ وارو آھي، ان ڪري اڳتي ھلي ڪيوبا ڏانھن نئين آمريڪي صدر جو
رويو ڪھڙو ھوندو اھو ته وقت ٻڌائيندو پر ٻي ھڪ اھم ڳالهھ اھا سامھون آئي آھي ته
جتي پاڪستان.چين.روس.۽ ٻيا ڪجھه ملڪ گڏجي سي پيڪ منصوبي تحت ھڪ ٻئي سان وڻج واپار
ڪرڻ ۾ راضي ٿيندي ويجھو پيا اچن اتي آمريڪا پنھنجي شيطاني ارادن کي ورجائيندي
ھندستان جي ڪٽر مذھب ۽ نسل پرست وزير اعظم نريندر مودي جي گجھه ڳوھ ۾ پٺي ٽپي سندس
سنگت ۾ اسرائيل جھڙي ھڪ ٻئي وحشي ملڪ جو ساٿ ڏيڻ لاءِ کيس ميدان تي لاھڻ جا اشارا
ڏئي رھيو آھي، اسان آخر ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر ڪامريڊ ڪاسترو کي سرخ سلام پيش ڪندي سندس
ڀاءُ راھول ڪاسترو مان اھا اميد رکون ٿا ته ھو پنھنجي ڀاءُ ۽ انقلابي ساٿي جي نقش
قدم تي ھلي پنھنجي ملڪ.قوم ۽ دنيا جي عوام سان سهڪاري ٿيندو.
مرڻو ناهي فيڊل ڪاسترو!
سجاد ظهير
ڪاسترو زندگي جون 90 موسمون پسِي هاڻي سرخ پرچم جي ڀاڪر ۾ ويڙهجي چڪو آهي
پر سندس جدجهد نه کٽندڙ فڪر جو نياپو هر نئين صبح ۾ ڏيندي رهندي.
ڪاسترو شروع کان وٺي هڪ ذهين ٻار تسليم ڪيو ويندو. سندس ذهانت سنڌي جي انهي
چوڻي مثل ته ڏاهيون ڏُک ڏسن وانگي هُئي. جڏهن هن عوام جي ڳالهه ڪئي ته کيس مختلف
تڪليفن کي منهن ڏيئڻو پيو. ڪاسترو ڪاليج واري تعليم کان پوءِ قانون جي ڊگري حاصل
ڪرڻ لاءِ هوانا يونيورسٽي ۾ داخل ٿيو. جتي هن تبديل ٿيل ماحول کي پڻ پرکيو ڇاڪاڻ
جو هيءُ يونيورسٽي هُئي جتي مختلف بحث مباحثا جاري هئا. ڪاسترو قانون جي ڊگري پوري
ڪرڻ کان پوءِ مظلوم ۽ غريب طبقي جي قانوني مدد ڪرڻ سان گڏ انهن جي مالي مدد پڻ
شروع ڪئي. خانداني پسمنظر ذمينداري وارو هجڻ باوجود ماڻهن جي غربت کيس عام انسان
جي ويجهو آڻي ڇڏيو. هيءُ اهو وقت هو جڏهن عالمي سطح تي سامراجيت، وطن پرستي ۽
سوشلزم جون تحريڪون لامارا ڏئي رهيون هيون. خاص ڪري سامراجيت جي اک ۾ ڪنڊي جي صورت
وطن پرستي ۽ سوشلزم هڪ وڏي اُٿل پُٿل بڻجي عوام کي بيدار ڪري رهيو هو. فيڊل ڪاسترو
تي انهي جو تمام گهڻو اثر ٿيو. جهڙوڪ هن جي لاءِ هيءُ خوراڪ ٿابت ٿيو جيئن هڪ
سياسي شعور رکندڙ لاءِ هوندو آهي. هُن جي ذهن ۾ سياست جو اڀرڻ ڪيوبا جي ڪرپٽ ۽
بدعنوان حڪومت پڻ هُئي.
ڪيوبا ان وقت ڏوهارين جي پناهه گاهه هو، جتي مختلف طرح جا ڏوهه عام جام
هُئا جهڙوڪ رياست سرپرستي هيٺ اهو سڀ ڪجهه هلي رهيو هو. ڪيوبا ۾ فلجينسيو بتيستا
جي حڪومت هُئي. جيڪا اڻبرابري، لُٽ مار ۽ استحصالي سرڪار هُئي. ڪاسترو
۽ سندس ساٿين اهڙي رويي کي مختلف پاسن کان ڏٺو انهي جي خلاف ويڙهه جو عزم ڪيو. ڪيوبا
۾ ان وقت تحريڪ هلي رهي هُئي، جيڪا ملڪي ڊڪٽيٽر رافيل جي خلاف هُئي. ڪاسترو يونيورسٽي
۾ تعليم دوران “فيڊريشن آف يونيورسٽي اسٽوڊينٽ” جي هڪ تحريڪ ۾ شموليت اختيار ڪئي.
جيڪا شاگردن جي جٿي تي مبني هُئي. جنهن جو مقصد ايمانداري، شرافت ۽ انصاف ڀريو
سماج هو. فيڊل ڪاسترو مختلف ملڪن ۾ ٿيندڙ سامراج نواز حڪومت مخالف ميڙاڪن ۾ شرڪت
لاءِ بوگٽا (ڪولمبيا) ڏانهن سفر ڪيو. هن قافلي ۾ ڪاسترو سان گڏ يونيورسٽي جا
ٻيا به شاگرد شامل هُئا. جتي هن تربيت پڻ حاصل ڪئي. ڪاسترو عام ماڻهو ۽ شاگردن ۾
هڪ چڱي مقبوليت حاصل ڪري چڪو هو. جڏهن هيءُ ڪيوبا واپس وريو ته سندس شخصيت جوخاڪو
سامراج مخالف هڪ انقلابي جي صورت جڙي چڪو هو .
هيءُ سرد جنگ جا ڏهاڙا هُئا جڏهن ڪاسترو پنهنجي انقلابي شخصيت جو روب
ويهاري ڇڏيو هو. ڪيوبن عوام جو محبوب بڻجي چڪو هو. ڪاسترو پاران 1953 ع ۾ مونڪاڊا
ملٽري بيريڪس تي حملو ڪيو ويو، جيڪو ناڪام ٿي ويو جتي کيس گرفتار ڪيو ويو. کيس
جلاوطن ڪيو ويو. ڪاسترو پاران ڪيوبا ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ هڪ گوريلا صف بندي جو
پروگرام رٿيو ويو، هنن سندن ساٿين گوانتاناموبي جي ڏاکڻي واري حصي تي سيراما
اسٽيانالي جبلن ۾ پنهنجو هڪ ويڙهاڪ اڏو قائم ڪيو، جتي پنهنجن ساٿين کي گوريلا
تربيت جو خاڪو جوڙيو ويو. 6 سال جلاوطن رهڻ کان پوءِ هڪ وڏي منصوبي سان 2 جولائي 1959ع تي هيءُ گوريلو پنهنجي سمورن انتظامن سان گڏ ڪيوبا جي گادي
واري شهر هوانا ۾ داخل ٿيو، انقلابين جو هيءُ قافلو ڪيوبن آمر بتيستا جي 80 هزار
فوج کي شڪست ڏئي سوڀارو ٿيو. بتيستا حڪومت کي پنهنجا هٿيار ڇڏي ڀڄڻو پيو.
1960ع ۾ هن جي خلاف بغاوت ڪئي وئي جنهن کي هن پنهنجي عملي ۽ علمي
طاقت سان ڪچليو. 1976 ع ۾ ڪيوبا جي نيشنل اسيمبلي کيس صدر چونڊيو. هو 57 سالن جي
هڪ ڊگهي عرصي تائين ملڪ جو صدر رهيو. 2008ع ۾ هن اهو عهدو حڪومت حوالي ڪيو ڪيوبا
جي قومي اسيمبلي سندس ڀاءَ ۽ انقلاب جي ساٿي رائول ڪاسترو کي صدر بڻايو.
هيءُ ملڪ جنهن هڪ عوامي پرولتاري ويڙهاڪن کي جنم ڏنو، جن آمريڪي سامراج
خلاف بغاوت ڪئي ڪيوبا جي مظلوم عوام لاءِ ويڙهه وڙهي. ڪاسترو جو ڪيوبا توڙي روس
کان ويندي چين سمورا ان انقلاب دشمن ۽ رد انقلاب قوتن لاءِ هڪ چئليج آهي، جن
ڪميونزم کان انڪار ڪري دنيا ۾ سوشلزم جي نالي سان سرمائيداري جا نوان ٽرينڊ جوڙي
سامراجيت جي اڳيان گوڏا کوڙيا، ڪاسترو جي هٿن ۾ انقلاب جو ريٽو جهنڊو هميشه ڪيوبا
مٿان نه رڳو جهوليندو رهيو پر مارڪس جي عظيم فڪر جو سالار بڻيو رهيو، جيڪا مرڻ
گهڙي تائين جاري رهي. هن عظيم انقلابي پنهنجي آخري خطاب ۾ چيو هو“ منهنجو وقت ويجهو آهي، پر ڪيوبائي ڪميونسٽ نظرين کي هن ڌرتي تي انهي ڳالهه
جو ثبوتن جي صورت م رهندا، جيڪڏهن انهن سچن جذبن سان ڪم ڪندا، ته اهي اهڙن مادي
حالتن ۽ ثقافت کي جنم ڏيندا جنهن جي انسان ذات کي تمام گهڻي ضرورت آهي. اسان کي
اهو سلسلو بغير ڪنهن رنڊڪ جاري رکڻو پوندو.”
تاريخ ۾ جڏهن به، جتي به سرخ انقلاب جي نئين تبديلي جي ڳالهه ٿيندي ڪاسترو
جون نانءُ وڏي فخر سان ورتو ويندو. هُو 25 نومبر تي جدا نه پر هميشه دنيا جي
انقلابي دل ۾ ويهي رهيو آهي. سندس خواب ساڀيان جي تعبير ۽ سامراج خلاف جنگ ڪندا
رهند. جتي به نسل پرستي، سامراج، ظلم، ڏاڍ، ڏهڪاءُ، بربريت ۽ عوام مخالف قوتن خلاف
ريٽي جلوسن ۾ ڳاڙها جهنڊا هوا ۾ جهوليندي نظر ايندا، ڪاسترو انهي ريٽي لالاڻ ۾
هوندو. اسان سڀ کيس سرخ سلام پيش ڪنداسين. ڪاسترو تنهجي عظيم جدوجهد اڳيان اسان
سوڀارا آهيون ڇاڪاڻ جو تو اسان ۾ سامراج مخالف جيڪا ڪرشماتي ڪلا پيدا ڪئي آهي انهي
جو انت ناممڪن آهي. اسان سوڀ ماڻينداسين دنيا سرخ جهنڊي جي پاڇي ۾ هوندي!
ڪاسترو جو پيغام ۽ اسان جو وچن
عبدالخالق جوڻيجو
”مڙس ته ويو
هليو پر مڙس جون ڳالهيون ڳائبيون رهنديون“. هو مڙس ته ڪو مٿير هئو، سنڌ کان هزارين
ميل پري سنڌيءَ جي انهن چوڻين کي عملي ۽ حقيقي روپ ڏيندڙ فيڊل ڪاسترو موڪلائي ويو،
مان ڄاڻي واڻي هن جي نالي سان ڪيوبا جو اڳواڻ وارا لفظ نٿو لکان ڇاڪاڻ ته سنڌ جي
عظيم رهنما ۽ انسانيت ۾ ويساهه رکندڙ منهنجي استاد جو سبق اهو ڏنل هئو ته ”دنيا ۾
جيڪو به ۽ جتي به نيڪ ماڻهون آهي اهو اسان جو آهي“، ان سبق مطابق ۽ ان سوچ تحت
جڏهن نيلسن منڊيلا وفات ڪئي ته اسان ان کي پنهنجي وڏي جو وڇوڙو سمجهيوسين ۽ چند
ڏينهن کان پوءِ ۱۷ جنوري ۲۰۱۴ع تي ڪراچي پريس ڪلب ۾ ملهايل سائين جي ايم سيد جي سالگرهه کي منڊيلا جي
نانءِ ڪيو، جي ايم سيد ۽ نيلسن منڊيلا وانگر فيڊل ڪاسترو جي موت کي به مان پنهنجي
لاءِ سنڌ لاءِ ۽ سڄي انسان ذات لاءِ نه ڀرجڻ جهڙو نقصان ٿو سمجهان، اڄ مون وانگر
سنڌ سميت سڄي دنيا جا محب وطن، انسان دوست ۽ سامراج دشمن ماڻهو ڪاسترو جي عظمت کي
پيار ۽ پاٻوهه ڀري گنڀيرتا سان سلام پيش ڪري رهيا آهن، ساڳئي وقت هن جي وجود جا
ويري آمريڪي حڪمران ۽ سندن ساٿاري ڪيوبا جا انقلاب دشمن پناهگير خوشي ملهائي رهيا
آهن، حقيقت ۾ اهو ئي سندن بزدلي، بي وسي ۽ شڪست خوردگيءَ جو اظهار ۽ اعلان آهي
ڇاڪاڻ ته رڳو ڀاڙيو ئي هوندو آهي جيڪو دشمن جي موت جون دعائون گهرندو آهي ۽ رڳو هڪ
ڪانئر ئي مخالف جي موت تي خوشيون ملهائيندو آهي.
چيو
ويندو آهي ته ويهين صدي انقلابن جي ۽ انقلابي ليڊرن جي صدي هئي، ان ڪري ته ان
صديءَ دوران صدين ۽ هزارين سالن کان هلندڙ ظلم جبر، ڏاڍ، ڏمر، بالادستي، ڦرلٽ،
نفرت ۽ تفريق تي بيٺل نظام جا ٿنڀا هڪ ٻئي پويان ڊهي پٽ ٿيندا ويا، ان صديءَ دوران
معصوم قومن ۽ مظلوم انسانن جي آزاديءَ جا اهڙا شعلا ڀڙڪيا جن کي دنيا جي ڪائي طاقت
وسائي نه ٿي سگهي، ان صديءَ جو سڀ کان پهريون ۽ وڏو انقلاب روس جو بالشويڪ انقلاب
هئو جيڪو ۱۹۱۷ع ۾ آيو ۽ ان جو ليڊر ولاديميئر
لينن هئو، ان کانپوءِ آزادي ۽ انقلاب جو جهنڊو جهولائيندڙ ليڊرن جو هڪ اهڙو سلسلو
شروع ٿيو جنهن لممبا، مائوزي تنگ، هوچي منهه، موهنداس گانڌي، جواهر لال نهرو،
سوئيڪارنو، ٽيٽو، ناصر، نڪورما، ڪينياٽا، ڪئبرال، ياسر، حباش، ميڪاريوس، جي ايم
سيد، سڀاش چندر بوس، شيخ مجيب، اگسٽينو نيٽو، سمورا ماشيا، چي گويرا، منڊيلا ۽ ٻيا
اڻ ڳڻيا بي مثال ۽ يادگار ڪردار هن ڪائنات کي ڏنا، ان ئي سلسلي جي ڪڙي ڪاسترو هئو
جيڪو پنهنجو وارو وڄائي ۲۰۱۶ع ۾
موڪلائي ويو، اهڙي طرح مان چئي سگهان ٿو ته اها انساني تاريخ جي شاندار ۽ منفرد
صدي ۱۹۱۷ع ۾ لينن کان شروع ٿي ۲۰۱۶ع ۾ ڪاسترو تي پوري ٿي.
طبقاتي
لحاظ کان روس ۾ لينن جي قيادت ۾ آيل انقلاب ۾ هر اول دستي جو ڪردار مزدورن ادا
ڪيو، مائوزي تنگ جي اڳواڻيءَ واري چيني انقلاب ۾ مکيه ڪردار هارين جو رهيو، ڪيوبا
۾ فيڊل ڪاسترو چي گويرا جي ساٿ سان جيڪو انقلاب آندو هو نوجوانن ۽ وچولي طبقي جي
ماڻهن تي مشتمل هئو، باقي جيڪي به انقلاب آيا آهن، اهي انهيءَ ٽڪنڊي (مزدور، هاري،
وچولو طبقو) جي اندر رهيا آهن، ڪنهن انقلاب ۾ انهن طبقن مان ڪنهن هڪ، ڪنهن ۾ ٻن ته
ڪنهن ۾ ٽنهي جو گڏيل ڪردار رهيو آهي، ان لحاظ کان چئي سگهجي ٿو ته ڪاسترو لينن ۽
مائوزي تنگ جي تسلسل ۾ هڪ Trend setter (رستا معين ڪندڙ) شخصيت هئو، جيئن ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته
”اوڏانهن نه وڃو جتي رستا ٺهيل آهن پر اوڏانهن وڃو جتي رستا ناهن ٺهيل ۽ پنهنجا
نشان ڇڏي وڃو“.
ڪاسترو
(۽ چي گويرا) نه رڳو ڪيوبا، نه رڳو لاطيني آمريڪا پر سڄي دنيا جي نوجوانن کي متاثر
۽ متحرڪ ڪيو، جن ۾ مون جهڙو سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي هڪ ڏورانهين ۽ ننڍڙي ڳوٺ ۾ رهندڙ ۽
اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻار به شامل هئو.
۱۹۶۰ع ۽ ۷۰ جي ڏهاڪن وارو اهو دور هئو
جڏهن يورپ کان آفريقا تائين ۽ ايشيا کان لاطيني آمريڪا تائين ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ
۾ پڙهندڙ هر نوجوان کي رڳن ۾ آزادي ۽ انقلاب جو جذبو رت وانگر ڊوڙندو هئو، هر
نوجوان ڪاسترو ۽ چي گويرا وانگر سامراجيت سان ٽڪرائڻ چاهيندو هئو، ڏينهن جو هو
روڊن رستن تي عالمي سامراج جي مقامي ڇاڙتن سان ٽڪرائيندي آزادي ۽ انقلاب جا نعرا
هڻندو هئو ته رات مستقبل جا منصوبا جوڙيندي گذاريندو هئو. هن جي دل ۽ دماغ تي ذاتي
ڪيريئر ٺاهڻ بجاءِ اعليٰ انساني آدرشن لاءِ پنهنجو ڪيريئر قربان ڪرڻ جو جنون ڇانيل
هوندو هئو، هن جي اکين ۾ خوبصورت محبوبه جي تصوير جي بجاءِ تبديل ٿيل آزاد، خوشحال
۽ روشن خيال دنيا جو نقشو هوندو هئو، اها صورتحال پيدا ڪرڻ ۾ ويهين صديءَ جي سڀني
انقلابن ۽ انقلابي رهنمائن جي ڪردار جو حصو هئو پر سڀني کان وڌيڪ ۽ تڪڙو اثر فيڊل
ڪاسترو ۽ ان جي نوجوان ساٿين جي همٿ، حوصلي، اڻ ٽٽ عزم ۽ ڪامياب حڪمت عملين سان
ڀرپور جدوجهد جو هئو.
دنيا
جي هڪڙي ڪنڊ ۾ هڪ ننڍڙي ملڪ ۾ ڪاسترو جي آندل انقلاب جي گونج دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾
اهڙي وقت ۾ پهتي جڏهن ڪنهن به آزاد ميڊيا جو وجود ڪونه هئو. معلومات ۽ پروپئگنڊا
جي سمورن وسيلن ۽ ذريعن تي عالمي سامراج ۽ ان جي مقامي دلال حڪومتن جو قبضو هوندو
هئو، ان جي باوجود ڪاسترو (۽ چي گويرا) جي انساني تاريخ جي سڀ کان طاقتور سامراج
کي للڪار سڀ سرحدون ٽپي ۽ سموريون پابنديون توڙي سنڌ سميت دنيا جي نوجوانن جي دل ۽
دماغ تائين پهتي اهو ان انقلاب جي طاقت ۽ انقلاب جي ليڊر جي شخصيت جي اپيل ۽ ڪشش
کي ظاهر ڪري ٿو.
ڪيوبا
جي انقلاب جي اهميت ان ڪري به وڌيڪ آهي ته هڪ ننڍڙي ٻيٽ تي مشتمل اهو ملڪ دنيا جي
عظيم ترين فوجي طاقت آمريڪا کان صرف ۹۰ ميلن
جي مفاصلي تي آهي، پر پنهنجي ازدها جهڙي بري، بحري ۽ هوائي طاقت استعمال ڪرڻ جي
باوجود اهو ڪاسترو کي ۵۰ سالن
تائين شڪست ڏئي نه سگهيو جڏهن ته آمريڪا کان ڏهه هزار ميل پري اسلام آباد ۾ ايٽمي
هٿيارن سان ليس دنيا جي چند وڏين فوجن مان هڪ جي حفاظت ۾ ويٺل جنرل ۵۰ سيڪنڊن جي هڪ فون ڪال تي گوڏا کوڙي ڇڏيا.
ڪيوبا
جي انقلاب ۾ طبقاتي مفاد ۽ قومي غيرت ٻنهي عنصرن جو ڪردار هئو، ملڪ اندر جنرل
باتستا جي ڪرپٽ، نااهل، عوام دشمن ۽ قومي غيرت کان عاري ڊڪٽيٽرشپ هئي جيڪا عالمي
سامراجي طاقت آمريڪا جي غلام بڻيل هئي ۽ ان جي ئي مدد سان قائم هئي، ڪاسترو جي
ساٿين انهن ٻنهي جي ڳٺ جوڙ کي شڪست ڏني، اهڙي طرح اهو سوشلسٽ انقلاب هئو جنهن تي قومي
خودمختياريءَ جو رنگ چڙهيل هئو، آمريڪا ان ڪري به ان انقلاب جي ڪاميابيءَ تي وڌيڪ
جهنجلاهٽ جو شڪار هئو ڇاڪاڻ ته اٽڪل صديءَ کان اهو لاطيني آمريڪا کي پنهنجي گهر جي
پاڇل (Back yard) سمجهندو هئو جتي سندس مرضي ۽
اجازت کانسواءِ ڪک به چري نه پئي سگهيو، آمريڪا ان انقلاب کي ناڪام بڻائڻ جو ٺيڪو
پنهنجي طاقتور، خوفناڪ ۽ بدنام ڳجهي تنظيم سي آءِ اي کي ڏنو، ان کان اڳ ۾ سي آءِ
اي ايران ۾ ڊاڪٽر مصدق جي قومي انقلاب کي ناڪام بڻائي ۽ ڊاڪٽر مصدق کي مارائي چڪي
هئي، گويا ان جي وات کي انقلاب جو خون لڳي چڪو هئو. پنهنجي طاقتور ۽ ان وقت تائين
ناقابل شڪست بري، بحري ۽ هوائي فوج جي طاقت ۽ ڀاڙيتو ڪيوبائي ڀڳوڙن جي مدد سان پگس
جي اپسمنڊ وٽ سي آءِ اي ڪيوبا تي سڌي چڙهائي ڪئي، جوابي ڪارروائيءَ جي ڪمان ڪمانڊر
ڪاسترو پاڻ ڪئي ۽ عوام جي طاقت سان بندوق جي طاقت کي شڪست فاش ڏني، ان معرڪي سان
ڪاسترو نه رڳو ڪيوبائي انقلاب کي بچائي ورتو پر دنيا جي محب وطن ماڻهن کي
اتساهيندڙ پيغام ڏنو ته مقصد سان سچائي ۽ عوام جي طاقت ۾ يقين ۽ ڀروسو رکڻ سان
انڪل سام کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي.
سوشلسٽ
انقلاب کي سڌيءَ ريت ڊاهڻ ۾ ذلت آميز شڪست کائڻ کانپوءِ سي آءِ اي انقلاب جي اڳواڻ
کي قتل ڪرڻ جي پنهنجي روايتي منصوبي تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، پاڻ کي زمين جو خدا
سمجهندڙ ان اداري ۶۰۰ کان مٿي حملا/سازشون ڪرڻ جي
باوجود ناڪامي نصيب ٿيڻ کانپوءِ ڀاڙي دشمن وانگر ڪاسترو جي ڏاڙهي ڇاڻڻ جي منصوبي
تي عمل شروع ڪيو ڇاڪاڻ ته انهن سمجهيو پئي ته ڪاسترو جي ڪرشماتي شخصيت جي نشاني
ان جي ڏاڙهي آهي، پر ڪيترين ئي ڪوششن جي باوجود ان ۾ به اهي ناڪام ٿيا، ويچاري سي
آءِ اي ويچارو آمريڪا!
حقيقت
اها آهي ته آمريڪا وٽ ڪاسترو سان اهڙي ازلي دشمني رکڻ جا سبب به هئا، ڪاسترو رڳو
ڪيوبا جي ڪنارن تائين امريڪي بالادستيءَ کي چئلينج ڪو نه پيو ڪري پر پاڻ کي دنيا
جو پوليس مئن سمجهندڙ آمريڪا ۽ ان جا پيشه ور قاتل سي آءِ اي وارا دنيا ۾ جتي به
بندوق کڻي پهچن پيا اتي انهن کي ڪاسترو جي مزاحمتي جذبي کي منهن ڏيڻو پيو پوي،
جهڙي طرح آمريڪا پنهنجو ايمان ٺاهي ڇڏيو هئو ته دنيا ۾ جتي به سوشلست، قومپرست،
عوام دوست ۽ جمهوريت پسند حڪومت هوندي ته ان کي ڊاهبو ۽ ان جي ليڊرن کي قتل ڪرائبو
تهڙي نموني ڪاسترو وري پنهنجو اصول ٺاهي ڇڏيو ته جتي به سامراجي ۽ قاتل قوتون
ڪارروائي ڪنديون، اتي سندس انقلابي ساٿي پهچندا، فلسطين، ڏکڻ افريقا، آئرلينڊ،
انگولا، زمبابوي، نمبيا، نڪارا گوئا، وينيزوئيلا، ايران ۽ ٻين ڪيترن ملڪن ۽
انقلابي تحريڪن جي فيڊل ڪاسترو فوجي، سياسي يا سفارتي مدد ۽ حمايت ڪئي، سوويت
يونين جهڙو سپر پاور به آمريڪا سان عالمگير مزاحمت ۾ ڪٿي ڪٿي پنهنجي ملڪي مفادن
خاطر ڪمپرو مائيز ڪري ويندو هئو پر ڪيوبا جي ننڍڙي ٻيٽ جو اڳواڻ مڙڻ وارو مڙس ئي
نه هئو.
سرد
جنگ واري دو جو هڪڙو وڏو ۽ اهم اتحاد ”غير جانبدار تحريڪ“ هئي، ان جا بنياد ته
ٽيٽو، نهرو، سوئيڪارنو ۽ ناصر وڌا پر ان کي عالمي بالادستيءَ خلاف هڪ متحرڪ قوت ۽
موثر آواز بڻائڻ ۾ ڪاسترو جو به وڏو ڪردار هئو، ۽ اهو ان جي باوجود ته سرد جنگ جي
ٻن سپر طاقتن منجهان هڪ سوويت يونين سندس وڏو مددگار به هئو.
اڄ سنڌ
جنهن مشڪل صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهي، اندروني ۽ بيروني بالادست ۽ ڦورو قوتن جي
سازشن جو شڪار آهي ۽ جڏهن اسان جا ڪيترا ناليوارا ۽ ڏسڻا وائسڻا سياسي ليڊر،
دانشور ۽ ليکڪ انهن ئي ڦورو ۽ بالادست قوتن (سنڌ جي جاگيردارن، پاڪستان جي حڪمرانن
۽ آمريڪا ۽ ٻين سميت عالمي سامراجين) آڏو حقن لاءِ جهولي جهليو بيٺا آهن اهڙي وقت
۾ فيڊل ڪاسترو جي زندگي ۽ جدوجهد جو پيغام اهو آهي ته ”جهولي جهلڻ سان رڳو خيرات
ملي سگهندي، حق حاصل ڪرڻ ۽ عزت وقار واري قوم وانگر زندگي گذارڻ جو واحد رستو اهو
آهي ته دشمن کي دشمن چئو ۽ ان جي آقائيت، حاڪميت ۽ بالادستيءَ کي چئلينج ڪندي ان
سان مهاڏو اٽڪايو“.
۲۰۰۸ع ۾ جڏهن ڪاسترو اقتدار کي ڇڏيو هئو تڏهن هڪ ٻئي انقلابي جارج حباش دنيا کي
ڇڏيو هئو، مون ان موقعي تي انگريزي اخبار ڊان ۾ پنهنجي جذبن جو اظهار هنن لفظن ۾
ڪيو هئو، سنڌ سميت دنيا جي سمورن محب وطن، ترقي پسند ۽ انقلابي ماڻهن طرفان روشني،
طاقت ۽ اتساهه جي انهن ٻن مينارن کي خدا حافظ، ان وچن سان ته جيڪا باهه انهن ٻاري
آهي اها تيستائين ٻرندي رهندي جيستائين سامراجيت جون سموريون بقاياجات سڙي ۽ دفن
نه ٿي وڃن، اڄ مان سنڌ جي محب وطن ماڻهن طرفان ان وچن جي ورجاءَ سان ڪاسترو کان
موڪلاڻي ڪيان ٿو.
فيڊل ڪاسترو
هڪ عظيم انقلابي اڳواڻ - ويا اڏامي ڪک، پهڻ چُري ڪينڪي
نثار لغاري
دنيا ۾
ائين به ڪونهي ته هر عظيم انقلابي کي سامراجي، ظالم قوتون غير فطري طور ماري ڇڏين،
بلڪه تاريخ فيڊل ڪاسترو جي صورت ۾ اهو ثابت ڪيو ته ڪن انقلابين کي جيڪڏهن سامراج
چاهي تڏهن به ۶۰۰ حملن باوجود قتل نه ٿو ڪري سگهي. اهو فيڊل ڪاسترو هو جيڪو ۲۶
نومبر ۲۰۱۶ع تي آچر ڏينهن فطري طور هن دنيا مان ۹۰ سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
فيڊل
ڪاسترو فقط هڪ انقلابي گوريلا ڪردار نه پر تاريخ جو هڪ دؤر هو، جيڪو هن ئي اسان جي
ڏکين حالتن ۾ پڄاڻي تي پهتو.
آمريڪا
کان فقط ۹۰ ڪلوميٽر پري ڪيوبا هڪ وڏو ٻيٽ آهي، جنهن تي آمريڪي پٺو آمر بئٽسٽا جي
حڪومت هئي، جنهن کي نئين سال جي جشن دوران ۱۹۵۹ع ۾ ۳۱ ڊسمبر جي رات بغاوت ڪري
فيڊرل ڪاسترو ۽ چي گويرا جي اڳواڻي ۾ جدوجهد ڪندڙ گوريلا جٿي هٽائي ڇڏيو. ڪيوبا ۾
هڪ عوامي گوريلا حڪومت قائم ٿي وئي، تڏهن کان وٺي فيڊل ڪاسترو ۽ چي گويرا سموري
دنيا جي مظلوم ۽ محڪوم انسانن جي اکين جا تارا رهيا آهن. ويندي اڄ جڏهن هو وفات
ڪري ويو آهي تڏهن به لکين ماڻهو کيس خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ اچي رهيا آهن. آمريڪا
جي پٺوءَ جي حڪومت هٽائڻ کانپوءِ آمريڪا فيڊل ڪاسترو ۽ چي گويرا جو جاني دشمن بڻجي
ويو. چي گويرا کي ۷۰ جي ڏهاڪي ۾ بوليويا ۾ آمريڪي سي آءِ اي هڪ ڪارروائي دوران
گرفتار ڪري سخت تشدد بعد قتل ڪري ڇڏيو ۽ ثبوت طور ڪاسترو ۽ ڪيوبا جي عوام ڏانهن
سندس وڍيل ٻانهون موڪلي عظيم گوريلا ليڊر جي موت جي تصديق ڪئي وئي. فيڊل ڪاسترو ان
وقت چيو هو ته چي گويرا هاڻ اسان جي خوابن ۾ هميشه زنده رهندو. هُن جي موت سندس
شاندار انقلابي ياد ۽ جدوجهد هميشه مظلوم ۽ محڪوم طبقن توڙي قومن لاءِ مشعل راهه
رهندا.
فيڊل
ڪاسترو لڳ ڀڳ ۵۰ سال حڪومت ۾ رهيو. هُن ڪيوبا جي عوام لاءِ بين الاقوامي پورهيت
تحريڪ لاءِ ايترو ڪجهه ڪيو آهي جو هاڻ رهندي دنيا تائين هو هڪ انقلابي طور سدا ياد
رهندو. هُن اهڙو ڇا ڪيو؟ ڇو کيس ياد ڪيو وڃي؟ ها کيس اُن ڪري ياد ڪيو وڃي جو تاريخ
۾ مظلوم ۽ مسڪين ماڻهن جو هو مسيحا ٿي آيو. هُن موت جي ڪڏهن به پرواهه نه ڪئي. هُن
ڪارل مارڪس، اينجلس ۽ لينن جي فڪر کي عام ڪيو. اهو پڻ ثابت ڪيو ته ڪارل مارڪس جا
نظريا ڪي ڪتابي فارمولا نه هئا. اُهي نئين سماج جي تعمير جا سوال هئا ۽ عملي خاڪا
هئا، جن تي هلندي ڪو به انقلابي جيڪڏهن پنهنجي مڪمل حوصلي سان چاهي ته فيڊل ڪاسترو
۽ چي گويرا ٿي سگهي ٿو. فيڊل ڪاسترو جو عظيم ڪارنامو اهو ئي آهي ته هُن مارڪسزم
ليننزم کي عملي طور درست ثابت ڪيو. هو پهرئين ڏينهن کان آخر تائين سوشلزم جو مفڪر،
پرچارڪ گوريلو رهيو.
۱۹۹۱ع ۾
سوويت يونين جي خاتمي کانپوءِ اهو بحث عام ٿي ويو ته سوشلزم ختم ٿي ويو، بس پوءِ
انيڪ ڏسڻا وائسڻا ماڻهو حيران ٿي ويا. وڏا ڪميونسٽ ليڊر توبهه تائب ٿيا پر انهيءَ
وڏي طوفان باوجود ڪاسترو ثابت قدم بيٺو رهيو. هُن برملا اهو اعلان ڪيو ته سوشلزم
ڪنهن به هڪ رياست جو نظريو نه آهي، نه ئي ڪنهن رياست جي ختم ٿي وڃڻ سان ان جو
خاتمو ٿي سگهي ٿو. ۱۹۹۱ع جي انهيءَ بحران دوران به ڪاسترو ثابت قدم ٿي بيٺو رهيو ۽
ڪيوبا جي انقلابي حڪومت کي هن بحران مان ڪڍي پار ڪيو. جيتوڻيڪ هاڻ آمريڪا لاءِ
سوويت يونين جهڙي ڪا قوت نه هئي پوءِ به هو ڊنا ٿي ته جيڪڏهن اسان ڪاستروءَ کي به
ڪرنل قذافيءَ جيان قتل ڪيو يا ڪرايو ته ان جي نتيجي ۾ دنيا اندر ڪميونسٽ قوتون
طاقتور ٿينديون. آمريڪا، ڪيوبا جي مٿان مسلسل پابنديون لاڳو ڪندو رهيو ۽ ڪاسترو جي
ڪميونسٽ حڪومت کي هر ممڪن طريقي ڪيرائڻ جي ڪوشش جاري رکي، جنهن جي نتيجي ۾ هر دفعي
ڪاسترو وڌيڪ طاقتور ٿي اڀرندو رهيو ۽ اڄ هو پنهنجي فطري زندگي گذاري هميشه لاءِ
امر ٿي ويو آهي.
هڪ
دفعي فيڊرل ڪاسترو پنهنجي تقرير ۾ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن تي تمام گهڻن حملن باوجود
بچي وڃڻ وارو شرط رکي ڪنهن کي انعام ڏنو وڃي يا سندس نالو گنيز بڪ ۾ ڏنو وڃي يا
نوبل انعام ملي ته اهو مون کي ملندو جو آئون ۵۰۰ کان وڌيڪ حملن ۾ محفوظ رهيو
آهيان. فيڊل ڪاسترو دنيا جو عجيب ڪردار هو. وينز ويلا جو اڳوڻو صدر ڪامريڊ هيوگو
شاويز چوندو هو ته اسان جو اتساهه فيڊل ڪاسترو آهي ته اهو کيس تمام وڏو خراج تحسين
پڻ آهي. هو هر هڪ جو اتساهه هو.
آمريڪا
توڙي سندس دهلاري سياستدان توڙي هتي نام نهاد دانشور اهو چوندا رهيا ته ڪاسترو هڪ
فوجي آمر رهيو آهي، هو گوريلا اڳواڻ نه پر هڪ قاتل آهي وغيره. جنهن شخص جي قيادت ۾
انقلابي حڪومت کي هٽائڻ لاءِ آمريڪا ۱۹۵۹ع کان وٺي هر سطح تي سرگرم رهيو هجي ۽
اُهو پنهنجي ڪردار ۾ آمر هجي ها ته ڪڏهوڪو ڪيوبا جو عوام ڪاسترو کي هٽائي چڪو هجي
ها! ڇا ڪنهن آمر جي لاءِ ائين لکين ماڻهو ديدار ڪرڻ ايندا آهن، جيئن ڪاسترو کي ڏسڻ
اچي رهيا آهن؟ ڇا هو ان صورتحال ۾ هو ته ايتري وڏي خطرناڪ آمريڪي سامراج جي ۹۰
ڪلوميٽرن تي عوام جي حمايت کانسواءِ ۵۰ سالن کان وڌيڪ عرصو حڪومت ڪري سگهي ها! هتي
پاڪستان جو مثال ئي ڪافي آهي پرويز مشرف جهڙو آمر ۹ سال حڪومت ڪندو رهيو، آمريڪا
جو به مٿس هٿ رهيو. هتان جي تمام وڏين طاقتور ڌرين جي حمايت سان هو موجود هو، سندس
خيال هو ته هُن کانسواءِ پاڪستان هلي نه سگهندو، جنهن ڪري آخر ۾ چيو هئائين ته
”پاڪستان جو خدا حافظ“ اُهو به هڪ عدليا جي تحريڪ اڳيان نه بيهي سگهيو. ڪالا باغ
ڊيم جي هر صورت ۾ ٺاهڻ جي ڳالهه ۽ دعويٰ ڪرڻ کانپوءِ به هو ڊيم ٺاهڻ تان چپ چاپ هٿ
کڻي ويو. هُن جي پويان آمريڪا هو ۽ پوءِ به هو بچي نه سگهيو ته پوءِ جيڪڏهن فيڊل
ڪاسترو جي حڪومت عوام دشمن هجي ها ته آمريڪا جي حڪمت عملي ڪڏهوڪي ڪامياب ٿي چڪي
هجي ها! آمريتن کي پاليندڙ عرب بادشاهت جي حمايت ڪندڙ آمريڪا ڪيوبا ۾ جمهوريت پسند
ٿي بيهندو هو. ڇا اهو ايڪيهن صديءَ جو وڏو مذاق نه آهي؟؟
ڪيوبا
جي ارتقا جيڪڏهن ڪنهن بهتر سماج طور ٿئي ها يعني اُهو خطرن هيٺ نه هجي ها ۽ اُن
مٿان آمريڪي سامراج هر وقت حملي آور نه هجي ها ته يقينن فيڊل ڪاسترو جي ايترو عرصو
ڪيوبا کي ضرورت ئي نه هجي ها!! ڪاسترو ڪڏهن به شخصيت پرستي ۽ آپيشاهي جي حمايت نه
ڪئي، نه ئي ڪڏهن اُن جو حامي رهيو. جيڪڏهن هو تمام وڏو ظالم هجي ها ته آمريڪا سندس
مٿان ۶۰۰ حملا نه ڪري ها، پوءِ ته هو صدام حسين جي ابتدائي دور جيان اکين جو تارو
هجي ها. ضياءَ الحق جيان هر دل عزيز هجي ها. اڄ به ڪاسترو خلاف جيڪڏهن ڪو باهه
ٻاري ويٺل آهي، سندس ڪردار تي حملا ڪندي نظر اچي ٿو ته اُهو آمريڪا جو حڪمران طبقو
۽ سندس حامي دهلاري دانشور آهن. هنن کي ڪاسترو هڪ ڊڪٽيٽر نظر اچي ٿو، آمريڪا جيڪي
ظلم تاريخي طور دنيا جي مظلوم ۽ محڪوم انسانن سان ڪيا آهن، اُهي هنن نام نهاد جمهوريت پسندن کي نظر نٿا اچن. هنن لاءِ پوءِ به فوجي آمريت جي جاءِ تي
ڪاسترو جي عوامي آمريت، عوام جي حڪومت هڪ آمريت آهي. درحقيقت هڪ عوامي حڪومت
سامراج لاءِ آمريت آهي، هر سطح تي خراب آهي.
۱۹۹۱ع کان اڳ
۾ اهو سمجهيو ويندو هو ته ڪيوبا جي ڪميونسٽ حڪومت ۽ اُن جو سربراهه فيڊل ڪاسترو
سوويت يونين ۽ سوشلسٽ بلاڪ سبب بيٺل آهي پر سوويت يونين جي خاتمي کانپوءِ به هڪ
تاريخي معجزو ڪامريڊ فيڊل ڪري ڏيکاريو، يعني هُن نه فقط ڪيوبا جي انقلابي عوامي
حڪومت کي عالمي پابندين باوجود بچائي ڏيکاريو پر ڪڏهن به آمريڪا کان ڪو نه ڊنو.
آمريڪا عراق ۾ صدام حسين، لبيا ۾ قذافي، مصر ۾ حقيقي آمريڪا نواز آمر حسني مبارڪ
جي حڪومتن کي ڪيرائي ڪيترن ئي ملڪن ۾ بغاوتون برپا ڪري ڏيکاريون پر ڪيوبا ۾ ڪو هڪ
به احتجاج، ڪو پرتشدد واقعو نه ڪرائي سگهيو. ڇو ته هر حملي کانپوءِ عوامي ليڊر،
عوام منجهان جنم ورتل قائد فيڊل ڪاسترو ۽ حڪومت کي هٽائي نه سگهيو.
گهڻن
ماڻهن جو اهو خيال هو ته سوويت سوشلسٽ بلاڪ جي خاتمي کانپوءِ ڪاسترو بچي نه سگهندو
يا ته هو مارجي ويندو يا وري آمريڪا سان مفاهمت، ٺاهه ۾ پناهه ڳوليندو پر هي
ڪاسترو هو. فيڊل ڪاسترو هڪ نئون رستو اختيار ڪيو، هڪ انقلابي وارو ۽ نيٺ هو ڪامياب
ٿي ويو. هُن عالمي سامراجي رجعتي دور ۾ به بيهڻ، حوصلامند رهڻ جو سبق سيکاريو!! هن
لاءِ ئي شيخ اياز لکيو هو ته:
ويا
اڏامي ڪک، پهڻ چري ڪينڪي!؟
واقعي
فيڊل ڪاسترو هڪ اوچو پهاڙ هو، جنهن کي، سندس حوصلي ۽ تاريخ ڪڏهن به جُهڪڻ نه ڏنو.
هي تاريخ جو مهان ڪردار رهندو. اسان وٽ انقلابي لڏي ۾ به عجيب صورتحال آهي، هاڻ
تازو هتان جي هڪ وڏي ڏاهي ۽ عالم بابت سندس فرزند ۽ خود هُن پاڻ اخبارن ۾ طويل خط
لکي جيڪي ڪجهه بيان ڪيو آهي، اُهو سنڌ لاءِ ڏاڍو ڏکوئيندڙ آهي. مثال طور اسان وٽ
اهو ڄڻ ظاهري طور طئي ڪرايو ويو آهي ته هميشه شهيدن جي پارٽي، مفاهمت وسيلي اليڪشن
کٽي حڪمران رهندي. قومپرست ۽ ترقي پسند ڪا هڪ يوسي جي سيٽ به نه کٽي سگهندا وغيره
پر جيڪڏهن اُهي مهان ڏاها ۱۹۹۵ع کان وٺي ان وڏي پارٽي مان لڪل طور اندران ئي
اندران ٺاهه ڪري ويٺل هوندا ته پوءِ آخر اليڪشن ڇو کٽي سگهندا؟ هو ڪرندا آهن ته
جيئن عوام جي ويساهه کي ڪيرائي سگهجي. هڪ ڪردار اهو آهي، ٻيو ڪاسترو جو ڪردار آهي؟
حقيقت
اها آهي ته تاريخ فيڊل ڪاسترو کي هميشه ياد رکندي، هو هميشه لاءِ هڪ ڪردار ٿي ويو
آهي. چي گويرا ۽ فيڊل ڪاسترو انقلاب، بغاوت ۽ سرفروشي جي علامت رهندا، جيستائين
سچائي جون قوتون هن دنيا ۾ مڪمل طرح فتحياب ٿي سندن قدرداني ڪندي، کين تاريخ جا
عظيم ترين ڪردار ثابت ڪنديون.
آخري
ڳالهه: فيڊل ڪاسترو جي لاڏاڻي کانپوءِ خود آمريڪي حڪمران پريشان آهن ته کيس ڪيئن
ياد ڪيو وڃي، اوباما جو خيال ظاهر ٿي ويو آهي، اُن کيس هڪ دور جي شخصيت چيو آهي،
ڊونالڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته ڪاسترو هڪ آمر هو ۽ سندس دور ظلم تي ٻڌل هو. خود
ڊيموڪريٽ پارٽي جي هڪ ترجمان جو چوڻ هو ته ڏسجي ته اسين ڪهڙي ريت ڪاسترو کي ياد
ڪريون، مطلب ته ڪاسترو جي مري وڃڻ کانپوءِ به آمريڪي حڪمران پريشان آهن. ڇو ته
فيڊل ڪاسترو خلاف جيڪا به منفي پروپئگنڊا هئي اُها عوام قبول ناهي ڪئي ۽ کيس پيش
ڪيل ڀيٽا سندس عظيم ڪردار جي مڃتا آهي.
فيڊل ڪاسترو به سنڌي هو؟
ReplyDelete