شيخ عبدالرزاق راز
دادا سنڌي
سٺ جي ڏهاڪي
۾ سه ماهي مهراڻ ٽن مهينن کان پوءِ پنهنجي وقت تي ايندو هو. ذرو به ناغو نه پوندو
هو. انهن رسالن ۾ ٻن بزرگن جا نالا سرفهرست هوندا هئا. هڪ اياز جو نالو، صرف شاعرن
جي لسٽ ۾ هوندو هو ۽ ٻيو شيخ راز جو نالو شاعرن جي حصي ۾ به موجود ته مقالن واري ڀاڱي
۾ به حاضر، ته افسانه نگارن ۾ به ٽاپ تي هوندو هو. هو هر فن مولا هو. هر صنف تي بي
ڌڙڪ لکي ويندو هو. ماهوار نئين زندگي ۾ انهن اديبن ۽ شاعرن جون تصويرون به ڏيندو
هو ته جيئن پڙهندڙ آڏو، ليکڪ جي شخصيت به حاضر رهي. اهڙي طرح شيخ راز جي سهڻي
تصوير، فل سوٽ ۽ نيڪ ٽاءِ سان ڏسي، سندس شخصيت جو گرويده بڻجي ويس ۽ ساڻس ملڻ جو
شوق رهيو.
سال ۱۹۶۴ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ، واڌو تعليم لاءِ پنهنجي مهربان سائين ڊاڪٽر
ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب سان سکر ۾ ملڻ ٿيو. جنهن شيخ راز صاحب جا ڪجهه ڇپرايل ڪتاب
ڏنا، جنهن ۾ سندس ڪهاڻين جو مجموعو ” ڊاڪ بنگلو “ به هو. جڏهن سندس ڪهاڻيون هڪ
جاءِ تي پڙهيم ته کائنس ڏاڍو متاثر ٿيس. سائين اڳتي هلي منهنجي انتظار جون اهي گهڙيون
پوريون ٿيون. سکر جي اسلاميه ڪاليج ۾ سنڌي شاعري تي مذاڪرو رکيل هجي. ڊاڪٽر ميمڻ
عبدالمجيد سنڌي صاحب طرفان مون کي به نينڍ ڏنل هئي. شام جو وقت هو مان ڏاڪڻ چڙهي،
سنڌي شعبي جي آفيس ۾ پهتس، ڏسان ته ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي وچ ڪرسي تي ويٺو آهي، هڪ
طرف هڪجهڙي فل سوٽ ۾ ملبوس، خوش پوشاڪ، ترارڪٽ مڇن سان، ٿورا ٿورا مٿي جا وار اڇا،
مرحوم حامي سان کلي ڳالهائي رهيو آهي. ڊاڪٽر شوق صاحب ۽ محمد رمضان اعواڻ صاحب به
شايد موجود هئا. مان تن ڏينهن ۾ ڇوڪراٽ هوس ۽ ٻهراڙي جو نينگر. سائين ميمڻ صاحب،
تعارف ڪرائيندي، شيخ عبدالرزاق راز صاحب نالو ٻڌاي. مان وڏي ادب ۽ عقيدت سان ساڻس
مليم. پاڻ سٺي ڀليڪار ڪيائون ۽ وڏي پيار ۽ پاٻوهه سان هٿ ملائيندي مشڪيا. ان کان
پوءِ پنڊال ۾ آياسون. مذاڪري ۾ موضوع کان سواءِ سکر جي تاريخ تي روشني وڌائون ۽ هڪ
اعلى پائي جي پر مغز تقرير ڪيائون. مون سندس اڳي صرف پڙهيو هو پر هاڻي سندس گفتگو ٻڌي،
پاڻ کي خوش قسمت محسوس ڪيم. ان وقت راز صاحب سکر جي اسلاميه ڪاليج ۾ تاريخ جا
استاد هئا ۽ ساڳئي وقت ميونسپل هاءِ اسڪول سکر جا منتظم اعلى به هئا. سکر جڏهن به
مان ايندو هئس ته ڪاليج ۾ ساڻس ضرور ملڻ ٿيندو هو. پاڻ قرب ۽ محبت مان ملندا هئا.
هڪ ڀيري مون کي چيائين ته ”دادا ميڪون سرائيڪي الاوڻ سکا“ مون چيو؛ ”سائين بسم
الله الاوو!“ سنڌي گاڏڙ سرائڪي ڳالهائي ڏاڍو کلايائون ۽ هو دلبر ماڻهو هو.
