; سنڌي شخصيتون: قاضي فيض محمد

01 December, 2016

قاضي فيض محمد

قاضي فيض محمد

دوئي بنڌو يعني ٻه دوست

پروفيسر منتصر مامون



عوامي ليگ لاءِ اسان وٽ مجموعي تاثر اهو آهي ته آزاديءَ کان اڳ مشرقي پاڪستان واري عوامي ليگ.... جيڪو غلط آهي. ان وقت ٻه صوبا هوندا هئا، هڪڙو مشرقي ته ٻيو مغربي پاڪستان. ان ٻنهي جي مٿان هوندي هئي آل پاڪستان عوامي ليگ، ان جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي ان جو صدر شهيد سهروردي هوندو هو. جنهن کانپوءِ نصرالله خان ان جو صدر ٿيو. اسان جي چئن وڏن قومي ليڊرن مان هڪ قمرالزمان ان جو ۱۹۶۹ع ڌاري جنرل سيڪريٽري هو. آل پاڪستان عوامي ليگ جو مرڪزي دفتر ۵۱ پرانا پلٽن ڊاڪا ۾، جڏهن ته ٻي آفيس ۲۱ اونگزيب مارڪيٽ پورٽ روڊ ڪراچي ۾ هوندي هئي. ..... قاضي فيض محمد پاڪستان عوامي ليگ جي اهم ترين ليڊرن مان هڪ هو، هو پاڪستان عوامي ليگ جو سينيئر نائب صدر هو، پاڻ بنگا بنڌو کان عمر ۾ ڏهه سال وڏو هوندي به بنگا بنڌو کي پنهنجو ليڊر مڃيو هو.


قاضي فيض محمد ۱۹۰۸ع ۾ هالاڻيءَ جي هڪ پڙهيل ڳڙهيل مڊل ڪلاس گهر ۾ جنم ورتو. هالاڻي، نوشهرو فيروز ضلعي اندر هڪ ننڍڙو شهر آهي، جيڪو ارڙهين صديءَ ڌاري سنڌ جو ڪيپيٽل هو. LLB جي سند حاصل ڪرڻ سان ئي هو سياست ۾ تمام متحرڪ ٿي ويو. هن ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي غريب هارين جي جدوجهد شروع ڪئي ۽ پوءِ جلدي هن جي سڃاڻپ هارين جي ليڊر طور ٿيڻ لڳي. ان کانپوءِ هن عوامي ليگ جي سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو پر اها خبر نه ٿي پوي ته اهو ڪهڙو سن هو، جڏهن هن عوامي ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي. قاضي فيض محمد ون پونٽ ٽوڙائڻ ۾ تمام مک ڪردار ادا ڪيو، هن سنڌي ۾ ووٽر لسٽون ڇپجڻ ۽ ون يونٽ کي ٽوڙڻ جو مطالبو ڪيو ۽ شاگردن جي اهڙي جدوجهد ۾ پاڻ کي به شامل ڪري ڇڏيو. جيل اسپتال ۾ هو مرڻ گهڙين جي تمام ويجهو اچي چڪو هو. جنرل يحيٰ ذوالفقار علي ڀٽو کي نياپو ڏئي قاضي فيض محمد ڏانهن موڪليو ته هو ان کي اها خاطري ڪرائي ته سندس مطالبن کي مڃيو ويندو پر قاضي فيض محمد، ڀُٽي صاحب کي اهو چيو ته هو پنهنجي هڙتال تيستائين ختم نه ڪندو، جيستائين مطالبا مڃڻ جو اعلان نه ٿو ٿئي. جڏهن ريڊيو تي ون يونٽ ٽٽڻ ۽ ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ٺهڻ جو اعلان ٿيو، تنهن کان پوءِ وڃي قاضي فيض محمد پنهنجي بک هڙتال ختم ڪئي.

يقينًا مغربي پاڪستان ۾ عوامي ليگ جي سرگرمين بنگابنڌو کي متاثر ڪيو. بنگابنڌو جي نياڻيءَ شيخ حسينه واجد هڪ دفعي چيو هو ته، قاضي فيض محمد بنگالي هجي ها اگر هو سنڌي نه هجي ها. قاضي فيض محمد، سنڌي ادب ۾ پنهنجو مقام رکي ٿو. هن ڪل اٺ ڪتاب لکيا، جن ۾ ٽي ناول ۽ سندس جنم ڪٿا اچي ٿي. هو ۱۳ آڪٽوبر ۱۹۸۲ تي گذاري ويو.

قاضي فيض محمد ۱۹۷۱ع ۾ ڍاڪا آيو ته جيئن بنگابنڌو جون NAP سان ٿيندڙ ڳالهين ۾ سندس معاونت ڪري سگهي. هن ۳۲ دهان سنڊيءَ ۾ ۲۴ مارچ تي ملاقات ڪئي. ان بعد حالتون خراب ٿي ويون. بنگا بنڌو هن کي هڪدم ڍاڪا ڇڏي وڃڻ لاءِ چيو يا ٻي صورت ۾ هن جو ڍاڪا ۾ رهڻ جو بندوبست ڪيو ويندو. هن کي اهو به ٻڌايو ته تاج الدين ۽ قمر زمان سرحد پار ڪري گهڻي ڀاڱي ويا هوندا، جڏهن ته هو ليڊر آهي، ان ڪري ڀڄي وڃڻ کان گرفتار ٿيڻ کي ترجيح ڏيندو. ٻئي ڏينهن قاضي فيض محمد ڪولمبو ذريعي ڪراچيءَ روانو ٿي ويو.

۱۹۷۰ع ۾ قاضي فيض محمد، آصف زرداريءَ جي والد خلاف مقابلو ڪيو. ذوالفقار علي ڀٽو قاضي فيض سان ملڻ لاءِ نوابشاهه هن جي گهر ترسيو ۽ چيائين ته هو پارليامينٽ واري سيٽ هن کي ڏيندا، اگر هو اليڪشن تان هٿ کڻي ۽ عوامي ليگ ڇڏي. قاضي فيض محمد سندس اهڙي آڇ کي خاطر ۾ ئي نه آندو. هڪ ٻيو عظيم رهنما، جي ايم سيد پڻ اليڪشن ۾ بيٺو هو، جنهن کي پڻ ذوالفقار علي ڀٽو ساڳي آڇ ڪئي هئي. سيد پڻ سندس اهڙي آڇ کي رد ڪري ڇڏيو. ..... قاضي فيض محمد اها اليڪشن نه کٽي سگهيو. پاڪستان جو ليکڪ علي محمد راشدي لکي ٿو ته، ڪيترائي ليڊر عوامي ليگ لاءِ قطار لڳائي بيٺا هئا، ڇو ته کين پڪ هئي ته عوامي ليگ اقتدار ۾ ايندي، پر پوءِ سواءِ هڪڙي ماڻهوءَ جي ٻيا سڀ ڀڄي ويا. اهو هڪڙو ماڻهو هو قاضي فيض محمد. انهن خطرناڪ ڏينهن ۾ قاضي فيض محمد ۽ ماسٽر خان گل هڪڙو گڏيل بيان جاري ڪيو ته مشرقي پاڪستان جا سڀ مطالبا مڃيا وڃن.

۱۹۷۲ع ۾ قاضي فيض محمد پنهنجي ليڊر سان ملڻ لاءِ راولپنڊي ويو، پر جيئن ته بنگابنڌو جي اڏام جو ٽائيم اوچتو اڳتي ڪيو ويو، ان ڪري هو هن سان ڪو نه ملي سگهيو. پر پوءِ ڀٽي صاحب کيس نياپو ڏئي لنڊن موڪليو. قاضي فيض محمد اهو پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکي ٿو. ان نياپي ۾ اهو ته، ڇا بنگلا ديش ۽ پاڪستان ۾ ڪو رشتو رکون؟ ..... اسان سڀني کي ڄاڻ هوندي ته بنگابنڌو ان جي جواب ۾ ڇا چيو هوندو.

قاضي فيض محمد حمودالرحمان ڪميشن ۾ پنهنجي شاهدي بنگلاديش جي حمايت ۾ ڏني هئي. ۱۹۷۳ع ۾ هن پنهنجي زال سان گڏ پاڪستان ڇڏڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو، هن پنهنجي زمين وڪرو ڪئي ۽ پئسا جمع ڪيا. ڀٽو ان وقت اقتدار ۾ هو. حڪومت قاضي فيض محمد کي جهاز مان لاٿو. ۶۵ سالن جو پوڙهو شخص ان قدم تي سخت رنجيده ٿيو. ان بعد هن اڪيلي سر وڃڻ جو فيصلو ڪيو، هو لڪي بارڊر ڪراس ڪري هندستان پهتو، جتي هن کي حراست ۾ ورتو ويو. هن چيو ته هو بنگابنڌو جو دوست آهي. هندستان حڪومت هن جو بندوبست ڪيو ته جيئن هو ڍاڪا وڃي سگهي. هن بنگابنڌو سان ملاقات ڪئي. بنگابنڌو هن کي چيو ته اگر هو ڍاڪا رهڻ چاهي ۽ بعد ۾ پنهنجي ٻارن کي گهرائڻ چاهي ته ان ڏس ۾ گهربل انتظام ڪيا ويندا يا ٻي صورت ۾ بنگلاديش حڪومت سندس لنڊن وڃڻ جو سڀ خرچ برداشت ڪندي.

قاضي فيض محمد ڍاڪا ۾ ٿوڙو وقت رهڻ کان پوءِ ڪابل هليو ويو، جتان هو افغان پاسپورٽ حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو ۽ پوءِ اتان لنڊن هليو ويو. هو لنڊن ۾ هڪ سال رهيو ۽ پوءِ واپس پاڪستان پهچي ويو. شايد ان ڪري ته هن ۾ اٻاڻڪائي جو احساس پيدا ٿيو. ڀٽو حڪومت ان کي هڪدم گرفتار ڪيو، هن ڀٽو دور جو باقي حصو جيل ۾ گذاريو.

۱۹۷۹ع جنرل ضياءُ الحق واري زماني ۾ جيئي سنڌ شاگرد تنظيم، قاضي فيض محمد جي چوڻ تي بنگابنڌو جو جنم ڏينهن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ملهايو. گل محمد جکراڻي، جيڪو هن وقت قومي اسيمبلي ۾ پ پ جو چونڊيل ميمبر آهي، ان وقت ان شاگرد تنظيم جو حصو هو. جکراڻي ۽ قاضي فيض محمد، ٻنهي تي غداريءَ جو مقدمو درج ڪيو ويو...... جڏهن کان قاضي فيض عوامي ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي، تنهن کانپوءِ سندس ۱۹۸۹ وفات تائين هن ڪنهن به ٻي پارٽي ۾ شموليت ڪا نه ڪئي.

پنهنجي زندگيءَ ۾ قاضي فيض محمد سنڌ ۾ ترقي پسند قومپرست جي حيثيت تمام گهڻو سڃاتو ويندو هو، بنگابنڌو ۽ قاضي فيض محمد ۾ مثالي دوستي سيڪيولر جمهوري قدرن ۽ معصوم ماڻهن جي جياپي جي بنيادي اصول تي ٻڌل هئي، جيڪا هميشه عوامي ليگ جي تاريخ ۾ ياد ڪئي ويندي.


 

قاضي فيض محمد

عشق هو، چرچو نه هو، رونشو نه هو!

مهتاب اڪبر راشدي

اُستاد بخاريءَ جي هيءَ سٽ، شايد ان کاهوڙيءَ جي جذبن، محبتن، محنتن ۽ ڪاوشن سان ڪجهه انصاف ڪري سگهي، جيڪي سنڌ جي هن عاشق، جنهن کي سنڌ جا ماڻهو قاضي فيض محمد جي نالي سان سڃاڻن ٿا، سنڌ جي پيڙهيل طبقي، هارين، محنتين جي لاءِ ڪئي. هن جي زندگيءَ جا ڪيترا ئي پاسا آهن، ڪيترا ئي رخ آهن. شايد اڳتي هلي ڪو اهڙو وقت اچي، جڏهن ڪو شاگرد، سنڌ جي هڏ ڏوکي جي محنتن جي شناس رکندڙ، ايندڙ پيڙهين لاءِ، پورهيتن جي هن پاسبان جي خدمتن جو احاطو ڪري ۽ پڙهندڙن کي هن جي گهڻ رخي شخصيت کان وقف ڪرائي.

هو سياستدان ته هيو، پر سندس شمار ”بااصول“ سياستدانن ۾ ڪبو. ان ڳالهه تي زور ان ڪري پئي ڏيان، ته نه رڳو اڄ ڪلهه، پر ماضيءَ ۾ به، سياست، ذاتي مفادن جي لاءِ ئي اختيار ڪئي ويندي رهي آهي. باقي، غريب عوام لاءِ نعرا هڻڻ ته سياست جو مرچ مصالحو آهي،جيڪو اڄ ڪلهه به زورن تي پيو وڪامجي. قاضي فيض محمد هن ”جنسِ ارزان“ کي وڏيرڪي وندر جو ذريعو ۽ شغل ته سمجھيو ئي ڪو نه. هُن لاءِ سياست اُهو ذريعو ۽ پليٽ فارم هو، جنهن جي وسيلي، عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ جنهن جي وسيلي ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ بهتري آڻڻ ۽ مستقبل ۾ قوم جي مقدر لاءِ صحيح فيصلا ڪري سگهجن، هن لاءِ سياست ”هن اهم سائنس ۽ زندگيءَ جو سڀ کان اثرائتو عمل رهيو“.

هُو جاگيردارن ۽ سرمايه دارن جي وچ ۾ ته رهيو، پر انهن جي طرزِ سياست کان اوترو ئي متنفر به رهيو ۽ ان جو اظهار به کُلي ڪيائين. جڏهن ويجھي کان هن اهڙي سياست جو مشاهدو ڪيو، ته سندس راءِ انهن متعلق اها وڃي بيٺي ته ”سياست نه رڳو قومن کي، پر سڄي انسان ذات کي تباهيءَ جي در تي اچي بيهاريو آهي. حقيقت ۾ سياست هڪ اوچي سائنس آهي، جيڪا منطقي طور تي انسان ذات جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم آڻڻي آهي. پر افسوس جو هتي، خاص طرح مسلمانن جي ملڪن ۾ خود پرستيءَ جي لاءِ سياست هڪ اوزار آهي. جنهن جي معرفت پنهنجن کي ته تباهه ڪري ڇڏيائون، پر هاڻي ته سڄي دنيا جي تباهيءَ جو ڪارڻ هي سياسي سورما بڻجي ويا آهن“.

هن بيباڪ ۽ کَري سچ ڳالهائيندڙ دانشور جي زندگيءَ به ڄڻ ته الف ليليٰ جو ڪو داستان هجي. پر عمومن اهو ئي ٿيندو  آهي ته پنهنجي دور جو هر، ارڏو، البيلو ماڻهو حالتن جي گهاڻي مان پيڙهجي وڏو ماڻهو ٿي اُڀرندو آهي. نواب شاهه جي ننڍڙي ڳوٺ هالاڻي ۾ ۲۳ نومبر ۱۹۰۸ تي قاضي نبي بخش صديقيءَ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ قاضي فيض محمد کي، سندس والد محترم، ڇهن مهينن جي ابهم عمر ۾ ئي حالتن جي حوالي ڪري، راهه رباني اختيار ڪري ويو. مٿان وري خُدا جي  قدرت اها ته موت ڪو سندن درُ ڏسي ڇڏيو. هڪ هڪ ڪري خاندان جا مرد الله ڏانهن ويندا رهيا ۽ آخر ۾ وڃي بچيون ڪجهه عورتون ۽ سڪيلڌو قاضي صاحب. الله جو شان ته ڏسو، جتي اڄ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سنڌ ڄايون ”ڪاريون“ ڪري ڪُٺيون ٿيون وڃن. اُتي هر دور ۾ سنڌ جي هر وڏي ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ سندس گهر جي عورتن قافلي سالاري جو ڪم ڪيو آهي. پوءِ اُهو جي ايم سيد هجي، محمد ابراهيم جويو هجي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هجي، ڊاڪٽر دائود پوٽو هجي يا قاضي فيض محمد. جن جي زندگيءَ ۾ سندن ڏاڏين، نانين، امڙين ۽ زالن، هر ڏک سک ونڊيو. زندگيءَ جي پُر پيچ رستن تي انهن سان گڏ رهيون ۽ علم جي روشنيءَ سان کين منور ڪيو. سنڌ جي انهن سورمين تي به شل ڪو لکڻ وارو پيدا ٿئي ۽ اهو ٻڌائي ته سنڌ جي سياسي، ادبي ۽ ثقافتي کيتر جي چمڪندڙ ستارن سان اهي ڀاڳڀريون عورتون نه هجن ها ته شايد سندن زندگيون ايتريون سڀاويڪ ۽ ڪامياب به نه ٿين  ها.

تعليم ڳوٺ جي سرڪاري اسڪول مان شروع ڪندڙ قاضي فيض محمد، ڏهن سالن جو ٿيو ته ۱۹۱۸ع ۾ دنيا پهرين عالمي جنگ جي ور چڙهي وئي. ۽ هي پاڻ ۱۹۱۹ع ۾ خلافت ۽ ڪانگريس جي هلچل کان آشنا ٿيو. يارنهن سالن جي عمر ۾ قومي ڪارڪنن طور ڪم شروع ڪيائين، کاڌي پائڻ به شروع ڪيائين ته چرخو به ڪتڻ لڳو. سُريلو به پيدائشي هو سو قومي ترانا به شوق سان ڳائيندو هو. ۱۹۲۲ع ۾ خيرپور هاءِ اسڪول ۾ به پڙهيو. نوشهري جي مدرسي ۾ به ويو، حالتن جي تغير ۽ ادراڪ هن بيچين روح کي سُک سمهڻ نه ڏنو، ۱۹۲۷ع ۾ عملي سياست ۾ گهڙيو ۽Quit India واري تحريڪ جو حصو بڻيو. پوءِ اها Simon commission خلاف احتجاجي تحريڪ هجي يا سنڌ جو بمبئي کان عليحدگيءَ وارو مطالبو، قاضي فيض محمد سڀ کان اڳڀرو رهيو. اسڪول ۾ تقريرون ڪرڻ هٿ سان  لکي پمفليٽ ورهائڻ. ٻيو ته ٺهيو  پر بينر تيار ڪري. ڪافي ستن سان وڃي پڊعيدن نڪتو. جتان سائمن ڪميشن جا ميمبر ريل رستي سفر ڪري رهيا هئا. هن پرجوش، مٿي ڦريل نوجوان نعرن ۽ ڪارن جھنڊن سان سندن استقبال ڪيو.پوءِ سوچي سگهو ٿا ته وقت جي حڪومت کي هن شخص ڪيڏو نه مٿي ۾ سور وڌو هوندو جو، کيس گرفتار ڪرڻ لاءِپوليس وڃي نوشهري اسڪول جو گهيرو ڪيو. سندس مهربان استاد ۽ نامياري تعليم دان عثمان علي انصاري،ڪنهن نموني کيس اسڪول مان ڀڄرائي گرفتار ٿيڻ کان بچايو.

۱۹۲۹ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين ته پنهنجي مٺڙي امڙ جي ساٿ ۽ ڪوششن سان وڃي علي ڳڙهه پهتو. اهو ته ماڳهين سون تي سهاڳو ثابت ٿيو. قاضي صاحب کي ٻيو ڇا کپندو هو؟ علي ڳڙهه ته سياست جو ڳڙهه هو. اُتي ٻن سالن جي رهائش، سندس نظرين ۽ سوچ کي وڌيڪ پختو ڪيو. اُتان موٽي اچي ڪراچي جي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ داخلا ورتائين، اتي مزو نه آيس ته وڃي سائنس ڪاليج ۾ پهتو. پوءِ آخرڪار وڃي ۱۹۴۰ع ۾ بمبئي يونيوسٽي کان وڪالت جي ڊگري ورتائين. ۱۹۴۱ع کان باقاعده وڪالت  شروع ڪيائين. اهو ئي سندس گذر سفر جو ذريعو رهيو ۽ آخري ساهه تائين سنڌ هاءِ ڪورٽ جو سينيئر وڪيل رهيو.

هن پنهنجي زندگيءَ ۾ اُن دور جي وڏن ماڻهن کي ڏٺو، ٻڌو ۽ جن جي نظريئي يا فلسفي کان متاثر به ٿيو ته انهن سان گڏ به هليو. مولانا ابوالڪلام آزاد، پنڊت جواهر لال نهرو ۽ علامه آءِ آءِ قاضي، پنهنجن جلسن ۽ دورن ۾ کيس پاڻ سان وٺي هلندا هئا. سڀاش چندر بوس جون پرجوش تقريرون به ٻڌائين ته سندس جلسن ۾ پو ليس جا ڏنڊا ۽ لٺيون به خود کاڌائين.

۱۹۳۵ع ۾ ڪراچيءَ جي خالق ڏنو هال ۾ شهيد الله بخش سومري جي حمايت ۾ جلسو ٿيو، جنهن ۾ جي ايم سيد ۽ علامه آءِ آءِ قاضي پڻ شريڪ ٿيا. اُتي قاضي فيض محمد، شهيد الله بخش سومري جي ڪرسي پٺيان محافظ  ٿي بيٺو. انديشو هو ته اُتي حڪومتي ڪارنده حملو ڪندا. ٿيو به ائين. جلسي تي حملو ٿيو ۽ الله بخش سومري کي بچائيندي، قاضي فيض محمد ڪافي زخمي ٿيو.

اخبار جي هن مختصر ڪالم ۾ قاضي فيض محمد جي هنگاما خيز سياسي زندگيءَ جو احوال نه ٿو لکي سگهجي، ڇو ته هن جي زندگي، ”رت جي راند هئي، سِرَ جو سودو هُيو“. هن جي سياسي زندگيءَ جي عوامي ليگ ۽ نيشنل  عوامي پارٽيءَ ۾ ادا ڪيل سندس ڪردار کي هڪ پاسي رکي، جيڪڏهن هاري ڪميٽيءَ ۾ سندس ڪيل جدوجهد، الاٽي تحريڪ ۾ ادا ڪيل سندس ڪردار، ون يو نٽ ٽوڙ تحريڪ ۽ سندس حصو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بقا لاءِ ڪيل سندس ڪوششن جو ٿورو به ذڪر ڪري وڃان ته مناسب ٿيندو. جو شايد اسان جا گهڻا ماڻهو (متان) ان کان واقف نه به هجن.

قاضي فيض محمد جي سنڌ دوستي، هارين ۽ مزدورن سان سندس ساٿ، مذهب ۽ مسلڪ کان مٿانهون رهيو. انهن سان وابسته هر تحريڪ ۾ هُن پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪري ثابت ڪري ڏيکاريو ته هو هر وقت ڪنهن به قومي فرض لاءِ حاضر آهي. سنڌ جي اهم قومي اڳواڻن سان سندس ويجھڙائي رهي، جن ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ڪامريڊ غلام محمد لغاري شامل هئا. اُهي ته هن جي پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ جا سرويچ هئا. جن سان هن جي قربت هئي پر ۱۹ صدي ۾ ته بين الاقوامي سطح تي لينن، مائو، چي گويرا، هوچي منهه ۽ فيڊرل ڪاسٽرو جهڙا چمڪندڙ ستارا موجود هئا. جيڪي قومن جي آزادي، خود مختياري، خوشحالي ۽ آبياري لاءِ پنهنجي پنهنجي ملڪ ۾رهي پاڻ پتوڙي، ٻين لاءِ سوچ جا دروازا کولي عمل جي راهه ڏيکاري رهيا هئا. انهن سڀني جي ڪم ۽ جدوجهد جا اثر، قاضي فيض محمد جي سوچ ۽ عملي جدوجهد ۾ نظر اچن ٿا. جڏهن ۱۹۵۴ع ۾ اولهه پاڪستان جي چئني صو بن کي ملائي ”ون يونٽ“ جو فيصلو ڪيو ويو ته سڀ صوبا، مرڪز جي انتظام هيٺ اچي ويا. ان قدم جو خاص مقصد هو اوڀر پاڪستان جي آباديءَ جي عددي حيثيت کي ختم ڪرڻ، جمهوري ۽ عوامي هلچل کي دٻائڻ، ننڍن صوبن جي ڌار قومي وجود کي ختم ڪرڻ، سنڌ ۾ ٻاهرين جي آبادڪاريءَ کي هٿي ڏئي، سنڌين کي اقليت ۾ آڻڻ، بيراجن جون زمينون ۽ سنڌ جا وسيلا ۽ نوڪريون ڌارين جي حوالي ڪرڻ، ”ون يونٽ“ جي نافذ ٿيڻ سان ”سنڌ“ ڄڻ ته دنيا جي نقشي تان غائب ٿي وئي. حيدرآباد ”سنڌ“ لکڻ به ممنوع هو. ان وقت سنڌ جي وزيراعليٰ عبدالستار پيرزادي ون يونٽ جي سخت مخالفت ڪئي. نتيجي ۾ مرڪزي سرڪار، آئين ساز اسيمبلي ختم ڪري، سڀني قائدن قانونن جي لتاڙ ڪري عبدالستار پيرزادي کي هٽائي محمد ايوب کهڙي کي سنڌ جو وز يراعليٰ مقرر ڪيو. جنهن ۱۱ ڊسمبر ۱۹۵۴ع تي سنڌ اسيمبليءَ مان ون يونٽ جو بل زوريءَ پاس ڪرايو.

سنڌ شايد واحد اهو صوبو هيو، جنهن پنهنجي سڃاڻپ موٽرائڻ لاءِ هڪ طو يل جدوجهد جو آغاز ڪيو ۽ سڄي صوبي ۾ ون يونٽ جي تحريڪ شروع ٿي وئي. عوام تي جڏهن بدترين رياستي تشدد ٿيو ته قاضي فيض محمدانهن اڳين، صفن ۾ شامل هو، جن نه صرف ان کي سٺو، پر تاريخ ۾ پنهنجو نانءُ، سنڌ جي عاشقن ۾ ڳڻائي ويا. سياسي ۽ سماجي ڪارج ۾ هن ارڏي انسان، جيل ياترائون ڪيون، لٺيون کاڌيون ۽ مٿا ڦاڙايا. سندس گهر ۾ ڌاڙا لڳرايا ويا. سندس والده کي لٺيون لڳيون، ڀاڄائيءَ کي ايترو ماريو ڪٽيو ويو، جو سندس پيٽ ۾ ٻار مري ويو ۽ سندس زال کي مارڪٽ ڪئي وئي. پر پوءِ به هن ڪنهن نموني عوامي فرضن کان منهن نه موڙيو. سنڌ جي شاگردن ۽ اديبن جو ان تحريڪ ۾ وڏو ڪردار آهي پر جڏهن قاضي فيض محمد پنهنجي سياسي زندگي ۾ ڪيترن سياستدانن کي سنڌ جا خالي نعرا هڻندي ۽ عوام جي غم ۾ ”مرڻ“ وارن کي ئي ساڳئي عوام کي لُٽيندو ڦُڙيندو ڏٺو ته سندس دل ڀورا ڀورا ٿيڻ لڳي هُئي.

جڏهن ايوب کهڙي کي ون يونٽ جو ساٿ ڏيندي ڏٺائين، جڏهن پير الاهي بخش کي وز يراعليٰ ٿيڻ شرط، اسيمبليءَ کان منظور ڪرائڻ بنا ڪراچيءَ کي مرڪز جي حوالي ڪندي ڏٺائين، جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي کي ملڪ جو صدر هوندي، اردو کي قومي ٻولي آئين ۾ قرار ڏيڻ کانپوءِ به سنڌ کي ”ٻن“ ٻولين وارو صوبو بڻائڻ جو حڪمنامو جاري ڪندي ڏٺائين ته سندس دل ته تڏهن ئي ٽٽي وئي هوندي. تڏهن ئي چيو هئائين ته ”ون يونٽ ڊاهڻ ڪا ماکي لاهڻي ڪا نه آهي. اها قبر اسان جي سنڌ جي وڏن ماڻهن سنڌ کي پورڻ لاءِ کوٽي  آ هي. هن قبر مان نڪرڻ لاءِ اسان سڀني سنڌين، بلوچن، پٺاڻن ۽ اسان جي همدرد پنجابين ۽ بنگالين کي ڪوشش ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن صحيح طريقي سان ڪوشش ڪئي وئي ته ون يونٽ ضرور ختم ٿيندو“.

ون يونٽ جي خلاف تحريڪ سان گڏو، جڏهن ۱۹۶۲ع ۾ تعليمي ڪميشن جي سفارشن تحت سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد کي ناس ڪرڻ جا حُڪم آيا ته ويتر باهه ڀنڀٽ ۾ تبديل ٿي وئي ۽ باقي رهيل سهيل ڪم تڏهن ٿيو جڏهن ۱۹۷۰ جي اليڪشن لاءِ ووٽر لسٽن کي سنڌيءَ ۾ ڇپرائڻ لاءِ شاگردن پنهنجي تحريڪ شروع ڪئي. ۸ نومبر ۱۹۶۹ع تي مظاهرا شروع ٿيا. شاگرد ليڊر لالا قادر بک هڙتال تي ويٺو. شاگردن سان ساٿ ڏيندي قاضي فيض محمد پهريون سياستدان هو جيڪو ۱۴ نومبر ۱۹۶۹ع ۾ عملي طرح ان جدوجهد ۾ شامل ٿيو. پوءِ ڪامريڊ غلام محمد لغاري بيمار هئڻ باوجود اچي بک هڙتال ۾ هنن سان شامل ٿيو. تحريڪ زور پڪڙيو، حڪومت ڪمزور ٿي، ۱۸ نومبر ۱۹۶۹ع تي رات جو هڪ وڳي بک هڙتالي ڪيمپ تي حملو ڪيو ويو. لٺين، ڌڪن، ڪنداقن جي برسات وسائيندي سڀني کي کنڀي وڃي سينٽرل جيل ۾ اڇلايائون. ڪامريڊ لغاريءَ جو مٿو ڦاٽو ته قاضي صاحب جا هڏ گُڏ هڪ ٿي ويا. ان ئي مهل ان ئي احتجاج جي جرم ۾ سنڌ جي نياڻي اختر بلوچ به جيل حوالي ٿي. اُتي به هڙئي جوڌا جوان ۽ ڪامريڊ بک هڙتال تي رهيا. ۸ ڏينهن وڌيڪ جيل ۾ رهيا. جيل کان ٻاهر، شاگردن ڌرڻا ڏنا. جيل ۾ قاضي صاحب جي حالت بگڙجي وئي.

نيٺ حڪومت گوڏا کوڙيا، سنڌي عوام جي سالن جي جدوجهد رنگ لاٿو ۽ پندرهن سالن کانپوءِ ۲۸نومبر ۱۹۶۹ع تي ون يونٽ ٽوڙڻ جو اعلان ٿيو ۽ ۲۹ نومبر تي ووٽر لسٽون  سنڌيءَ ۾ ڇپجڻ جو اعلان ٿيو. ۸ ڊسمبر ۱۹۶۹ع تي هڙئي سورما سرخرو ٿي، سنڌ جي نئين وجود ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مڃتا جو تحفو کڻي جيل مان ٻاهر آيا.

سنڌ جي سياست ۽ ادب، ثقافت ۽ سنگيت جو هي يگانو ڪردار،هارين جو ساٿي، الاٽي تحريڪ جو سرواڻ، ايوبي مارشل لا جو دشمن، سنڌي ٻوليءَ جي بقا جي جنگ وڙهندڙ، ڏهن ڪتابن جو مصنف. بيشمار مقالن جو سرجڻهار ۽ هڪ بهترين مقرر به هو. صدر ذوالفقار علي ڀٽي جي سامهون سندس گهرايل ”لساني ڪانفرنس ۾ ۱۱ اردو دانن ۾ هن اڪيلي سنڌيءَ  سنڌي ٻوليءَ جي حق ۾ جيڪا تقرير ڪئي، سا A Note on language of president Bhutto هڪ دستاويز جي صورت موجود  آهي. شاعري به ڪيائين ته راڳ به ڳايائين. پئسو ڪو نه ميڙيائين. جيڪو وڪالت مان ڪمايائين، سو انهن تحريڪن تي خرچ ڪيائين.  گذاري وڃڻ کان ٻه ڏينهن اڳ الائي ڇو وري اباڻي جوءِ هالاڻي پهتو ۽ سندس ٽٽل دل اڳتي هلڻ کان جواب ڏئي بيٺي؛ “جڏهن رخصت ٿيو ته کيسي ۾ رڳو پنڌرهن سؤ هيس ۽ تن جا ڪپڙا. سندس سونهري اکر، جيءَ ۾ سانڍڻ جهڙا آهن.” شخصيت پرستيءَ کان مان ڏاڍو ڊڄندو آهيان. عوامي شخصيتن کي اجاگر ڪرڻ گهرجي، عوام جي هر هڪ ماڻهوءَ کي موتي ۽ هيرو بڻائجي.. .. ڪا به شخصيت پنهنجي ليکي ڪا به شيءِ ناهي جو انهيءَ کي بت بڻائي پوڄا ڪجي. انهن جي پوڄا ڪرڻ بيماري آهي. “ماڻهن کي انهن وسوسن ۾ وجھڻ بجاءِ انهن کي ٻاهر ڪڍڻ گهرجي“.

۱۳ آڪٽوبر ۲۰۱۵ع تي سنڌ جي هن سچي سپوت جي ۳۳ هين ورسي آهي، سڀني سنڌ واسين طرفان، منهنجو کيس سلام پهچي.


 

قاضي فيض محمد

سچو انسان

ادريس جتوئي

قاضي فيض محمد ۱۱ نومبر ۱۹۰۸ع ۾ سنڌ جي تاريخي شهر هالاڻي جي قاضي خاندان ۾ جنم ورتو. هن ابتدائي تعليم هالاڻي ۾ ورتي ۽ مئٽرڪ نوشهري مدرسه اينڊ هاءِ اسڪول مان ڪئي. انجنيئرنگ جي تعليم ڇڏي علي ڳڙهه يونيورسٽي مان وڪالت پاس ڪيائين. جتي هن ننڍي کنڊ ۾ نامور شخصيتن جواهر لعل نهرو، مهاتما گانڌي، سباش چندر بوس، حسرت موهاني ۽ ٻين سان ڪچهريون ڪيون.

هو ٻن مهينن جو هو ته سندس والد قاضي نبي بخش وفات ڪري ويو. ڪنهن ٿي ڄاتو ته هي يتيم ٻار ننڍي کنڊ جو تمام وڏو ڪردار ٿي اڀرندو. قاضي صاحب سياست جي شروعات خلافت تحريڪ کان ڪئي. ان کان پوءِ هن ڪانگريس، مسلم ليگ، خاڪسار تحريڪ جي پليٽ فارم تان انگريزن جي خلاف آزاديءَ جي جدوجهد ڪئي. ۱۹۴۸ع ۾ هو باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي سان گڏجي سنڌ هاري ڪميٽي ۾ سرگرم ٿيو ۽ ۱۹۵۱ع ۾ پهريون ڀيرو سنڌ هاري ڪاميٽي جو صدر چونڊيو. هن هاري ڪاميٽي جي ميدان تان الاٽي تحريڪ، اڌ بٽئي تحريڪ ۽ ڇيڙ بيگر خلاف طبقاتي جدوجهد ۾ پنهنجو پاڻ ملهايو. هاري جدوجهد دوران ڪنڊياري جي وڏيري غلام نبي ڏهراج مينهن جي چوريءَ جو ڪيس قاضي فيض محمد تي داخل ڪرايو. جيڪو ڪورٽ ۾ ڪوڙو ثابت ٿيو. وڏيري وري قاضي صاحب جي گهر ۾ ڌاڙو هڻايو، جنهن ۾ سندس والده پڻ زخمي ٿي. اهي حالتون ڏسي، قاضي فيض محمد نواب شاهه شهر ۾ رهائش اختيار ڪئي. قاضي فيض محمد سٺ جي ڏهاڪي ۾ قومي جدوجهد ۽ مارشل لا خلاف اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو.

قاضي فيض محمد ون يونٽ خلاف جدوجهد، سنڌي لسٽن جي ڇپائي جي تحريڪ ۽ ٻي سنڌ جي حق ۾ ٿيندڙ هر جدوجهد ۾ شريڪ رهيو. ذوالفقار علي ڀٽي جڏهن ايوب جي مارشل لا خلاف جدوجهد ڪئي تڏهن نواب شاهه ۾ ذوالفقار علي ڀٽي کي رهڻ لاءِ جڳهه قاضي فيض محمد ڏني ۽ امداد شاهه ۱۴۴ قلم لاڳو هوندي به ڀٽي صاحب جو جلسو ڪرايو. ڀٽي صاحب، قاضي فيض محمد کي پ پ جي مدد ڪرڻ لاءِ چيو. ان تي قاضي صاحب چيو ته؛ مان شيخ مجيب کي ڇڏي نٿو سگهان. باقي مدد لاءِ کيس پنهنجا شاگرد قاضي محمد بخش ڌامراهه ۽ عبدالفتاح ميمڻ ڏنائين. جيڪي آخري دم تائين، ڀٽي صاحب سان وفادار رهيا.

قاضي فيض محمد عوامي ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي. ڇاڪاڻ ته سندس چواڻي؛ مجيب الرحمان قومن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيو هو. قاضي فيض محمد عوامي ليگ جو سينيئر نائب صدر بڻيو ۽ نواب شاهه-سڪرنڊ واري حلقي مان چونڊن ۾ پڻ بيٺو. پر کٽي نه سگهيو. ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت اچڻ کان پوءِ، قاضي فيض محمد سياسي جبر جي ڪري هندستان ويو. جتان پوءِ هو بنگال پهتو ۽ اتان لنڊن ۾ جلاوطني اختيار ڪيائين. جتان پاڪستان واپس موٽڻ تي کيس گرفتار ڪيو ويو هو. کيس ڪيترا ڀيرا قيد ڪيو ويو پر هن عظيم انسان هڪ گهڙي به پنهنجي مقصد کي نه ڇڏيو. هو ڪميٽيڊ انسان هو. هن وطن ۽ انسان جي آزادي لاءِ پاڻ ارپي ڇڏيو.

قاضي صاحب کي سياست کان سواءِ مذهب، فلسفي، سائنس ۽ موسيقي سان تمام وڏي دلچسپي هئي. موسيقي سان لڳاءُ جي سلسلي ۾ قاضي فيض محمد جو ڪو به مٽ ثاني ڪونهي. استاد بڙي غلام علي خان کان قاضي صاحب موسيقي جي سکيا حاصل ڪئي. استاد منظور ۽ بڙي غلام علي خان، نواب شاهه ۾ قاضي فيض صاحب وٽ محفلون ڪندا هئا. تصوف ۽ سائنس جي ميلاپ مان جيڪا شخصيت تعمير ٿي سگهي ٿي، سا قاضي فيض محمد جي ٿي سگهي ٿي.

قاضي صاحب جون سنڌي ادب لاءِ به اڻ مٽ خدمتون آهن. هن جا ٻه مشهور ناول ”جنسار“ ۽ ”ٻاويهه سؤ ٻاويهه“ آهن. ٻيا به شاعريءَ ۽ فلسفي جي موضوعن تي قاضي فيض محمد جا ڪتاب ڇپيل آهن.

قاضي صاحب جي شخصيت تي علامه آءِ آءِ قاضي جي شخصيت جو گهرو اثر رهيو آهي. هو علامه مشرقيءَ کان به گهڻو متاثر هو. سائين جي ايم سيد سان به ڪافي ويجهڙائي هئس.

بهرحال قاضي صاحب جهڙا انسان قومن ۾ ورلي جنم وٺندا آهن. هو سنڌ دوست، انسان دوست ۽ سنڌي مزاج وارو صوفي انسان هو. هن ڪڏهن به ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ من ۾ مير نه رکيو. هو دل جو صاف، اڇو اجرو ۽ درويش صفت، ايماندار ۽ ڪميٽيڊ انسان هو. خبر ناهي ته سنڌ کي ڪهڙي نظر لڳي آهي جو اهڙن صاحب ڪردارن سياستدانن ۽ انسانن کان ڏينهون ڏينهن محروم ٿي رهي آهي.


 

قاضي فيض محمد ۽ الاٽي هاري تحريڪ

تاج مري

سنڌ جي تاريخ جدوجهد جي تاريخ آهي، جدوجهد جي انهي ڊگهي تاريخ ۾ سنڌ جي هاري تحريڪ جي پڻ ڊگهي جدوجهد رهي. انهي تحريڪ ۾ جتي صوفي شاه عنايت، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ عبدالقادر ايم خان کوکر، جو نالو اچي ٿو اتي قاضي فيض محمد، ڪامريڊ غلام لغاري،ڪامريڊ رئيس بروهي جو شمار تحريڪ جي مک اڳواڻن ۾ ٿئي ٿو.تاريخ ۾ فرد جي ڪردار بابت دنيا ۾ تمام گهڻو لکيو ڳالهايو ۽ بحث ڪيو ويو.

انهي ۾ ڪو به شڪ ناهي ته هڪ سگهارو،صحتمند ۽ مربوط معاشرو ئي اهي بنياد پيدا ڪندو آهي. جنهن ۾ اهڙا فرد پيدا ٿي سگهن پر جڏهن قومون ۽ معاشرا پنهنجي اندروني توڙي خارجي سبب جي ڪري زوال، پستي ۽ غلامي جو شڪار ٿيندا آهن. تڏهن اهي غير معمولي فرد ئي هوندا آهن جيڪي قومن جون تقديرون بدلائي کين جياپي ۽ آجپي جا آدرش ڏيڻ لاءِ نه رڳو جاڳرتا ڏيندا آهن پر قومن جي قيادت ڪري کين آجپو ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪندا آهن. اهڙن ڏاهن ۽ غير معمولي اڳواڻن ۾ قاضي فيض محمد پنهنجو منفرد مقام رکي ٿو.

اهڙن ماڻهن لاءِ ئي شيخ اياز چيو آهي ته

ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا

گهايل ڌرتي جي سيني جي

اهڙي گهري چيخ ٿين ٿا

جا هر ڪنهن کي جاڳائي ٿي

۽ دنيا کي بدلائي ٿي

سچ پچ قاضي فيض محمد به انهن ماڻهن مان آهي جيڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا.

قاضي فيض محمد ۲۳ نومبر ۱۹۰۸ع تي هالاڻي ۾ قاضي نبي بخش جي گهر ۾ جنم ورتو. موهن جي دڙي جي اوڀر طرف سنڌو درياءَ جي ٻي پاسي اڏيل شهر هالاڻي ”ٻٽ دڙي“ جهڙي تاريخي ماڳ تي قديم شهر هجڻ ساڻ گڏ اوائلي دور ۾ ڊگهي جنگ جا نشان سيني ۾ سانڍي ويٺو آهي. هالاڻي ان وقت جي ضلعي نوابشاه ۽ هاڻوڪي نوشهروفيروز ۽ تعلقي محرابپور جو اهم شهر آهي. جتي محرابپور ريل جي رستي پوري پاڪستان کي ڳنڍي ٿو ائين هالاڻي وري نيشنل هاءِ وي ذريعي پوري پاڪستان جي ڳانڍاپي جو ذريعو آهي

قاضي فيض محمد جو جنم ان دور ۾ ٿيو جڏهن دنيا ۾ سامراجيت، جاگيرداري ۽ سرمائيداري خلاف جدوجهد تيز ٿيڻ لڳي. هندستان ۾ انگريز حڪمرانن خلاف تحريڪ پرتشدد ٿي وئي ۽ ڪيترن هندن تي پٽڙيون اکوڙي ريلون ڪيرايون ويون. هارين ۽ پورهيتن بغاوتون شروع ڪيون ۽ انگريز ڪامورن تي قاتلاڻا حملا ڪيا ويا. هوڏانهن يورپ ۾ پڻ ڀڄ ڊاهه شروع ٿي چڪي هئي. ۱۹۰۴ تي جپان ۽ روس وچ ۾ جنگ شروع ٿي ۽ روس ۾ معاشي بحران جنم ورتو ته روس ۾ هارين ۽ پورهيتن جون بغاوتون شروع ٿي ويون. هڙتالن جو سلسلو شروع ٿي ويو ڊسمبر ۱۹۰۵ ۾ ماسڪو ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ مزدورن جون هڙتالون ٿيون انهن بغاوتن کي چيڀاٽڻ لاءِ هزارين مزدورن کي قتل ڪيو ويو. تنهن هوندي به  اهي بغاوتون جيئين پوءِ تيئن پکڙبيون رهيون هاڻ هنن تحريڪن ۾ هاري، شاگرد ۽ وچولو طبقو پڻ شامل ٿيڻ لڳو هن انقلاب کي عوامي سرمائيداراڻو انقلاب سڏجي ٿو جيڪو سويت انقلاب جو ابتدائي ڏاڪو سڏجي ٿو.

قاضي فيض محمد جي جنم کانپوءِ سگهو ئي سندس والد قاضي نبي بخش وفات ڪري ويوجنهن ڪري قاضي فيض محمد پيءُ جي شفقت کان محروم رهيو. هن ابتدائي تعليم هالاڻي مان ورتي ۽ پوءِ خيرپور پڙهڻ ويو. ۱۹۲۹ع ۾ نوشهروفيروز مان ميٽرڪ پاس علي ڳڙهه پڙهڻ ويو. قاضي فيض محمد جڏهن خيرپور ۾ پڙهندو هو يا وري جڏهن هو علي ڳڙهه پڙهڻ ويو هي اهو زمانو آهي جڏهن هندستان ۾ غريب عوام ۽ ان جي وچولي طبقي واري قيادت انگريز حڪمرانن خلاف احتجاج جو دائرو وڌائي ڇڏيو. وڏيون ملڪگير هڙتالون شروع ٿي ويون ۽ مظاهرا ڪيا ويا. اڻڳڻيا ماڻهو گرفتار ڪري جيلن ۾ وڌا ويا. امرتسر جي جليان والا باغ ۾انگريز فوجين جي گولين جو کاڄ بڻجي ۳۷۹ شهري اجل جو شڪار بڻيا ۽ ۱۲۰۰ ماڻهو زخمي ٿيا. پنجاب ۾ مارشل لا لڳائي وئي ۽ اڻ ڳڻين ماڻهن  کي قيد ۽ موت جون سزائون ٻڌايون ويون، بمبئي ۾ سوا لک مزدورن هڙتال ۾ حصو ورتو.

ان دور ۾ مزدورن جون ۲۰۰ کان مٿي هڙتالون ٿيون جنهن ۾ ۱۵ لک مزدورن حصو ورتو. ان دور جي هارين جون هٿيار بند بغاوتون پڻ ٿيون. نوجوان قاضي فيض محمد جي ذهن تي انهن تحريڪن جو پاڇو پيو. قاضي فيض محمد علي ڳڙهه مان انٽر سائنس ڪري واپس موٽي آيو ۽ ڪجهه عرصي لاءِ روينيو ۾ ڪلارڪ ٿيو. جنهن کي ڇڏي اين اي ڊي انجنئرنگ ڪاليج ڪراچي ۾ داخلا ورتائين پر سندس روح کي اتي به سڪون نه مليو ۽ انجنيئرنگ ڇڏي ڳوٺ موٽي آيو ۽ پوءِ وري وڪالت پڙهڻ لاءِ ڪراچي موٽي ويو.۱۹۴۰ع ايل ايل بي پاس ڪري نوشهروفيروز ۾ وڪالت شروع ڪيائين، ان دور ۾ سنڌ هاري تحريڪ سگهاري تحريڪ طور اڀري رهي هئي، پاڻ ۱۹۴۱ع ۾ سنڌ هاري ڪميٽي ۾ شامل ٿيو ۽ خاڪسار تحريڪ ساڻ به سندس واسطو رهيو ۱۹۴۲ع ۾ بنگال ۾ ڏڪار وقت ساٿين ساڻ گڏجي ڪلڪتي ۾ ڪيمپ قائم ڪيائين. ورهاڱي کانپوءِ ٻنهي ملڪن ۾ وڏي پيماني تي لڌپلاڻ ٿي، سنڌ جا هندو لڏي هندستان ويا. هندن جي ڇڏيل زمين ۽ ملڪيتن تي هڪ طرف سنڌي وڏيرن قبضا ڪيا ته بئي طرف وري سرڪار پاران هندستان مان لڏي آيل مهاجرن کي زمينون، گهر ۽ ٻيون ملڪيتون ڪليم ۾ ڏيڻ جو منصوبو جوڙيو ويو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، قاضي فيض محمد ۽ ٻين هاري اڳواڻن جي قيادت ۾ سنڌ هاري ڪميٽيءَ زمينون هارين کي ڏيارڻ لاءِ تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو. ڪيترن ئي هارين کي زمينون مليون. وڏيرا قاضي فيض محمد ۽ سندس ساٿين تي مڇرجي پيا کيس قتل ڪرائڻ گهر۾ ڌاڙو هڻائڻ ۽ هر قسم جو نقصان پهچائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون. ۱۹۴۷ع ۾ ورهاڱي کانپوءِ سنڌ مان هندن جي لڏي وڃڻ کانپوءِ ۲۵ لک ايڪڙ زمين جي نيڪال جو مسئلو پيدا ٿيو. پاڪستان حڪومت جي پاليسي هئي ته اها زمين هندستان مان لڏي آيل مسلمانن کي ڏني وڃي. پر سنڌ هاري ڪاميٽي جو موقف هيو ته اها زمين هارين کي ڏني وڃي جڏهن ته سنڌ حڪومت جو موقف هو ته ۲۵ لک ايڪڙ مان اڌ زمين سنڌي هارين ۾ ورهائي وڃي ۽ اڌ زمين هندستان مان لڏي آيل ماڻهن ۾ ورهائي وڃي. سنڌ هاري ڪميٽي جو چوڻ هو ته هندستان مان لڏي آيل مسلمانن مان به زمين انهن کي ڏني وڃي جيڪي هاري هجن. سنڌ هاري ڪميٽي ۱۹۴۸ع ۾ رتوديرو هاري ڪانفرنس ۾ هيٺين قرارداد پاس ڪئي.

”سنڌ ۾ ۴۵ لک آدم مان ۳۰ لک اهي هاري آهن جن کي پنهنجي زمين ئي ناهي سنڌ جي زمينن مان اٽڪل چوٿون حصو هندو ڇڏي ويا آهن هي ڪانفرنس تقاضا ٿي ڪري ته اها هندو ۽ سکن جي ڇڏيل زمين هارين کي ڏني وڃي جن هٿن ۾ زمين جو قبضو اڳئي آهي.ليزجي رقم ڍل جي رقم کان وڌيڪ نه هجي رقم جو ۱۰سيڪڙو هاري کان اڳواٽ ورتو وڄي ليز جي  مناسب قسط جي رقم ڍل سان گڏ وصول ڪئي وڃي.

هي ڪانفرنس ان ڪاروائي کي نفرت جي نظر سان ڏسي ٿي جنهن موجب زمينون مقاطعي تي خواهش مند هارين کي نه پر زميندارن کي ڏنيون وڃن ٿيون سرڪاري زمينون State lands هارين کي هارپو گرانٽ جي صورت ۾ ڏنيون وڃن. انهي ڪري هڪ ته هارين کي مفيد محنت جو موقعو ملندو ۽ ٻيو قوم جي پيدائش ۽ آمدني وڌندي.“ اهڙي طرح ۱۹۴۹ع ۾ حيدرآباد سنڌ هاري ڪميٽي جي سنڌ ڪائونسل جي اجلاس ۾ ۽ پوءِ ۱۹۵۰ع ۾ دادو ڪانفرنس ۾ پڻ  هندن جي ڇڏيل زمينن تي هارين جي حق بابت ٺهراءُ پاس ڪيا ويا.

سنڌ ۾ الاٽي هاري تحريڪ جو مرڪز محرابپور هو قاضي فيض محمد انهي جي اڳواڻي ڪري رهيو هو..ڪامريڊ هاشم گهانگهري سميت ڪيترائي هاري اڳواڻ ان ڪيميپ جا سرگرم ڪارڪن هئا.

۱۹۵۱ع ۾ سنڌ هاري ڪميٽي ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي ان وقت هڪ ڌڙي جو صدر قاضي فيض محمد ٿيو. ٻنهي ڌڙن کي ڪجهه عرصي کانپوءِ ميان افتخارالدين ۽ ٻين ترقي پسند دوستن جي ڪوشش سان هڪ ڪيو ويو. قاضي فيض محمد عوامي ليگ جو مرڪزي نائب صدر چونڊيو ويو ۽ پوءِ بنگال جي جدا ٿي وڃڻ وقت به هو عوامي ليگ جو نائب صدر رهيو.

قاضي فيض محمد ۲۲۲۲ سميت ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ آهي. راڳ سان به سندس وڏي دلچسپي هئي. قاضي فيض محمد گهڻ پاسائين شخصيت هو ساڻس نوابشاهه ۾ سندس گهر تي مون سميت ڪيترن دوستن جون ڪچهريون ٿينديون هيون جنهن ۾سياست، ادب، تاريخ ٻيا اهم موضوع هوندا  هئا.

قاضي فيض محمد جو ننڍو پٽ قاضي جاويد جيڪو هاڻ وڪيل آهي ۽ ميڊيا ۾ تجزئي نگار ۽ اينڪر طور ۽ هڪ سرگرم اڳواڻ طور سڃاتو وڃي ٿو. ايس اين ايس جنهن جو صدر شهيد نذير عباسي هو ان ۾ شامل ٿيو ۽ پوءِ ڊي ايس ايف جو پڻ سرگرم اڳواڻ هيو. قاضي فيض محمد جي گهر تي مختلف گڏجاڻيون به ٿينديون هيون قاضي جاويد ڪميونسٽ پارٽي جي ڪارڪن طور جڏهن ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ته اسان جون اهي گڏجاڻيون قاضي صاحب جي گهر تي پڻ ٿينديون هيون. قاضي فيض محمد جو ٻيو پٽ قاضي رضا سويت يونين مان ميڊيڪل جي ڊگري حاصل ڪري آيو ۽ هاڻ نوابشاه ۾ ڊاڪٽر آهي قاضي فيض محمد جو خاندان ترقي پسند سوچ سان سلهاڙيل رهيو آهي. قاضي فيض محمد ۷۰ سالن جي عمر ۾ ۱۳ آڪٽوبر ۱۹۸۲ع تي وفات ڪري ويو.


 

قاضي فيض محمد

کيس مون ڪيئن ڏٺو

سوڀو گيانچنداڻي

قاضي فيض محمد سان منهنجي گهرائي ۱۹۵۳ع کانپوءِ ئي ٿي. جيتوڻيڪ جيتري قدر ياد ٿو پويم ته واقفيت شايد ۱۹۴۵ع ۾ ٿي. جڏهن مان شاگرد يونين کي منظم ڪرڻ لاءِ نوابشاھ ويو هوس ۽ پوءِ ڊاڪٽر هاسا رام، ايڇ ايم خواجا جي گهر ۾ هڪ Study Circle هلائي. جتي قاضي صاحب به موجود هو. ۱۹۵۲ع ۾ جڏهن مان سپريم ڪورٽ جي فيصلي هيٺ آزاد ٿيس ته مون کي سي آءِ ڊي جي سربراھ اڪبر مرزا چتاءُ ڏنو ته ڪراچي ۾ نه رھ نه ته تو کي وري گرفتار ڪنداسين، باقي سنڌ ۾ جيڪڏهن تون هارين ۾ ڪم ڪندين ته اسان کي ڪو اعتراض ڪو نه ٿيندو. پوءِ مان سنڌ ۾ اچي هاري ڪميٽيءَ ۽ ڪميونسٽ تحريڪ ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.

تاج محمد ابڙو وڪيل ان وقت لاڙڪاڻي ۾ هارين ۾ سرگرم هو. سندس جاءِ هارين ڪميونسٽ ورڪرن لاءِ اڏو هئي. مان جيئن ئي ساڻس مليس ته چيائين ته هل ته سکر هلون جو هاري ڪميٽي ۾ تفرقو ٿي پيو آهي. جنهن ۾ حيدر بخش ۽ ٻيدا هڪ طرف ٿي ويا آهن قاضي فيض محمد ۽ شمس الدين شاھ، مولوي نظير حسين جتوئي ۽ ٻيا ٻئي طرف، مان شمس الدين سان گڏيس، جيڪو منهنجو ۱۹۴۱ع ۾ وڪالت لاءِ پهرين سال ۾ منهنجو هم ڪلاس هو ۽ هن قاضي فيض محمد گڏجي هاري پليٽ فارم ٺاهڻ لاءِ مڃتا ڏني.

جلد ئي ۱۹۵۳ع جون صوبائي چونڊون به مٿان اچي ويون ۽ جي ايم سيد، هاري ڪميٽي ۽ قاضي صاحب وارا هاري پارٽي ۽ ڪيونسٽن گڏجي هڪ متحده محاذ ٺاهيو، جنهن طرفان ۴۳ اميدوارن بيهاريا ويا، ۽ انهن اميدوارن ۾ قاضي فيض محمد به بيٺو ۽ مان وري اقليتن طرفان بيٺس، ان اليڪشن ۾ به قاضي صاحب منهنجي لاءِ نوابشاھ ۽ سانگهڙ ضلعي مان ڏاڍي جاکوڙ ڪئي.

اليڪشن بعد اسان ڪميونسٽ گهڻي ڀاڱي هاري ڪميٽي ۽ متحده محاذ ۾ گڏجي ڪم ڪندا رهياسين ۽ سنڌ جي پارٽي آرگنائيزر جي حيثيت ۾ منهنجو گهڻو اچڻ نوابشاھ ۾ ٻين ضلعن ۾ ٿيو جتي مان نوابشاھ جي قاضيءَ جي گهر ۽ سکر ۾ شمس الدين جي گهر ۾ رهندو هوس. قاضي صاحب جا ٻار، منهجي لاءِ هر شيءِ گهر جي مٿئين حصي ۾ پهچائيندا هئا. وقتي ته اسٽيڊي سرڪل به سندس گهر مٿان ڪندو هوس. قاضي فيض محمد، هڪ غير تعصب ۽ ايماندار ۽ انتهائي جذباتي شخص هو. هن پنهنجي شروعات شايد خاڪسار تحريڪ سان ڪئي هئي ۽ شمس الدين شاھ پڻ ان تحريڪ مان آيو هو. قاضي فيض محمد هڪ وفد وٺي بنگال به ويو هو. جڏهن اتي اڻ ورهايل هند ۾ ڏڪر پيو هو ۽ تقريبن ۴۳ لک ماڻهو ڏڪر وگهي مري ويا هئا.

۱۹۵۶ع ۾ نيشنل پارٽي ٺهي ۽ پوءِ سال ۱۹۵۷ع  جي شروعات نيشنل عوامي پارٽي ٺهي ته قاضي صاحب ان سان گڏ هو. قاضي صاحب پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري هارين جي تحريڪ ۾ ڪم ڪندو هو ۽ پارٽي جي هڪ ڪل وقتي ڪارڪن جي خرچ جو ذميوار هو ۽ ڪيس ته ظاهر آهي. گهڻي ڀاڱي مفت ۾ ئي کڻندو هو.

۱۹۵۷ع جي شروعات ۾ مولانا ڀاشاني ۽ ميان افتخار الدين جي رهبريءَ ۾ عوامي نيشنل پارٽي جو  هڪ وڏو اجلاس نوابشاھ ۾ ٿيو. جنهن ۾ ايڇ ايم جعفري پنهنجون پوريون همدرديون اسان کي ڏنيون. اي اين پي جي بنيادي اجلاس  لاءِ اسان سڀ ڍاڪا ويا هئاسين ۽ قاضي صاحب ۽ شمس الدين شاھ کي ڌڪ لڳا هئا.

۱۹۵۷ع جي جولاءِ آگسٽ مهيني ۾ اسان هڪ وڏو مظاهرو ڪراچي ۾ صدر اسڪندر مرزا جي بنگلي سامهون ڪرايو هو. جنهن  ۾ تقريبن ۱۶ يا ۱۷ هزار الائٽي هاري شامل ٿيا هئا. جن جو نعرو اهو ته زمينون هارين کي الاٽ ڪيون وڃن. جيئن هو دلچسپي وٺي زمينون آباد ڪن. ۱۹۵۸ع ۾ بغاوت بعد ايوب خان ڪليمن ۾ سموريون زمينون مهاجرن کي ڏنيون. ون يونٽ تحريڪ خلاف پڻ قاضي فيض محمد سرگرم رهيو ۽ گرفتار به ڪيو ويو.

قاضي صاحب سراپا اخلاص ۽ محبت ۽ سچ جو مجسمو هو ۽ ساري عمر انهيءَ ڪم لاءِ هڙان وڙان خرچ ڪيو ۽ سر جي سٽي ڏنائين. ساڻس پوئين ملاقات ڪراچي ۾ هاءِ ڪورٽ جي ورانڊي ۾ ٿي هئي ۽ ٻڌايائين ته سندس صحت ٺيڪ ڪا نه ٿي رهي ۽ ڪجهه وقت بعد گذاري ويو. قاضي صاحب جي دوستي بنا سياسي تعصب جي مولوي معاذ جيڪو وڏو حڪيم ۽ ديني عالم هو ۽ هارين نارين ۽ ڪميونسٽ ورڪرن سان هئي. مون کي نه رڳو هن پاڻ پر سندس گهر ڀارتين عزت ۽ محٻت ڏني ۽ اسان جي دوستي تمام گهري هئو. شايد ان ڪري به ته مان ڀڳوڙو نه ٿيس. بلڪ پنهنجون سموريون قوتون مان سنڌ لاءِ وقف ڪري ڇڏيون. اها ئي حالت قاضي صاحب جي به هئي. خدا کيس جنت ۾ جايون ڏئي.

 

(ڪتاب:” سڄڻن لڌي سار“ تان ورتل)


 

قاضي فيض محمد

سنڌي ٻولي جو بقاءُ

رڪ سنڌي

سنڌ ۾ ٻولي جي مسئلي تي اُن وقت ڇڪتاڻ وڌي، جڏهن ۱۹۷۳ع جي آئين ٺهڻ وقت سنڌين جي پراڻي جائز مطالبي کي نظرانداز ڪندي حڪومت ۸ سيڪڙو اقليت جي ٻولي اردو کي ملڪ جي قومي ٻولي بڻايو. حڪومت جي ان قدم کي ناجائز ۽ غير واجبي ڪوٺيندي سنڌي عوام جدوجهد جي ميدان ۾ لهي آيو. هر طبقي سنڌ سان ٿيل ناانصافي خلاف آواز بلند ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته سنڌي کي به پاڪستان جي قومي ٻولي تسليم ڪيو وڃي ۽ اُن کي سنڌ جي واحد سرڪاري زبان بڻايو وڃي. صرف اردو کي قومي ٻولي بڻائڻ سنڌي جي سياسي، ثقافتي، معاشي ۽ لسانيت جو کليو کليو استحصال آهي. صرف اردو کي قومي ٻولي بنائڻ سان سنڌين جا حق غضب ٿيندا ۽ اردو جي آڌار تي ڌاريان ماڻهو بنا روڪ ٽوڪ جي داخل ٿي سنڌين کي اقليت ۾ آڻي سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ڪندا. جي ايم سيد، قاضي فيض محمد ۽ ٻين اڳواڻن ان ظلم خلاف آواز بلند ڪيو ۽ حڪومت جي ان قدم جي سخت مذمت مخالفت ڪئي. اُن وقت جي صدر ذوالفقار علي ڀٽو ڪراچي ۾ دوري تي آيو ته ڀٽي صاحب قاضي صاحب سميت ٻين سياستدانن کي گهرائي ۽ کانئن راءِ ورتي ته بنگلاديش ۽ هندستان سان ڪهڙا لاڳاپا رکجن؟ اُن گڏجاڻي ۾ قاضي صاحب ڀٽي کي پاسي تي وٺي وڃي چيو ته سنڌي زبان جو مسئلو خوامخواهه اڇلي اجايو طوفان کڙو ڪيو ويو آهي. تنهن وقت جي صدر ڀٽي قاضي صاحب کي سنڌي ٻولي جي حق ۾ اهڙو نوٽ لکي ڏيڻ لاءِ چيو جيڪو قاضي صاحب انگريزي ۾ لکي کين اماڻيو. اُن نوٽ ۾ قاضي صاحب سنڌي ٻولي جي تسليمي لاءِ واضح ۽ وزندار دليل ڏئي ثابت ڪيو ته سنڌ پاڪستان جي واحد ترقي يافته ۽ سڌريل زبان آهي جيڪا زندگيءَ جي هر شعبي ۾ ڪاميابي سان استعمال ٿي سگهي ٿي. پاڻ اُن نوٽ ۾ ڀٽي صاحب کي سنڌي ٻولي جي اهميت کان واقف ڪندي مطالبو ڪيو ته

(۱) سنڌي کي قومي ٻولي تسليم ڪيو وڃي.

(۲) سنڌي سنڌ جي واحد سرڪاري زبان تسليم ڪئي وڃي.

قاضي صاحب ذوالفقار علي ڀٽو کي گذارش ڪئي ته جي انهيءَ لاءِ حالتون سازگار ناهن ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ سنڌي کي انهيءَ حالت ۾ ڇڏيو وڃي جيڪا پاڪستان کان اڳ ۽ پوءِ رهندي اچي. اُن نوٽ ۾ پاڻ ذوالفقار علي ڀٽي کي خبردار ڪيائون ته سنڌ صوبي ۾ ٻن زبانن جو سرڪاري ٿي رهڻ سنڌي ٻولي لاءِ تباهي ٿيندي. جيڪا ڳالهه سنڌ جا ماڻهو ۽ خاص ڪري سنڌ جو نوجوان طبقو ڪنهن به حالت ۾ برداشت نه ڪندو. ۷ جولاءِ ۱۹۷۲ع تي سنڌ ۾ ٻولي وارو بل پيش ڪيو ويو، جيڪو وڏي اڪثريت سان پاس ٿي ويو. صرف ۱۱ غير سنڌي ميمبرن اُن جي مخالفت ڪئي ۽ سنڌ ۾ هنگاما ڪرائڻ شروع ڪيا، جن جو ڪو به جواز ڪو نه هو. اردو پاڪستان جي قومي ٻولي تسليم ٿي چڪي هئي پر هو سنڌي کي صرف سنڌ اندر به انڌو منڊو مقام ملڻ تي ارها هئا. ٻولي جي مسئلي کي بنياد بڻائي غير سنڌين ڪراچي، حيدرآباد، ٽنڊوڄام ۽ ٽنڊوالهيار ۾ سنڌين مٿان حملا ڪري کين قتل ڪيو اُنهن جون جائيدادون تباهه ڪيون، گهر ساڙيا ۽ کين پنهنجا اجها ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. ڀٽي صاحب رجعت پرستن ۽ اردو شائونسٽن جي انهن هنگامن کان متاثر ٿي ۱۰ جولاءِ تي راولپنڊي ۾ ”لساني ڪانفرنس“ سڏائڻ جو اعلان ڪيو. سرڪاري طرح ۵ سنڌي دانشورن ۽ ۲۰ اردو دانشورن کي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ جو دعوت نامو ڏنو ويو. سنڌ مان شروعات ۾ جي ايم سيد، پير حسام الدين شاهه راشدي، شيخ اياز ۽ قاضي فيض محمد ان ڪانفرنس ۾ وڃڻ لاءِ سنبريا. قاضي صاحب جنهن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ نوابشاهه کان ڪراچي روانو ٿيو ته اتي پهچي کيس خبر پئي ته جي ايم سيد ۽ حسام الدين شاهه راشدي ڪانفرنس ۾ هلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. مجبورن هُن کي اڪيلي سر سنڌين جي نمائندگي لاءِ راولپنڊي روانو ٿيڻو پيو.

جڏهن هو ڪانفرنس هال ۾ پهتو ته اُتي ۲۰ کن اردو دانشورن جي وچ ۾ قاضي صاحب اڪيلو سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ هو. اُن وقت هن محسوس ڪيو ته جيڪڏهن اردو جي ۲۰ حمايتين ڳالهائڻ شروع ڪيو ته اُتي مون هڪ ڄڻي جو آواز نقارخاني ۾ طوطي جو آواز ثابت ٿيندو تنهن ڪري ڀٽي صاحب کان مطالبو ڪيو ته کيس سڀ کان پهرين تقرير ڪرڻ ڏني وڃي. ڀٽي صاحب سندن اها گهر مڃي ۽ قاضي صاحب سڀني کان اول تقرير ڪئي ۽ سنڌي ٻولي جو ڪيس پيش ڪيو. ان تاريخي تقرير ۾ قاضي صاحب چيو ته ”سنڌي صرف زبان نه آهي. مگر سنڌ جي ثقافت، تهذيب ۽ تمدن جي صورت آهي. هي شخصيت آهي، سنڌ جي روح جي پوشاڪ آهي، جان آهي... سنڌي زبان جي مرڻ سان سنڌ مري ويندي. باقي هن زمين جي ٽڪري جي ڪا به معنيٰ نه رهندي... اسان سنڌ جي ماڻهن جي اها گهر آهي جيڪا حق ۽ انصاف تي مبني آهي ته سنڌي زبان کي به قومي زبان ٺهرايو وڃي ۽ نئون آئين جڏهن ٺهي تڏهن پنجابي، پشتو، بلوچي ۽ سنڌي زبانن کي قومي زبانون تسليم ڪيو وڃي. اردو کي به قومي ۽ رابطي جي زبان بڻائي وڃي ته اسان اعتراض نه ڪنداسين. صدر صاحب! توهان جو هي (لساني بل) حقيقتن اسان سان ناانصافي آهي، ناحق آهي. گهربو ته ائين هو ته اسان سنڌي پنهنجي حق لاءِ قرباني جي ميدان ۾ گهڙي پئون ها ۽ سنڌي کي پنهنجي حقي جڳهه وٺائي ڏيڻ لاءِ قربانيون ڏنيون ها مگر اسان ائين نه ڪيو، جنهن لاءِ اسان وٽ سبب آهن. صدر صاحب! هي چار صوبا توهان جي طفيل ۾ گڏ رهي سگهن ها. مگر جيڪڏهن توهان کي فوج ڪوپ جي محفل معرفت ڪڍيو ويو ته پوءِ هن پاڪستان جو بچڻ محال آهي...“

حڪومت تي انهن دانهن ۽ ڪوڪن جو ڪو اثر ڪو نه ٿيو. ڀٽي صاحب جي حڪومت ۽ پارٽي وڏي صوبي ۽ هڪ مخصوص اقليت خوشنودي حاصل ڪرڻ جي لاءِ سنڌي ٻولي جي موت واري دستاويز تي صحيح ڪري سنڌ کي ٻن ٻولين وارو صوبو بڻايو جيڪا سنڌ جي ماڻهن سان سراسر ناانصافي ۽ ظلم هو. اڄ تائين سنڌي عوام پنهنجي اُن قومي جمهوري مطالبي جي مڃتا لاءِ مختلف محاذن تي جنگ ڪري رهيو آهي جنهن ڏينهن اسان جدوجهد ذريعي سنڌي ٻولي جي حيثيت تسليم ڪرائي ۽ اُن کي پاڪستان جي قومي ۽ سنڌ جي واحد سرڪاري زبان مڃرايو اُن ڏينهن اسان جي مٿين جدوجهد پنهنجي ڪاميابي تي پهچندي.

 


 

قاضي فيض محمد

هڪ آدرشي انسان

واحد پارس هيسباڻي

اياز، ڏات کي نه پر سچ کي وڏي شيءِ چيو آهي. اهو سچ جيڪو مچ مچائي، ان مچ کي وڏي شيءِ چيو آهي. قاضي فيض محمد، ڏات ڌڻي به آهي، هن سچ لکيو به، سچ ڳالهايو به ۽ سندس ان سچ، مچ مچايو به. هيءُ سنڌ جي انهن تمام ٿورن اديبن، سياستدانن ۽ سماج سيوڪن مان هڪ آهي، جن پنهنجي پوري ڄمار هڪ آدرشي طور گذاري ڇڏي، جيڪي ’ڀلي بک ڀرم جي شال م وڃي شان‘ جي اصول تي ڪاربند رهيا. قاضي فيض محمد وٽ پُر آسائش زندگي گذارڻ لاءِ ڇا نه هيو، جيڪڏهن هو چاهي ها ته آرام سان پنهنجي حياتي گذاري پئي سگهيو، پر هن پنهنجي لاءِ اهو رستو چونڊيو، جنهن کي عام طور تي ڪنڊن وارو رستو چيو ويندو آهي، هن ٿڌي ڪمري ۾ آرام ڪرڻ بجاءِ ڌر تتيءَ جو پنهنجي ديس جي ماڻهن جي حقن لاءِ روڊن رستن ۽ جهرجهنگ ۾ هلڻ پسند ڪيو. هو سٺو وڪيل هو، پر هن پنهنجي ساٿي وڪيلن جيان اها وڪالت دولت، مال ملڪيت گڏ ڪرڻ لاءِ نه ڪئي، پر ان کي پنهنجي ماڻهن جي خدمت جو ذريعو بڻايو. وڪالت مان کيس جيڪي ٻه چار ڏوڪڙ حاصل ٿيندا هئا، اهي گهر جي دال ماني، ڪتابن، پمفليٽ ڇپائڻ، جلسا، جلوس ڪرائڻ تي خرچ ڪري ڇڏيندو هو. سندس زندگي ڪل موڙيءَ جو اندازو آخري وقت ۾ لکيل سندس هن جملي مان لڳائي سگهجي ٿو: ’مان هن وقت بلڪل فقير ٿي چڪو آهيان يعني جيڪي سموري عمر وڪالت جي ڌنڌي مان لکين روپين جي انداز ۾ ڪمايم سي سڀ وطن ۽ ان جي ماڻهن جي بهتري لاءِ سياست ۾ اچي خرچ ڪري ڇڏيم، ڇاڪاڻ ته هن ملڪ ۾ سچي سياست جي ميدان ۾ پنهنجي جان، مال سڀ ڪجهه قربان ڪرڻو ٿو پوي. زماني جي حڪومتن گهر زمينون به سياسي عداوت ڪري کسجي وڃن ٿيون. هن وقت مون وٽ ۱۵۰۰ رپيا ۽ ڪپڙا اٿم.‘

قاضي فيض محمد جيڪو به ڪم ڪيو، اُهو خاموشي سان ڪيو ۽ خود ثنائي کان مٿانهون رهيو. سندس چوڻ هو ته: ’ماڻهو چوندا آهن ته پنهنجي نالي کي قائم ڪجي ۽ ڪجهه ڪري وڃجي، پر پاڻ اهڙي منزل تي پهتا آهيون، جو مان سمجهان ٿو ته اهڙو خيال به وڏي نفس پرستي آهي‘. ساڳئي نموني سندس اهو به چوڻ هو ته ’مان شخصيت پرستي کان ڏاڍو ڊڄندو آهيان، عوامي شخصيت کي اجاگر ڪرڻ گهرجي، عوام کي موتي ۽ هيرو بڻائجي، شخصيت پنهنجي ليکي ڪابه شيءِ ناهي‘. قاضي فيض محمد پنهنجي ذات ۽ ڪردار ۾ گهڻ رخو نظر اچي ٿو. هُن جو جيڪو ڪم آهي، ان تي کيس جيتري به ڀيٽا ڏجي اُها گهٽ آهي.

تازو رڪ سنڌي قاضي فيض محمد جي سوانح حيات تي مشتمل ڪتاب سامهون آندو آهي، جيڪو قاضي فيض محمد فائونڊيشن ڇپرايو آهي. هن ڪتاب ۾ قاضي فيض محمد جي ننڍپڻ، تعليم، سياسي زندگي، ون يونٽ تحريڪ کان وٺي الاٽي تحريڪ ۾ ڪردار، سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل جدوجهد، ادبي ۽ ثقافتي خدمتن جو مختصر پر جامع ذڪر ٿيل آهي. رڪ سنڌي پنهنجي ٻن اکرن ۾ قاضي فيض محمد کي ڀيٽا ڏيندي لکي ٿو ته: ’قاضي فيض محمد سنڌ وطن جو سچو خادم، پورهيتن جو همدرد ۽ بهترين ساٿي هيو، پاڻ سڄي عمر سنڌي قوم جي بقا ۽ ان جي حقن جي بچاءَ جي جنگ ۾ شامل رهيا. جڏهن به، جتي به هتان جي پورهيت عوام جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد ٿي، پاڻ ان ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪندا رهيا. سندن سنڌ دوستي هتان جي هارين ۽ مزدورن سان محبت هر مذهب ۽ مسلڪ کان مٿانهين رهي. پاڻ نهايت جاکوڙي انسان هئا، زندگي جي آخري گهڙي تائين حق ۽ سچ لاءِ جدوجهد ڪندا رهيا. سندن قول ۽ فعل سنڌ جي قومي تاريخ ۾ نهايت اهم جڳهه والاريندا. اهڙي قابل فخر ۽ عزت لائق انسان جي سوانح لکندي، مون ساڻن ڪيترو انصاف ڪيو آهي، ان جي شاهدي ڪي ڪتاب ڏيندو‘.

۲۳ نومبر ۱۹۰۸ع تي هالاڻي ۾ جنم وٺندڙ قاضي فيض محمد ۱۳ آڪٽوبر ۱۹۸۲ع تي پنهنجي آخري ساهه تائين سنڌ ۽ سنڌ جي هارين، نارين ۽ مسڪين ماروئڙن لاءِ سوچيندو رهيو. علامه مشرقي جي خاڪسار تحريڪ کان وٺي سنڌ هاري ڪميٽي، مسلم ليگ، آل پاڪستان عوامي اتحاد، سنڌ عوامي محاذ سميت جنهن به تنظيم ۾ رهيو، اُتي سنڌ جي مفادن جي رکوالي ڪندو رهيو. سنڌ ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي کانپوءِ قاضي فيض محمد اُهو ٻيو ماڻهو هو، جنهن سنڌي قوم، هتان جي پورهيت عوام جي خوشحالي لاءِ هلندڙ هر جدوجهد جو ساٿ ڏنو. هتي جنهن به پورهيتن جي مفادن تي ميري اک رکي، قاضي فيض محمد ان سان ٽڪر کاڌو، هن ڪڏهن به اصولن تي سوديبازي نه ڪئي. کيس خريد ڪرڻ ۽ جهڪائڻ جون ڪيتريون ئي ڪوششون ٿيون، پر هي پنهنجي ڪاز سان ڪميٽيڊ رهيو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ پوري قوم سندس نالو عزت ۽ احترام سان وٺي ٿي ۽ سندس ذڪر سنڌ دوست ماڻهن ۾ ٿئي ٿو.

قاضي فيض محمد جي سياسي زندگي کانپوءِ سندس ادبي زندگيءَ تي نظر وجهجي ٿي ته اُها به شاندار قسم جي نظر اچي ٿي. هن ڪيترا ئي ڪتاب لکيا، جن ۾ پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي ماڻهن جو ڪيس وڙهيو، سندس ٽئي ناول ’جنسار‘، ’ٻاويهه سؤ ٻاويهه ع‘ ۽ ’اڻ ڄاڻ‘ شاندار ناول آهن. ’جنسار‘ ناول جيڪو هن ۱۹۵۴ع ۾ سکر سينٽرل جيل ۾ لکيو، ان ۾ ورهاڱي کان اڳ سنڌ جو نقشو چٽيل آهي. ان کان سواءِ ان ۾ هن سنڌ ۾ جاگيردارن جي ظلم ۽ هندو مسلمانن وچ ۾ نفاق پيدا ڪرڻ وارين سازشن کي بي نقاب ڪيو آهي. ’ٻاويهه سؤ ٻاويهه ع‘ ۾ هن مستقبل جي دنيا جو نقشو چٽيو آهي ۽ سائنسي ترقي جي فائدن کي بيان ڪيو آهي. قاضي صاحب جو هي شاهڪار ناول آهي، جيڪو وري وري پڙهڻ تي دل چوي ٿي. ساڳئي نموني سندس ناول ’اڻ ڄاڻ‘ پڻ پڙهڻ وٽان آهي. ان کانسواءِ سندس ٻيا ڪتاب ’سورن سندي سيج، دردن سندو داستان، علامه آءِ آءِ قاضي، هاري ڪميٽي ۽ الاٽي تحريڪ‘ به پنهنجي دور جي تاريخ آهن. قاضي فيض محمد جي لکڻ جو انداز سڌو ۽ کرو هيو، هو ڪابه ڳالهه رومال ۾ لکائي پيش ڪرڻ وارن مان نه هو، ڀلي ڇا به ٿي پوي، پر سچ کي جيئن جو تيئن لکڻ سندس عادتن ۾ شامل هو.

ڪتاب ’قاضي فيض محمد‘ ۾ قاضي صاحب جي زندگيءَ جي مختلف رخن کي کولي بيان ڪيو ويو آهي ۽ جيڪي ماڻهو، سندس شخصيت ۽ ڪردار جي ڪن پاسن کان اڻواقف آهن، هي ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ انهن اڳيان اُهي سمورا پاسا کُلي سامهون اچن ٿا. رڪ سنڌي ايڏي وڏي شخصيت جي سوانح حيات لکي سچ زبردست ڪم ڪيو آهي. حقيقت اِها آهي ته پاڻ هنن ماڻهن جي محنتن، خدمتن جو قرض ته نٿا لاهي سگهون، پر ههڙي نموني کين خراج ضرور پيش ڪري سگهون ٿا. سنڌ ۾ اهڙيون ڪيتريون وڏيون شخصيتون آهن، جن پنهنجي زندگيءَ ۾ وڏا ڪم ڪيا، پر اهي اڪثريت جي اکين اڳيان نمايان ناهن. جيڪڏهن اسان اهڙي نموني پنهنجين انهن شخصيتن جي ذات ۽ ڪردار تي لکون ته اِهو وڏو ڪم هوندو. قاضي فيض محمد تي جيتوڻيڪ هينئر تائين گهڻو ڪجهه لکجي چُڪو آهي، پر هن جو ڪم ايترو ته وڏو آهي، جو گهڻو لکيو به ٿورو محسوس ٿئي ٿو.

هن ڪتاب ۾ قاضي فيض محمد جي شخصيت، ان جي سياسي جدوجهد، ادبي ۽ ثقافتي خدمتن کي ڌار ڌار نموني بيان ڪيو ويو آهي. هي ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ نه رڳو قاضي فيض محمد جي ذات ۽ ڪردار جي پروڙ پوي ٿي، پر سچ ته دل ۾ ان لاءِ عزت ۽ احترام جو جذبو اڃا وڌي وڃي ٿو. قاضي صاحب پنهنجي ڪجهه سالن جي ڄمار ۾ صدين جيترو ڪم ڪري ويو آهي. سندس ڪردار کي هي قوم ڪڏهن به وساري نه سگهندي. هن پنهنجي ماڻهن لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي، اُها تاريخ جي ورقن ۾ سدائين ياد رکي ويندي. پاڻ پنهنجي دور جي جاگيرداراڻي ۽ سرمائيداراڻي سياست جو سخت مخالف رهيو.

هُن ڪڏهن به وزارتن لاءِ سياست نه ڪئي، پر سندس سياست جو مقصد عوام جي خدمت هو، ان جو اندازو سندس هن جملي مان به ٿئي ٿو: ’سياست قومن جي نه پر سڄي انسانذات جي زندگي آهي، خبر ناهي ته ماڻهو سياست کي ڇا ٿا سمجهن، ڪن وري ان کي بازيگري تصور ڪيو آهي، مگر انهن سڀني روپن وارا ماڻهو جاهل آهن، جن سياست جو جنازو ڪڍي، انسانذات کي تباهي جي در تي اچي بيهاريو آهي. حقيقت ۾ سياست هڪ تمام اوچي سائنس آهي، جيڪا منطقي طور تي انسانذات جي ڀلائي لاءِ ڪم آڻڻي آهي. مگر افسوس جو هتي خاص ڪري مسلمانن جي ملڪن ۾ خودپرستي جي لاءِ سياست هڪ اوزار آهي، جنهن جي معرفت پنهنجن کي ته تباهه ڪري ڇڏيائون، پر هاڻي ته سڄي دنيا جي تباهي جو ڪارڻ هي سياسي سورما بڻجي رهيا آهن‘.

ان دور ۾ جڏهن پاڻ وارا سياستدان انگريزن جا پير ڇُهي، تمغا، لقب ۽ مال ملڪيتون وٺندا هئا، تڏهن قاضي فيض محمد ان قطار ۾ بيٺل هوندو هو، جيڪي غلاميءَ کي ذلت سمجهندا هئا ۽ آزاديءَ ۾ ايمان رکندا هئا. مجموعي طور تي قاضي فيض محمد جي زندگي اسان لاءِ هڪ مثال آهي، هو سچو ۽ نيڪ نيت ماڻهو هو. اهڙا ماڻهو عوام جي دلين ۾ وسندا آهن ۽ انهن کي موت ڪڏهن به ماري ناهي سگهندو.


قاضي فيض محمد

سنڌ جي هڪ ٻهڳڻي شخصيت

اسحاق سومرو

قاضي فيض محمد مرحوم جي اڄ ورسي ملهائجي رهي آهي. هو سنڌ جو ايماندار سياستدان ۽ وڪيل ٿي گذريو آهي. اهڙن ڪردارن جي سنڌ کي اڄ شديد ضرورت آهي. قاضي فيض محمد ۲۰ هين صدي جي پهرئين ڏهاڪي، ۲۳ نومبر ۱۹۰۸ع تي نوشهروفيروز ضلعي جي شهر هالاڻيءَ ۾ پيدا ٿيو. هن پنهنجي زندگي ڀرپور خدمت ڪندي گذاري، سندس ڪيل سياسي، سماجي ۽ وڪالتي خدمتون پڙهي، ٻڌي ۽ ڏسڻ کان پوءِ اهو ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ جنهن به پنهنجي زندگي ۾ محنت، ايمانداري ۽ سچائي کي پنهنجو اصول بڻايو آهي، اهي اڄ به سنڌ ۾ انتهائي عزت جي نگاهه سان ڏٺا وڃن ٿا.

قاضي فيض محمد ابتدائي تعليم هالاڻي مان حاصل ڪئي، ان کان پوءِ خيرپور ميرس، نوشهرو فيروز هاءِ اسڪول مان پڙهي، ڪراچيءَ مان بي ايس سي ۽ ايل ايل بي جي تعليم مڪمل ڪيائين. هن پنهنجي سياسي زندگي جي شروعات ۱۱ سالن جي عمر ۾ اسڪول ۾ ساڻس پڙهندڙ هندو شاگردن سان گڏ ڪئي. ڇاڪاڻ ته ان دور ۾ سندس رهائشي علائقي “ساهتي” ۾ پيدا ٿيل سياسي بيداريءَ هن تي پڻ اثر ڪيو هو. هن ۱۹۲۸ ۾ جڏهن سائمن ڪميشن جا ميمبر ريل گاڏيءَ ۾ پڊعيدن جي ريلوي اسٽيشن تان لنگهيا ته هن پڻ ٻين شاگردن گڏ اسٽيشن تي وڃي “Go Simon Go” جا نعرا هنيا هئا. ان کان پوءِ هو خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيو، ۱۹۴۲ ۾ جڏهن بنگال ۾ ڏڪار پيو ته هي اتي رضاڪار جي حيثيت سان ٻن مهينن لاءِ پڻ ويو هو. ۱۹۴۳ ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ ۱۹۴۸ ۾ هاري ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ ٿيو. قاضي فيض محمد جي زندگيءَ جو احوال پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هو سنڌ جي وچولي طبقي جي چند انهن سياستدانن ۽ قومي ڪارڪنن مان هو، جن پنهنجي زندگيءَ جي آخر تائين بااصول، باڪردار سياست ۽ وڪالت واري پيشي سان لاڳاپيل رهيو. قاضي فيض محمد شروعات کان وٺي هارين جي حقن لاءِ جاکوڙيندو رهيو. الاٽي هارين کان جڏهن پاڪستان سرڪار زمين کسي مهاجر دعويدارن کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ته هن هارين سان گڏجي زبردست احتجاجي تحريڪ هلائي. هن ان لاءِ لنڊي اسٽيشن (سانگهڙ) گوليمار ڪراچي، سڪرنڊ ۽ محرابپور ۾ پڻ هاري ڪانفرنسون منعقد ڪرايون. هن سنڌ ۾ بٽئيءَ جي تحريڪ جي شروعات پڻ ڪرائي ۽ چيو ته ڪو به هاري لاپو ۽ ٻيا خرچ نه ڏئي ۽ صرف بٽئي وارو حصو زميندار کي ڏئي. اهڙين تحريڪن خاص طور تي سنڌ جي هارين ۾ سجاڳي پيدا ڪئي. هندستان جي ورهاڱي وقت هن سنڌي هندن جي سنڌ مان لڏ پلاڻ جي مخالفت ڪئي ۽ ساهتيءَ جي علائقي ۾ جلسا ۽ جلوس ڪڍي هندن کي سنڌ نه ڇڏڻ جي لاءِ منٿون ڪيون. هن کي ڪيترا ئي دفعا جيل ۽ جلاوطني پڻ ڀوڳڻي پئي.

قاضي فيض محمد پنج دفعا جيل پڻ ويو. هو سياستدان سان گڏ وڪيل، اديب، ناولسٽ، موسيقار، شاعر ۽ هڪ ترقي پسند انسان هو. جنهن ان دور ۾ پنهنجي اولاد ۽ خاص طور تي نياڻين کي اعلى تعليم جي زيور سان سينگاريو. قاضي فيض محمد جيتوڻيڪ هڪ انتهائي جذباتي شخص پڻ هو، پر ان سان گڏوگڏ سندس دوستيون ۽ واسطا بنا سياسي تعصب جي مولوي معاذ پيرزادي، جي ايم سيد، شيخ مجيب الرحمان ۽ ذوالفقار علي ڀٽي سان پڻ هئا. هو هارين جو همدرد ۽ ڪميونسٽ ورڪرن جو دوست ۽ بنا معاوضي جي هارين پورهيتن ۽ غريبن جا ڪيس وڙهندو هو. هن ڪيترا ئي ڪتاب پڻ لکيا، جن ۾ علامه آءِ آءِ قاضي، هاري ڪميٽي الاٽي تحريڪ ۽ اڻڄاڻ، جنسار ۽ ٻاويهه سو ٻاويهه جهڙا ٽي ناول پڻ لکيا. ياد رهي ته سندس ناول ٻاويهه سو ٻاويهه اهڙو ناول آهي جيڪو کيس هڪ “مستقبل بين” Futuristic Writer جي صف ۾ بيهاري ٿو. ان ۾ هن اهو رقم ڪيو آهي ته دنيا ۲۲۲۲ع ۾ ڪيئن هوندي.

قاضي فيض محمد جو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سان به دوستاڻو واسطو رهيو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي ٺهڻ کان پوءِ جڏهن ڀٽو نواب شاهه آيو ته سندس غريب آباد نواب شاهه واري گهر تي مهمان پڻ بڻيو، جتي رات جي ماني کاڌي ۽ نواب شاهه جي شهرين سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي هن قاضي فيض محمد کي پ پ ۾ شموليت جي باقاعده دعوت ڏني. پر هن مجيب الرحمان سان گڏ هئڻ جي ڪري جواب ڏئي ڇڏيو. ان وقت پيپلز پارٽي پوري پاڪستان خاص طور تي سنڌ ۾ تيزيءَ سان مقبول ٿي رهي هئي. پر قاضي فيض محمد جي اصول پسنديءَ کيس مجيب الرحمان جي عوامي ليگ کي نه ڇڏڻ تي مجبور ڪيو. اهو ئي سبب هو جو قاضي فيض محمد کي مجيب الرحمان عوامي ليگ جو سينئر نائب صدر چونڊيو. ۱۹۷۰ع جي اليڪشن ۾ قاضي فيض محمد عوامي ليگ جي طرفان سڪرنڊ واري تڪ تان قومي اسميبليءَ جي سيٽ تي چونڊن ۾ حصو ورتو. اهو هڪ دلچسپ واقعو هو ته ذوالفقار علي ڀٽو پ پ جي ٽڪيٽ تي ڪوبه اميدوار اوڀر پاڪستان (بنگلاديش) مان نه بيهاري سگهيو هو، شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ جي قاضي فيض محمد کي سنڌ مان پنهنجي پارٽيءَ جي طرفان اليڪشن ۾ بيهاريو ويو. ۱۹۷۰ع جي اليڪشن ۾ پ پ جي ٽڪيٽ کي ڪاميابيءَ جي ضمانت ڪوٺيو پئي ويو. قاضي فيض محمد پنهنجي آتم ڪٿا “منهنجو سفر” ۾ لکي ٿو ته “ان اليڪشن ۾ جي ايم سيد جي پٽ سيد امداد محمد شاهه ساڻس ملي چيو ته: جيڪڏهن پ پ وارا حاڪم علي زرداريءَ کي هٿ کڻائين ته سيد گروپ، شبير احمد شاهه کي هٿ کڻائي کيس بنا مقابلي قومي اسيمبليءَ تي چونڊرايو ويندو”. ان کان پوءِ نواب شاهه ۾ غلام مصطفى جتوئي، حاڪم علي زرداري سندس ڀاءُ غلام هادي آيا، ان وقت سيد امداد محمد شاهه پڻ موجود هو. غلام مصطفى جتوئي چيو ته قاضي فيض محمد لاءِ عزت آهي ۽ حاڪم علي زرداري هٿ کڻڻ لاءِ تيار آهي، شبير احمد شاهه کي هٿ کڻايو، ته پوءِ هو منهنجي مدد ڪندا. ٻئي ڏينهن تي قاضي فيض محمد، مولوي عزيزالله، غلام محمد لغاري، سومرو غلام حسين سڀ گڏجي جي ايم سيد وٽ حيدرآباد ۾ پهتا. کيس سڄي ڳالهه ٻڌائي وئي. جي ايم سيد ان تي ناراض ٿيو، سندس ڀر ۾ جويو صاحب به ويٺو هو سو به ٿورو ڪاوڙجي پيو. جي ايم سيد چيو ته شبير شاهه لکين روپيا خرچ ڪري ڇڏيا آهن، هو هٿ ڪيئن کڻندو، اسان چيو ته حاڪم عليءَ به کوڙ سارا ڏوڪڙ خرچ ڪيا آهن. جي ايم سيد چيو ته کيس عوامي ليگ جي ٽڪيٽ ئي ڪانهي ۽ ائين قاضي فيض قومي اسيمبليءَ جو ميمبر بڻجي نه سگهيو ۽ ان اليڪشن ۾ سيد گروپ جو اميدوار سيد شبير احمد شاهه هارائي ويو. پ پ جو اميدوار حاڪم علي زرداري اها اليڪشن کٽي ويو. ان اليڪشن ۾ قاضي فيض کي صرف۲۰۰۷ ووٽ مليا. ياد رهي ته موجوده قومي اسيمبليءَ جو ميمبر پ پ جو سيد غلام مصطفى شاهه شبير احمد شاهه جو پٽ آهي.

سنڌ کي اڄ به قاضي فيض محمد جهڙن باڪردار ۽ ايماندار سياستدانن جي ضرورت آهي، جن سياست کي ڪڏهن به ذاتي فائدي ۽ عهدي لاءِ استعمال نه ڪيو. هن ذوالفقار علي ڀٽي جي پ پ ۾ شامل ٿيڻ واري آڇ کي قبول نه ڪري بنگالين جو ساٿ ڏنو، آخر تائين شيخ مجيب سان گڏ رهيو.

قاضي فيض محمد کي مون پنهنجي هاءِ اسڪول جي تعليم دوران ايڇ خواجه اسڪول نوابشاهه وٽان سندس غريب آباد واري گهر کان ڪورٽ کان پنڌ ايندي ۽ ويندي ڏٺو. هو صوفياڻو مزاج رکندڙ ماڻهو هو. هو سڪرنڊ ۾ ڪامريڊ چاچي عثمان عمراڻي وٽ ايندو رهندو هو. جتي اسين سندس هارين جي حقن ۽ ٻين مسئلن تي ڪيل ڳالهين کي غور سان ٻڌندا هئاسين.


ڪامريڊ قاضي فيض محمد

کيس تاريخ ڪڏهن به نه وساريندي - ورسي جي حوالي سان

حميده گهانگهرو

هاري تحريڪ جو جنم صوفي شاهه عنايت شهيد جي هارين سان ٿيل ڏاڍ ظلم خلاف هلايل تحريڪ جوکيڙي سوکائي ۽ هاري حقدار جي نعري سان گونجندي شروع ٿيو. شاهه عنايت شهيد هارين جي حقن لاءِ انقلابي نعرو هڻي جدوجهد جي شروعات ڪري هارين ۾ اتساهه پيدا ڪيو.جيئن ڪارل مارڪس پورهيتن ۾ اتساهه پيدا ڪري طبقاتي نظام جي خاتمي جو انقلابي جدوجهد جو فلسفو ڏنو. شاهه عنايت شهيد ڪارل مارڪس کان به اڳ ظلم خلاف آواز بلند ڪري قرباني ۽ اصولن تي قائم رهڻ واري جدوجهد جي شروعات ڪئي. هاري جدوجهد لاءِ قربانيون ڏيندڙ هارين جو اجتماعي قبرون ميران پور ۾ اڄ به گواهي ڏين ٿيون ته تحريڪ ۽ تاريخ ڪنهن کان وسري ناهي.

انهيءَ تحريڪ جي اتساهه جو اولڙو ڪامريڊ حيدربخش جتوئي تي پوي ٿو. ڪامريڊ ڏاٽي ۽ ڳاڙهي جهنڊي کي کڻي هڪ قافلي جي صورت ۾ اڳتي وڌي ٿو. سندس قافلي ۾ ڪيترا ئي نامي گرامي ڪردار شامل ٿين ٿا. ڪامريڊ غلام محمد لغاري، ڪامريڊ عبدالقادر انڍڙ، مولوي نذير حسين، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، ڪامريڊ روچي رام، ڪامريڊ عزيز سلام بخاري، ڪامريڊ رشيد احمد شاهه، ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهرو، علي مطاهر جعفري ۽ هالاڻي ۾ قاضي فيض محمد، قاضي غلام هادي ۽ سندس خاندان جي ٻين فردن تي به تمام گهڻو اثر هئو.

قاضي فيض محمد پيشي جي لحاظ کان وڪيل، اديب، دانشور ۽ ذهين انسان هو. قاضي صاحب کي شعر و شاعري کانسواءِ موسيقي سان به گهڻو چاهه هئو. ڪڏهن به ڪنهن هن تڪليف کي ذهن تي طاري نه ڪيو پر عوام جي ساٿ سان گڏ بيهي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ان ڪري سندس ڪيترن لقبن ۾ سماجي ورڪر، مدبر سياستدان به رهيو. قاضي صاحب جي سياست عوام ۽ خاص طور هارين ۾ سجاڳي ۽ انهن جي مسئلن کي حل ڪرائڻ سندس زندگيءَ جو خاص متن هو.

سنڌ ۾ الاٽي هاري تحريڪ ۾ سندس فعال ڪردار رهيو. پاڻ بيباڪيءَ سان همت نه هاريندي هميشه حالتن سان مقابلو ڪيا ۽ رپوشيءَ دوران ڪيترين ڌمڪين ملڻ باوجود به هڪ قدم پوئتي نه رهيو. هاري ڪانفرنس ۾ حقن جي جدوجهد سان گڏ علم شعور لاءِ به اتساهه ڏيندو رهيوانهيءَ ڪري ڪيترن ڪتابن جو ليکڪ رهيو. اسان سڀ ڀينرون ڀائر کيس “ڪتابن وارو چاچا” چوندا هئاسين. هالاڻي، محرابپور جي ويجهو آهي ۽ چاچا قاضي جو اڪثر بابا سان رابطو هوندو هو. الاٽي هاري تحريڪ ۾ سرگرم رهڻ، محرابپور ۾ هاري ڪانفرنس ڪرائڻ، اسانکي هميشه ٻاراڻا ادبي ڪتاب تحفي طور ڏيڻ ۽ ٻئي دفعي استادن وانگر ڪتابن تي تبصرا وٺڻ سندس زندگيءَ جو خاص پهلو هو.

اڄ جي سياست ۽ ماضيءَ جي سياست تي ٿورو نظر رکجي ٿي ته سمجهه ۾ اچي ٿو ته ماضيءَ جي اهڙن سچن ۽ کرن ڪردارن جي تعليم ۽ تربيت جواثر اهو آهي ته هو وڪيا ناهن. اڄ به جڏهن پنهنجي ماضيءَ جي ڪردارن کي ياد ڪيون ٿا ته ڄڻ انهيءَ تسلسل کان ٽٽا ناهن. ۲۰۱۸ع ۾ منهنجو، چاچا قاضيءَ جي ورسي ۾ وڃڻ جو پروگرام ٺهيو. اقبال گاڏهي ۽ شريف سومري فون ڪيو. مان بلڪل انڪار نه ڪري سگهيس. ڇاڪاڻ جو انڪار جو مقصد اسان تاريخ کان منهن موڙي پنهنجي ورثي کي وسارڻ هجي ٿو. بس صبح جو ۵ وڳي پهتي، هالاڻي پهچي مون ائين ڀانيو، ڄڻ مان پنهنجي گهر آئي هجان. اقبال گاڏهي. شريف سومرو ۽ سندس گهر واري اسٽاپ تي انتظار ڪن پيا. مونکي پنهنجي ماضيءَ جي اها ياد آئي جڏهن بابا اسٽيشن تي مونکي وٺڻ ايندو هو. هي روايتون اسانجي وڏڙن کان ورثي ۾ مليل آهن. هالاڻي جون گهٽيون ۽ قاضي حويليون ته ڄڻ ماضيءَ جي عڪسبندي ڪري ڪا فلم ٺاهي رهي هئي. مون سان گڏ ڪي فلمي ڊائريڪٽر يا پروڊيوسر نه هئا پر ماضيءَ جون شاندار يادون جيڪي ٽن ڪلاڪن جي اسٽوري ۾ بند نه پر ۴۵ سالن جي سفر جون هيون جن جي تند مونکي ڪٿي به ٽٽندي محسوس نه ٿي.

چهرا ڀلي ٻيا هئا پر هر قدم جي مٽي سندس وجود جدوجهد قرباني، سچائي جي گواهي ڏئي رهيا هئا. چاچا قاضي جي آخري آرامگاهه ۾ ستل اهو ئي چاچا قاضي آهي جيڪو منهنجي لاءِ ڪتاب کڻي ايندو هو. سندس سيراندي جي ڪتبي تي لکيل هجي “قاضي فيض محمد”، مونکي محسوس ٿيو هارين جي حقن لاءِ وڙهندڙ هڪ تاريخي جدوجهد جو ڪتاب آهي جنهن تي قاضي فيض محمد نالو لکيل آهي. سندس ڀائيٽيا سڪندر قاضي، مٽ مائٽ نئين نسل جا نوجوان وڏو فرزنده وغيره جڏهن گلن جي چادر آخري آرامگاهه تي وجهڻ لڳاسين ته ڄڻ سندس گلي ۾ هاري جي ڪنڍي پارائيندي اهو وچن پيا ڪريون ته اڄ به ان شاندار جدوجهد جي ڪاميابيءَ جو عڪس آهي جو هاري پنهنجي حقن لاءِ وڙهي رهيو آهي. بس فرق صرف اهو آهي ته سندس ساٿي نه هئڻ ڪري اٻوجهه هاري، ناري، شاگرد ۽ مزدور اٻاڻڪا ضرور آهن، پر مايوس ناهن.

قاضي صاحب جي مدبر سياستدان جي وڏي سڃاڻپ اها آهي ته هن ڪيترن سياسي اڳواڻن سان نه صرف رابطا ڪيا پر وڃي ڪچهريون به ڪيون. سندس مولانا ابوالاڪلام آزاد، حسرت موهاني، سڀاش چندر ڀوس سان خاص سياسي سوچ فڪر ۽ حالتن جي تجزئي تي بحث مباحثا ٿيندا رهيا. اڄ جي دور ۾ ملڪن کي نفرتن ۾ الجهايو ٿو وڃي پر قاضي صاحب رنگ نسل، مذهب جي مت ڀيد کان مٿانهون پئي سمجهيو ته ننڍي کنڊ جا ڪهڙا مسئلا آهن. ۽ جڏهن ملڪ ترقي ڪندا آهن ته سندن ڳانڍاپو پاڙيسري ملڪن جي سٺن لاڳاپن تي اثر ڇڏيندو.

اها قاضي فيض محمد جي شخصيت هئي جنهن ننڍي کنڊ جي مظلوم ۽ پورهيت هارين جي حقن کي پنهنجي ڌرتيءَ جي مظلوم پورهيتن جي احساسن، جذبن سان جوڙي ثابت ڪيو ته انقلابي سوچ جي جذبي ڪا ديوار ڪانهي ۽ انسانيت جي رشتي کي ڪنهن مخصوص نالي يا مخصوص ذات ۾ قيد نٿو ڪري سگهجي. ۱۹۴۱ع ۾ جڏهن پاڻ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ ۾ شامل ٿيو ته خاڪسار تحريڪ سان به رابطو رکندي بنگال ۾ ڏڪار وقت ڪلڪتي ۾ هڪ وڏي ڪئمپ هڻي اتان جي غريب عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.

قاضي صاحب هڪ ڳالهه تي پختو ويساهه رکندڙ هو ته ڪچي مٽي پچڻ کانپوءِ ڪم اچي ٿي. هاري انهيءَ زمين کي کيڙي حفاظت ڪري ٿو ته اناج نصيب ٿئي ٿو هڪ هاري جي محنت سوين جانين جي کاڌ خوراڪ پيدا ڪري ٿي. اهڙي نموني هڪ انقلابي جدوجهد پوري سماج کي باشعور ڪرڻ جي تربيت ڏئي ٿي. انهيءَ ڪري قاضي صاحب ڪيترا ڀيرا جيل جون اذيتون به برداشت ڪيون. جيل دوران سندس ونيءَ ٻارن جي بهترين پالنا ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. اڄ هو سڀ سٺن عهدن ۽ سٺين نوڪرين ۾ آهن. قاضي صاحب سماج ۾ پنهنجي ٻارن جي زندگيءَ کي ڪنهن محروميءَ جي اوڙاهه ۾ وڃڻ کان بچايو.

قاضي صاحب قيد ۾ رهڻ ڪري به قلم جي ساٿ کي نه ڇڏيو ۽ ڪيترا ڪتاب لکيا. جڏهن به تاريخ لکي ۽ پڙهي ويندي ته ساهتي پرڳڻي جو ڪامريڊ قاضي فيض محمد مٿانهن نالن ۾ ڳڻيو ويندو. تاريخ اهڙي ماڻهن کي ڪڏهن به نه وساريندي جيڪي تاريخ جوڙيندڙ هوندا. ها البت ائين ضرور آهي ته سندس سڄي ذاتي ملڪيت جو وارث سندس اولاد آهي پر سندس جدوجهد کي ياد ڪرڻ ان تي عمل ڪرڻ جا وارث سڄي قوم آهي جيڪا قاضي صاحب جي جدوجهد کي اڄ به پنهنجي جدوجهد جي مشعل راهه سمجهي ٿي.


قاضي فيض محمد

سنڌ جو هيرو

پروفيسر اعجاز قريشي

سنڌ جي سداحيات عاشق قاضي فيض محمد جو جنم سنڌ جي ساهتي پرڳڻي جي شهر هالاڻيءَ ۾ ۲۳ نومبر ۱۹۰۸ع تي قاضي نبي بخش صديقي جي گهر ۾ ٿيو. سندس والد سڳورو سندس ڄمڻ جي ڇهن مهينن کانپوءِ وفات ڪري ويو. ابتدائي تعليم پهرين هالاڻي، بعد ۾ خيرپور هاءِ اسڪول ۽ ان بعد نوشهري فيروز ۾ سيد الهندي شاهه جي ڪوششن سان قائم ٿيل مدرسه هاءِ اسڪول ۾ حاصل ڪيائين. اهو دور سنڌ سميت ننڍي کنڊ، هندستان ۾ سياسي هلچل وارو دور هو. پهرين عالمي جنگ ختم ٿي ته خلافت تحريڪ شروع ٿي. قاضي صاحب پڻ ننڍپڻ ۾ تعليم پرائڻ سان گڏوگڏ خلافت تحريڪ ۽ بعد ۾ ڪانگريس جي سائمن گوبئڪ، ڪئٽ انڊيا موومنٽ ۾ حصو ورتو. کيس جواهر لعل نهرو، مولانا ابوالڪلام آزاد، سڀاش چندر بوس کي پڻ ويجهڙائي سان ڏسڻ ۽ سندن تقريرون ٻڌڻ جو موقعو مليو.

قاضي صاحب ۱۹۳۵ع ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي ايس سي جي ڊگري حاصل ڪئي. ۱۹۴۰ع تائين تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪيائين. ۱۹۴۰ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان وري ايل ايل بي جو امتحان پاس ڪري وڪالت ڪرڻ لڳو ۽ آخر تائين وڪالت ڪندو رهيو.

قاضي صاحب سنڌ جي انهن سچار ۽ املهه انسانن مان هو جن کي حق، سچ ۽ انصاف سان عشق جي حد تائين محبت ۽ ڪوڙ، ظلم ۽ ناانصافيءَ سان بي انتها نفرت هئي. محنت ۽ پورهئي وسيلي سماج ۾ مڃتا ماڻڻ ۽ بنا ڪنهن فرق جي سموري انسان ذات سان محبت ڪرڻ سندس شيوو هو. تنهن ڪري قاضي صاحب اسان کي پنهنجي زندگيءَ جي هر دؤر ۾ جدوجهد ڪندي نظر اچي ٿو.

قاضي صاحب ۱۹۳۰ع واري ڏهاڪي ۾ خاڪسار تحريڪ ۾ شموليت اختيار ڪئي. ۱۹۴۰ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌ هاري ڪاميٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪئي. جيئن ته ان دؤر ۾ هاري ڪاميِٽيءَ جا ميمبر گڏوگڏ ٻين پارٽين ۾ به ڪم ڪري سگهندا هئا تنهن ڪري قاضي صاحب ۱۹۴۶ع ۾ مسلم ليگ ۾ پڻ شموليت اختيار ڪئي.

۱۹۴۷ع واري ورهاڱي جي نتيجي ۾ جيڪا سنڌي هندن جي لڏپلاڻ ٿي قاضي صاحب ان موقعي تي نهايت جرئت ۽ همت سان سنڌي هندن کي لڏي وڃڻ کان روڪڻ، کين بچائڻ ۽ سندن جائيداد جي تحفظ لاءِ پڻ جاکوڙ ڪئي. ان دؤر ۾ اويڪيو پراپرٽي ائڪٽ تحت جيڪا زمينن ۽ جائيدادن جي ڦرمار شروع ٿي ۽ ڪوڙن ڪليمن جو ڪارونهوار هلي پيو، قاضي صاحب ان صورتحال ۾ حقدارن کي حق ڏيارڻ لاءِ نهايت بهادري ۽ همت سان هاري الاٽي تحريڪ هلائي جنهن جو مقصد جائز ۽ حقدار هارين کي زمينون ڏيارڻ هو. قاضي صاحب کي ان ۾ ڪجهه قدر ڪاميابي پڻ ملي پر کيس جيل ۾ بند ڪيو ويو ۽ ٿوري وقت بعد آزاد ڪيو ويو. ۱۹۴۸ع ۾ جڏهن ڪراچي سنڌ کان جدا پئي ڪئي وئي ته قاضي صاحب ان خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ پڻ حصو ورتو. ان دؤر ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان ٽيننسي ائڪٽ پاس ڪرائڻ لاءِ هلندڙ هلچل ۾ پڻ قاضي صاحب ڀرپور حصو ورتو. ۱۹۵۰ع واري ڏهاڪي ۾ قاضي صاحب مسلم ليگ کان علحدگي اختيار ڪئي.

۱۹۵۳ع ۾ سنڌ عوامي محاذ جي سرگرمين ۾ پڻ قاضي صاحب سائين جي ايم سيد سان گڏجي سنڌ کي صوبائي خودمختياري ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ۾ حصو ورتو. ۱۹۵۴ع ۾ جڏهن ون يونٽ لاڳو ڪري سنڌ جي جاگرافيائي حيثيت کي ختم ڪيو ويو ته قاضي فيض محمد جنهن پر جوش انداز ۾ جدوجهد ڪئي اها تاريخ جو هڪ روشن باب آهي. جلسا،جلوس، جيلن جون سختيون هجن يا ايوبي مارشل لا جا ٽارچر سيل قاضي صاحب ڪنهن به شئي جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ظلم ۽ ناانصافيءَ واري ان قهري ڪوٽ ڪيرائڻ لاءِ مستقل مزاجي ۽ همت سان جدوجهد ڪئي. ان وچ ۾ قاضي صاحب نعپ ۽ عوامي ليگ ۾ پڻ شامل ٿيو. عوامي ليگ پاران ۱۹۶۷ع کان ۱۹۷۱ع تائين هلندڙ جدوجهد دوران شيخ مجيب الرحمٰن سان سندس ويجها ۽ گهاٽا تعلقات استوار ٿيا جيڪي اڳتي هلي سنڌ ۽ بنگلاديش دوستيءَ جي هڪ تاريخي علامت بڻجي ويا. ۱۹۶۹ع ۾ ووٽر لسٽن جي سنڌيءَ ۾ لکرائڻ لاءِ سنڌي شاگردن جي بک هڙتالي ڪئمپ ۾ قاضي صاحب جهڙي بزرگ شخصيت مٿان فوج ۽ پوليس جو تشدد به سندس اڏول ارادن کي شڪست ڏئي نه سگهيو. آخرڪار ۱۹۷۰ع ۾ ون يونٽ واري اُها دوکي جي ديوار ڊهي اچي پٽ پئي.

۱۹۷۲ع ۾ وري سنڌي ٻوليءَ جي بحاليءَ جو مسئلو آڏو آيو ته ٻولي بل جي مسئلي تي ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ۾ فساد ڪري سنڌي ماڻهن جي گهرن ۽ ملڪيتن کي تمام گهڻو نقصان پهچايو ويو. آخرڪار ذوالفقار علي ڀٽي راولپنڊيءَ ۾ ان مسئلي جي حل لاءِ هڪ ڪانفرنس گهرائي جنهن ۾ قاضي صاحب اڪيلي سر سنڌي قوم جي نمائندگي ڪندي سنڌي ٻوليءَ جو ڪيس ڀرپور نموني وڙهيو جيڪو تاريخ جو هڪ اهم حصو آهي.

۱۳ آڪٽوبر ۱۹۸۲ع ۾ سنڌ جو هي اڏول اڳواڻ ۽ سورهيه سرواڻ اسان کان سدائين لاءِ وڇڙي ويو. قاضي فيض محمد نه رڳو وطن جي آزاديءَ جو هيرو هو پر هُو گڏوگڏ هو هڪ تمام وڏو عالم، اديب، فلاسافر ۽ موسيقيءَ جو ماهر پڻ هو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۳ آڪٽوبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)



ڪامريڊ قاضي فيض محمد ۽ سندس جدوجھد

اقبال گاڏھي

عظيم ماڻھو، پنھنجي دؤر جي مجموعي ڪردار لاء ھڪ ذميوار ۽ تربيت وارو ڪردار ادا ڪندو انھن ئي عظيم ماڻھن جي ئي معرفت عوام ۾ سياسي سماجي ۽ فڪري احساس پيدا ٿيندا آھن۔ڪنھن به جدوجھد لاء تحرڪ جو دارومدار انھن ئي شخصيتن تي ھوندو آھي.

ڪامريڍ قاضي فيض محمد جي سموري زندگي آزمائش ۾ گذري پاڻ ڪڏھن به ڪنھن آمر، جابر، مير، پير، ڀوتار ۽ ڏاڍي اڳيان نه جھڪيو ۽ نه ئي وڪيو. اھا قدامت پسند شخصيت ڪامريڍ قاضي فيض محمد جي ھئي جنھن اصولن واري سياست کي جنم ڏئي پنھنجي ھڪ جدا گانه تاريخ لکرائي پاڻ کي سدائين لاءِ امر بڻائي ويو.

ھر ليڊر يا ھر ماڻھوءَ ۾ خداداد صلاحيتون نه ھونديون آھن. پر ڪي ڪي اڳواڻ يا ماڻھو بي پناھ صلاحيتن جا مالڪ ھوندا آھن انھن ئي ماڻھن مان ڪامريڍ قاضي فيض محمد پڻ ھڪ ھيو. جنھن پنھنجي خداداد صلاحيتن مان اھو ثابت ڪري ڏيکاريو ته ڪجھه به مشڪل يا ناممڪن ناھي، انسان پنھنجي عمل ڪردار ۽ ڀرپور اعتماد وسيلي آسمان جي بلندين کي به ڇُھي سگھي ٿو واقعي به ڪامريڍ پنھنجي قول ۽ فعل ۾ ھميشه ثابت قدم رھيو.

قاضي صاحب ھڪ گھڻ رخي شخصيت جو مالڪ ھيو. ھو ھڪ ئي وقت مدبر، دانشور، اديب، ڏاھو، شاعر، فنڪار، قانوندان، سماجي ورڪر ۽ ھڪ بھترين سياسي اڳواڻ ھيو۔سندس زندگي جو مطالعو ڪرڻ کانپوءِ ائينء معلوم ٿئي ٿو ته ھو ڪڏھن به ورچي ناھي ويٺو.

سياسي سرگرمين دوران ھن پنھنجي زندگي ۾ ڪيترين ئي وڏين وڏين قداور شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون۔جنھن ننڍي کنڊ جي نامور شخصيت جواھر لعل نھرو، مھاتما گانڌي، مولانا ابوالڪلام آزاد، سڀاش چندر بوس، حسرت موھاني، سائين جي ايم سيد ، خان غفار خان ، ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٻين کوڙ سارين شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون ۽ ان کان علاوه قاضي صاحب سير ۽ تفريح جو به گھڻو شوق رکندو ھيو. پاڻ انگلنڍ، فرانس، جرمني، اٽلي يونان ترڪي ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن جو چڪر لڳايو جيڪا به سندس شاندار تاريخ آھي.

ڪامريڍ راڳ رنگ سان ته جنون جي حد تائين محبت ڪندا ھيا سندس پسنديده ڪلاسيڪل راڳي استاد منظور علي استاد گلزار علي ۽ عابده پروين سان گڏ مھدي حسن ۽ لتا کي شوق سان ٻڌندا ھيا.

سياست سان تمام گھڻي دلچسپي ھوندي ھئس. ھو سوشلزم ۽ ڪميونيزم جي پرچار ڪندڙ ھيو جنھن جي ڪري ھن سنڌ جي پوئتي پيل ڏتڙيل طبقي ھارين جي حقن جي حاصلات لاءِ ھر اول دستي وارو ڪردار ادا ڪيو۔

قاضي صاحب ھن ئي ساھتي پرڳڻي جي تاريخي شھر ھالاڻي ۾ ۲۳ نومبر ۱۹۰۸ع ۾ جنم ورتو. پاڻ صديقي خاندان مان ھيا. سندس پڙ ڏاڏو قاضي محمد صادق ۽ ان جا وڏا ھن تاريخي شھر ھالاڻي جا قاضي ھيا۔

ڪامريڊ قاضي فيض محمد مڪمل انقلابي ڪردار ھيو ھو پنھنجيءَ ذات ۾ ھڪ تحريڪ ھو. ھن پنھنجي زندگيء جو سمورو حصو کاھوڙي ڪردار ادا ڪندي ھارين جي حقن لاءِ اڻ ٿڪ ھلندڙ انجڻ وارو ڪم ڪيو . ”جيڪو کيڙي سوئي کائي“ واري نعري تي عمل ڪندڙ اھو ڪردار ھيو جنھن پنھنجي حصي ۾ آيل زمين جو ٽڪرو به انھن ھارين کي ڏئي ڇڏيو جيڪي سندس زمين کڙيندا ھيا قاضي صاحب جي سموري زندگي بنا ڪنھن مڌ ڀيد ذات پات رنگ نسل مذھب ۽ مسلڪ جي بنا فرق ھر طبقي جي مظلوم ماڻھن جي حقن جي لاء آواز بلند ڪندي گذري.

قاضي صاحب ابتدائي تعليم به ھتان ئي حاصل ڪئي ان کانپوء نوشھرو، خيرپور، ڪراچي ۽ علي ڳڙھ يونيورسٽي مان حاصل ڪئي ان دوران پاڻ سرڪاري ملازمت به ڪئي جيڪا اڌ ۾ ڇڏي وڪالت پڙھڻ لاءِ ڪراچي ويو۔پاڻ ۱۹۴۱ع ۾ سنڌ ھاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿيو ۽ انھيءَ دوران خاڪسار تحريڪ سان به سندس رابطو ٿيو پاڻ ۱۹۴۲ع ۾ بنگال ۾ ڏڪار وقت ڪلڪتي ۾ ڪئمپ پڻ قائم ڪئي ھئي

پاڻ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي صلاح سان ئي مسلم ليگ شامل ٿيو ھيو جيڪو پاڪستان ٺھڻ تائين مسلم ليگ ۾ رھيو، قاضي صاحب ان دوران پنھنجيء زندگيء ۾ ۴ دفعا جيل به ويو جيل دوران ئي پاڻ ڪيترن ئي ڪتابن کي جنم ڏنو قاضي صاحب جي لکڻ جو انداز سڌو ۽کرو ھوندو ھيو ھن ڪابه ڳالھه رومال ۾ ڍڪي ناھي لکي جيئن جو تيئن لکڻ سندس عادت ۾ شامل ھوندو ھيو. اھڙيءَ حالتن ھوندي به پنھنجي اولاد پٽن توڙي نياڻين کي بھتر کان بھتر تعليم ڏيارڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي جيڪي اڄ وڏن وڏن عھدن تي فائض آهن.

ورھاڱي کانپوءِ وڏي لڏ پلاڻ ٿي سنڌ جا ھندو لڏي ھندستان ويا جنھن جي ڪري انھن جي ملڪيتن تي سوال اٿيا ته اھي زمينون ڪيئن ڪتب آنديون وڃن. قاضي صاحب ان اٿيل سوالن جي جواب ۾ ھڪ تحريڪ ھلائي ۽ چيو ته اھي ملڪيتون اڌو اڌ ڪري اڌ سنڌ جي ھارين ۾ ۽ اڌ ھندستان کان آيل ھارين جي وچ ۾ ورھايو وڃن يعني انھن کي الاٽ ڪيون وڃن. انھيء تحريڪ مان ڪيترن ئي ھارين کي زمينون مليون. پر سنڌ جي وڏيرن ميرن ڀوتارن کي اھڙي عمل مان سندن مستقل اونداھو نظر پيو اچي. جنھن جي ڪري سنڌ جا وڏيرا جاگيردار قاضي صاحب مٿان اصل ڏمرجي پيا جيڪي کيس قتل ڪرائڻ لاءِ گھر ۾ ڌاڙيل موڪلي ڌاڙا ھڻائڻ کان وٺي مطلب ته ھر قسم جو نقصان پھچائڻ جون ڪوششون ڪيون ويون. آخر پاڻ اڄوڪي تاريخ ۱۳ آڪٽومبر تي ۷۴ سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويا آخري آرامگاھ به سندن خانداني مقام ھالاڻي ۾ آھي جتي ھر سال ھتان جا ادب دوست اديب شاعر گڏجي سندس مزار تي گلن جي چادر چاڙھي کيس نذراني عقيدت جا گل نڇاور ڪري ڀيٽا پيش ڪندا پيااچن

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۱ آڪٽوبر ۲۰۱۹ع تي ڇپيل)


 

قاضي فيض محمد

سياسي اڳواڻ جيڪو عملي ڪردار هو

صالح بلو

قاضي فيض محمد جنهن پنهنجو اباڻو جنم واري هنڌ هالاڻي کي ڇڏي نوابشاهه کي وسايو، جتي وڪالت سان گڏ سياست کي پنهنجو رستو بنايو، جيڪو حساس دل رکندڙ علم، ادب، راڳ جو ڄاڻو مظلومن سان ٿيندڙ نا انصافيون جيڪي پنهنجن طرفان هجن يا ڌارين ڏنڀ ڏنا هجن جن خلاف ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ڪامريڊ ڄام ساقي جو ساٿي بڻجي سنڌ هاري ڪاميٽي جو مرڪزي اڳواڻ هجڻ سان گڏ شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ جو مرڪزي نائب صدر رهيو، جيڪو هر جدوجهد ۾ شامل هو، جيڪو اندر جا سور اندر ۾ رکي سنڌي قوم ۽ مظلومن لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو، اصولن جو پڪو محبتي انسان جنهن جي زندگي عملي ڪردار جو روپ هو.

قاضي فيض محمد جنهن جو گهر جيڪو هينئر فيض ميڊيڪل سينٽر بنيل آهي، اهو خود تاريخ جو حصو هو. جتي وڏا وڏا نالي وارا سياسي اڳواڻ اچي چڪا آهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جيڪو سرشاهنواز ڀٽو جو فرزند هو، جنهن کي به ڄڻ خانداني اقتدار ورثي ۾ مليو هو، جيڪو جنرل صدر محمد ايوب خان جڏهن ملڪ اندر مارشل لا لڳائي ون يونٽ مڙهي صوبن جي خودمختياري واري حيثيت ختم ڪري قومن جا حق ۽ وجود ۾ ختم ڪري ڇڏيا، جڏهن ته پاڪستان جيڪو ۱۹۴۰ع ۾ قومپرست اڳواڻ سائين جي ايم سيد پاران سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد پاس ڪرائي پاڪستان ٺاهڻ جو راضپو ڏيکاريو هو. جنهن ۱۹۴۰ع واري قرار داد تحت اڄ ڏينهن تائين نه مڃيو ويو، جنهن فيصلي کي بعد صحيح نه سمجهيو جيڪو سائين جي ايم سيد قائد اعظم محمد علي جناح مسلم ليگ جي باني سان اختلاف رکي ڌار ٿيوسي پنهنجي وزارت تعليم واري دور ۾ تعليمي خدمتون سر انجام ڏنيون ۽ اڄوڪي پاڻ کي عوام جو خادم سڏيندڙ وزير تعليم جيان ڪامورڪو ڪلچر پيدا ڪري تعليم کي ڪرپشن جو گهر بڻائي ڇڏيو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جيڪو مختلف وزارتن ۾ رهي جنرل محمد ايوب سان اختلاف رکي پيپلز پارٽي ٺاهي جيڪا سندس والد سر شاهنواز ڀٽو ٺاهي هئي، ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي پارٽي جي تنظيم ڪاري لاءِ نوابشاهه ۾ قاضي فيض جي انهي گهر پهتو ۽ قاضي فقير محمد کي پ پ ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ ڪئي ۽ قومي اسيمبلي جي سيٽ تي پڻ بيهڻ لاءِ چيو جيڪا اڄ قاضي فيض محمد قبول نه ڪئي، جيڪو شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ جو نائب صدر هو ۽ عوامي ليگ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبلي جو اميدوار بيٺو جڏهن ته شيخ مجيب الرحمان مشرقي پاڪستان جيڪو هينئر بنگلاديش آهي، کان بيهڻ لاءِ چيو جيڪا آڇ هن قبول نه ڪئي ۽ چيو ته جن پورهيتن ۽ سنڌي قوم جي ڳالهه ڪريون پيا انهن علائقن تان بيهڻو آهي، جنهن هاري اڳواڻ قاضي فيض محمد جي اليڪشن ورڪ دوران وڏيرن جا ڇاڙتا بڻجي اهي ئي هاري ۽ مظلومن قاضي فيض محمد جي گاڏي جي ٽائرن تي ڪهاڙين جا وار ڪيا، ليڪن قاضي فيض محمد مايوس نه ٿيو ۽ جدوجهد جاري رکي جيڪو ۱۹۷۰ ۾ سڪرنڊ ۾ ڪوٺايل سنڌ هاري ڪاميٽي پاران ڪانفرنس ۾ خطاب ڪيو، جتي ڪميونسٽ اڳواڻن سنڌ هاري ڪاميٽي جو مرڪزي رهنما سيد رشيد احمد شاهه وڪيل محمود الحق عثماني ٻيا ڪيترائي محب وطن پورهيت اڳواڻ شريڪ ٿيا، جيڪا ڪانفرنس ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي فوٽو سان صدارت ڪرائي وئي، قاضي فيض محمد پاران قائم ڪرايل پي ايم سي اسپتال سامهون عيدگاهه جي دڪانن ۾ لائبريري به هاڻي اسٽورن ۾ تبديل ٿيل آهي، قاضي فيض محمد جيڪو دل جو صاف مظلومن جو آواز عملي ڪردار هو، جيڪو تعلقي شهدادپور جي مقصو رند ڀرسان ڪامريڊ رئيس بروهي جي ڳوٺ جيڪو سنڌ هاري ڪاميٽي پاران هلايل تحريڪ جو سرواڻ هو، ان جي ڳوٺ ٿيندڙ تقريب ۾ مقصودو رند احمد شاهه سان گڏ بيل گاڏي ۾ چڙهي پهتو ته ڪي اڄوڪي پيڄارو ڪلچر وانگر هو، جنهن سنڌي ٻولي جي تحريڪ ۽ حيدرآباد حيدر چونڪ وٽ بک هڙتال ۾ شرڪت ڪئي، جنهن کي هر مڪتب جو ماڻهو عزت جي نگاهن سان ڏسندو هو، جنهن پنهنجو تاريخي ڪتاب ٻاويهه سئو ٻاويهه لکي عوامي کي حيران ڪري ڇڏيو ۽ ڪافي اهڙيون اڳڪٿيون لکيون جيڪي اڻ ٿيڻو نظر آيو پئي اسان اڃان محدود ذهن هرمن لالچن ۾ وڙهندا رهون پيا، ٻولي ڪلچر تعليم صحت کي به ڪمائي جو ذريعو بنايو پيا، قاضي فيض محمد هارين جا اڪثر مفت ڪيس کڻندو، جيڪو سيد رشيد احمد شاهه پڻ اهڙن ڪيس کڻڻ ۾ شامل هوندو هو، جيڪي نه صرف سياست جا عملي ڪردار هئا بلڪه نوابشاه کي علم جو شهر بڻائيندڙ ايڇ ايم خواجا جا پٽ ساٿي هئا، جيڪو ايڇ ايم خواجا پاران موجوده پي ايم سي يونيورسٽي جتي ايڇ ايم خواجا پاران ٺهرايل لطيف هال هاسٽلون، يونيورسٽي ٿيل آهي، انهي لطيف هال ۾ ادبي ڪانفرنس پڻ ٿينديون هيون، جنهن لطيف هال ۾ ذوالفقار علي ڀٽو پڻ آيو هو، جيڪو اڄ اهو لطيف هال نه رهيو، جتي وي سي سيڪريٽري لطيف هال شاهي خانه پوري ڪئي وئي، آهي، قاضي فيض محمد جي گهرا ڪڙ سياسي ڪچهريون ۽ هارين جي مسئلن تي بحث ٿيندا رهندا هئا، جيڪو قاضي فيض محمد سيد رشيد احمد شاهه قاضي محمد بخش ڌامره جيڪو پ پ هو بعد شهيد بينظير سان ٿيل اختلافن ڪري پ پ ش ڀ جو اڳواڻ رهيو، عبدالفتاح ميمڻ وڪيل جيڪو پ پ ۾ هو ۽ قومي اسيمبلي ۾ ڊپٽي اسپيڪر رهيو شاهنواز قريشي سيد امداد محمد شاهه جيڪو پڻ قاضي فيض محمد جو شاگرد رهيو، شعيب حميدي جيڪو پڻ عوامي ليگ جو اڳواڻ هوقاضي بعدالخالق، شهيد ڀنگوار جيڪي سنڌ هاري ڪاميٽي جا اڳواڻ هئا، ڪامريڊ محمد عمر ٽالپر احمد خان جمالي ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، ناچيز صالح بلو حاجي حسين شيخ، غلام نبي ايڊووڪيٽ پير شهاب ۽ ٻيا جيڪي سنڌ هاري ڪاميٽي، عوامي ليگ جي اڳواڻن جي گڏيل گل دستي جا گل خوشبو ڏيندا رهيا، جڏهن ڪامريڊ ڄام ساقي، شهيد نظير عباسي، ماستر منظور قريشي، الهه بخش ڀنڀرو ۽ ٻيا ڪيترائي ڪامريڊ غلام رسول زرداري ۽ ٻيا گڏجي جلسه جلوس ڪندا رهيا، ليڪن ان وقت اهڙي سياست به ڪو نه هئي ته مخالفن کي اغوا ڪرائجي انهن کي مختلف نمونن سان ڪيس ڪرائي قاضي فيض محمد جيڪو محرابپور موجود ضلعي نوشهروفيروز جتي سنڌ هاري ڪاميٽي پاران هلايل احتجاجي تحريڪ ۾ ڪامريڊ محمد هاشم گهانگهرو ۽ ٻين سان گڏ بک هڙتال تي ويٺو، جنهن پنهنجي حياتي ۾ ٿيل تجربن ۽ مختلف موضوعن تي ڪتاب لکيا جيڪو ۱۳ آڪٽوبر تي اسان کان جسماني طور جدا ٿي ويو، ليڪن سندس ڪيل خدمتون جدوجهد تا حيات ياد رهنديون، جيڪو تاريخ جو ورق ٿي ويو آهي، جنهن نانءُ ڪمايو ناڻو نه ڪمايو.


 

قاضي فيض محمد

ھڪ دور جي تاريخ

آزاد گھلو

اھا سر زمين سنڌ جي قدرت طرفان عطا ڪيل وڏي خوش بختي آھي جو ھن ڌرتيءَ جي مٽيءَ منجھان اھڙا انيڪ انسان پيدا ٿيا جنھن جي سوچ ۽ فڪر جي خوشبو اڄ جي سنڌ جي ان با شعور نوجوان جي ذھن ۾ ايئن موجود آھي جيئن سندن وجود ۾ امڙ جو کير رت بڻجي وجود ۾ رقص پيو ڪري. سنڌ جو نوجوان جيڪو ھن گلوبل وليج ۾ آسمان کان ھيٺ لھي ايندڙ انٽرنيٽ جي مدد سان ھن ماڊرن دنيا سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي بيٺو آھي ۽ پنھنجي ذھني توڙي عملي جدوجھد ۾ انسانن جي ڀلائي ۽ پنھنجي ديس جي ماڻھن جي ڀلائي لاءِ ميدان عمل آھي.

ان نوجوان کان ويندي ٿر جي ڪنھن بجلي کان محروم جھوپڙي جي ان ڀاڳن ڀري عورت جيڪا اڄ جي دور جديد ۾ به لالٽين جي روشني ۽ ڪاٺين تي پنھنجي گھر جي چلھه گرم ڪرڻ تي مجبور آھي ۽ سنڌ جي ھاري ،مزدور،عام شھري توڙي ڳوٺاڻي ماڻھو جي اھا ڀلاري خواھش رھي آھي ته ھو پنھنجي وسيلن جا پاڻ مالڪ ٿين ۽ صدين کان ڏاڍ ۽ ظلم جو شڪار ٿيندڙ جاگيردار ۽ سرمائيدار جي ڄڻ ته زرخريد غلام ھارين توڙي مزدورن سان انصاف ٿئي جيئن ھو پنھنجي ڌرتيءَ تي سڪون،امن،پيار،پنھنجائپ سان باوقار زندگي گذارين ۽ شادمانيون ماڻين.

انھن ڏکن جي ماريل پيٽ بکايل ماڻھن جي لاءِ ھر وقت جاگيردارن، سرمائيدارن ۽ حڪمرانن سان مھاڏو اٽڪائيندڙ ۽ انھن ذلتن جي ماريل انسانن جي خوشحالي لاءِ جدوجھد ڪندڙ سنڌ جو عظيم ڪردار سائين قاضي فيض محمد به ھڪ آھي، جنھن ھالاڻي سان تعلق رکندڙ صديقي فيملي جي خوشحال گھراڻي ۾ قاضي نبي بخش جي گھر ۾ ۲۳ نومبر ۱۹۰۸ع تي اک کولي ۽ دنيا کي ان گھر منجھه ڏٺو. ھن جي زندگي جا رستا ڏکن ڏوجھرن جي پٿرن سان ھن جو استقبال ڪندا رھيا ۽ ھي عظيم انسان ۽ روشن ضمير ايماندار انسان جنھن عام ماڻھن جي روشن مستقبل ۽ انھن جي ڦٽن تي پھا رکڻ لاءِ ان رستي تي پٿون ٿيل پيرن سان ھلندو رھيو پر ڪڏھن شڪايت نه ڪيائين:

ھلندي ھوت پنھون ڏي پيرين پنڌ ڪندياس

سندس پيدائش جي پھرئين سال ئي گھر جا سڀئي مرد ھي جھان ڇڏي اڻڄاتل سفر ڏانھن ھليا ويا. سائين جي ايم سيد وانگر ھن معصوم ٻالڪ جي پالنا ۽ تربيت گھر جي عورتن ھٿان ٿي. ھن ست درجا تعليم حاصل ڪئي ۽ ڪجھه مالي مجبورين جي ھٿان مجبور ٿي ھو تعليم ڇڏي درزڪي ڪم جي مزدوري ۾ لڳي ويو. جڏھن ته سندس والده محترمه فطري طور ٻي شادي ڪئي جيڪا جھوري ھن معصوم کي ويتر جھوري وئي.

پنھنجي والد جي دوست جي ھمدردي جي ڪري ھو ٻيھر اسڪول ۾ داخل ٿي پنھنجي تعليم کي لڳي ويو (اھو والد جو دوست سيد غلام رسول شاهه ھو جنھن پير صبغت الله شاهه کي انگريز جي حڪم جي پوئلڳي ڪندي گرفتار ڪيو ۽ حرن ھٿان قتل ٿي ويو) ۱۹۲۲ع ۾ سندس ملاقات علامه آءِ آءِ قاضي سان خيرپور ۾ ٿي، جتي علامه صاحب سيشن جج ۽ پاڻ اتي ھاءِ اسڪول ۾ تعليم پئي حاصل ڪيائين ان اتفاقي ملاقات کانپوءِ ھو علامه صاحب کي پيءُ ۽ ميڊم ايلسا قاضي کي پنھنجي ماءُ چوندو رھيو جيڪو تعلق علامه صاحب جي ساهه جي آخري گھڙي يعني سنڌو ۾ ملي وڃڻ تائين قائم رھيو.

قاضي فيض محمد ۱۹۴۳ع ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو ان ۾ عملي طور ڪردار ادا ڪيائين ۽ پوءِ ھن ليگين جي روش ڏسي سيد جيان مسلم ليگ کي الوداع چئي پنھنجو دامن بچائي ھليو ويو ھو. چاھي ھا ته ليگ جي پليٽ فارم تان گھڻو ڪجھه حاصل ڪري پئي سگھيو پر ھي لالچ کي شڪست ڏيندڙ شخص جنھن ديس جي نماڻن ماروئڙن جي عزت ۽ خوشحال مستقبل جي جدوجھد ۾ پنھنجي اولاد تي به توجھه نه ڏئي سگھيو پاڻ ان کان اڳ خاڪسار تحريڪ ۾ رھي چڪو ھو. ۱۹۴۸ع ۾ سنڌ ھاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿيو. ۱۹۲۹ ع ۾ سائمن ڪميشن خلاف ھلايل تحريڪ ۾ پڻ شامل رھيو جڏھن عمر ۲۰ سال ھيس، عملي طور سياست ۾ خلافت تحريڪ جي جلسن ۾ شامل ٿي سياست جي شروعات ڪيائين جڏھن کيس عمر ٻارنھن تيرنھن سال مس ھئي.

سائين جي ايم سيد جي لکڻي موجب ته ون يونٽ جي دور ۾ قاضي فيض محمد لاري تي چڙھي سڄي سنڌ ۾ ون يونٽ خلاف پرچار ڪندو رھيو ۽ لاڙڪاڻي مان گرفتار ٿي ويو. قاضي فيض محمد جيڪو سنڌ جي تاريخ جو ان ڪري به وڏو ماڻھو آھي جو ھن نه صرف مزدورن عورتن ۽ سماج جي اندر استحصال جو شڪار ٿيندڙ انسانن لاءِ جدوجھد ڪئي پر ان جدوجھد جي پاداش ۾ جيلن جا دروازا سدائين استقبال ڪندا رھيا.ھن ھارين جي حقن لاءِ بامقصد سياست ڪئي ۽ سڄي سنڌ ۾ انھن جي حقن جي پرچار ڪندو رھيو. خاڪسار تحريڪ کان ويندي نيشنل عوامي پارٽي تائين ۽ نيشنل عوامي پارٽي کان ويندي عوامي ليگ تائين جي سفر ۾ ھن جو مقصد صرف عام ماڻھن جي ڀلائي ئي رھيو. پاڻ ۱۹۵۱_۱۹۵۲ع ڌاري سنڌ ھاري ڪاميٽي جو صدر بڻيو ۽ ھاري ڪميٽي ٽيننسي ايڪٽ لاءِ جدوجھد شروع ڪئي،عبدالصمد اچڪزئي ۽ ڀاشاني کي دعوت ڏئي نواب شاهه ھاري ڪانفرنس ڪرايائين ان ئي مقصد لاءِ ڪراچي ۾ پڻ ڪانفرنس ڪرايائين پر بدقسمتي سان سندس تحريڪ ڪامياب نه ٿي سگھي ۽ ايوب خان سنڌ جون زمينون ورھائي ڌارين کي ڏئي ڇڏيون.

ڀٽو، ايوب کان راھون جدا ڪري پيپلز پارٽي ٺاھي نواب شاهه آيو ۽ قاضي صاحب کي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏنائين پر ھن صوفي منش اصول پرست شخص پنھنجي اصول تي قائم رھندي انڪار ڪيو نتيجي طور ڀٽو جڏھن اقتدار جو واڳ ڌڻي ٿيو ته ھن قاضي صاحب ۽ سندس گھرواري پناهه خاتون کي ان وقت جھاز مان لاھڻ جو حڪم ڏنو جڏھن ھو پنھنجي شريڪ حيات سان عمري جي ادائيگي لاءِ خانه ڪعبه وڃي رھيو ھو.

علامه آءِ آءِ قاضي،مولانا حسرت موھاني،مولانا عبيدالله سنڌي کان متاثر ھي محبتي نيڪ ارادن جو مالڪ ۱۳ آڪٽوبر ۱۹۸۲ع تي ۷۴ ورھين جي ڄمار ۾ فيض جي ھنن لفظن وانگر اسان کان وڇڙي ويو.

جنهين جرم عشق په ناز ٿا وه گنهگار چلي گئي

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۳ نومبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا