جسٽس (ر) سيد ديدار حسين
شاهه
ڪي ماڻهو تاريخ ٿيندا
آهن
سيد پير شاهه
جيلاني
هر ڪو
ماڻهو، پنهنجي اگهه اگهاڻو،
جيڪو
ماڻهو ڪين وڪاڻو،
سو ئي
ماڻهو موتي داڻو
اڄ هڪ اهڙي عظيم انسان ۽ موتي
داڻي جو ذڪر ڪبو، جيڪو پنهنجي ذات ۾ عجيب فطرت جو مالڪ آهي انسان جي ذاتي زندگي ۾ ڪيتريون
ئي چڱايون ۽ برايون هونديون آهن، پر تاريخ به هميشه انصاف ڪندي رهي آهي، دنيا جي
تخت تي هزارين بلڪي لکين انسان تخت گاهن جا بادشاهه بڻيا.
قدرت انهن کي طاقت جا سرچشمه به
عطاڪيا، انهن سڀني طاقتن ۽ بادشاهن هئڻ جي باوجود خوف ئي خدا جي عظمت اڳيان پاڻ کي
خلق خدا جو خادم تصور ڪيو، ۽ پنهنجي اعليٰ اخلاق ۽ باڪردار جي بنياد تي هميشه نياز ۽ نوڙت
۽ عاجزي کي پنهنجي زندگي کي خدمت ڪرڻ لاءِ وقف ڪئي آهي، جن جا مثال با ضمير ماڻهو فخر
سان ڪندا رهندا آهن، ويجهي تاريخ ۾ تمام ٿورڙا ماڻهو ملندا جن جي اخلاقي ڪردار تي
فخر ڪري سگهجي ٿو، سچ تي پچ ان عظيم انسانن مان سنڌ ڌرتي جي پاڪ پوتر مٽي
مان جنم وٺندڙ ۽ شهيدن جي ديش جو هڪ اهڙو ڪردار جنهن کي ڏسڻ سان اکين جا هزارين ٿڪ
لهي ويندا آهن، سندس اخلاق پنهنجائپ ۽ خلوص ۽ پيار ڪرڻ جو هڪ پنهنجو الڳ منفرد
انداز آهي، سندن چهري مبارڪ تي هميشه هلڪي مرڪ انساني عظمتن جا پڙاڏا بڻجي ويندي
آهي، ان سنڌ ڌرتي جي انمول عاشق کي جسٽس (ر) سيد ديدار حسين شاهه جي نالي سان
سڃاتو ويندو آهي، سائين سيد ديدار حسين شاهه پنهنجي ذات ۾ هڪ اداري جي حيثيت رکي ٿو،
سندن ذات هميشه مجبور ۽ لاچار ماڻهن لاءِ سهارو بڻي آهي، پاڻ انتهائي ايماندار، سچا،
بهادر ۽ خوف خدا رکندڙ شخصيت جا مالڪ آهن سائين جن هميشه ماڻهن جي اخلاقي مدد ڪرڻ
کي عبادت سمجهندا آهن.
۱۱ ڊسمبر ۱۹۳۹ع تي ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ڳڙهي
غلام حيدر قادري ۾ سيد محبوب علي شاهه نقوي مرحوم جي گهر ۾ جنم وٺندڙ سيد ديدار
حسين شاهه نقوي ننڍپڻ کان ئي قدرت مٿن مهربان ٿيندي رهي آهي، سندن والد محترم سيد
محبوب علي شاهه نقوي جي وفاق کان پوءِ سندن پرورش سڳي چاچي
محترم سيد وريل شاهه جن ڪئي، پنهنجي زندگي ۾ ڪيتريون ئي خوبصورت يادون رکندڙ سيد
ديدار حسين شاهه سچ پچ هڪ عظيم انسان آهي، پنهنجي ماضي کي نه ڀلائيندڙ هن فقير
طبيعت انسان کي قدرت، سندس اڻ کٽ، محنت، جفاڪشي، سچائي ۽ ايمانداري جي ڪري آسمان
جي بلندين تائين پهچايو آهي، سائين سيد ديدار حسين شاهه جي باهمت
۽ ثابت قدم بڻجڻ ۾ سندن سڄي محنت ۽ تربيت عظيم ڪردار سندن پياري امڙ جيجي امان
امام زاديءَ، پياري چاچي سائين وريل شاهه ۽ سندن وڏي ڀاءُ سائين سيد
نياز حسين شاهه جو آهي، جن جي شفقت، محنت، پيار ۽ تمام سٺي پرورش ۽ تربيت ڪئي،
جنهن جي ڪري سائين جسٽس (ر) سيد ديدار حسين شاهه زندگي جي انتهائي اعليٰ مقام تي
پهتو، سندس اخلاق باوقار ڪردار جي ڪري ئي سيد ديدار حسين شاهه دنيا ۾ پنهنجو نالو
روشن ڪيو، سچ پچ سائين سيد ديدار حسين شاهه جهڙي ماڻهو جو جنم سنڌ
ڌرتي تي ٿيڻ اسان سنڌي ماڻهن لاءِ فخر لائق آهي، سائين سنڌ جي ماڻهن سان عشق جي حد
تائين پيار ڪندو آهي، پاڻ انسان دوست غريبن جو هڏ ڏوکي انتهائي ايماندار ۽ خوف ئي
خدا رکندڙ انسان آهي، مونکي نٿو لڳي ته سائين جن جي ذات کان ڪنهن فرد کي تڪليف يا
نقصان پهتو هجي ، پاڻ انسان ته انسان پر جانورن سان به پيار ڪندڙ انسان آهن.
اهڙي انسان کي فرشتو ئي چئي
سگهون ٿا، سائين سيد ديدار حسين شاهه پنهنجي اعليٰ تعليم جي بنياد تي ملڪ جي اهم
عهدن تي فائز رهيا، سائين سيد جسٽس (ر) ديدار حسين شاهه صاحب پنهنجي جيڪا
تاريخ ٺاهي آهي، ان جو ڪو به ويجهي تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي واقعي پاڻ بيمثال آهي،
سائين جن جي پيدا ٿيڻ کان وٺي يتيم ٿيڻ تائين جو جيڪو سفر ڪيو آهي، انهن حالتن، تڪليفن،
مشڪلاتن ۽ پريشانين جو هڪ وڏو داستان آهي جن کي هتي بيان ڪرڻ سان ڪيترا ئي ڪتاب
لکي سگهجن ٿا، سائين جن وڪالت سان وابسطا هئڻ ناتي وسيع مطالعي ۽ آکين سان ڏٺل واقعن جو
تاريخي گواهه آهي ته سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان هر دور ۾ ناانصافيون ڪيون ويون آهن، ظلمن جا
وڏا داستان پنهنجي اکين سان ڏٺا آهن، ڌرتي ڌرڻين سان ڪيل تاريخي ظلم بيواجبين،
ناانصافيون ۽ غداريون واضح طور اڳيان آهن، جن جو واضح ذڪر سائين جن سندن ڪتابن
۾ پڻ ڪيو آهي، سائين پنهنجي زندگي جي شروعات ۲۲
آگسٽ ۱۹۶۷ع ۾
اولهه پاڪستان جي سب ڪورٽس ۾وڪيل جي حيثيت سان پروفيشنل سان ڪيائين،
۲۳ آگسٽ ۱۹۷۴ع ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وڪيل جي حيثيت ۾ ڪم جي شروعات ڪيائين، ۱۹۷۹ع کان ۱۹۸۳ع تائين ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي
جو ميمبر رهيو، ۱۹۷۹ع ۾ ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جي ورڪس
سب ڪاميٽي جا چيئرمين رهيا.
ان سڄي عرصي ۾ سائين سيد ديدار
حسين شاهه بنا مقابلي تعلقي ڪائونسل جي ميمبر رهڻ سان گڏ ۱۹۸۷ع کان ۱۹۹۱ع تائين ٻيو ڀيرو ضلعي ڪائونسل
لاڙڪاڻي جا ميمبر ٿيا ان سڄي ٽائيم ۾ سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊوڄام جي سنڊيڪٽ
جا ميمبر رهيا، آغا خان يونيورسٽي جا ٽرسٽي رهيا، سنڌ جي سياست
۾ باڪردار سوچ جو مالڪ آهي، ۽ انسان دوست شخصيت سيد ديدار حسين شاهه ۱۹۸۸ع تي، وڪالت جي پيشي سان وابسته مڊل ڪلاس جو ماڻهو هئڻ سان گڏ جنرل ضياءُ
جي ڪاري دور حڪومت ۾ مسلسل عذاب ۽ تڪليفون برداشت ڪندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي پاران ۱۹۸۸ع ۾ اليڪشن وڙهڻ جو اعلان ڪيو ته پارٽي وٽ هزارين درخواستون جمع ٿيون.
جڏهن محترم بينظير ڀٽو لاڙڪاڻي
ضلعي جي پي ايس ۳۰ رتيديرو
تي ممتاز علي ڀٽي جي سامهون اليڪشن وڙهڻ جو اعلان ڪيو ويو، ان دوران ضلعي جا نالي
واري سردار رئيس، وڏيرا ۽ بااثر ماڻهو هئڻ جي باوجود محترمه بينظير ڀٽو صاحبه مڊل ڪلاس
طبقي سان واسطو رکندڙ وڪيل سيد ديدار حسين شاهه کي حڪم ٿي ڪري ته توهان باهمٿ
انسان آهيو، ممتازعلي ڀٽي جي سامهون توهان الڪيشن وڙهيو، ممتازعلي ڀٽو سنڌ جو تمام
وڏي شخيصت آهي، ان جي اڳيان مڊل ڪلاس ۽ وڪيل سيد ديدار حسين شاهه پاران اليڪشن وڙهيو،
ڪيڏو مشڪل ڪم هيو، ڇو ته سابق گورنر سنڌ، چيف مينسٽر سنڌ، فيڊيل مينسٽر پڻ رهيو
آهي، تاريخ ثابت ڪيو ته وڏيون گاڏيون، بنگلا، وڏ وزارتون ياوري بااثر هئڻ لازمي
ناهي هوندو، انسان کي سندن ڪردار ۽ سابق قدمي آسمان جي بلندين تائين پهچائي سگهي ٿي.
هڪ مڊل ڪلاس وڪيل، تاريخ بدلائي
ڇڏي. ان اليڪشن ۾ ۳۰۰۰ ووٽن تان ممتازعلي ڀٽي کي تاريخي شخصيت
نصيب ٿي، تاريخ پنهنجو فيصلو ڏئي ڇڏيو، سائين سيد ديدار حسين شاهه ۱۹۸۸ع کان ۱۹۹۳ع تائين ٻه ڀيرا سنڌ اسيمبلي جا
ميمبر رهيا، سنڌ اسيمبلي جو ميمبر هئڻ ناتي سائين ڪيترائي تاريخي بل پاس ڪرايا
جنهن ۾ سرڪاري ملازمن کي سگا جو ميمبر ٿيڻ تي لڳل پابندي هٽائڻ ۽ پي ٽي وي ۽ ريڊيو
پاڪستان تان سنڌي ۾ فقط ۲۵ مينٽ
پروگرام هلائڻ وارو سلسلو بند ڪرائي سنڌ اسيمبلي مان بل پاس ڪرائي هڪ ڪلاڪ
تائين ڪرائڻ کان وٺي ٻيا ڪيترا ئي سٺا عمل سنڌ جو حصو بڻجي ويا آهن، سائين سيد
ديدار حسين جو ذاتي ڪردار سنڌو جي پاڪ پوتر پاڻيءُ جيان آهي، جنهن تي سنڌ ۽ سنڌي
قوم کي فخر ۽ ناز آهي، سائين سنڌ جو سچو محبت ڪندڙ فرزند آهي،
سائين جهڙا عظيم انسان مظلوم ۽ محقوم ماڻهن لاءِ قدرت طرفان انمول تحفو هوندا آهن.
۱۹۹۴ع ۾
محترما بينظير ڀٽو سنڌ جي ججن سان ٿيل ناانصافين جو ازالو ڪندي سينيئر وڪيلن کي سنڌ
هاءِ ڪورٽ جو ايڊيشنل جج بڻايو ويو، انهن ججن صاحبن ۾ سائين
سيد ديدار حسين شاهه به شامل هيو ساڳئي وقت ان ڪورٽ جا مستقل جج بڻيا ۱۹۹۶ع ۾ ڪسٽم ۽ ٽيڪسيشن جي اپليٽ ڪورٽ جو جج بڻيا، ۴ فيبروري ۲۰۰۲ع ۾ سائين سيد ديدار حسين شاهه
کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس جو ذميواريون ڏنيون ويون، ساڳئي سال ۾ جنرل
مشرف پاران ان وقت جي سابق وزيراعظم ميان نواز شريف جو ڪيس هلائڻ جي سزا طور بدلي ڪري
سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو جج مقرر ڪيو ويو، اتان ۱۰
ڊسمبر ۲۰۰۴ع ۾ رٽائر
ٿيا پهرين جنوري ۲۰۰۵ع کان پرسٽن يونيورسٽِي جا
پروچانسلر مقرر ٿيا، ۸ آڪٽوبر
۲۰۱۰ع تي نئب چيئرمين پاڪستان مقرر ٿيا،
اڄ ڪلهه ساڳئي پرسٽن يونيورسٽي جا پرو چانسلر جي خدمت سرانجام ڏيڻ سان گڏ شاهه
عبداللطيف ايجوڪيشنل سوسائٽي ۽ ٻين ڪيترن ئي فلاحي ادارن جي نگراني
جون رضاڪارانه خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن ان سان گڏ هن وقت سنڌ حڪومت پاران سنڌ جي
يونيورسٽين جو اسڪريننگ ڪميٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي، ۽ ان کان
علاوه هائر ايجوڪيشن سنڌ جو ميمبر مقرر ڪيو ويو آهي، اڄ جسٽس (ر) سائين ديدار حسين
شاهه جو جنم ڏينهن آهي اسان سائين جي وڏي عمر صحتيابي ثابت قدمي ۽ جنم جنم ڪاميابين
لاءِ دعاگو آهيون، رب العزت سائين سيد ديدار حسين شاهه کي سندس زندگي ۾ لاتعداد
خوشيون ۽ محبتون نصيب ڪري اڄ سائين جي جنم ڏينهن تي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي مبارڪباد
پيش ڪريون ٿا.
سيد ديدار حسين شاهه
منصبن کان مٿانهون شخص
رکيل مورائي
ميڊيا جي اُڏامندڙ خبرن ۾ هُن
کي جيالو جج ڪوٺيو ويندو هُئو، اڳتي هلي شايد سنڌ سندس اهو تاثر ۽ حوالو قبولي ها،
جيڪو اڄ جيالن جو جڙيو آهي. سڄي سنڌ موهن جو دڙو آهي، ان ڪري هاڻ سڄي سنڌ جي
تباهيءَ تي فخر ڪرڻ جو سبب اسان کي جيالن مُيسر ڪري ڏنو آهي پر ان سڀ کان اڳ هُن
جيالو بڻجڻ کان لنوايو. هُن پنهنجو شخصي منصب اهم سمجھيو.
هُو جج به بڻيو ۽ هُن اهو ثابت
ڪيو ته جج جو منصب ڇا هجڻ گھرجي، ان لاءِ جڳ مشهور ڪالم نگار ”اردشير ڪائوسجيءَ“
جوئي جڳ مشهور جملو، هُن جي آتم ڪٿا ۾ موجود آهي، ٻيءَ طرح هُن جيالن جي جياپي
لاءِ پنهنجي اڇن ڪپڙن ۽ بليڪ ڪوٽ تي ڪوبه داغ لڳڻ نه ڏنو ۽ مخالفن کي مناسب ۽
گھربل انصاف ڏيئي، پنهنجي منصب (جج واري)جي آبرو رکي. هونئَن هن ملڪ ۾ ججن جيڪا
پنهنجي پيشي جي آبرو رکي آهي ان جا به ڪي ڪارا چٺا ۽ اَڇا اکر اُن آتم ڪٿا ۾ آهن
جنهن جو مان ذڪر ڪرڻ گھران ٿو.
هُن آبرو دار شخص جي آتم ڪٿا،
انهن لاءِ به اعزازي مرتبو رکندڙ بڻجي پئي آهي، جيڪي سياسي توڻي نظرياتي طور ساڻس
سهمت نه آهن ۽ انهن لاءِ ڏکوئيندڙ بڻجي پئي آهي، جيڪي کيس نظرياتي طور ويجھو سمجھن
ٿا، جيتوڻيڪ انهن جو نظريو ڪو به نه آهي، سواءِ بُک مِٽائڻ جي، جيڪا هُنن جي
زندگيءَ ۾ مٽجڻي نه آهي ۽ جنهن لاءِ هنن قوم، رنگ، نسل، آداب، اخلاق ۽ وطن سميت سڀ
ڪجھه قربان ڪرڻ جو سوچي رکيو آهي.
ٻئي طرف هيءُ شخص آهي، جنهن
پنهنجو جنم سجايو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته هُو سمجھي ٿو ته هڪ شخص کي هڪ جنم ملندو آهي ۽
ٻيو جيڪو جنم هوندو آهي ان ۾ هُو پنهنجي پهرئين جنم جي ڪمائي کائيندو آهي، ڇاڪاڻ
ته اهو سندس آخري جنم هوندو، هُو ڪائنات ۾ هڪ ئي جنم وٺندو آهي ۽ پوءِ ڪيترائي جنم
ان جنم جي کٽئي تي جيئندو آهي، پنهنجي اولاد جي صورت ۾ پنهنجي عمل جي صورت ۾، پنهنجي
ڪارنامن جي صورت ۾ ۽ پنهنجي تخليق جي صورت ۾.
پڪَ سان هُو اڄ تائين اهو جنم
جي رهيو آهي جيڪو کيس ڌڻي سائينءَ اڄ جي ڏينهن کان شروع ڪيو هُئو. ڇاهتر سال اڳ ۾
باقي جنم هُو ڪئين جيئندو، اهي سندس اهي عمل آهن، جيڪي هُن انسانن لاءِ ڪيا آهن،
جن جو ذڪر مان مٿي ڪري آيو آهيان، انهن تي اعتبار ڪرڻ لاءِ سندس هٿ اکر لکيل
دستاويز اڄ سنڌ جي اڻ ڳڻين پڙهيل لکيل ماڻهن وٽ موجود آهي. جنهن جو نالو آهي
”گوندر ويا گذري“.
ٻيءَ طرح جن شخصن جي هُن سان
ويجھڙائي رهي آهي، اهي سڀ ڄاڻن ٿا ۽ جيڪي وڌيڪ ڄاڻن چاهين ٿا، انهن لاءِ رڳو ايترو
سمجھائڻ گھڻو آهي ته سج جڏهن ٽامڻي هڻي ويندو آهي، هُن جي موجودگي تارونءَ مٿان
محسوس ٿيندي آهي، تڏهن بڙَ جي ڇانوَ وڌيڪ ٿڌي ٿي ويندي آهي، اُهي اجھي جو احساس
ڏيارڻ لڳندا آهن، ايئن ڪي شخص به هوندا آهن، جن جي ڇانوَ ۾ ويهي پنهنجائپ جي ٿڌاڻ
محسوس ٿيندي آهي. مون پنهنجي اڌ صديءَ کي رسندڙ عُمر ۾ ڪي اهڙا شخص ضرور ڏٺا آهن ۽
انهن جي پاڇي جي ڇانوَ جو احساس به ماڻيو آهي، شايد اُهي منهنجا ڀاڳ آهن ۽ اهڙا
ڀاڳ ڪن ٿورن جي نصيب ۾ ايندا آهن ۽ پڪ سان اهڙن شخصن لاءِ ئي شايد ڀٽائي چيو هُئو
ته:
تان ڪي ساڻن اور، جان آهن
اوطاقن ۾،
ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾، پاڻُ
مٿانئُن گھور،
ويا جي هنگلور، ڪرمَ ملندءِ
ڪاپڙي.
اڄ جي نسل کي، اهڙن شخصن سان ڪي
گھڙيون ويجھو ٿي گھارڻ گھرجن، شايد اڄ جي تيز ڊوڙندڙ ۽ رشتن جي، ڀتين جيان ڀوريندڙ
۽ شخص جو شخص مان اعتبار ختم ڪندڙ دور ۾ کين جيئڻ جو اُتساهه ملي وڃي، سنڌ جي
ثقافتي قدرن ۾ اعتبار موٽي اچي. ماڻهپي جو مرتبو مٿانهون ڏسڻ ۾ اچي ۽ انهن قدرن
سان سنڌ جي تهذيبي سفر تي نئين سِري کان سوچڻ شروع ڪن. پڪ سان ايندڙ وقت ۾ اهو سڀ
شايد نه ملي سگھي. اڄ کين ڪُجھه ملي سگھي.
اڄ جي ڏهاڙي يارهين ڊسمبر
اُڻيهه سئو اوڻيتاليهن تي سنڌ کي هڪ اهڙو شخص نصيب ٿيو هُئو، جنهن جو نالو... پر
نالن ۾ ڇا رکيو آهي، ان نالي سان ۽ زات سان سنڌ ۾ ڪيترائي ٻيا شخص به ٿي سگھن ٿا.
اهي سڀ اهڙا هوندا ڇا؟.. جن جو نالو کڻڻ سان سنڌ جي صدين جي پنهنجائپ، سهپ،
بُردباري ۽ پاٻوهه هڪ ئي وقت دل ۾ محسوس ٿئي، ڀٽائيءَ سنڌ جي محبوب شاعر اُن جي
تصديق ڪري ڇڏي آهي.
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجھه، اچي
بوءِ بهار جي.
ڪنهن جي نالي کڻڻ سان بهار جي
مُند جو احساسُ ٿئي، سڀني نالن کڻڻ سان ائين نه ٿيندو آهي.
اڄ جي تاريخ ۾ اهڙو نالو کڻدي
گھڙيءَ کن لاءِ ٿڌي ڇانوَ جو احساس ماڻيندي. احترام ۽ عقيدت سان مان لکڻ چاهيان
ٿو.
سنسار جا ڪيترائي لقب چيف جسٽس
تائين سندس نالي جي اڳيان توڻي نالي جي پٺيان جڙيل آهن، پر مون کي انهن سڀني جي
نسبت غير اهم لڳي ٿي، سنساري ماڻهن لاءِ انهن جي اهميت هوندي، ڇاڪاڻ ته انهن جو
واسطو انهن لفظن ۽ منصبن سان آهي، پر مون کي اهو لکندي بيحد آٿت ملي ٿو ته هُو،
اسان لاءِ، مون لاءِ سائين ديدار حسين شاهه آهي. ڇاڪاڻ ته انهن لفظن ۾ جيڪا
پنهنجائي آهي مان انهن جي گرمي محسوس ڪرڻ گھران ٿو ۽ ان ئي گرمجوشيءَ مان اڄ سندس
ڇاهترهين جنم ڏڻ تي کيس اڻ ڳڻيون مبارڪيون ڏيان ٿو. سنڌ کيس جنهن به طريقي سان نيڪ
خواهشون موڪلي، اهو ان جو مسئلو آهي، هُو مون لاءِ ”سائين“ آهي، اڄ سندس ڄمڻ ڏينهن
آهي، پاڻ وڏي ڄمار ۽ سٺي صحت ماڻي، اهڙي خواهش سانڍيندي گھڻيون دعائون.
سيد ديدار حسين شاهه جو
وڇوڙو
سيد پير شاهه
جيلاني
سائين جسٽس سيد ديدار
حسين شاھ نقوي صاحب سان منهنجي پھرين ملاقات ڊاڪٽر خير محمد جوڻي صاحب جي ڪري عوامي
آواز ھيڊ آفيس ۾ ٿي، اتي سائين جن کي وڏو پروٽوڪول مليل ھوندو ھو. سائين جي اچڻ جو
ٻڌي سڀ سائين جو شديد انتظار ڪندا ھئا. زرار پيرزادو، ذوالفقار واھوچو، قاسم راڄپر،
رکيل مورائي، ادل سولنگي، راجيش، واحد بخش سيٺار، ميرخان، رزاق عاصي، يعني ڪي
عوامي آواز جا سڀئي ورڪر سائين سيد ديدار حسين شاھ سان بيحد محبت ڪندا ھئا. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو سائين جي اچڻ جي خوشي ۾
مست مگن لڳو پيو ھوندو ھو. ڇو ته محبت ۽ احترام
جو ھي سلسلو ھڪ پاسي کان نه ھو سائين سيد ديدار حسين شاھ صاحب به ڊاڪٽر صاحب سان
تمام گھڻي محبت ۽ احترام ڪندو ھو. ياد رھي ته ان وقت مان روزاني عوامي آواز اخبار ۾
ڪالم لکندو ھوس. منهنجا ڪيترا ئي ڪالم سائين پاڻ پڙهي چڪو ھو. سائين سيد ديدار
حسين شاھ کي ڊاڪٽر خير محمد جوڻي منهنجو تعارف ڪرايو. سائين ڊاڪٽر صاحب جواب ڏنو ته
پيرشاھ جيلاني کي مان سڃاڻان ٿو، پاڻ عوامي آواز اخبار جو رائيٽر آهي. پير شاھ جيلاني
جا ڪالم مان شوق سان پڙھندو آھيان، اتي مان اٿي سائين جن جو شڪريو ادا ڪيو.
ان کان پوءِ جڏهن
به سائين سيد ديدار حسين شاھ سان ملاقات ٿيندي ھئي ته سائين مون کي پيرشاھ بادشاھ
جي نالي سان پڪاريندو ھو. سائين سان جڏهن منهنجي پھرين ملاقات ٿي ھئي ته ان ملاقات
منهنجي زندگي تي انتھائي گھرو اثر ڇڏيو ھو. ڇو ته ميڊيا سان واسطو ھئڻ ڪري اڪثر ماڻهن
جي سوچ، طبعيت، اٿڻي ويھڻي، ڪردار کان گھڻو ڪري واقف ھوندا ھئاسين. اڪثر ڪري وڏيرن،
رئيسن يا وري بااثر ماڻهن جا خاص چمچا پنهنجو پاڻ کي خبر ناهي پاڻ کي ڇا سمجندا
آهن. جن ماڻھن جي ھن معاشري ۾ ڪابه خاص عزت نه آهي. تنهنجي جي باوجود پاڻ کي ھرو ڀرو
چڱو مڙس سمجهڻ لڳندا آهن. سائين سيد ديدار حسين شاھ صاحب جھڙو اعليٰ پائي جو باڪردار
انسان جنهن جو اخلاق ۽ پنھجائپ وارو ڪردار ماڻهن کي منٽن ۾ پنهنجو ڪريو ڇڏي، ٻه ڀيرا
ايم پي اي رھندڙ ان کان سواءِ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس ۽ نيب چيئرمين پاڪستان
رھندڙ ۽ ان کان علاوه سنڌ جي ڪيترين ئي يونيورسٽين، ميڊيڪل يونيورسٽين، ڪاليجن،
فلاحي ادارن، خدمت انسانيت جي ادارن جا ميمبر رھيو تمام وڏو ايماندار ماڻهو. حق ۽
سچ جو ساٿ ڏيندڙ عظيم انسان جنهن ۾ ڪڏهن تڪبر، غرور، وڏائي نه ڏٺيسين.
سائين سيد ديدار
حسين شاھ پنهنجي ذات ۾ ھڪ ادارو ھو. مان پنهنجي زندگي ۾ فقط ٻه باڪردار سيد ڏٺا ھڪڙو
سائين جي ايم سيد ۽ ٻيو سيد ديدار حسين شاھ نقوي صاحب. جن حقيقت ۾ واقعي سچي سيد
ھئڻ جو تاريخي ثبوت پيش ڪري اھو ثابت ڪري ڏيکاريو ته سيد جي معنيٰ آهي ڪردار. ڪردار
بغير سيد ٿي نٿو سگهي پنهنجي اخلاق ۽ باوقار انسان دوست ڪردار جي ڪري پنهنجي سڃاڻپ
ڪرائي وڃي. ھر مشڪل وقت ۾ پنهنجن اصولن تي
مضبوط ٿي ھر تڪليف، مشڪل کي برداشت ڪري
اھو ثابت ڪرڻو آهي ته زندگي موت جي امانت آهي، موت ته ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ اچڻو آهي،
ان ڪري جيڪي به زند گي جا باقي ڏينهن جيئڻ لاءِ بچيل آهن انهن کي دکي ۽ تڪليفن ۾ وقت
گذاريندڙ ماڻهن جي دردن جي دوا ٿجي، انهن
پريشان حال ماڻهن کي پنهنجي ھئڻ جو احساس ڏيارجي ۽ انهن ماڻهن کي اھو احساس ڏياري
جي ته توهان جون پريشانيون اسان جون پريشانيون آهن، مان يقين سان چئي سگهان ٿو ته
اھو حق انهن ٻنهي سيدن پنهنجي زندگي ۾ ادا ڪيو آهي، جيسي تائين منهنجي عمر جو تعلق
آهي ته ان ۾ مون سائين سيد ديدار حسين شاھ کي تمام گھڻو ويجهي کان ڏٺو آهي، غريبن
جو انتھائي درد رکندڙ انسان ھو، ھميشه
پنهنجن دوستن ۽ واسطيدارن کي زندگي ۾ سٺا ڪم ۽ عمل ڪرڻ جي ھدايت ڪندو ھو. اسان يقين
سان چئي سگھون ٿا ته سائين جي صحبت ۽ پيار اسان کي ھڪ حقيقي انسان بنايو آهي، سندس
محبت ۽ اخلاق جي ڪري اسان پاڻ ۾ تبديلي پيدا ڪئي، سائين جن جي بيماري جي دوران به
ساڻس ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون، ڪجهھ مهينا اڳ ڊاڪٽر خير محمد جوڻي جي خيرات جي
ماني ۽ سندس زندگي تي لکيل ڪتاب ”من موڪلائي ويو“ جي تقريب جي دعوت دوران ڊاڪٽر خير
محمد جوڻي جو پيارو ڀائيٽو ادا عطا محمد عرف ذوالفقار جوڻو، نواز جوڻو ۽ مان ناچيز
(پيرشاھ جيلاني) گڏجي کائنس طبعيت پڇڻ ويا ھئاسين، اتي سائين سيد ديدار حسين شاھ سان
تفصيلي ڪچھري ٿي هئي پاڻ انتھائي شفقت سان پيش آيا. ان وقت سيد محبوب شاھ سائين جو
وڏو فرزند سچ پچ جھڙو نالو اٿس اھڙو ئي محبوب انسان آهي، انکي ھدايتون ڏنائين ته
پيرشاھ جيلاني سان ڊاڪٽر صاحب جي خيرات جي ماني لاءِ پروگرام سيٽ ڪيو. سائين وڏي حڪم
کان پوءِ سائين محبوب شاھ مون سان مسلسل رابطي ۾ رھيو ۽ پروگرام ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي.
ڪالھ مان سيد قاسم
نويد شاھ ايڊوائزر ٽو سي ايم سنڌ سان ملڻ ويس ته اتي سائين محبوب شاھ جي آفيس آهي،
سائين محبوب شاھ سان ملاقات ڪرڻ ۽ چانھه
پيئڻ کان پوءِ قاسم نويد لاءِ ويس ان وقت به سائين وڏي جو حال احوال ٿيو ڪابه اھڙي
پريشاني جي ڳالهھ نه ھئي، اڄ صبح پنهنجي آفيس سنڌ اسيمبلي ۾ اجلاس دوران سائين سيد
ديدار حسين شاھ جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو ۽ دعا گھري وئي، ان کان پوءِ فورن
سائين محبوب شاھ سان فون تي رابطو ڪيو ويو ـ جنهن تصديق ڪئي. ان کان پوءِ فورن گھر
پھچي بيگ کڻي لاڙڪاڻي لاءِ روانو ٿيس. سائين سيد ديدار حسين شاھ جو وڇوڙو يقينن ھر
ان باشعور انسان جو نقصان آهي جيڪو مظلومن ۽ پريشان ماڻهن جي درد کي محسوس ڪري
سگهي ٿو. سيد ديدار حسين شاھ جو وڇوڙو ھڪ تاريخ جي پڄاڻي تصور ڪئي ويندي، سيد
ديدار حسين شاھ جي وفات تي کيس اکين مان وھندڙ لڙڪن جي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا. الوداع
اي سنڌ جا باڪردار پٽ سڄي سنڌ تنهنجي وڇوڙي تي انتھائي غم ۽ ڏک ۾ ورتل آهي. توهان ھميشه اسان جي دلين
۾ آباد ھوندا، اڄ توهان پنهنجي جگري يار ڊاڪٽر خير محمد جوڻي سان گلي ملندا وري
محبتن جا ميلا لڳائيندا. اي سنڌ جا باڪردار ۽ محبوب پٽ تو کي قومي سلام پيش ڪريان ٿو
جسٽس (ر) سيد ديدار شاھ جو وڇوڙو
گلبھار شيخ
ھن ڌرتي تي انسان
پيدا ٿئي وري مري ٿو وڃي پيدا ٿيڻ ۽ مري وڃڻ جي وچ وارو جيڪو عرصو آھي اھا ئي
انسان جي زندگي آھي .ان ۾ وري ڪجهھ عرصو ٻالڪ پڻي جو ڪجهه حصو جواني جو ڪجهھ حصو
وري پيرسني جو اچي ٿو. جواني واري شعوري زندگي کان مري وڃڻ تائين اھا آھي زندگي جو
اصل مقصد جيڪو انسان زندگي جي ان عرصي کي بامقصد بڻائي ٿو، اھي ڪردار ھن ڌرتي تي
امر ٿي وڃن ٿا. اھڙن ڪردارن مان رتي ديري شھر سان تعلق رکندڙ رٽائرڊ جسٽس اڳوڻو ايم پي اي مرحوم سيد ديدار
حسين شاھ به ھڪ امر ڪردار آھي، رتي ديري جي تاريخ ۾ سندس نالو ھميشه ياد رکيو ويندو.
رتيديري جي وڏي علم
پاڪ جي سيدن جي تاريخي سڃاڻپ آھي، مذھبي توڙي سياسي حوالي سان سڄي ملڪ ۾ سندن ھڪ سڃاڻپ
آھي، سيد وريل شاھ جي ڪائونسلر چونڊجڻ کان وٺي سيد ديدار حسين شاھ جي سپريم ڪورٽ جي
جسٽس طور مقرري ۽ وري سيد ميھر علي شاھ جي ڪائونسلر چوندجڻ تائين انھن جي ھڪ ڊگھي سياسي
تاريخ آھي پر ھتي اسان اڄ مرحوم سيد ديدار حسين شاھ جي شخصيت ۽ ان جي سياسي جدوجھد
متعلق مختصر ذڪر ڪنداسين.
مرحوم سيد ديدار حسين
شاھ ۱۱ ڊسمبر ۱۹۳۹ع تي رتي ديري جي ڳوٺ ڳڙھي غلام حيدر قادري ۾ پيدا ٿيو .
۱۹۶۲ع ۾ بي اي گريجوئيشن ۽ وري ۱۹۶۵ع ۾ لا گريجوئيشن سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائين. ۲۲ آگسٽ ۱۹۶۷ع کان ويسٽ پاڪستان جي سب ڪورٽن ۾ وڪيل جي
حيثيت ۾ سان ڪم شروع ڪيائين. ۱۹۷۴ع ۾ ھاءِ ڪورٽ جو وڪيل بڻيو.
مرحوم سيد ديدار حسين
شاھ جي سياسي تربيت سيد وريل شاھ جن ڪئي
.۽ پيپلزپارٽي سان سندس سياسي وابستگي رھي ۽ آخر تائين پيپلزپارٽي سان ئي سلھاڙيل
رھيو. ھو عملي طور سياسي ميدان ۾ ۱۹۸۰ع واري ڏھاڪي دوران آيو. ۱۹۷۹ کان ۱۹۸۳ع تائين ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جو ميمبر رھيو وري ۱۹۸۷ع کان ۱۹۹۱ع تائين ٻيھر ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جو ميمبر چونڊيو ويو.
۱۹۹۰ع کان ۱۹۹۳ع تائين پ پ جي ٽڪيٽ تي رتيديري تڪ تان ايم پي اي (سنڌ اسيمبلي جو ميمبر) بڻيو.
۱۹۹۴ع ۾ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جو ايڊيشنل جج مقرر ٿيو.
۱۹۹۶ع ۾ ڪسٽم اينڊ ٽئڪسيشن جي اپيليٽ ڪورٽ ۾ جج مقرر ٿيو. ۰۴ فيبروري ۲۰۰۲ع ۾ سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ جج طور ذميواري سنڀالي
.وري ساڳئي سال سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ٿيو ۽ ۲۰۰۴ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. سال ۲۰۰۵ع ۾ ٻاھرين ملڪ جي پرنسٽن يونيورسٽي ۾ پرو
وائيس چانسلر مقرر ٿيو.
۸ آڪٽومبر ۲۰۱۰ع تي چئيرمين نيب مقرر ٿيو. مرحوم سيد ديدار
حسين شاھ طويل عرصو بيماري جي بستري تي رھڻ بعد ۳۰ جنوري ۲۰۱۹ع تي ڪراچي جي ھڪ خانگي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي
ڪيو .
مرحوم سيد ديدار حسين
شاھ جي زندگي ھڪ ڊگھي سياسي سفر سان ڀريل آھي جنھن ھن زندگي جي ڪيترن ئي مرحلن تي ڏکيائن
کي پڻ منھن ڏنو پر زندگي جو مقصد ماڻڻ لاءِ مسلسل جدوجھد جي سفر کي جاري رکيو. تمام
وڏن عھدن تي رھيو.
جدوجھد جي ھن سفر ۾
سائين محنتن جو ثمر ته حاصل ڪيو پر مرحوم سيد ديدار حسين شاھ سان قسمت جي ديوي به ھميشه
ساٿ ڏيندي رھي. سياسي طور ڪنارا ڪشي ڪرڻ کان بعد ھو جوڊيشري ۾ آيو جتي وري اسٽبلشمنٽ
جو منظور نظر رھيو، سندس نالو ڪيترا ئي دفعا سنڌ جي نگران وڏي وزيرن توڙي نگران
وزير اعظمن جي لسٽ ۾ ايندو رھيو. پر جيئن ته مرحوم سيد ديدار حسين شاھ جون ماضي ۾
پيپلزپارٽي سان سياسي وابستگيون رھيون ان ڪري انھن وڏن عھدن اچڻ لاءِ اھي ماضي جون
سياسي وابستگيون رنڊڪ بڻجنديون رھيون. پر ھن به ڪڏھن انڪار نه ڪيو ۽ آخر تائين
شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ان جي نياڻي شھيد بينظير ڀٽو جي پارٽي سان سلھاڙيل رھيو.
سرڪاري عھدن تان رٽائرڊ ٿيڻ بعد سيد ديدار حسين شاھ جون سياسي خدمتون پيپلزپارٽي
سان ئي رھيون. ۽ ڇو نه رھن سيد ديدار حسين شاھ کي انھن عھدن تائين پھچائڻ ۾
پيپلزپارٽي جو وڏو عمل دخل رھيو. سردار ممتاز علي ڀٽو کان ۹۴ _ ۱۹۹۳ واري اليڪشن ھارائڻ بعد شھيد بينظير ڀٽو کيس جج مقرر ڪرائي ڇڏيو جتان ھو اسٽبلشمنٽ
جي تمام ويجھو ٿيو ۽ ترقي جي منزلن جي طرف وڌڻ لڳو .
مرحوم سيد ديدار
حسين شاھ ۳۰ جنوري ۲۰۱۹ع تي اسان کان وڇڙي ويو آھي. ھن ڪراچي ۾ طويل عرصو بيمار رھڻ بعد ڪراچي جي
ھڪ خانگي اسپتال ۾ ۸۰ ورھين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪيو. ڪراچي جي يثرب امام بارگاھ مان کيس غسل ڏياريو
ويو. جتي سنڌ جي ڪيترن ئي وڏن سياسي اڳواڻن ھاءِ ڪورٽ، سيشن ڪورٽ جي ججن، ڪامورن
سندس سيڪريٽرين آخري ديدار ڪيو ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھ پڻ آخري ديدار ڪندڙ
۾ شامل ھو، ان کان علاوه صوبائي ڪابينا جا ميمبر وزير پڻ شامل ھئا. مرحوم سيد
ديدار حسين شاھ جي ڪيل سياسي جدوجھد تاريخ جي پنن ۾ ھميشه لاءِ امر ٿي وئي آھي. مرحوم
سيد ديدار حسين شاھ جي سوڳوارن ۾ ٽي پٽ سيد محبوب علي شاھ، سيد ظفر علي شاھ، سيد
اسد علي شاھ ۽ ٽي نياڻيون ھڪ بيواهه شامل آھن. مرحوم سيد ديدار حسين شاھ جي جنازي
نماز رتيديري جي وڏي علم پاڪ جي ميدان تي ادا ڪئي وئي. جتي ججن، سياسي، سماجي اڳواڻن
شرڪت ڪئي جنھن بعد مرحوم جي جي جسد خاڪي کي رتيديري جي وڏي قبرستان سيد مبارڪ شاھ
قبرستان ۾ سوين آلين اکين سان تدفين ڪئي وئي.
جسٽس سيد ديدار حسين شاهه
سنڌ جو املهه ڪردار
عبدالعزيز مهيسر
جسٽس رٽائرڊ سيد ديدار حسين شاهه جو جنم ۱۱-۱۲-۱۹۳۹ تي ڳوٺ ڳڙهي غلام
حيدر قادري ضلعي لاڙڪاڻي جي مشهور سياسي خاندان جي فرد سيد محبوب علي شاهه جي گهر
۾ ٿيو. شاهه صاحب جو والد شاهه صاحب جي ننڍي عمر ۾ ئي وفات ڪري ويو. شاهه صاحب ۽
سندس وڏي ڀاءُ سيد نياز حسين شاهه جي پالنا سندس چاچي سيد وريل شاهه مرحوم ڪئي جيڪو
لاڙڪاڻي ضلعي جي خاص طرح سنڌ جي ڄاتل سڃاتل سياسي ۽ سماجي شخصيت هو. سيد وريل شاهه
رتو ديرو ميونسپل ڪميٽي جو وائيس پريزيڊنٽ ۽ پريزيڊنٽ پڻ رهيو، ان سان گڏ سيد وريل
شاهه مرحوم ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ لاڙڪاڻي جو ڪيترائي سال منتخب ميمبر رهيو. سيد ديدار
حسين شاهه پنهنجي زندگي جو آغاز گورنمينٽ هاءِ اسڪول نئون ديرو ۽ گورنمينٽ هاءِ
اسڪول رتوديرو ۾ اسٽنٽ ماستر سان ڪيو. سيد ديدار حسين شاهه ميٽرڪ جو امتحان
گورنمينٽ هاءِ اسڪول رتوديرو مان ميٽرڪ جو امتحان ۱۹۵۸ع ۾ فرسٽ ڪلاس ۾ پاس
ڪيو. ۱۹۶۲ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ ان گريجوئيشن ڪيائين ۽ ۱۹۶۵ع ۾ سنڌ يونيورسٽي
مان ايل ايل بي جي ڊگري ورتي ۲۲-۰۸-۱۹۶۷ تي اولهه پاڪستان
بار ڪائونسل ۾ وڪيل طور رجسٽر ٿيو. سيد ديدار حسين شاهه ابتدائي طور لاڙڪاڻي جي
مشهور وڪيل مسٽر عبدالرزاق سومري سان وڪالت جو پيشو اختيار ڪيو ۽ ان کان ابتدائي
سکيا ورتي ۽ ۲۴-۰۸-۱۹۷۴ تي هاءِ ڪورٽ جي
وڪيل طور انرول ٿيو ۽ وڪالت جي پيشي ۾ سٺو نالو پيدا ڪيائين.
سيد ديدار حسين شاهه تعلقي پيپلس پارٽي جو سيڪريٽري ۽
ضلعي پيپلس پارٽي جو سينيئر وائس پريزيڊنٽ به رهيو. محترم ذوالفقار علي ڀٽو جي
شهادت کانپوءِ ان جو جنم ڏينهن ۵ فيبروري ۽ شهادت ۴ اپريل واري ڏينهن
کي صحيح نموني ملهائڻ جي لاءِ محترمه شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي زير نگراني شهيد ڀٽو
مزار ڪميٽي ٺاهي جنهن ۾ سيد ديدار حسين شاهه پڻ سيڪريٽري طور ڪم ڪيو ۽ مزار ڪميٽي
جي پهرئين پريزيڊنٽ محترم ڊاڪٽر بيگم اشرف عباسي هئي ۽ ميمبرن ۾ پيپلس پارٽي جا
سرڪردا اڳواڻ شامل هئا جن ۾ مسٽر عبدالرزاق سومرو، مرحوم چاڪر علي خان جوڻيجو،
مرحوم عبدالواحد سومرو، مرحوم نيڪ محمد ڀٽو، حاجي منور علي عباسي، غلام مجتبيٰ
اسراڻ، مرحوم نظر محمد لغاري ۽ ٻيا ميمبر هئا.
سيد ديدار حسين شاهه ۱۹۷۹ع کان ۱۹۸۳ع تائين ڊسٽرڪٽ
ڪائونسل جو منتخب ميمبر رهيو ۽ ضلعي ورڪس ڪائونسل جو منتخب چيئرمين رهيو. ۱۹۷۹ع کان ۱۹۸۷ع تائين تعلقي
ڪائونسل جو چيئرمين رهيو ۽ ۱۹۸۷ع کان ۱۹۹۱ع تائين تعلقي
ڪائونسل جو چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو ميمبر رهيو. سيد ديدار حسين شاهه ۳۰-۱۱-۱۹۸۸ کان ۰۶-۰۸-۱۹۹۰ تائين ۽ ۰۴-۱۱-۱۹۹۰ کان ۱۹-۰۷-۱۹۹۳ تائين صوبائي اسيمبلي سنڌ جو منتخب ميمبر رهيو.
سندس مقابلي ۾ ممتاز علي ڀٽو هيو، جنهن اليڪشن هارائي. سيد ديدار حسين شاهه پيپلس
پارٽي جي ٽڪيٽ تي ٻئي اليڪشنون لڙيون هيون. سنڌ اسيمبلي جو رڪارڊ، پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرونڪ
ميڊيا ٻڌائي ٿي ته شاهه صاحب سنڌ اسيمبلي ۾ سوال به تمام گهڻا پڇيا جن جا جواب
لاڳاپيل کاتن کان ورتا ويا ۽ سنڌ جي عام ماڻهوءَ جي ڀلائيءَ لاءِ ريزوليوشن ۽
تجويزون ڏنيون ۽ پاس ڪرايون جن ۾ سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن تان عامر ضياءُالحق جي
لڳل بندش کي متفقه ريزوليوشن پاس ڪرائي ان کي ختم ڪرايو.ريڊيو ۽ ٽي وي تي سنڌي
پروگرامن کي وڌيڪ وقت ڏياريون ۽ هر سنڌ جي اهم مسئلن کي اجاگر ڪيو ۽ سنڌ جي عام
ماڻهن جي ڀلائي عمل ۾ آندي.
تاريخ ۰۶-۰۶-۱۹۹۴ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل جج طور قسم کنيو.
بعد ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ججز ڪيس ۱۹۹۶ع جي روشني ۾ سندس مقرري ڪنفرم
ڪئي وئي. تاريخ ۰۴-۰۹-۱۹۹۶ کان ۲۷-۰۴-۲۰۰۰ تائين ڪسٽم ۽
ٽيڪسيشن سنڌ صوبي جو اسپيشل جج (اپيليٽ ڪورٽ) طور به فرائض انجام ڏنا.
تاريخ ۰۴-۰۲-۲۰۰۰ تي چيف جسٽس آف سنڌ هاءِ ڪورٽ طور قسم کنيو ۽ ۲۷-۰۴-۲۰۰۰ تائين سنڌ هاءِ
ڪورٽ جي چيف جسٽس طور ڪم ڪيو. تاريخ ۲۸-۰۴-۲۰۰۰ تي سيد ديدار حسين
شاهه سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي جج طور ڪم قسم کنيو ۽ ۱۰-۱۲-۲۰۰۴ تي پنهنجو مدو پورو
ڪري ۶۵ سالن جي عمر ۾ رٽائر ٿيو.
پهرئين جنوري ۲۰۰۵ع کان ۷ آڪٽوبر ۲۰۱۰ع تائين پرسٽن
يونيورسٽي ڪراچي ۾ پرو چانسلر طور ڪم ڪيو. جڏھن ته تاريخ ۸ آڪٽوبر ۲۰۱۰ع کان ۱۰ مارچ ۲۰۱۱ع تائين نيشنل
اڪائونٽبلٽي بيورو ۾ چيئرمين طور ڪم ڪيو ۽ سپريم ڪورٽ هڪ تڪراري فيصلو ڪري شاهه
صاحب جي چيئرمين نيب طور مقرري کي ڪلعدم قرار ڏنو. جڏھن ته پاڻ ھاڻ ۰۱-۰۴-۲۰۱۱ کان پرو چانسلر پرنسٽن
يونيورسٽي طور فرض انجام ڏئي رهيو آهي. سندس ۽ خاندان جو سماجي ۽ سياسي ڪيل خدمتون
نمايا آهن ۽ وڪيل، ايم اپي اي ۽ جج جي حيثيت ۾ به سندس ڪردار سٺي ساراهه جوڳو ۽ بي
داغ رهيو آهي.
سيد ديدار حسين شاهه
بڙ جي گهاٽي ڇانو جهڙو شخص
اي آر سولنگي
ميڊيا
جي اُڏامندڙ خبرن ۾ هُن کي جيالو جج ڪوٺيو ويندو هُئو، اڳتي هلي شايد سنڌ سندس اهو
تاثر ۽ حوالو قبولي ها، جيڪو اڄ جيالن جو جڙيو آهي. سڄي سنڌ موهن جو دڙو آهي، ان ڪري
هاڻ سڄي سنڌ جي تباهيءَ تي فخر ڪرڻ جو سبب اسان کي جيالن مُيسر ڪري ڏنو آهي پر ان
سڀ کان اڳ هُن جيالو بڻجڻ کان لنوايو. هُن پنهنجو شخصي منصب اهم سمجھيو.
هُو جج
به بڻيو ۽ هُن اهو ثابت ڪيو ته جج جو منصب ڇا هجڻ گھرجي، ان لاءِ جڳ مشهور ڪالم نگار
“اردشير ڪائوسجيءَ” جوئي جڳ مشهور جملو، هُن جي آتم ڪٿا ۾ موجود آهي، ٻيءَ طرح هُن
جيالن جي جياپي لاءِ پنهنجي اڇن ڪپڙن ۽ بليڪ ڪوٽ تي ڪوبه داغ لڳڻ نه ڏنو ۽ مخالفن
کي مناسب ۽ گھربل انصاف ڏيئي، پنهنجي منصب (جج واري)جي آبرو رکي. هونئَن هن ملڪ ۾
ججن جيڪا پنهنجي پيشي جي آبرو رکي آهي ان جا به ڪي ڪارا چٺا ۽ اَڇا اکر اُن آتم ڪٿا
۾ آهن جنهن جو مان ذڪر ڪرڻ گھران ٿو.
هُن
آبرو دار شخص جي آتم ڪٿا، انهن لاءِ به اعزازي مرتبو رکندڙ بڻجي پئي آهي، جيڪي
سياسي توڻي نظرياتي طور ساڻس سهمت نه آهن ۽ انهن لاءِ ڏکوئيندڙ بڻجي پئي آهي، جيڪي
کيس نظرياتي طور ويجھو سمجھن ٿا، جيتوڻيڪ انهن جو نظريو ڪو به نه آهي، سواءِ بُک
مِٽائڻ جي، جيڪا هُنن جي زندگيءَ ۾ مٽجڻي نه آهي ۽ جنهن لاءِ هنن قوم، رنگ، نسل،
آداب، اخلاق ۽ وطن سميت سڀ ڪجھه قربان ڪرڻ جو سوچي رکيو آهي.
ٻئي
طرف هيءُ شخص آهي، جنهن پنهنجو جنم سجايو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته هُو سمجھي ٿو ته هڪ
شخص کي هڪ جنم ملندو آهي ۽ ٻيو جيڪو جنم هوندو آهي ان ۾ هُو پنهنجي پهرئين جنم جي ڪمائي
کائيندو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو سندس آخري جنم هوندو، هُو ڪائنات ۾ هڪ ئي جنم وٺندو آهي
۽ پوءِ ڪيترا ئي جنم ان جنم جي کٽئي تي جيئندو آهي، پنهنجي اولاد جي صورت ۾ پنهنجي
عمل جي صورت ۾، پنهنجي ڪارنامن جي صورت ۾ ۽ پنهنجي تخليق جي صورت ۾.
پڪَ
سان هُو اڄ تائين اهو جنم جي رهيو آهي جيڪو کيس ڌڻي سائينءَ اڄ جي ڏينهن کان شروع ڪيو
هُئو. ڇاهتر سال اڳ ۾ باقي جنم هُو ڪئين جيئندو، اهي سندس اهي عمل آهن، جيڪي هُن
انسانن لاءِ ڪيا آهن، جن جو ذڪر مان مٿي ڪري آيو آهيان، انهن تي اعتبار ڪرڻ لاءِ سندس
هٿ اکر لکيل دستاويز اڄ سنڌ جي اڻ ڳڻين پڙهيل لکيل ماڻهن وٽ موجود آهي. جنهن جو
نالو آهي “گوندر ويا گذري”.
ٻيءَ
طرح جن شخصن جي هُن سان ويجھڙائي رهي آهي، اهي سڀ ڄاڻن ٿا ۽ جيڪي وڌيڪ ڄاڻن چاهين ٿا،
انهن لاءِ رڳو ايترو سمجھائڻ گھڻو آهي ته سج جڏهن ٽامڻي هڻي ويندو آهي، هُن جي
موجودگي تارونءَ مٿان محسوس ٿيندي آهي، تڏهن بڙَ جي ڇانوَ وڌيڪ ٿڌي ٿي ويندي آهي،
اُهي اجھي جو احساس ڏيارڻ لڳندا آهن، ايئن ڪي شخص به هوندا آهن، جن جي ڇانوَ ۾
ويهي پنهنجائپ جي ٿڌاڻ محسوس ٿيندي آهي. مون پنهنجي اڌ صديءَ کي رسندڙ عُمر ۾ ڪي
اهڙا شخص ضرور ڏٺا آهن ۽ انهن جي پاڇي جي ڇانوَ جو احساس به ماڻيو آهي، شايد اُهي
منهنجا ڀاڳ آهن ۽ اهڙا ڀاڳ ڪن ٿورن جي نصيب ۾ ايندا آهن ۽ پڪ سان اهڙن شخصن لاءِ ئي
شايد ڀٽائي چيو هُئو ته:
تان ڪي
ساڻن اور، جان آهن اوطاقن ۾،
ڏهه ڏهه
ڀيرا ڏينهن ۾، پاڻُ مٿانئُن گھور،
ويا جي
هنگلور، ڪرمَ ملندءِ ڪاپڙي.
اڄ جي
نسل کي، اهڙن شخصن سان ڪي گھڙيون ويجھو ٿي گھارڻ گھرجن، شايد اڄ جي تيز ڊوڙندڙ ۽
رشتن جي، ڀتين جيان ڀوريندڙ ۽ شخص جو شخص مان اعتبار ختم ڪندڙ دور ۾ کين جيئڻ جو
اُتساهه ملي وڃي، سنڌ جي ثقافتي قدرن ۾ اعتبار موٽي اچي. ماڻهپي جو مرتبو مٿانهون ڏسڻ
۾ اچي ۽ انهن قدرن سان سنڌ جي تهذيبي سفر تي نئين سِري کان سوچڻ شروع ڪن. پڪ سان
ايندڙ وقت ۾ اهو سڀ شايد نه ملي سگھي. اڄ کين ڪُجھه ملي سگھي.
اڄ جي ڏهاڙي
يارهين ڊسمبر اُڻيهه سئو اوڻيتاليهن تي سنڌ کي هڪ اهڙو شخص نصيب ٿيو هُئو، جنهن جو
نالو... پر نالن ۾ ڇا رکيو آهي، ان نالي سان ۽ زات سان سنڌ ۾ ڪيترا ئي ٻيا شخص به ٿي
سگھن ٿا. اهي سڀ اهڙا هوندا ڇا؟.. جن جو نالو کڻڻ سان سنڌ جي صدين جي پنهنجائپ،
سهپ، بُردباري ۽ پاٻوهه هڪ ئي وقت دل ۾ محسوس ٿئي، ڀٽائيءَ سنڌ جي محبوب شاعر اُن
جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
ڪنهن ڪنهن
ماڻهوءَ منجھه، اچي بوءِ بهار جي.
ڪنهن جي
نالي کڻڻ سان بهار جي مُند جو احساسُ ٿئي، سڀني نالن کڻڻ سان ائين نه ٿيندو آهي.
اڄ جي
تاريخ ۾ اهڙو نالو کڻدي گھڙيءَ کن لاءِ ٿڌي ڇانوَ جو احساس ماڻيندي. احترام ۽
عقيدت سان مان لکڻ چاهيان ٿو.
سنسار
جا ڪيترا ئي لقب چيف جسٽس تائين سندس نالي جي اڳيان توڻي نالي جي پٺيان جڙيل آهن،
پر مون کي انهن سڀني جي نسبت غير اهم لڳي ٿي، سنساري ماڻهن لاءِ انهن جي اهميت هوندي،
ڇاڪاڻ ته انهن جو واسطو انهن لفظن ۽ منصبن سان آهي، پر مون کي اهو لکندي بيحد آٿت
ملي ٿو ته هُو، اسان لاءِ، مون لاءِ سائين ديدار حسين شاهه آهي. ڇاڪاڻ ته انهن
لفظن ۾ جيڪا پنهنجائي آهي مان انهن جي گرمي محسوس ڪرڻ گھران ٿو ۽ ان ئي گرمجوشيءَ مان
اڄ سندس اٺهترهين جنم ڏڻ تي کيس اڻ ڳڻيون مبارڪيون ڏيان ٿو. سنڌ کيس جنهن به طريقي
سان نيڪ خواهشون موڪلي، اهو ان جو مسئلو آهي، هُو مون لاءِ “سائين” آهي، اڄ سندس ڄمڻ
ڏينهن آهي، پاڻ وڏي ڄمار ۽ سٺي صحت ماڻي، اهڙي خواهش سانڍيندي گھڻيون دعائون.
ديدار حسين شاهه
سبقن جهڙو سائين
زرار پيرزادو
اها ڪيڏي
نه افسوس جي ڳالهه آهي ته جسٽس (ر) ديدار حسين شاهه جو گذريل ۱۱
ڊسمبر وارو جنم ڏينهن “خاموشي” سان يعني سنڌ سطح تي “ملهائڻ”
بنا گذري ويو.
جسٽس
ديدار حسين شاهه صاحب جن رڳو رٽائر جج ئي ناهن پر پاڻ پنهنجي ذات ۾ ماڻهپي، مهذب پڻي،
اخلاقي ۽ انساني قدرن ۽ روايتن جا هانوَ ۾ سانڍڻ جهڙا سدا بهار “سبق” به آهن.
سائين
جن پنهنجي زندگي “ٻين جي ڀلائي”لاءِ منسوب ڪري ڏيکاري آهي.ان سبق جو جيترو قدر ڪجي
۽ ان مان جيترو لاڀ ماڻي سگهجي سو ماڻڻ گهرجي.
اهڙي ڪنهن
سالگره تقريب جي جسٽس ديدار حسين شاهه صاحب کي ذاتي طور تي يقينن نه ڪا طلب آهي نه
ئي ڪا تمنا اٿن پر پنهنجن محسن کي جيئري مڃتا ڏيڻ واري روايت قائم ڪرڻ جي اصل ۾
اسان کي ضرورت آهي.
اسان
الائي ڇو پنهنجي اکين مٿان بي حسي، بي قدري ۽ بي شناسي جون پٽيون اکين تي ٻڌي ڇڏيندا
آهيون ۽ پوءِ اهي تڏهن لاهيندا آهيون جڏهن اهي اسان جا گهڻ گهُرا هن جهان ۾ نه
رهندا آهن،
جسٽس
(ر) ديدار حسين شاهه ته پنهنجي شخصي تاريخ ٺهندي پنهنجي اکين سان ڏسي چڪو آهي ۽ پنهنجي
آتم ڪٿا جي ٻن ڪتابن “گوندر گذري ويا” ۽ “سکن لڌي سار” ۾ پاڻ کي ۽ پنهنجي دور ۽ ان
دور جي تاريخ ۽ ڪردارن کي قلمبند به ڪري چڪو آهي.
پاڻ وڏن
وڏن عهدن ۽ رتبن تي رهي چڪا آهن، سنڌ هاءِ ڪورٽ جا جج، سنڌ هاءِ ڪورٽ جا چيف جسٽس،
نيب جا چيئرمين رهي چڪا آهن. لاڙڪاڻي جا پهريان جج رهيا آهن جن کي سپريم ڪورٽ جي
جج ٿيڻ جو اعزاز حاصل آهي.
پاڻ سنڌ
اسيمبلي جا انتهائي سرگرم ميمبر رهي چڪا آهن ۽ ان حيثيت ۾ يادگار ڪم سندن ريڪارڊ
تي اچي چڪا آهن.
پاڻ
اسيمبلي ميمبر طور سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ۾ سرڪاري ملازمن جي ميمبر شپ ضياءَ دور
۾ تي لڳل پابندي ختم ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ منظور ڪرايو ۽ ٽي وي ريڊيو تان سنڌي پروگرامن
جو وقت وڌائڻ جو ٺهراءُ منظور ڪرايو.
ايئن
سائين جون اڻ ڳڻيون سياسي ۽ سماجي خدمتون آهن، پاڻ نه نعرا هنيائون نه تقريرون ڪيائون،
نه بيان ڏنائون ۽ نه ئي انٽرويو ڏنا پر سندن ڪم ڳالهائيندا ۽ ڳائيندا وتندا آهن. ڇاڪاڻ
ته ديدار حسين شاهه صاحب ماڻهپي جي انهن ڪلاسيڪل قدرن جي آخري نشانين مان هڪ آهن
جيڪي ٻين جي ڀلائيءَ جا ڪم ان اصول تحت ڪندا آهن ته “ساڄي هٿ سان ڪيل نيڪي جي ڪم
جي کاٻي هٿ کي به جيڪر ڪلَ نه پوي”.
ديدار
حسين شاهه صاحب، جن وڏن سماجي ۽ پنهنجي مدد پاڻ جي بنياد تي قائم ٿيل ادارن کي پاڻڀرو
ڪيو يا ڏکئي وقت ۾ سندن مدد ڪئي تن کي ته “پروڙ” آهي ته ديدار حسين شاهه صاحب ساڻن
ڪهڙو، ڪيئن ۽ ڪيترو پير کنيو آهي. ڇا انهن ادارن جي سربراهن جوا هو فرض ناهي ته
اهي پنهنجي ان “گهڻ گهري” جي سالگره تقريب ملهائي سندن ٿورا لاهي ته ڀلي نه سگهن
پر گهٽ ۾ گهٽ سندن “ڳُڻ” ڳائڻ جي اخلاقي جرئت ڏيکارين.
ديدار
حسين شاهه صاحب واقعي به ڀٽائي صاحب جي هن شعري سٽ جهڙا آهن ته “ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ
منجهه اچي بوءِ بهار جي”
“ بهارجي
بوءِ”جا ماڻهپي وارا قدر جيڪي هاڻي هڪ هڪ ٿي اسان جي سماج مان غائب ٿي رهيا آهن، سي
سڀ جا سڀ هن شخصي وجود مان چشمي جيان ڦٽندي ٻين کي سيراب ڪندا نظر اچن ٿا.
چوندا
آهن ته وڏو ماڻهو اهو هوندو آهي جنهن جي محفل ۾ ويهندي اسان کي ننڍي هئڻ جو احساس
نه ٿئي. ديدار حسين شاهه صاحب جن به اهڙين ئي محفلن جا مُهندار آهن.
پري کان
ڏسبو ته سندن لاءِ هڪ “رعبدار” ۽ “خشڪ قسم” جي طبعيت جو ڏيک ملندو پر ڳالهائي ڏسبو
ته صفا فقير، درويش ۽ قلندر صفت ماڻهو پاڻ کي ملندو.
سائين
جي اڻ ڳڻين خوبين مان “قدر شناسي” پڻ نمايان آهي. عام ماڻهو پيرن، وڏيرن ۽ اڻ پڙهيل
ماڻهن جو قدر ڪندا آهن، کين پيرين پوندا آهن پر جسٽس ديدار حسين شاهه جيئن ته غير
روايتي انسان آهن تنهن ڪري پاڻ اهل قلم ۽ اهل علم ماڻهن، ليکڪن، اديبن، صحافين ۽
دانشورن جو تمام گهڻو قدر ڪندا آهن.
هاڻي
اهو سندن معمول رهيو آهي ته پاڻ اخبارن ۾ ڇپجندڙ ڪالم ۽ مضمون لکندڙن کي فون ڪري
نه رڳو سندن موقف تي پنهنجي قيمتي راءِ ڏيندا آهن پر سندن همٿ ۽ عزت افزائي پڻ ڪندا
آهن.
اڄ
سائين ديدار حسين شاهه عمر جي ان حصي ۾ آهن جنهن ۾ کين جيتري به تعظيم ڏئي سگهجي،
جيترو به مان ڏئي سگهجي، جيڪو به خراج ۽ خوشي ڏئي سگهجي سو دل کولي ڏيڻ گهرجي.
سو نوٽ
ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته جيئري مڃتا ڏيڻ واري روايت جو قائل ڀٽائي صاحب به هو جنهن
چيو هو ته “رهيا اٿئي رات، صبح ويندئي صابري” يا وري اهو به ڏس ڏئي ويا ته “ جيڪي
مئي ڪنداس سو جانب ڪريو جيئري”.
سيد ديدار
حسين شاهه
يارھين
۱۱ ڊسمبر
تي ٿيندڙ سالگرهه جي حوالي سان بڙ جي ٿڌي ڇانو جهڙو شخص
رکيل مورائي
شيخ سچ لکيو آهي؛
”جڏهن سج ٽامڻي هڻندو آهي، تڏهن بڙ جي ڇانوَ وڌيڪ گهاٽي ٿي ويندي آهي،“ بلڪل ائين
اڄ جڏهن حڪومت جي آس پاس رهندڙ ننڍڙا شخص پاڻ کي ديوقامت سمجهي رهيا آهن، تڏهن سچ
پچ سيد ديدار حسين شاهه جهڙا وڏو سوچيندڙ وڏا ماڻهو پنهنجي هڪ ننڍڙي ڪنڊ وٺي آساس ڪندا
آهن، اها ٻي ڳالهه آهي ته هر عمر جون پنهنجون ادائون هونديون آهن پر عمر کي اهو ضرور
خيال ڪرڻ کپي ته جيڪي گهڻن جي چڱائيءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ هوندا آهن. انهن کي گهڻو
عرصو ملڻ کپي ۽ سٺي صحت سان جيئڻ لاءِ انهن کي سڀ وسيلا ميسر ڪري ڏنا وڃن، ڇاڪاڻ
ته انهن جي خوش هجڻ سان گهڻن ئي ماڻهن جي خوشي لاڳاپيل هوندي آهي، سائين ديدار حسين شاهه پڪ سان اهڙن شخص
مان آهي. جيتوڻيڪ ڪو وقت اهو به هئو جڏهن ميڊيا جي اُڏامندڙ خبرن ۾ هُن کي جيالو
جج ڪوٺيو ويندو هُئو، اڳتي هلي شايد سنڌ سندس اهو تاثر ۽ حوالو قبولي ها، جيڪو اڄ
جيالن جو جڙيو آهي. سڄي سنڌ موهن جو دڙو آهي، ان ڪري هاڻ سڄي سنڌ جي تباهيءَ تي
فخر ڪرڻ جو سبب اسان کي جيالن مُيسر ڪري ڏنو آهي پر ان سڀ کان اڳ هُن جيالو بڻجڻ
کان لنوايو. هُن پنهنجو شخصي منصب اهم سمجھيو.
ٻيءَ طرح هُن جيالن
جي جياپي لاءِ پنهنجي اڇن ڪپڙن ۽ بليڪ ڪوٽ تي ڪوبه داغ لڳڻ نه ڏنو ۽ مخالفن کي مناسب
۽ گھربل انصاف ڏيئي، پنهنجي منصب (جج واري)جي آبرو رکي. هونئَن هن ملڪ ۾ ججن جيڪا
پنهنجي پيشي جي آبرو رکي آهي ان جا به ڪي ڪارا چٺا ۽ اَڇا اکر اُن آتم ڪٿا ۾ آهن
جنهن جو مان ذڪر ڪرڻ گھران ٿو.
هُن آبرو دار شخص
جي آتم ڪٿا، انهن لاءِ به اعزازي مرتبو رکندڙ بڻجي پئي آهي، جيڪي سياسي توڻي
نظرياتي طور ساڻس سهمت نه آهن ۽ انهن لاءِ ڏکوئيندڙ بڻجي پئي آهي، جيڪي کيس
نظرياتي طور ويجھو سمجھن ٿا، جيتوڻيڪ انهن جو نظريو ڪو به نه آهي، سواءِ بُک مِٽائڻ
جي، جيڪا هُنن جي زندگيءَ ۾ مٽجڻي نه آهي ۽ جنهن لاءِ هنن قوم، رنگ، نسل، آداب،
اخلاق ۽ وطن سميت سڀ ڪجھه قربان ڪرڻ جو سوچي رکيو آهي.
ٻئي طرف هيءُ شخص آهي،
جنهن پنهنجو جنم سجايو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته هُو سمجھي ٿو ته هڪ شخص کي هڪ جنم ملندو
آهي ۽ ٻيو جيڪو جنم هوندو آهي ان ۾ هُو پنهنجي پهرئين جنم جي ڪمائي کائيندو آهي، ڇاڪاڻ
ته اهو سندس آخري جنم هوندو، هُو ڪائنات ۾ هڪ ئي جنم وٺندو آهي ۽ پوءِ ڪيترائي جنم
ان جنم جي کٽئي تي جيئندو آهي، پنهنجي اولاد جي صورت ۾ پنهنجي عمل جي صورت ۾، پنهنجي
ڪارنامن جي صورت ۾ ۽ پنهنجي تخليق جي صورت ۾.
پڪَ سان هُو اڄ
تائين اهو جنم جي رهيو آهي جيڪو کيس ڌڻي سائينءَ اڄ جي ڏينهن کان شروع ڪيو هُئو. ڇاهتر
سال اڳ ۾ باقي جنم هُو ڪئين جيئندو، اهي سندس اهي عمل آهن، جيڪي هُن انسانن لاءِ ڪيا
آهن، جن جو ذڪر مان مٿي ڪري آيو آهيان، انهن تي اعتبار ڪرڻ لاءِ سندس هٿ اکر لکيل
دستاويز اڄ سنڌ جي اڻ ڳڻين پڙهيل لکيل ماڻهن وٽ موجود آهي. جنهن جو نالو آهي
”گوندر ويا گذري“.
ٻيءَ طرح جن شخصن جي
هُن سان ويجھڙائي رهي آهي، اهي سڀ ڄاڻن ٿا ۽ جيڪي وڌيڪ ڄاڻن چاهين ٿا، انهن لاءِ رڳو
ايترو سمجھائڻ گھڻو آهي ته سج جڏهن ٽامڻي هڻي ويندو آهي، هُن جي موجودگي تارونءَ مٿان
محسوس ٿيندي آهي، تڏهن بڙَ جي ڇانوَ وڌيڪ ٿڌي ٿي ويندي آهي، اُهي اجھي جو احساس ڏيارڻ
لڳندا آهن، ايئن ڪي شخص به هوندا آهن، جن جي ڇانوَ ۾ ويهي پنهنجائپ جي ٿڌاڻ محسوس ٿيندي
آهي. مون پنهنجي اڌ صديءَ کي رسندڙ عُمر ۾ ڪي اهڙا شخص ضرور ڏٺا آهن ۽ انهن جي پاڇي
جي ڇانوَ جو احساس به ماڻيو آهي، شايد اُهي منهنجا ڀاڳ آهن ۽ اهڙا ڀاڳ ڪن ٿورن جي
نصيب ۾ ايندا آهن ۽ پڪ سان اهڙن شخصن لاءِ ئي شايد ڀٽائي چيو هُئو ته:
تان ڪي ساڻن اور،
جان آهن اوطاقن ۾،
ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن
۾، پاڻُ مٿانئُن گھور،
ويا جي هنگلور، ڪرمَ
ملندءِ ڪاپڙي.
اڄ جي نسل کي، اهڙن
شخصن سان ڪي گھڙيون ويجھو ٿي گھارڻ گھرجن، شايد اڄ جي تيز ڊوڙندڙ ۽ رشتن جي، ڀتين
جيان ڀوريندڙ ۽ شخص جو شخص مان اعتبار ختم ڪندڙ دور ۾ کين جيئڻ جو اُتساهه ملي وڃي،
سنڌ جي ثقافتي قدرن ۾ اعتبار موٽي اچي. ماڻهپي جو مرتبو مٿانهون ڏسڻ ۾ اچي ۽ انهن
قدرن سان سنڌ جي تهذيبي سفر تي نئين سِري کان سوچڻ شروع ڪن. پڪ سان ايندڙ وقت ۾
اهو سڀ شايد نه ملي سگھي. اڄ کين ڪُجھه ملي سگھي.
اڄ جي ڏهاڙي يارهين
ڊسمبر اُڻيهه سئو اوڻيتاليهن تي سنڌ کي هڪ اهڙو شخص نصيب ٿيو هُئو، جنهن جو نالو...
پر نالن ۾ ڇا رکيو آهي، ان نالي سان ۽ زات سان سنڌ ۾ ڪيترائي ٻيا شخص به ٿي سگھن ٿا.
اهي سڀ اهڙا هوندا ڇا؟.. جن جو نالو کڻڻ سان سنڌ جي صدين جي پنهنجائپ، سهپ، بُردباري
۽ پاٻوهه هڪ ئي وقت دل ۾ محسوس ٿئي، ڀٽائيءَ سنڌ جي محبوب شاعر اُن جي تصديق ڪري ڇڏي
آهي.
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ
منجھه، اچي بوءِ بهار جي،
ڪنهن جي نالي کڻڻ
سان بهار جي مُند جو احساسُ ٿئي.
سڀني نالن کڻڻ سان
ائين نه ٿيندو آهي. اڄ جي تاريخ ۾ اهڙو نالو کڻدي گھڙيءَ کن لاءِ ٿڌي ڇانوَ جو
احساس ماڻيندي. احترام ۽ عقيدت سان مان لکڻ چاهيان ٿو.
سنسار جا ڪيترائي لقب
چيف جسٽس تائين سندس نالي جي اڳيان توڻي نالي جي پٺيان جڙيل آهن، پر مون کي انهن سڀني
جي نسبت غير اهم لڳي ٿي، سنساري ماڻهن لاءِ انهن جي اهميت هوندي، ڇاڪاڻ ته انهن جو
واسطو انهن لفظن ۽ منصبن سان آهي، پر مون کي اهو لکندي بيحد آٿت ملي ٿو ته هُو،
اسان لاءِ، مون لاءِ سائين ديدار حسين شاهه آهي. ڇاڪاڻ ته انهن لفظن ۾ جيڪا پنهنجائي
آهي مان انهن جي گرمي محسوس ڪرڻ گھران ٿو ۽ ان ئي گرمجوشيءَ مان اڄ سندس جنم ڏڻ تي
کيس اڻ ڳڻيون مبارڪيون ڏيان ٿو. سنڌ کيس جنهن به طريقي سان نيڪ خواهشون موڪلي، اهو
ان جو مسئلو آهي، هُو مون لاءِ ”سائين“ آهي، اڄ سندس ڄمڻ ڏينهن آهي، پاڻ وڏي ڄمار
۽ سٺي صحت ماڻي، اهڙي خواهش سانڍيندي گھڻيون دعائون.
No comments:
راءِ ڏيندا