هڪ ڀيري
مون کيس سنڌ جي تاريخ تي اردو ۾ تقرير ڪندي ٻڌو، هو سنڌ ۾ ارغونن، ترخانن ۽ مغلن
جي آمد تي سکر، روهڙي ۽ بکر جي حوالي سان ڳالهائي رهيو هو. سندس تقرير موثر ۽
ظريفانا انداز ۾ هئي. پر پرمغز ۽ حوالن سان ٽُٻ هئي. کيس سکر جي تاريخ تي وڏو عبور
حاصل هئس. سندس تاريخي ڪتاب ” سکر پاسٽ ۽ پريزنٽ“ سکر جي سرزمين جي تاريخ تي هڪ
معياري ۽ مستند ڪتاب آهي.
پوئين
زماني ۾ مون کيس اياز جي آفيس ۾ ڏٺو. جويو صاحب به موجود هو. راز صاحب پنهنجو لکيل
مضمون ” اياز جو سر مارئي“ کيس ٻڌائي رهيو هو. هي تن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن
جويو صاحب خيرپور ڊويزن جي اسڪولن جو انسپيڪٽر ٿي آيو هو ۽ شايد جن اتر سنڌ ۾ اچي ٻن
دوستن کي ڀاڪر پارايو.
شيخ
راز ڊسمبر ۱۹۸۳ع ۾ گذاري ويو ۽ اڄ تائين اسان
جديد سنڌي ادب جي هيڏي محسن کي ياد ڪرڻ به گناهه سمجهون ٿا. اسان سنڌي فطرتاً
احسان فراموش آهيو. ذاتي حرص ۽ حوص جا بندا آهيون. ڪينو، ڪروڌ، بغض ۽ تعصب ۽ حسد
اسان ۾ گهڻو آهي. ان ڪري اساب پنهنجي محسنن جا ترا پاڻ ڪڍندا آهيون. سکڻي کي سهون ڪون،
بکئي کي ڏيون ڪون، پاڻ محنت ۽ جدوجهد ڪريون ڪونه ۽ ٻيو ڪو پنهنجي سعئي يا ڪوشش سان
ڪو مقام، ڪو درجو، ڪو منصب حاصل ڪري ته سڙي ۽ پڃري ٿا وڃون ۽ پوءِ وتون ان لاءِ کڏون
کوٽيندا. جيستائين ان جي پڳ نه لاهيون، يستائين آرام نه اچي. شيخ راز سان به اسان
سنڌين ۽ سنڌي اديبن ائين ڪيو. هن سنڌي ادب کي ڇا ڇا نه ڏنو. اسان هيترن سالن گذرڻ
کان بعد هن لاءِ نه ڪو فنڪشن ڪري سگهياسين ۽ نه وري ڪو ڪالم به لکيو. اها سنڌي
ادبي سنگت جنهن جو بنياد هن پنهنجن هٿن سان رکيو ان جي اڳيان راز جو نالو کڻڻ به ڏوهه
آهي.
شال اسان سنڌي پنهنجي محسنن جو قدر ڪرڻ سکون.
(دادا سنڌي؛
سڄڻ ۽ ساڻيھ جون سارون (اڻ پوري آتم ڪٿا ۽ ڊائريءَ جا ورق) تان کنيل)
شيخ عبدالرزاق راز
سکر جو اديب ۽ شاعر – ۲۹
جنوري ۱۹۱۹ع جنم
امداد حسين شاه رضوي روھڙي
اڄ سکر
جي ھن ادبي ستاري جي جنم جو (٢٩ جنوري ١٩١٩)
ڏھاڙو آھي.
شيخ
عبدالرزاق بن شيخ عبدالروُف بن خدا بخش بن شيخ حبيب الله بن شيخ ملان عبدالله
بکري. سندن وڏا ھندو ھئا جيڪي خيرپور رياست جا رھاڪو ھئا سندن خاندان جي جد اعليٰ
ليلي رام اسلام اختيار ڪيو ۽ سندس اسلامي نالو ڏاتر ڏنو رکيو ويو جيڪو ڪلهوڙن جي
صاحبيءَ ۾ ڪنهن ننڊي عهدي تي مامور ھو
شيخ
عبدالرزاق راز، شيخ ڏاتر ڏنو جي اٺين پيڙھي ۾ آھي. سندس وڏا بکر جي مڪتب ۾ تعليم ڏيندا
ھئا جيڪي ١٨٥٧ع انگريزن خلاف جنگ آزاديءَ بعد بکر جي قلعہ مان لڏي اچي پراڻي سکر ۾
ويٺا جتي سندس پڙ ڏاڏو ملان عبدالله بکري ١٨٦٢۾ پيدا ٿيو جيڪو پراڻي سکر جي مڪتب ۾
تعليم ڏيندو ھو
شيخ
عبدارزاق راز ابتدائي تعليم سکر مان حاصل ڪئي مئٽرڪ جي سند پنجاب يونيورسٽي مان
حاصل ڪئي ڇھہ سال ڊي جي ڪاليج ڪراچي ۾ پڙھيو
۽ علي گڙھ ڪاليج مان بہ تعليم ورتي
ان بعد
ڪراچي ۾ الوحيد اخبار جو مئنيجر رھيو ۽ ھفتيوار ايڊيشن جو ھڪ سال ايڊيٽر ٿيو ١٩٤٨ع
سکر موٽي آيو ۽ سکر ميونسپالٽي ۾ چيف آفيسر لڳو جتي ٻہ دفعا ميونسپل جي داخلي
معاملن ڪري نوڪري ختم ٿيس آخر ھن پاڻ ١٩٥٨ع ان نوڪري تان استيفا ڏني جتان اسلاميا ڪاليج
۾ اسلامي تاريخ جو ليڪچرر لڳو پاڻ ڪاليج جي بانين مان ھو بعد ۾ ميونسپل ھاءِ اسڪول
جو ھيڊ ماستر مقرر ٿيو پاڻ اسلاميا ڪاليج اندر ڏھہ سال شيخ عبدالمجيد سنڌي جو ساٿي
رھيو جتي ھنن گڏجي وڏا ادبي ۽ ثقافتي پروگرام ڪرايا ١٩٧٠ع ڪاليج کي ڇڏي اچي موسوي عطا حسين شاه ڊگري ڪاليج جو پرنسيپل مقرر
ٿيو پر ٿوري عرصي بعد اھا زميداري کي بہ خيرباد ڪري پنهنجي ھيڊ ماستري کي ٽائيم ڏيڻ
لڳو
راز
مرحوم مصنف، مورخ، افسانہ نويس ۽ شاعر ھو
ان کانسواءِ ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين
۾ سکر اندر وڏو ڪردار ادا ڪيو سندس ڪوششن سان سکر ۾ ڪيترا ادبي اجتماع ڪانفرنسيون
۽ وڏي پيماني تي مشاعرا ٿيا پاڻ پنهنجي پڙ ڏاڏي جي نالي تي قائم حبيب پبليڪيشن جو
سرپرست رھيو
جنهن ڪافي
ڪتاب ڇپرايا جن ۾
ڊاڪ
بنگلو ڪهاڻيون
سارنگ
۽ فاتح سنڌ
ڪريم
بخش خالد جو صحافت
شيخ
اياز جو پنهل کان پوءِ ڪهاڻيون
بشير
مورياڻي جو اصنام خيالي ڪهاڻيون
مقبول
صديقيءَ جو مرتب ڪيل مجموعو گل ۽ مکڙيون ۽ وغيره
ھفتيوار
اخبار (رھنما) جو بنياد رکيائين
لطيف ايڪيڊمي جو چيئرمين مجلس ادب رائيٽرس گلڊ جو ميمبر رھيو
سندس
شعر جا مجموعا (سنڌي)
سارنگ،
پيهي منجهہ پاتال، سڄڻ سفر ھليا (اردو شاعري مجموعو) دھڑکنيں ۽ غزل شايع ٿيا سندس
لکيل ڪتاب ناول فاتح سنڌ ڊرامو نيا آدمی افسانن جو مجموعو سانگيءَ کي ساريم خاڪن جو مجموعو سنڌي غزل جو تاريخي ۽ تنقيدي
جائزو تاريخ سلطنت دھلي شرح سر يمن ڪلياڻ شرح ڪلام گرھوڙي شرح ديوان گل اردو ۾
ماروی کی ديس ميں
انگريزيءَ
۾ ڪتاب
sukkur
past present
١٩٧٩ع اسڪول
جي ھيڊ ماستري جي رٽائرمينٽ بعد گوشہ نشينيءَ جي زندگي گزاريائين پويون وقت ڏاڍو
بيمار ۽ تمام ڪمزور ٿي ويو ٢ ڊسمبر ١٩٨٣ع تي ھي سکر جو روشن خيال ادبي شخصيت اسان
کان ھميشه لاء موڪلائي پرئين پار روانو ٿيو.
(امداد
حسين شاه رضوي روھڙي جي فيسبڪ پوسٽ تان کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا