ساڌو واسواڻي
سنڌ جو سچو خدمتگار
دادا جشن واسواڻي
سنڌيڪار: سنگرام
ساڌو واسواڻي ۲۵ نومبر
۱۸۷۹ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو هو.
اڄ به، سندس جنم کان ۱۳۰ ورهين
۽ سنڌ مان لڏي هند ۾ اچي رهڻ کان ۵۷ سالن
کان پوءِ به، پاڪستان ۾ سنڌي- هندو توڻي مسلمان- ساڌو واسواڻيءَ جو مانُ سَنمانُ
ڪن ٿا، اُن جا گُڻ ڳائن ٿا، ۽ کيس ويهين صديءَ جو مهانُ سنتُ سمجِهي، پنهنجو ڪن
ٿا. دنيا، سنڌ جي هِن سنتُ جهڙو وِرلي ئي ڪو ذهين، ڏاهو ۽ مهاپرتابي ماڻهو ڏٺو
هوندو.
آءٌ پنهنجي گُروءَ ۽ ههڙي مهان سنت کي اوهان اڳيان ڪهڙن شٻدن ۾ ۽ ڪيئن بيان
ڪري سگهان ٿو؟ ڇا ڪو کُڙکُٻيتو آڌيءَ رات جو چمڪندڙ چنڊ جي جادوءَ کي بيان ڪري
سگهي ٿو؟ ڇا، ڪنهن ميڻ بتيءَ مان ٻنپهرن جي سج جِي روشنيءَ جهڙِي اُميد رکي سگهجي
ٿي؟ ڇا، ڪنهن رستي ڪناري ٽڙيل ڪو گُل ايران جي گُلابن جي باغن جِي سُڳنڌُ، اُنهن
جي نزاڪت، اُنهن جِي سُونهنَ جون سِڪون لاهي سگهي ٿو؟
ساڌو واسواڻيءَ تي قلم کڻڻ لائق آءٌ تڏهن ئي ٿي سگهان ٿو، جڏهن منهنجن لفظن
۾ ڪو جادو هجي، منهنجي هينئين ۾ ڪو سنگيت هجي- اهڙو سنگيت، جيڪو جِيونَ جِندُ کي
پريم ۽ پاٻُوههَ جو سُريلو گيتُ بڻائي سگهي ۽ منهنجي جِيءُ ۾ ڪا اهڙي جوت جلندڙ
هجي، ڪا اهڙي بِرِهه جِي باهه ٻرندڙ هجي، جيڪا اُن وقت تائين لڳاتار ٻرندي رهي،
جيستائين منهنجي سرِير ۾ ساههَ جو سڳو سُرندو رهي ٿو ۽ جيستائين آءٌ فنا ٿي نٿو
وڃان!
پر، نه ته منهنجن لفظن ۾ ڪو جادو آهي، ۽ نه ئي منهنجي هِردي ۾ ڪو سنگيت. ۽
آتمڪ جوت منهنجي من مندر ۾ اڃا تائين ڀڙڪو کاڌو ئي نه آهي. پر، اِن هوندي به، آءٌ
سندس صدا جو پڙلاءُ بڻجڻ جِي آسا رکان ٿو.
اُها صدا منهنجن ڪَنن ۾ مندر جي ڪنهن گهِنڊ وانگُر گُونجي ٿي. اُها ايڪانت
وارين گهڙين ۾ مون سان ڀُڻڪار ڪري ٿِي. اُها منهنجن سُپنن ۾ مون سان رِهاڻيون ڪري
ٿِي، اُها مون کي جِهنجهوڙي، ننڊ مان جاڳائي ٿِي.
سندس آواز مون کان هر هر اِهو سوالُ پُڇندو رهندو آهي،”تون اڃا ڪيستائين
سُتو رهندين؟ تون هِن ڪُوڙيءَ ۽ اَوَگُڻِي دنيا ۾ ڪيستائين ڀوڳنائون ڀوڳيندو
رهندين؟ تون پاڇولن پويان، جيڪي ڇايا آهن، اچن ٿا ۽ وڃن ٿا، اڃا ڪيترو رُلندو ۽
ڀِٽڪندو رهندين؟ اُٿ، جاڳُ! اُٿ، جاڳُ! ۽ هِن دنيا جي موههَ جي پنجوڙن کي ٽوڙي،
اُن راههَ ڏانهن وِکون کڻ، جتي تنهنجو ڀاڳُ توکي پُڪاري رهيو آهي. قافلو اڳتي وڌي
رهيو آهي. اُٺ جي ڪنڌ ۾ ٻڌل گهِنڊ جو آواز ٻُڌ! اُهو ڪهڙو اعلان ڪري رهيو آهي؟“
پريم جي ديوتا جو هڪ اَوَتار:
”پرلوڪ جا ٻالڪ!“ اِهي لفظ اِئين ئِي مِڙيئي ڪو نه چيا ويا آهن.
اِهي لفظ سندن هِردي جي نِهايت ئِي اُونهي وِشواسُ کي ظاهر ڪن ٿا. اسان مان هرڪوئي
پرلوڪ جو ٻار آهي. اسان مان هر هڪ ڄڻو اِيشوَر جي ابدِي گيت جو هڪ تانُ آهي، سُرُ
آهي. الا! اسين پنهنجو پاڻ کي هڏ ماس جي هڪ پڃري طور سڃاڻون ٿا، جنهن تي مايا ۽
موههَ جا پردا چڙهيل آهن، ۽ اسين پنهنجن اِڇائن ۽ ڊپ، ڪاوڙ ۽ اڀمان جِي هرهڪ لهر ۾
لُڙهي وڃون ٿا. ساڌو واسواڻيءَ جا هِيءُ شٻد وڏيءَ معنى وارا آهن، ”اِيشوَر انسان
جو ڳُجهه آهي. ماڻهو اُن وقت تائين پنهنجو پاڻ کي نٿو سُڃاڻي سگهي، جيستائين هُو
اِيشوَر کي پاڻ ۾ نٿو پَسي. انسان جو نِهايت ئِي اُونهون اندر، اِيشوَر آهي!“
۽ جڏهن اسان کانئس پڇيوسون، ”جيڪڏهن اسين سچ پچ به اِيشوَر آهيون،
ته پوءِ اسين پنهنجون يادگيريون سانڍي ڇو نٿا رکي سگهون؟“ هُن وراڻيو، ”جهڙيءَ
رِيت تيل لڳل آئينو صحيح شبيهه نٿو ٺاهي سگهي، تهڙيءَ رِيت، اسان جو مَنُ خواهشن ۽
موههَ جي بادلن سان ڍڪيل هوندو آهي، جيڪي آتما اندر سمايل عظيم يادگيريءَ کي
ڌُنڌلو يا اَڻ چِٽو بڻائي ڇڏين ٿا“.
اسان وري پڇيوسون، ”مَنَ جِي آرسيءَ کي ڪامنائن ۽ فطري خواهشن کان ڪيئن صاف
ڪري سگهجي ٿو؟“ ساڌو واسواڻيءَ جو جوابُ هو، ”پريم ۾ پاڻ کي پوريءَ طرح فنا ڪري
ڇڏيو. پنهنجو پاڻ کي اِيشوَر جي پريم ۾ مگن ڪري ڇڏيو، اِن رِيت اُن هڪڙي کي حاصل
ڪري سگهندؤ، جنهن جِي اوهان کي ڳولا آهي!“
ساڌو واسواڻي چوندو هو ته خاڪ جيئن نِهٺا ۽ نِراَهنڪاري بڻجو، پنهنجي اَهَم
کي، خُوديءَ کي ۽ هر اُنهيءَ ڳالهه، جيڪا اوهان ۾ اڀمانُ، اهنڪار، يا وڏائيءَ جو
احساس پيدا ڪري، تنهن کان پالها ٿي وڃو، اوهان جي مَنَ جا ڀِرم ڪافور ٿي ويندا.
جيڪڏهن مون کي ساڌو واسواڻيءَ جي جِيونَ جي راز کي ٿورڙن لفظن ۾ بيان ڪرڻ
لاءِ چيو وڃي، ته آءٌ اُن کي فقط ٻِن لفظن ۾ سموهيندس- نِهٺائي ۽ پريم. سندس
نِهٺائي بيان ڪرڻ کان ٻاهر هئي، ۽ سندس بي انت پيار سڀني لاءِ هڪ جهڙو هو، پوءِ
اُهو امير هجي يا غريب، ڪو وڏو ماڻهو هجي يا ننڍو، صاحبَ اختيار ماڻهو هجي، يا عام
آدمي، جن کي دنيا هر روز ڏُکوئيندي رهندي آهي، سندن نِرآدَرُ ڪندي رهندي آهي. جيڪي
ماڻهو ساڻس ملڻ ايندا هئا، سي سندس نِمرتا ۽ پريم ڏسي، دنگ رهجي ويندا هئا. جيڪو
ماڻهو ساڻس پهريون ڀيرو ملڻ ايندو هو، حيرت منجهان چوندو هو: ”اهڙو پيار ته مون کي
سڄيءَ ڄمار ۾ ڪڏهن به ناهي مليو!“
سندس نهٺائي هڪ اهڙي ماڻهوءَ جِي نهٺائي هئي، جنهن پنهنجو پاڻ کي فنا ڪري
ڇڏيو هو. سندس زندگيءَ جِي وڏي ۾ وڏي اِڇا اِها هئي ته پاڻ ’سڀ کان ننڍي ۾ ننڍو،
خسِيس خسِيسُ، نِيچ ۾ نِيچ‘ ماڻهو بڻجي. هو تمام وڏو ماڻهو هو، پر هُن پنهنجا سڀئي
اَهنڪارَ ماري ماتِ ڪري ڇڏيا هئا، هُو اُنهن تي فتح پائي چُڪو هو. زندگيءَ ۾ ”وڏا“
ڪم ڪرڻ لاءِ قسمت کيس پنهنجي ايڪانت مان وري وري گِهلي ٻاهر ڪڍيو، پر پاڻ ننڍا
ننڍا ڪم ڪندي سَرهائي محسوس ڪندو هو. جڏهن ڪنهن اڇُوت جي ڪمري مان ٻُهارِي ڪڍندو
هو، يا ڪنهن فقير کي وِهنجاري، نوان ڪپڙا پهرائيندو هو ته اُن وقت سندس خوشيءَ جِي
ڪا اِنتها نه رهندي هئي. پاڻ گَهرٽِيءَ تي غريبن لاءِ اَنُ پِيهڻ لاءِ وِهندو هو
ته سندس مُک خوشيءَ وِچان ٻههَ ٻههَ ٻهڪڻ لڳندو هو. ڪراچيءَ ۾ پنهنجي گهر جِي ڇِتِ
تي سَوَن جي انگ ۾ ولر ڪري ايندڙ پکين کي جڏهن پنهنجن هٿن سان چوڳو ڏيندو هو ته
پنهنجو پاڻ کي اَڪَٿُ آنندُ ۾ محسوس ڪندو هو.
هُن ’خسِيس مارڳ‘ جي چونڊ ڪئي:
ساڌو واسواڻي ”سماجَ جي ڌِڪاڻل ماڻهن“، غريبن ۽ اٻوجهن جي صحبت ۾ رهي گدگد
ٿيندو هو. سندس جَسُ جوڳا دوست کيس سدائين وڏين وڏين گڏجاڻين ۽ ڪانفرنسن ۾ ڀاشڻ
ڏيڻ جون نِينڍون ڏيندا هئا، پر کين سندس اَٽَلُ جواب هوندو هو، ”موچيءَ کي پنهنجا
جُوتا گهڙڻ ڏيو!“ ”فلسفين جي عالمي ڪانگريس“ ۾ شرڪت لاءِ آيل نوتي جي جواب ۾
لکيائين: ”آءٌ ڪجهه به نٿو ڄاڻان. زندگيءَ جو سڏُ ورنائڻ منهنجي نماڻي هاج آهي“.
اُن عَهَدَ ۾، جتي ماڻهو ”وڏائيءَ“ جِي پوڄا ڪن ٿا، ساڌو واسواڻيءَ پنهنجي
ماٺيڻي انداز ۾، گمنام زندگي گُذارڻ، ۽ ”خسِيس ماڻهو بڻجڻ“ کي ترجيح ڏني.
ڪنهن اخباري خاطوءَ کانئس سوال پڇيو، ”زندگيءَ ۾ توهان جِي سڀ کان وڏي اِڇا
ڪهڙي آهي؟“
ساڌو واسواڻيءَ جواب ڏنو، ”منهنجي زندگيءَ جي ڪا به وڏي آسَ ڪانهي. هر وڏي
آس هڪ زنجير هوندي آهي، جيڪا اسان کي هِن دنيا سان جوڙي رکندي آهي. پر آءٌ خسِيس
ٿيڻ يا بڻجڻ جو چاههُ رکان ٿو!“ سندس زندگيءَ جو سمورو زور نِهٺو ۽ ننڍڙو ماڻهو
ٿيڻ تي هو.
هُن اُپديشن ۽ مثالن سان اسان کي سيکاريو ته وڏائي هڪ روڳُ آهي، جنهن کان
ماڻهوءَ کي وَنءُ وڃڻ کپي. خدا اسان کي وڏيون ڳالهيون ڪرڻ، وڏا ڪارناما سرانجام
ڏيڻ لاءِ نٿو چوي. ربُ جِي نظر ۾ ننڍڙيون ننڍڙيون شيون اَمُلهه آهن. ”وڏخياليءَ“
جي خُمار ۾ مست ۽ ”وڏائيءَ“ کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڳلپڻي جِي حد تائين وڃڻ واري هن
عَهَدَ ۾، ساڌو واسواڻيءَ جِي زندگيءَ جو سنديسُ آهي: ”پريم جا ننڍڙا ننڍڙا ٻج
پوکيو، اوهين هڪ ڀرپور قسمت جا ڌڻي بڻجندؤ. خسِيس بڻجي وڃو، هُن جي جلوي جو اولڙو-
جيڪو ازليت ۽ ابديت جو پرڪاش آهي- اوهان جي وجود ۾ ظاهر ٿيندو!“
سندس نيپاڄ صوفياڻِي سنڌ ۾ ٿيو هو، ۽ هتي، سندس جنم ڀُوميءَ ۾، جنهن سان
هُو بي انتُ پيار ڪندو هو. هُو، پيار جو فرشتو، ڏَيا جو مسيح ۽ رب جو ٻانهو ٿي
اُڀريو، جنهن کي سڄيءَ دنيا جي هزارين، لکين سنڌي گهرن ۾ اڃا تائين سَنمانُ ڏنو
وڃي ٿو، سندس آدرُ ڪيو ويندو آهي، کيس پُوڄُ سمجهيو ويندو آهي.
سندن ٻالڪپڻ:
ننڍڙو ٻالڪ هوندي به، هُو ٻين ٻارن کان گهڻو نيارو هوندو هو. هُو مُنهن
مُهانڊي ۾ ملوڪ هوندو هو. سندس ماتا، جيڪا کيس بِنهه گهڻو ڀائيندي هئي، يڪ ٽِڪ
پيئي کيس نهاريندي هئي، ۽ وَرُ وَرُ ڏيئي، پئي نهاريندي هئي، ۽ سِڪون لاهيندي هئي،
۽ پوءِ دريءَ مان، روشن، نيري گَگَنُ تي نظر وجهندي هئي. کيس اِئين لڳندو هو ڄڻ ته
هُن آڪاس ۾ ڪو نظارو پَسيو آهي. هُو ڏينهنَ ۾ جيئن وڏو ٿيو، ڪا ڏُورانهين نِهار
سندس نيڻن ۾ سمائجي وئي. هُو ڏينهون ڏينهن وڌيڪ هيڪلو ٿيندو ويو. پنهنجو گهڻو تڻو
وقت کُڏ جي مٿئين ڪمري ۾، جيڪو ڪنهن جي به استعمال ۾ نه هوندو هو، ايڪانت ۾ گُذاريندو هو.
ڪڏهن ڪڏهن، هُو جڏهن ماني کائي رهيو هوندو هو ۽ گِهٽيءَ مان گذرندڙ ڪنهن
فقير جون صدائون ٻُڌندو هو، ته هڪدم ٽپ ڏيئي اٿندو هو ۽ پنهنجو ڀوڄن کڻي، اُن
بُکايل فقير کي ڏيئي ڇڏيندو هو. شروع کان ئي هُو ڪَهلَ جي جذبي سان سرشار هوندو
هو، جيڪو کيس مصيبت جي ماريلن ۽ ڏُکن ڏوجهرن جي ستايلن ڏانهن ڇِڪي وٺي ويندو هو.
سندس هڪجيڏا ٻيا ٻار رانديون رونديون ڪندا هئا، پر هِن راندين ڪُڏڻ ۾ وقت
وڃائڻ بدران اسڪولي ٻارن جِي هڪ ٽولِي ٺاهِي، جنهن ۾ شامل ٻار پنهنجي خرچيءَ
منجهان ڪجهه پيسا بچائي، اٽو ڳِنهندا هئا، ۽ اُن مان روٽيون ٺهرائي، رستي ڪناري
ويٺل جَڏن، پِنگلن، ۽ سُورداس ماڻهن ۾ وِرهائيندا هئا. اُن وقت هُو ڏسندو هو ته
اُنهن جون اکيون خوشيءَ منجهان چمڪڻ لڳنديون هيون. هُن ڄاڻي ورتو هو ته غريبن جِي
سيوا ڪرڻ، حقيقت ۾ اِيشوَر جِي بندگي ئي هئي.
هُو جڏهن هاءِ اسڪول ۾ پڙهندو هو ته وٽس هڪ غريب ماڻهو آيو، سياري جا ڏينهن
هئا، سو اُن ماڻهوءَ چيس ته سيءُ سبب سندس بُرو حال هو، تنهنڪري هُو پنهنجو کَٿو
کيس ڏئي. اِن کان اڳ جو هُو پنهنجو کَٿو اُن غريب کي ڏئي، سندس اُستادُ کيس چيس،
”تون هِن کي پنهنجو کَٿو ڇو ڏيندين؟ هيءُ ماڻهو ته توکان کَٿو وٺي، ٻاهر وڃي، وڪڻي ڇڏيندو. هِن کي اُن جي بدران
رُپئي جو سِڪو ڏينس ته هيءُ خوش ٿي ويندو“. ساڌو واسواڻيءَ پنهنجي اُستاد جو چيو
مڃيندي، اُن غريب کي رُپئي جو هڪ سِڪو ڪڍي ڏنو. اُهو غريب ماڻهو سِڪو وٺي، خوش ٿي
روانو ٿي ويو، پر ساڌو واسواڻيءَ ٻُڌايو
ته هُو اُن سڄي رات سُمهي نه سگهيو هو. هُن ٻڌايو ته سياري جِي قهرِي ٿڌ ۾ اُن
غريب ماڻهوءَ کي کَٿو نه ڏيڻ تي هُو ڏاڍو دلگير ٿيو هو.
رات جي وقت هُو کُڏ تي چڙهي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ چنڊ ۽ تارن کي حيرانيءَ وِچان
گهُوري ڏسندو رهندو هو.
نِرمل مَنُ، اُجرِي آتما:
اسڪول ۾ پڙهائيءَ وارن ڏينهن ۾، هيءُ پنهنجِي پڙهائيءَ ۾ ڀَڙُ هوندو هو ۽
سدائين پنهنجي ڪلاس ۾ پهريون نمبر ايندو هو. ميٽرڪ جي امتحان ۾ اِسڪالرشپ حاصل
ڪري، ڪاليج ۾ داخل ٿيو. ڪاليج ۾ سندس ڪِلاسِي ڇوڪرا سندس صفائي سُٿرائيءَ، ۽ نهايت
صاف دِليءَ تي اڪثر دنگ رهجي ويندا هئا؛ اُهي سڀئي کيس پيار ڪندا هئا ۽ سندس عزت
ڪندا هئا.
هڪ ڏينهن سندس ڪي سنگتي شام جي وقت، شهر ۾ گهُمڻ جي اِرادي سان کيس ٻاهر
وٺي ويا. اُنهن جي مَنَ ۾ ڪا شرارت هئي، سو اُنهن ڇا ڪيو جو کيس ڪنهن سُهڻي وئشيا
جي گهر وٺي ويا ۽ کيس اُن وٽ ڇڏي، پاڻ گهڙيءَ کن لاءِ گُم ٿي ويا.
ڪڃريءَ نيڻ کڻي جڏهن کيس نهاريس ته سندس سُندر رُوپُ ڏسي، ڪامڻيءَ جِي ڪام
تِرشنا اَجهل اُڇلون کاڌيون، سندس اندر جِي جُوالامُکيءَ ڀڙڪو کاڌو، هُوءَ مٿس
موهِت ٿِي پيئي، ڇو ته هُو سچ پچ به ڏاڍو سُهڻو هو! هُوءَ سُرڪي سندس ويجهو آئي،
عِطُر عَنبِير جِي سُرهاڻ سان واسيل سندس مخملين پوشاڪ جِي سُڳنڌ هُن جِي ناڪوٽيءَ
۾ ڀرجي وئي. پر هُو ائين ئي پٿر جي ڪنهن بُت وانگي، بي حِس بڻيو، ويٺو رهيو.
عورت کيس چيو، ”مون ڏي نِهار! ايمانداريءَ سان چئجانءِ، ڇا آءٌ سُهڻي
ناهيان؟“
هُن اک کڻي به کيس نه ڏٺو. پنهنجي اڌ کُليل نيڻن سان کيس چيائينس، ”پياري
ڀيڻ! جيڪا سُندرتا تون درسنيءَ ۾ هَر هَر ڏسين ٿِي، سا تنهنجي گُمان کان به اڳ
اُٻاٽجي ويندي. تنهنجي اِها سُونهن ماس ۽ چمڙيءَ جِي سُونهنَ آهي، جيڪا وقت سان گڏ
مِٽجِي ويندي. اِنهيءَ سُونهنَ سوڀيا کان علاوه ٻِي به هڪ خوبصورتي آهي، جيڪا ڪڏهن
به جَهڪِي نه ٿيندي! اُها سُندرتا، اُها مَلُوڪائِي اُن اڻ ڏٺل هستيءَ جِي آهي،
جيڪو تنهنجي اندر ۾ وَسي ٿو. تون اُن سُندرتا بابت سوچ! تون اُن خوبصورتيءَ کي
تيستائين ڏسندي ۽ سوچيندي رهه، جيستائين تنهنجون تُڇ تِرشنائون ختم ٿي نٿيون وڃن ۽
تنهنجو تَنُ اُن عظيم آتما جو روشن مندر نٿو بڻجي وڃي“.
اُن ڪامڻيءَ پنهنجي زندگيءَ ۾ ههڙو نوجوان ڪڏهن به ڪونه ڏٺو هو. هُوءَ
حيرانگيءَ ۾ گُم ٿي، لاجواب بڻجي وئي.
هُن پوءِ کيس چيس، ”ڀيڻ، اچ! اچ ته ٻئي گڏجي اِيشوَر جي پَوِتُر نانءُ جو
ڀَڄَنُ ڳايون!“
وئشيا تي سندس ڳالهين جو اهڙو ته پرڀاوَ پيو، جو هُوءَ خوشِي، خوشيءَ ساڻس
گڏجي هَرِيءَ جي نانءُ جو ڀَڄَنُ ڪرڻ لڳِي.
سندس دوست پڻ اُن مهل ٽَهه ٽَهه ڪندا اُتي اچي پهتا، کين پڪ هئي ته اُهي
پنهنجي نِشڪِلنڪ دوست کي ڪسبياڻيءَ جي ٻانهنَ ۾ مدهوش ڏسندا. پر سندن مشڪرِي ناڪام
ثابت ٿِي. اُن ڏينهن اُنهن ڄاتو ته ساڌو واسواڻي ڪو عام رواجي ماڻهو نه هو، سندس
زندگي بگڙڻ جوڳي نه هُئي، پر اُها گنگا ۽ سِنڌُوءَ جي پاڪ پَوِتُر پاڻيءَ وانگُر
اڇِي، اُجرِي ۽ بي داغ هئي. اُن ڏينهن اُنهن دوستن ڄاتو ته هُو اُنهن ماڻهن جي
ڪُلُ منجهان هو، جيڪي وقفي وقفي سان هن ڌرتيءَ تي ايندا رهندا آهن، پر اُهي هِن
سنسار جا سنسارِي لوڪ نه هوندا آهن.
هڪ
مَنَ ڀائيندڙ شروعات:
ساڌو واسواڻي ۲۵ نومبر
۱۸۷۹ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو هو.
سنڌ جِي ڌرتيءَ ڪيترن ئِي ساڌو، سنتن، صوفين، درويشن ۽ فقيرن کي جنم ڏنو آهي، ساڌو
واسواڻي اُنهن مان هڪ هو. هُو پڙهائيءَ ۾ هوشيار هوندو هو. ماسٽرس ڊگري حاصل ڪرڻ
کان سِگهو ئي پوءِ وِديا ساگر ڪاليج، ڪلڪتي ۾ تاريخ ۽ انگريزيءَ جو پروفيسر مقرر
ٿيو.
اڃا ٽِيهه ورهين جو مَس هو ته جرمنيءَ جي شهر برلن ۾ منعقد ٿيندڙ ”عالمي مذهبي سَڀا“ (World Congress of Religion) ۾ هندستاني نمائندن سان گڏجي، ملڪ جِي نمائندگي ڪرڻ لاءِ ويو.
اُتي سندس ڪيل تقرير ۽ يورپ جي ٻين ملڪن ۾ ڏنل سندس ڀاشڻن، منجهس هندستاني فلسفي ۽
مذهب لاءِ گَهرِي دلچسپي پيدا ڪئي.
يورپ ۾ ڇهه مهينا کن رهڻ دوران اُتي کيس جيڪو مانُ سنمانُ مليس، اُن عظيم
کنڊ جي فلسفين ۽ ڏاهن ماڻهن ۽ اُتان جِي ثقافت سان سندس جيڪو ناتو جُڙيو، تنهن هِن
ماڻهوءَ اندر ”مهانتا“ جو جذبو جاڳائي وڌو، سو جڏهن اُتان واپس وريو ته سندس خيال
هو ته کيس سندس اُميدن کان گهڻو ناماچار ۽ پذيرائي ملي هئي، جنهن جو هُو پاڻ کي
حقدار به نه سمجهندو هو. جتي به ڪو وڏو عوامي ميڙاڪو ٿيندو هو، يا ڪا گڏجاڻي ٿيندي
هئي، ته کيس اُن جي صدارت ڪرڻ لاءِ چيو ويندو هو.
پر، هُو چوندو هو ته، ”وڏي عزت افزائي ۽ شُهرت اُهي پنجوڙَ آهن، جيڪي
ماڻهوءَ ۾ اَڀمانُ، آءٌ-پَڻُو يا خُودِي پيدا ڪن ٿا ۽ خُودِي، يا اَهنڪارِ حق سچ
جِي راههَ تي هلندڙ ماڻهوءَ جو بدترين دشمن هوندو آهي“. ساڌو واسواڻيءَ پنهنجو پاڻ
سان پِرڻُ ڪيو ته هُو هڪ سال تائين ڪنهن به گڏجاڻيءَ جِي صدارت نه ڪندو، اُن وقت
تائين، سندس خيال هو ته يورپ واريءَ ياترا دوران سندس جيڪو تاثر قائم ٿيو هو، سو
زائل ٿِي ويندو.
يورپ کان واپسيءَ وقت وٽس اخبارن ۽ رسالن جا ڍِڳُ پيل هئا، جن ۾ سندس ڀاشڻن
بابت احوال بيان ٿيل هئا ۽ سندس مضمون ڇپيل هئا. هڪ ڏينهن شام جو هُو آڳبوٽ جي
عرشي تي، هيڏانهن هوڏانهن پَسار ڪري رهيو هو، ته اُنهيءَ دوران سندس مَنَ ۾
وِيچارُ آيس ته جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو نانءُ اخبار ۾ ڇپيل ڏسي ٿو ته اُن وقت کيس
جيڪا خوشي ٿئي ٿِي، سا حقيقي خوشي ٿِي نٿِي سگهي، اُها خوشي ماڻهوءَ جِي
خودپرستيءَ جِي خوشي هوندي آهي، جيڪا مغروريءَ، گُهمنڊُ، ۽ مشهورائيءَ ۾ اوج ماڻي
ٿِي. اُها سَکڻي خوشي هوندي آهي، جنهن کي اُٿندي ئي ماري مات ڪرڻ گُهرجي. سو اِهو
وِيچارُ مَنَ ۾ ايندي ئِي، هُو هڪ پل جِي به ٻُڏ تر يا هَٻڪَ کان سواءِ، پنهنجي
ڪَئبِن (جهاز جي ڪمري) ۾ ويو، ۽ سموريون اخبارون ۽ رسالا کڻي، ساگر جي لهرن حوالي
ڪري ڇڏيائين.
ساڌو واسواڻي پاڻ سان گڏ ڪا به ڊائري وغيره نه رکندو هو، جنهن منجهان سندس
زندگيءَ جي احوال بابت ڪا پيرائتي خبر پئجي سگهي، يا اسين سندس زندگيءَ بابت ڪجهه
وڌيڪ ڄاڻي سگهون.
هُو هڪ کان وڌيڪ ڪاليجن جو پرنسپال ٿي رهيو. هڪ شاندار جِيوّن مارڳُ سندس
سامهون موجود هو. اڃا هُو چاليهن ورهين جو جوان هو ته سندس ماتا شِري پرلوڪ پڌاري
وئي. هُن پنهنجيءَ پُوج ماتا شريءَ سان هڪ وچن ڪيو هو ته جيستائين هُوءَ جيئرِي
آهي، تيستائين هُو هِن دنيا کي تياڳي، ساڌو نه بڻجندو. هاڻي جڏهن سندس ماتا جو
ديهانت ٿي چُڪو هو، ته هُن محسوس ڪيو ته سندس وَچَنُ، سندس ٻنڌڻُ هاڻي ٽُٽِي چُڪو
هو. هُو هاڻي ٿڌڙي هِير وانگر آزاد هو، جنهن کي جتي وڻيس، اُتي لڳي. پنهنجيءَ ماتا
جو ڪِرياڪرم ڪرڻ کان پوءِ، سڀ کان پهريون ڪم، جيڪو هُن ڪيو، سو اِهو هو ته پنهنجي
نوڪريءَ تان استعيفا ڏياري موڪليائين. سندس دوستن، مِترن کيس گهڻو ئي سمجهايس ته
هُو اُٻهرائپ ۾ پنهنجي نوڪري نه ڇڏي.
”اوهين پنهنجي اهڙي شاندار نوڪري ڇو ڇڏي رهيا آهيو؟“ اُنهن کيس
سمجهايس. ”اوهين اڃا جوان آهيو، اوهان جي آڏو هڪ شاندار مستقبل موجود آهي، اوهان
جهجهو ڌَنُ، ڌَنُ دولت جا ڍِڳُ ڪمائي سگهو ٿا“.
هُن کين ورندي ڏني، ”انسان کي هِيءُ جِيوّن ڌَنُ ڪمائڻ لاءِ ناهي مليو“.
”ته پوءِ، زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي؟“ اُنهن کانئس پڇيو.
۽ هُن اُنهن کي جواب ڏنو، ”پنهنجو پاڻ کي اِيشوَرِي عشق لاءِ ارپي
ڇڏيو، ماڻهن جي سيوا ڪريو...“
آزاديءَ لاءِ هلايل هلچل ۾ سندس ڪِردار:
آزاديءَ جي هلچل ۾ ساڌو واسواڻيءَ جو حصو سچ پچ ته وڏيءَ اهميت وارو آهي.
جيستائين سنڌ جو تعلق آهي، هيءُ اُن جو سڀ کان اڳرو، يا برک پرچارڪ هو. هُو مهاتما
گانڌيءَ جِي اَسهڪاري تحريڪ (Non-Cooperation Movement) جي وڪالت ڪندڙ شروعاتي ماڻهن منجهان هڪ هو. ساڌو واسواڻيءَ جِي
قداور شخصيت ۽ سندس وسيع اثر رسوخ سبب اُن تحريڪ سنڌ ۾ پنهنجو ڪافي اثر ڏيکاريو،
جيتوڻيڪ ڪيترائي جهونا آزمودگار سنڌي اڳواڻ اُن جا مخالف هئا.
آزاديءَ جي تحريڪن ۾ ڪي، ڪي مفادپرست ماڻهو عظيم مقصد جِي حاصلات تي
سمجهوتو به ڪري وٺندا آهن. ساڌو واسواڻيءَ کي اِهو ڏسي وڏو صدمو پهچندو هو جڏهن
آزاديءَ جي تحريڪ جا ڪي محب وطن ساٿي، خسِيس عهدن ۽ اختيار ۽ اقتدار جِي لالچ ۾
اچي، پنهنجو مارڳُ ڀُلجي ويندا هئا.
هُن سوَراج لاءِ ڪم ڪيو هو، وطنَ جي آجپي جا گيت ڳايا هئا. پر کيس اِهو ڏسي
ڏاڍو صدمو پهتو ته آزاديءَ جِي مومل ماڻڻ کان پوءِ ملڪ ۾ رڳو نوڪر شاهيءَ جي چَهرا
مَٽَ، يا رُوپُ-بدل ٿِي هئي، هڪڙن عملدارن جِي جاءِ ٻين ڪامورن سنڀالي هئي ۽ بس!
هُن چاهيو ٿي ته آزاديءَ جِي هلچل ۾ اسان سڀني کي ڀلمانسائيءَ جو مظاهرو ڪندي، هر
صورت ۾ سچو رهڻ گهرجي.
ڪنهن ماڻهوءَ کانئس سوال پڇيو، ”اوهان جِي سياست ڪهڙي آهي؟“ هُن کيس ورندي
ڏيندي چيو، ”اوهين مون کان پڇو ٿا ته منهنجي سياست ڪهڙي آهي؟ منهنجو صفا ٿورڙن
لفظن ۾ جواب آهي، غريبن جِي سيوا. ڪو ملڪ، ڪا رياست اُن وقت تائين آزاد ٿي نٿي
سگهي، جيستائين اُن جو غريب عوام پنهنجن پيرن تي نٿو بيهي. اسين اهڙي رياست، جنهن
۾ غريب جِي سيوا ٿئي، جيڪا رياست غريب عوام جِي خدمتگذار هجي، ڪيئن ٿا ٺاهي سگهون؟
اِهو ئي سياست جو اصل مسئلو آهي“.
هُو ڪيترن ئي سالن تائين اِها ڳالهه وَرُ وَرُ ڏيئي چوندو رهيو ته جيڪڏهن
اسين آزاديءَ جي ٻين پهلوئن- سماجي، ثقافتي ۽ روحاني- کي نظرانداز ڪنداسون ته
سياست پنهنجي ڪارج ۾ ناڪام بڻجي ويندي، ۽ قوم اونداهين جي اوڙاههَ ۾ ڀِٽڪندي
رهندي. افسوس، جو ڏک سان ٿو چوڻو پوي ته آزادي ماڻڻ کان پوءِ وارن سالن ۾ اِهي
ڳالهيون سچ ثابت ٿيون آهن.
گُروءَ جا انيڪ رُوپ:
ساڌو واسواڻيءَ تعليم ۽ انساني ڀلائيءَ جي ٻين کيترن تي پنهنجو خاص ڌيان
ڏنو. سندس اِن ڳالهه تي وڏو زور هوندو هو ته ماڻهوءَ جي ڪردار جِي تعمير ئي حقيقي
قومي تعمير هئي. هُن ڪيترن ئي هنڌن تي ’نوجوانن جون سڀائون‘ قائم ڪيون. هُن راجپور
۾، هندستان جي نوجوانن ۾ پنهنجي ڌرم لاءِ چاهه پيدا ڪرڻ واسطي هڪ ”شڪتي آشرم“ برپا
ڪيو. هُن تعليم جي شعبي ۾ مِيران تحريڪ جو بنياد رکيو، جنهن جِي مُکيه آفيس پُوني
شهر ۾ قائم ٿيل آهي. اُن تحريڪ جو مقصد ماڻهن ۾ تهذيب ۽ ثقافت بابت نئين سجاڳي
پيدا ڪرڻ آهي. اِن ريت، ميران ايڊيوڪيشنل اِنسٽيٽيوشنس ۾ تعليم پرائيندڙ شاگردن کي
ٽِ-گُڻِي تربيت- دماخ، هٿ ۽ دل جي تربيت-
ڏني ويندي هئي. اِنهن تعليمي اِدارن ۾ سچ جي سِکيا تي وڏو زور ڏنو ويندو هو، ۽
شاگردن کي سيکاريو ويندو هو ته سموري ڄاڻ جو آخرين حاصل، سيوا آهي- غريبن جِي
سيوا، پٺتي پيلن، هيڻن، بيمارن ۽ ڏکن ڏوجهرن جي ستايلن، پِيڙيل ماڻهن جِي سيوا،
دُکِي انسانيت جِي سيوا. [حيدرآباد سنڌ ۾، هِيرآباد ۽ جِي.او.آر ڪالونيءَ ۾ شاندار
۽ تمام وڏا ۽ ڪشادا مِيران اسڪول قائم ٿيل آهن، جيڪي اڄ به نياڻين کي تعليم جو فيض
پهچائي رهيا آهن. اِهي اسڪول اڄڪلهه سنڌ سرڪار جي ملڪيت ۾ آهن ۽ اُنهن جا نالا
مَٽائي، نوان نالا ڏنا ويا آهن – سنڌيڪار]
ساڌو واسواڻيءَ جي زندگي اڻٿڪ خدمت ۽ قربانيءَ جو مثالي نمونو هئي. هُو
لڳاتار ڪم ڪندو رهندو هو ۽ پنهنجي لاءِ ڪجهه به نه طلبيندو هو. هُو هر وقت مسڪينن،
سماجي رُتبي ۾ پُٺتي پيل ماڻهن ۽ کوهيلن جِي سيوا چاڪرِيءَ جي موقعن جي ڳولا ۾
رهندو هو. ۷۹ ورهين جِي ڄمار ۾، سندس جسم
نِٻلُ ٿي چُڪو هو، پر هُو سمجهندو هو ته منجهس ڏهه ماڻهن جيترو ٻَلُ آهي، ڇو ته
سندس دل غريبن ۽ اِيشور جي پريم سان ٽِمٽار هئي.
ساڌو واسواڻيءَ جِي سِکيا، ٿورڙن لفظن ۾ اِها هئي ته اِيشور جي پريم ۾ ۽
اُن جي ڏُجهارن ٻچڙن (پکي ۽ پَسُون پڻ، اُن جا ٻچڙا آهن) جِي سيوا ئِي سچي پچي
زندگيءَ جو راز هو. سندس ويساههَ هوندو هو ته سڀئي انسان، سڀئي نسلَ ۽ مذهب، هڪ
آتما ۾ يڪ-وجود آهن. سندس دل ۾ پُورب ۽ پڇم جي سڀني سنتن، درويشن، ۽ پيغمبرن لاءِ
ادب، ۽ احترام هوندو هو.
هُو چوندو هو، ”اسان مان ڪيترا ئي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي هڪ وقت ۾ هڪ شيءِ کي
مڃين ٿا. آءٌ اهڙو پُتلو ٺاهيل آهيان جيڪو گهڻن ۾ خوش ٿيندو آهيان ۽ هڪڙي جِي
خوبصورتي ڪيترن ئي منجهه پَسِي سگهندو آهيان. اِهو ئي ڪارڻ آهي جو منهنجو ڪيترن ئي
مذهبن سان فطري سُٻنڌُ آهي. آءٌ اُنهن سڀني منجهه هڪ ئي آتما جو جلوو پَسان ٿو ۽
منهنجي هِردي جي گَهراين ۾ اِهو ايمان ڪامل آهي ته آءٌ سڀني اَوَتارن، نبين ۽
پيغمبرن جو هڪ نماڻو نوڪر آهيان“.
هُو چوندو هو، ”خدا جي مخلوق هڪڙي رب جي پيرن سان سونين سنگهرن ۾ ٻڌل آهي.
اُهو ربُ، اسان سڀني جو هڪڙو خدائي پِتا آهي. اسين سڀئي هڪ آهيون. ڀانت ڀانت جي
مذهبن جا ماڻهو ۽ بنا دين ڌرم وارا ماڻهو. خدا جِي بادشاهت ۾ ڪو به ڌاريو يا غير
ڪونهي“.
ساڌو واسواڻي ۽ سنڌ:
۱۹۲۹ع کان هُن پنهنجي ڄمڻ واري شهر،
حيدرآباد سنڌ، ۾ رهڻ شروع ڪيو. هُن پنهنجي سِر اِيشورِي گيان ۽ هندن جي قديم مقدس
ڪتابن جي پيغام کي عام ڪرڻ جو ذُمو کنيو. حيدرآباد ۾، برهمو مندر، گُرو سنگت، ٻاوي
اِيشور داس جو مندر ۽ ٿياسافيڪل سوسائٽي هال سندس روحاني روشني ڏيندڙ ۽ اُتساهيندڙ ڀاشڻن
سان گونجندا هئا.
هِن عورتن لاءِ بِلُو بَرڊ ڪلاس شروع ڪيا، جن ۾ اُنهن کي انگريزي ٻوليءَ
جِي سِکيا ڏني ويندي هئي. اُتي اُنهن کي دنيا جي عظيم عورتن جي زندگين بابت پڻ ڄاڻ
ڏني ويندي هئي.
هُن، سنڌ ۾، ويدڪ ڌرم بابت ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون ۽
ماڻهن کي ڪِرياڪرمي رسمن ۽ ريتين، جن تي برهمڻن ۽ پنڊتن جِي هڪ هٽِي قائم هوندي
هئي، کان نجات ڏيارڻ لاءِ تحرُڪ ورتو. هِيراباد جي سوڙهين گِهٽين ۾، هن ڀڳتي
تحريڪ، نام سنڪِيرتن ۽ وڏيءَ اَسُرُ جي امرت ويلي مهل پِرڀات ڦيرِيءَ جهڙيون
روايتون وِڌيون.
شاندار سُرِيلِي سنڌي ٻوليءَ ۽ اُن جي سوڀياوانُ ساهتَ ۾ ساڌو واسواڻيءَ جو
حصو پتي سچ پچ ته اَمولَڪُ آهي. بيشڪ، پُورب ۽ پڇم جي ڪنهن ٻئي ليکڪ، ڪنهن ٻئي
ڌارمڪ رهبر اُن هڪڙيءَ مهانُ هستيءَ (اِيشور) بابت ايڏي وڏي پيماني تي شايد ئي ڪو
لکيو هوندو. هُن نبيءَ سڳوري ۽ حضرت عيسى؛ مهاتما گوتم ٻُڌ ۽ مهاوِير؛ ڪبير ۽
چيتنيه؛ رابعه ۽ مِيران ٻائِي؛ گُرو نانڪ ۽ شري رامڪِرشن؛ آدِي شنڪر ۽ سينٽ
فرانسِس؛ تُڪارام ۽ سينٽ آگسٽائن ۽ ٻين بيشمار سنتن، درويشن، رِشين، مُنين، جيڪي
هر مذهب، هر نسل ۽ سڀني ملڪن سان تعلق رکندا هئا- بابت ساڳئي چاههَ سان لکيو آهي.
هِن اُنهن جي زندگين جو اڀياس ڪيو، اُنهن جي بهترين ۽ اُتم تعليمات کي پنهنجي اندر
۾ جذب ڪيو، اُنهن مان سِکيو ۽ پِرايو ۽ اُنهن جِي ڏاهپَ جي جوهر کي، پنهنجِي
اُتساهيندڙ ۽ دلين کي گرمائيندڙ گُفتگُوءَ ۽ پنهنجي غير معمولي ذهانت ۽ نهايت
مهارت سان لکيل ڪتابن ذريعي، ماڻهن ۾ عام ڪيو.
ڪتاب ”نُورِي گِرنٿ“ سندس هڪ نهايت اعلى تخليق آهي، جنهن کي ڪنهن به ادبي
ڪسوٽيءَ تي پرکي سگهجي ٿو. اُن ڪتاب ۾ سندس تخليق ڪيل چار هزار کان مٿي گيت ۽ ٻه
هزار کان مٿي سِلوڪ شامل ٿيل آهن.
عورتازاد، عورتن جِي آزادي ۽ عورتن کي با اختيار بنائڻ جهڙا نعرا اڄڪلهه
کوکلا بڻجي چُڪا آهن، جڏهن عورتازاد لفظ اڃاگهڙيو ئي نه ويو هو، تِن ڏينهن ۾، ساڌو
واسواڻيءَ، پردي ۾ ويڙهيل ۽ گهرَ جي رنڌڻي تائين محدود، ٻين لفظن ۾ اُن ۾ قيد بڻيل
سنڌي عورتن کي حقيقي معنى ۾ نجات ڏيارڻ لاءِ اُپاءُ ورتا. هُن ”سَکِي سَتسَنگ“ جي
نالي سان نارين کي هڪ پليٽفارم تي گڏ ڪيو ۽ کين پهريون ڀيرو پنهنجي
ذاتي زندگين ۾ فيصلا ڪندڙ عورتون بڻايائين. اُهي رضاڪاراڻي طور تي سماج سيوَڪ ڪمن ۾
حصو وٺنديون هيون، ۽ پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ ۾ بااختيار هونديون هيون. اِها ڳالهه چوندي
ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته هِن سنڌي نارين کي اُنهن معاملن ۾ حصو وٺڻ ۽ فيصلا ڪرڻ
لاءِ اُتساهيو، جن تي اڳ ۾ صرف مرد جِي اِجاري داري هوندي هئي. [هِيراباد،
حيدرآباد ۾ قائم نارِي سَڀا (Ladies Club) اسان کي اڄ به اُنهن سونهري ڏينهن جِي يادگيري ڏياريندي رهندي
آهي. پر، جنهن اعلى آدرش لاءِ اُها قائم ڪئي وئي هئي، سو اڄ سُپنو ئي بڻيل آهي.
آءٌ جڏهن به اُتان لنگهندو آهيان ته اُن عاليشان عمارت کي حسرت سان ڏسندو رهندو
آهيان، ۽ پنهنجو پاڻ کي ماضيءَ جي جهروڪن ۾ بيٺل ڏسندو آهيان ۽ سوچيندو آهيان ته
ڇا ته اُهي ڏينهنَ هوندا، جڏهن اسان جون ماتائون، هتي اچي مِڙنديون هيون ۽ سماجَ
جي ڪلياڻَ، سنڌي نارين جي روشن آئيندي بابت سوچيو ۽ لوچيو ويندو هو. آءٌ خيالن ئي
خيالن ۾ سوچيندو آهيان ته جيڪڏهن اِهو روشن خياليءَ، جاڳرتا ۽ نئون سنسارَ جوڙڻ
وارو سلسلو بنا رنڊڪ جي جاري ۽ ساري رهي ها، اڄ سنڌي سماج جو ڪهڙو آڪار هجي ها!
پر، اُن اُجڙيل آشياني کي ڏسي، ٿڌو ساههُ کڻي، هٿ مَهٽي، اُنهن مهان آتمائُن، جن
اهڙا اِدارا برپا ڪيا هئا، کي شرڌانجلي ارپڻ ڪري، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي دُرڀاڳ تي
افسوس ڪري، پنهنجي راههَ وٺندو آهيان. شاهه سائينءَ شايد اهڙين ئي ڳالهين کي ڌيان
۾ رکندي، چيو هو: ”اَڄُ نه اوطاقُن ۾ طالبَ تَنوارِين، آديسي اُٿي ويا، مڙهيون
مُون مارِين، جي جِيءَ کي جيارِين، سي لاهُوتي لڏي ويا!“].
ساڌو واسواڻيءَ انڌ وِشواسيءَ ۽ تنگ نظرِيءَ جي هر اُنهيءَ پنجوڙَ، جنهن ۾
سنڌي ناريون صدين کان پابند ۽ قيد رکيون ويون هيون، کي ٽوڙڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون
ڪيون. هُن پردي، گُهونگهٽ ۽ ڏيتي ليتيءَ (ڏاج) جهڙين ڪُڌين ۽ قاتل رسمن خلاف ڀَير
تي ڏؤنڪو هڻي، آواز بلند ڪيو. ساڳئي وقت، هُو حد کان وڌيڪ ’جديديت‘ جي خطرن کان به
سُچيت هو، تنهنڪري، نارين کي اکيون ٻُوٽي مغربي فيشن اپنائڻ کان پاسو ڪرڻ جي تاڪيد
ڪندو رهندو هو. هُو عورتن کي پنهنجي روزمرهه جِي زندگيءَ ۾ سادگيءَ ۽ سچ کي اپنائڻ
لاءِ همٿائيندو رهندو هو.
”سَکِي سَتسَنگ“ سنڌي نارين تي روحاني، سماجي، ثقافتي ۽ معاشي
معاملن ۾ انقلابي اثر وِڌو. عورتن کي جڏهن سَکِي اِسٽورن جي سنڀال ۽ انتظام جِي
ذميواري سونپي وئي ته اُنهن پنهنجي زندگين ۾ پهريون ڀيرو معاشي معاملن ۾ آزاديءَ،
ذُميداريءَ ۽ ساک پَتِ بابت سِکيو. اُنهن پنهنجن محفوظ گهرن کان ٻاهر نڪري، پاڻ تي
ڀاڙڻ واريءَ راههَ تي پهريون وِکون کڻڻ شروع ڪيون هيون.
هُن پاران ڪوٺايا ويندڙ ”سَکِي سميلن“ هڪ اهڙو اُتسَوَ هوندو هو جنهن ۾
اِسترين کي سماجي بُراين جهڙوڪ ڏاج، ننڍيءَ عمر وارين شادي ۽ عورتن جي اِستحصال
بابت پنهنجا مسئلا پاڻ بيان ڪرڻ، پاڻ ٻُڌڻ ۽ اُنهن جا حل پاڻ ڳولڻ جا موقعا ملندا
هئا. ساڌو واسواڻيءَ پاران قائم ڪيل ”سيوا آشرم“ عورتن لاءِ روحاني راههَ جي نئين
دنيا جا دروازا کوليا هئا. هُو عورتن منجهه موجود سندن شڪتيءَ بابت جاڳرتا پيدا
ڪندو هو ۽ مردن جِي حاڪميت واري سماج ۾ وڏي واڪي چوندو هو ته، ”عظمتن جي بُلندين
تائين رسڻ ۾ اِستريون اسان جِي رهنمائي ڪنديون!“
تعليم جي ميدان ۾ ساڌو واسواڻيءَ جو ڪم اوترو ئي اهميت وارو هو. هُن
حيدرآباد سنڌ ۾ ”مِيران هلچل“ برپا ڪئي، جنهن پليٽفارم تان هُن تعليم جي ميدان ۾
نوان معيار قائم ڪيا. ڇوڪرين جِي تعليم جي سلسلي ۾ هُن ٽِ-رُخي تربيت- يعني ذهن،
هٿ ۽ دل جي تربيت- جو هڪ نئون لاڙو شروع ڪيو. هُن جديد سنڌ جِي تاريخ ۾ پهريون
ڀيرو ڇوڪرين لاءِ هاسٽل جي سهولت مهيا ڪئي، جتي ڏُورانهن علائقن جون ڇوڪريون، جن
کي پنهنجن گهرن جي ڀرپاسي ۾ سُٺي تعليم جون سهوليتون مُيسر نه هيون، اچي رهنديون
هيون. هُن سنڌ ۾ نينگرين جِي تعليم لاءِ مِيران ڪاليج قائم ڪيو، جتي کين مفت تعليم
ڏني ويندي هئي.
اِن سوچ ۽ ويساههُ ته ”غريبن، مِسڪِينن جِي سيوا، اِيشور جِي عبادت آهي“،
ساڌو واسواڻي پنهنجن رضاڪارن ۽ پريمين کي سدائين اِها سمجهاڻي ڏيندو هو ته سندن
ڪوششن جو محوّر ضرورتمندن، محتاجن، مِسڪِينن ۽ محروم ماڻهن جِي حالت سُڌارڻ، سندن
مدد ڪرڻ، ۽ سندن اُهنج گهٽائڻ، هئڻ گُهرجي. هُن گُرو نانڪ جِي پوئواري ڪندي، ”مودي
خانو“ جي نالي سان هڪ پروگرام شروع ڪيو، جنهن تحت مِسڪِينن کي سندن ضرورت جون
بُنيادي شيون مُهيا ڪري ڏنيون وينديون هيون. هُن بيمارن جِي ڀلائيءَ ۽ سهائتا وارو
پروگرام پڻ شروع ڪيو، جنهن تحت هُو پاڻ اسپتالن ۾ وڃي، غريب بيمارن جِي
تِيماردارِي ڪندو هو، اُنهن منجهه کاڌو وِرهائيندو هو ۽ کين ڦَل ميوا پڻ ڏيندو هو.
هُن ”سَکِي سَتسَنگ“ جِي عمارت اندر هڪ دواخانو برپا ڪيو، جنهن ۾ غريب مريضن جو
مُفت ۾ علاج ڪيو ويندو هو.
اڄڪلهه پُوني شهر ۾، ساڌو واسواڻي ميڊيڪل ڪامپليڪس تحت چار بهترين اسپتالَ
(State of the art hospitals)، جن ۾ علاج
معالجي لاءِ گهربل هر قسم جون اوَل درجي جون سهوليتون- اعلى ترين فني صلاحيتون ۽
اوزار- مُيسر آهن [جيئن اسان وٽ سنڌ ۾، ڪراچيءَ ۾ آغا خان اسپتال آهي]، ماڻهن
جِي خدمت ڪري رهيا آهن. اُهو ڏينهن پري ناهي جڏهن مِيران ٻائِي يونيورسٽي پڻ وجود
۾ ايندي.
”ساڌو واسواڻي مرڪز“ سڄيءَ دنيا ۾ قائم ٿيل آهن،
جيڪي پنهنجي بانيڪار جِي غريب پَروَر سوچ ۽ فِڪِر کي نهايت ئي نماڻائيءَ ۽ ايمانداريءَ
سان حقيقت جو رُوپ ڏيارڻ واري شاندار ڪم ۾ جُنبيل آهن. پر، ساڌو واسواڻيءَ پنهنجي وطن،
سنڌ، جنهن سان هُو اَننت اَپار پيار ڪندو هو، ۾ پنهنجي جوانيءَ وارن ڏينهن ۾ جيڪي
سماج سُڌار ڪمَ ڪيا، ۽ اِنسانيت جِي جيڪا سيوا ڪئي، تنهن جو ڪو به مَٽُ ثاني ٿِي
نٿو سگهي.
حيدرآباد سنڌ مان جيڪا روشني پِرڀات جو ڪِرڻو بڻجي نِروار ٿِي، سا هاڻي نه
فقط سموري ننڍي کنڊ، هِند ۽ سنڌ، پر، دنيا جي چئن ئِي دِشائُن کي جَرڪائي رهِي
آهي. ”ساڌو واسواڻي مِشِن“، جيڪو سنڌ جي هِن سنتُ جي نالي سان قائم ڪيل آهي، اڃا
تائين صوفين ۽ سنتن جِي ڌرتيءَ، جنهن کي هُو ”سج جهڙي روشن سنڌ“ سڏيندو هو، جي شان
شوڪت، اُن جي جَسُ ۽ اُن جِي وڏائيءَ ۽ اُن جي ناماچار ۾ چار چنڊ لڳائي رهي آهي.
ساڌو واسواڻي
غلام محمد گرامي
سنڌ
جو مشهور عالم، فيلسوف ۽ آدرشي مهاپرش، ساڌو ٽي ايل واسواڻي ۱۶ جنوري
۱۹۶۶ع تي
پوني (ڀارت) ۾ گذاري ويو.
ساڌو
واسواڻي جي عالمانه شخصيت، بين الاقوامي شهرت حاصل ڪري چڪي هئي. سندس نام ۽ پيغام
کان مشرق ۽ مغرب جا سڀئي علمي ۽ فڪري ادارا وافف هئا.
۱۹۴۰ع ۾ هڪ آمريڪي عالم ۽ سياح،
پنهنجي سفرنامي ۾ لکيو آهي ته ڀارت جون ٽي جايون قابل ديد آهن؛ تاج محل، جامع مسجد ۽
اجنتا. (”اجنتا“؛ ميسور ۾، جبلن اندر
غاريون آهن، جن ۾ هندن جي ديوتائن جون پٿرن تي اڪريل خواه ڪاغذن تي ليڪيل تصويرون
رکيل هونديون آهن.) ان
طرح ٽن ماڻهن کي ڏسڻ ڀاڳ جي نشاني آهي، رابيندرناٿ ٽيگور، گانڌي ۽ ساڌو واسواڻي.
اها سنڌين لاءِ فخر جي ڳالهه آهي.
ساڌو
واسواڻي، ۲۵
نومبر ۱۸۷۹ع
تي، حيدرآباد سنڌ ۾ پيدا ٿيو. سندس اعليٰ شخصيت ننڍي ڄمار ۾ ئي علم ۽ فڪر جي عالم
۾ مستغرق رهندي آئي. مزهب جي سلسلي ۾ سڀني مذهبن جو مطالعو ڪري انهن جي صالح ۽
تعميري خيالات کي قبول ڪيائين. سندس اسلام ۽ پيغمبر اسلام، قرآن ۽ خلفائي راشدين
لاءِ ڏنل تقريرون ۽ رايا، علمي دنيا ۾ سَنَد جو درجو رکن ٿا.
سندس
اوائلي زندگي، تعليم ۽ اخلاقي اصلاح سان شروع ٿي. تعليم جي سلسلي ۾ پاڻ وڪٽوريا
ڪاليج ڪوچ بهار، مهيندرا ڪاليج پٽيالا، ديالسنگ ڪاليج لاهور جو پرنسپال ٿي رهيو
آهي. ڪلڪتي ۽ ڪراچيءَ ۾ سندس شهرت ۽ عزت، يورپ تائين پهچي چڪي هئي. ان زماني ۾
پاڻ، بين الاقوامي مذهبي ڪانفرنس برلن جي دعوت تي يورپ ويو، اتي ماديات ۽ لامذهبيت
جي خلاف اخلاق ۽ روهانيت، پاڪيزگيءَ ۽ صلح پسنديءَ تي، پر اثر ۽ رقت انگيز تقريرون
ڪيائين. ان وقت پاڻ ڪراچيءَ ۾ فلاسافيءَ جو پروفيسر هو.
۱۹۰۹ع ۾ يورپ جي مختلف علمي ادارن
۽ عالمي سوسائٽين پاران، مليل دعوت تي مختلف ملڪن ۾ تقريرون ڪيائين. سنس تقرير ۾
ويدانت ۽ تصوف جو عجيب سنگم هوندو هو. هو پريم ڀڳت هو، تنهنڪري سنسد ڪلام ۾ بجليءَ
جهڙو تاثير هو. سنس اصلاحي تقريرن، يورپ جي وڏن وڏن عالمن کي روحانيت ڏانهن قريب
آندو.
۱۹۲۰ع کان ملڪ جي آزاديءَ جي
تحريڪن، ڪانگريس ۽ خلافت ۾ بهرو وٺن لڳو.
خلافت
جي پاران،
انگريزن سان “قطع تعلقات” جي جڏهن تحريڪ شروع ٿي، تڏهن پاڻ ڏيارام ڄيٺمل ڪاليج ۾
پروفيسر هو. ان سلسلي ۾ جا وڏي ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ ٿي، تنهن جو پريزيڊنٽ ساڌو
واسواڻي هو. ان ڪانفرنس ۾ مڪل جي سڀني ليڊرن؛ گانڌي، محمد علي، موتي لال
نهرو، شوڪت علي، مولانا
آزاد، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ تقريرون ڪيون.
اڳتي
هلي، “ينگ انڊيا”، ۽ “هريجن” اخبارن ۾، جي گانڌيءَ جي ادارت ۾ شايع ٿينديون هيون،
تن جي پهرين
پيجن تي ساڌو واسواڻيءَ جا مضمون ڇپبا رهيا.
ان
سلسلي ۾ “الوحيد” ڪراچيءَ ۾ سندس ڪافي مضمون ڇپيا، جن ۾ قرآن ۽ حديث ۽ تاريخ جي
دليلن سان ثابت ڪري ڏيکاريائين ته هن سرڪار جي خلاف قطع تعلقات تحريڪ کي زور وڍائن
مسلمانن جو مذهبي فرض آهي.
۱۹۳۲ع ۾ استعفا ڏيئي “ميران” جي
نالي ۾ اصلاحي ۽ تعليمي تحريڪ شروع ڪيائين. سندس خيال ۽ عقيدا، امن ۽ صلح، عبادت ۽
پريم ڀڳتيءَ
وارا هئا. هو تصوف ۽ ويدانت جو وڏو ڄاڻو هو، ان هوندي به هو مدي خارج رسمن ۽ خيالن
کي چنبڙي پوڻ جي خلاف هو. هن پنهنجي عمل ۽ ڪردار لاءِ، “ميران” ٻائيءَ کي مثالي ۽
آدرشي آئينو بنائي ڪم شروع ڪيو. سندس اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ به روحانيت ۽ پاڪيزگي،
انسانذات جي محبت ۽ خدمت، مساوات ۽ اخوت تي هڪ روحاني رنگ ۾ رتل نصاب ۽
نظام هلايو ويو. ان سلسلي ۾ حيدرآباد جو “ميران” اسڪول هڪ آدرشي اسڪول شمار ڪيو
ويو آهي، جو ساڌو
واسواڻي، ورهاڱي تائين هلائيندو رهيو.
۱۹۴۹ع ۾
ساڌو واسواڻيءَ پوني ۾، سنڌ وانگر “ميران” آدرشي اسڪول کوليا. ان سلسلي ۾ ميران
ٻالمندر، ميران هاءِ اسڪول، ميران اليج، ميران ناري شالا، ميران اسپتال، تعريف جي
لائق آهن.
ساڌو
واسواڻي، علم ۽ خيال، فڪر ۽ فلاسافي، پريم ۽ شيوا جو سچو مثال هو، تنهنڪري سندس
ادارن ڪڏهن به مالي مشڪلات ڪانه ڏٺي.
سندس
ادارن لاءِ، سندس جنم دن ۲۵ نومبر تي هر سال
ڳوٿري پيش ٿيندي هئي. پهرئين ڀيري، پنجويهن هزارن جي ضرورت محسوس ڪئي ويئي، پر کين
مليا ٽيتاليهه هزار: ٻئي سال پنجهٺ هزار، ۽ ٽئين سال هڪ لک کان به مٿي، چوٿين سال
اڍائي لکن کان مٿي. اهي رقمون، يورپ، جپان ۽ آمريڪا مان گڏ ٿيون. سنڌين ۽ ڀارتي
هندن پاران امداد ون الڳ مليون.
سندس
ڪيترا ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. جيئن “A Wake Young India”، جي سندس يورپ مان اپسيءَ تي مدراس جي مشهور Ganesh
& Co ڇپايا.
ساڌو
واسواڻي، ڇهاسي ورهين جي ڄمار ۾، ۱۶
جنوري ۱۹۶۶ع تي
سرڳواسي ٿي ويو. شال سندس علم ۽ خيال جي دنيا مان انسانذات، سونهن ۽ سوڀيا،
پيار ۽ پريم، امن ۽ صلح جو رنگ حاصل ڪري.
سندس
خيال، مضمونن، تقريرن ۽ ٻولن جي اشاعت جي سلسلي ۾ ننڍڙو
رسالو “سنت مالا” اڄ تائين هلندو ٿو اچي. ان ۾ سنسد لام، “نوري” ۽ “نماڻي”، تخلص
سان شايع ٿيندو رهيو آهي. بيشڪ ساڌو واسواڻي هڪ آدرشي مهاپرش هو، جنهن پنهنجي ساري
حياتي، خلق جي خدمت ۾ گذاري اعليٰ مثال قائم ڪيو آهي.
ساڌو واسواڻي ۽ دادا جشن
الطاف شيخ
منهنجي
خيال ۾ سنڌ جي نئين ٽهي، ساڌو واسواڻيءَ جي شخصيت ۽ سندس سماجي ۽ تعليمي خدمتن کان
اڻ واقف آهي. ان ڪري هتي ساڌو واسواڻي ۽ سندس ڀائٽي دادا جشن جو مختصر احوال ڏيڻ
ضروري سمجهان ٿو.
ساڌو ٽي
ايل واسواڻيءَ (سڄو نالو: ساڌو ٿانورداس ليلارام واسواڻي، خداآبادي) ۲۵ نومبر ۱۸۷۹ع تي حيدرآباد ۾ شري ليلارام
واسواڻيءَ جي گهر ۾ ڄائو. سندن ماءُ جو نالو ورن ٻائي هو. ساڌو واسواڻي جو ننڍپڻ
تمام ڌرمي ماحول ۾ گذريو، جو گهر ۾ سندس ماءُ پيءُ صبح جو سوير اٿي پوڄا پاٺ ڪندا
هئا. شري ليلا رام (ساڌوءَ جو پيءُ) ديوي ماتا جو پڪو devotee هو ۽ ماءُ گرباني جو صبح جو اٿي دور ڪندي هئي.سندس وڏا خداآباد
کان حيدرآباد اچي رهيا.
ساڌو
واسواڻي ننڍپڻ کان ئي بيحد ذهين ۽ ڏاهو هو. اسڪول جي ڏينهن ۾ هُو پنهنجي ڪلاس جو
هوشيار ۽ محنتي شاگرد هو. انهن ڏينهن ۾ سنڌ ”بمبئي پريزيڊنسيءَ“ ۾ آئي ٿي ۽ هن سڄي
سنڌ مان پهريون نمبر حاصل ڪيو. ايم. اي. ڪرڻ بعد ساڌو ٽي. ايل. واسواڻي ”ميٽروپوليٽن
ڪاليج ڪلڪتي“ جو پروفيسر ٿي رهيو، جيڪو ڪاليج اڄڪلهه ودياساگر ڪاليج سڏجي ٿو. ان
بعد هُو لاهور جي ديال سنگهه ڪاليج جو پرنسپال ٿيو. تعليمي کيتر ۾ نوڪري دوران هن
هميشه پنهنجي شاگردن منجهه اخلاقيات تي زور ڏنو. هن جو هميشه اهو قول رهيو ته، Character
Building is Nation Building. آءٌ پنهنجي هڪ ۳۰ سالا پراڻي سفرنامي ”سي ئي جوڀن ڏينهن“ ۾ ڪولمبو (سريلنڪا) جي شري متي ديوڪي
جي ڳالهه ٻڌائي چڪو آهيان، ته ڪيئن هڪ ڏينهن سندس فليٽ تي ويٺا هئاسين ته هيٺ کيڏندڙ
ٻارن مان هڪڙي ٻئي کي گار ڏني. جنهن تي هُوءَ يڪدم هيٺ لهي وئي ۽ ان ٻار کي دڙڪا ڏيئي
سمجهايائين. اسان کي حيرت ٿي ته هن پرائي سنهالي ٻُڌ ٻار کي ڇو وڃي نصيحت ڪئي. موٽي
اچڻ تي اسان جڏهن سبب پڇيس ته هن، حيدرآباد جي ميران ٻائي اسڪول جي پڙهيل ۽ ساڌو
واسواڻيءَ جي پوئلڳ، ساڌوءَ جي مٿئين قول کي ورجائيندي چيو ته هي ٻار کڻي ڪنهن جو
به هجي، پر هن ۾ اخلاق هجڻ ضروري آهي. سڀاڻي اهو اسان جو صدر به ٿي سگهي ٿو، ته
وزيراعظم به ٿي سگهي ٿو.
ساڌو
واسواڻي مذهبن بابت اونهي مطالعي ۽ ڄاڻ ڪري ۳۰ سالن جي ڄمار ۾ برلن (جرمني) ”ورلڊ ڪانگريس آف رليجنس“ اٽينڊ ڪرڻ ويو. اتي
هن جيڪي تقريرون ڪيون انهن جي ٻڌڻ سان ڪيترا ئي گورا کانئس بيحد متاثر ٿيا، جن مان
پوءِ ڪجهه ساڌو واسواڻيءَ جي ”انسان ذات جي ڏکن کي مٽائڻ“ واري مشن ۾ مددگار ثابت ٿيا.
پاڻ جڏهن چاليهه سالن جو ٿيو ته سندس ماءُ گذاري وئي. هي اهو وقت هو جڏهن ساڌو
واسواڻي لکڻ جي ڪم ۾ مشغول هو. سندس لکڻيون ايترو ته اثر واريون ثابت ٿيون جو، Mahatma
Gandhi’s Young India اخبار جي پهرئين صفحي تي هن جي
آرٽيڪل ڇپبي هئي. سندس سڄي ڄمار هڪ اصول جي چوڌاري ڦرندي رهي:
“Be strong, Be manly, Spend
your strength in the service of poor and broken one”.
ساڌو
واسواڻيءَ نالي چون ٿا ته ننڍي هوندي حيدرآباد ۾ هڪ ڪاسائيءَ جي دڪان اڳيان لنگهي
رهيو هو ته ٻڪرين جي رڙين تي هن جي دل کي جُهٻي آئي ۽ هن ان ڏينهن کان ڪنهن به جانور
يا پکيءَ جو گوشت کائڻ ڇڏي ڏنو ۽ سڄي زندگي ٻين کي به اها ئي نصيحت ڪندو رهيو. اڄ
سڄي دنيا ۾ سندس جنم ڏينهن ۲۵ نومبر
کيMeatless Day طور ملهايو وڃي ٿو ۽ ڪيترا ماڻهو
هن ڏينهن تي قسم کڻندا آهن ته هُو زندگيءَ جا باقي ڏينهن گوشت کي هٿ نه لائيندا.
ساڌو
واسواڻيءَ جي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي خدمت ”ميران تحريڪ“Mira
(Meera) Movement آهي، جيڪا هن ۱۹۳۳ع ۾ حيدرآباد ۾ شروع ڪئي. جنهن جو ڪم تعليمي ميدان ۾ جاکوڙ ڪرڻ آهي. ان
تحريڪ هيٺ حيدرآباد ۾ ميران ٻائي اسڪول کوليو ويو ۽ ورهاڱي بعد ۱۹۶۲ع ۾ ”سينٽ ميران ڪاليج فار گرلس“ کوليو ويو. هي انگلش ميڊيم اسڪول پوني جي
مشهور واسواڻي چؤنڪ تي آهي، جنهن ۾ ۵۰۰۰ جي لڳ
ڀڳ ڇوڪريون پڙهن ٿيون. ڪاليج جي سنڌي پرنسپال ڪرن جوتواڻيءَ ٻڌايو ته هن ۾ هر ذات
۽ زبان جون ڇوڪريون آهن، جن مان ڪيترن ئي غريب ڇوڪرين جي نه فقط في معاف آهي، پر
کين ڪتاب ۽ ماني به ڏني وڃي ٿي. ڪيترين کي ته کِيسي خرچي به ڏني وڃي ٿي، جنهن خرچ
جو پورائو پوني ۾ رهندڙ سنڌي بزنيس ڪميونٽي ڪري ٿي. پوني ۾ منهنجي رهائش جو
بندوبست به هن ڪاليج واري روڊ جي سامهون واري گيسٽ هائوس ۾ هو ۽ مون کي هن ڪاليج
جي نه فقط ڪجهه فنڪشن اٽينڊ ڪرڻ جو موقعو مليو، پر مٿين ڪلاسن جي اسٽوڊنٽس کي ليڪچر
به ڏنم. هڪ ڳالهه نوٽ ڪيم ته پرنسپال ۽ مڙيئي پڙهائڻ واريون ماسترياڻيون بيحد
ايمانداري ۽ محنت سان پڙهائي رهيون هيون. ٻه چار سنڌي ليڪچرارياڻيون هيون، باقي
مرهٺي هيون. ڇوڪريون Students به بيحد disciplined ۽ هوشيار هيون، ڇو جو منهنجي ليڪچر بعد، هنن جيڪي مون کان سوال ڪيا
ٿي اهي ذهين ۽ معلوماتي هئا. ڪاليج کي وڏو گرائونڊ هجڻ ڪري شاگردياڻين کي فوٽ بال
۽ والي بال راند کيڏڻ جو موقعو به ميسر آهي. ان کان علاوه جوڊو ڪراٽي به سيکاريو
ويو ٿي.
پوني ۾
هن سينٽ ميران ڪاليج کان علاوه ٻيا به پنج تعليمي ادارا آهن، جيڪي ساڌو واسواڻي
مشن وارا هلائين ٿا، اهي آهن:
• سينٽ ميران
اسڪول (انگلش ميڊيم)
• سينٽ ميران
اسڪول (سنڌي ميڊيم)
• سينٽ ميران
پرائمري اسڪول (سنڌي ميڊيم)
• سينٽ ميران
بال ڀون
• SVM
ڪنڊر گارٽن
ساڌو
واسواڻي مشن جي وڏڙي ديدي رتنا واسواڻيءَ کان پڇيم ته، ”هيءَ ميران ڪير آهي؟“
”ميران ٻائي
سورهين صديءَ جي مشهور اتر انڊيا جي بڪتي devotional
شاعره هئي،“ ديدي رتنا ٻڌايو، ”اسان جي ڪميونٽيءَ جو ليڊر
ساڌو ٿانورداس واسواڻي، ميران ٻائيءَ جو پوئلڳ devotee
هو. هُو هن جي ذاتي ڪهاڻيءَ کان بيحد متاثر هو، جنهن نياڻي
جي تعليم عام ڪرڻ چاهي ٿي، ان ڪري ساڌو واسواڻيءَ اسڪولن ۽ ڪاليجن جا نالا ميران ٻائي
St’ Mira نالي رکيا.“
”ساڌو واسواڻي
مشن (SVM) جو تعليم کان علاوه ڳوٺن
جو سڌارو، سنڌي ٻولي جي ترقي ۽ بيمار ۽ ضرورتمندن جي دوا درمل ۽ علاج ڪرائڻ پڻ
آهي. پوني شهر ۾ ئي ڪيترا اهڙا صحت گهر آهن جن سان ”ساڌو واسواڻي مشن“ وارن جو
واسطو آهي، جتي غريب ۽ ضرورتمند مريضن جو مفت علاج ٿئي ٿو. هنن سڀني ميڊيڪل سينٽرن
جو قول (Motto) اهو ئي آهي. جنهن جي ساڌو
واسواڻيءَ پرچار ڪئي ته:
‘Every
patient is a picture of God
To
serve him is to worship God’.
پوني ۾
هفتو کن رهڻ دوران هڪڙي ڏينهن SVM جي آفيسر
نريش سنگهاڻي مون کي اهي اسپتالون ۽ دواخانا ڏيکاريا، جيڪي SVM طرفان موڪليل مريضن جو مفت علاج ڪن ٿا. اهي هن ريت آهن:
• شانتي ڪلينڪ
• منگهارام
کيملاني ڊسپينسري
• ساڌو
هيرانند فري هوميوپئٿڪ ڊسپينسري
• راڌا ڪرشنا
ديا ڊسپينسري
• انلئڪ ائنڊ
ٻڌراني اسپتال. (هيءَ ۱۵۰ بسترن
جي اسپتال ڪوريگائون پارڪ ۾ آهي)
• ۱۷۵ بسترن واري ڪئنسر انسٽيٽيوٽ، وغيره
ساڌو ٽي
ايل واسواڻي، جيڪو هن تحريڪ جو باني هو، هن فاني دنيا مان ۱۶ جنوري ۱۹۶۶ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. حڪومت انڊيا
هن جي ياد ۾ ۲۵ نومبر ۱۹۶۹ع تي پوسٽ جي ٽڪلي به جاري ڪئي.
ساڌو ٽي
ايل واسواڻيءَ جي وفات بعد سندس مشن جو ڪم سندس ذهين ڀائٽيو دادا جشن خير خوبيءَ
سان هلائيندو اچي. دادا جشن (سڄو نالو: جشن پهلاج راءِ واسواڻي) ۲ آگسٽ ۱۹۱۸ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ پهلاج راءِ
جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس ماءُ جو نالو ڪرشنا ديوي هو. ساڌو واسواڻي وانگر دادا جشن
پڻ ننڍپڻ کان نهايت محنتي ۽ ذهين ٻار هو. پاڻ ۱۳ سالن جي ڄمار ۾ سڀ کان گهڻين مارڪن سان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين.
سترنهن سالن جي عمر ۾ هن بامبي يونيورسٽيءَ مان B.Sc جي ڊگري حاصل ڪئي. M.Sc ۾ هن جي ٿيسز
جو سبجيڪٽ هو:
‘The Scattering of X-Ray by
Solids’
سندس
هيءَ ٿيسز ان وقت جي مشهور پروفيسر ۽ اعليٰ سائنسدان، جنهن کيScientific
Genius سڏيو ويو ٿي، سي وي رامائن assess
ڪئي. دادا جشن ڪراچيءَ جي ڊي جي (ڏيارام ڄيٺمل) سنڌ ڪاليج ۾
فيلو پڻ ٿي رهيو، پر پوءِ هُو سگهو ئي دنيا جا ڌنڌا ڇڏي پنهنجي گرو ۽ نيڪ چاچي ساڌو
ٽي ايل واسواڻيءَ جو پانڌيئڙو ٿي رهيو.
دادا
جشن بين الاقوامي ليول تي دانشور ۽ فلاسافر مڃيو وڃي ٿو. هن ڪيترن اهم هنڌن تي ڳالهايو
آهي، جيئن ته لنڊن ۾ برٽش هائوس آف ڪامنس ۾، آڪسفورڊ ۾ گلوبل فورم آف اسپرچوئل ليڊرس
۾، شڪاگو جي ورلڊ پارليامينٽ آف رليجنز ۾، يونائيٽيڊ نئشنس ۾، وغيره وغيره. پاڻ ۷۵ کن ڪتابن جو مصنف آهي، جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
• From Hell to Heaven.
• Tear Drops (Poems).
• Glimpses.
• How to Overcome Tensions.
• The Holy Man of Hyderabad.
• Burn Anger Before Anger Burns
you.
• Why Do Good People Suffer.
دادا
جشن کي سندس ادبي ۽ سماجي خدمتن ڪري ”يو- ٿانٽ“ ايوارڊ به مليو آهي. پاڻ هن وقت ۹۰ سالن جو آهي ۽ سندس هن جنم ڏينهن ملهائڻ جي سلسلي ۾ پوني ۾ رٿيل جشن تي
مون کي به وڃڻ جو موقعو مليو ۽ هڪ ڏينهن (جنهن ڏينهن ”صوفيزم“ تي سيمينار هليو)
صدارت لاءِ منهنجي عزت افزائي ڪئي وئي.
ساڌو واسواڻي صاحب
[۱۸۷۹ع – ۱۹۶۶ع]
ميمڻ عبدالغفور
سنڌي
سنڌ جو عظيم فيلسوف، صوفي منش ۽ سپوت عالم، پروفيسر
ٿانورداس پٽ ليلارام واسواڻي صاحب ۲۵ نومبر تي حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو هو. ڌڻيءَ طرفان ذهانت
عطا ٿيل هئس، جنهن ڪري مختصر مدت ۾ اسڪول ۽ ڊي جي سنڌ ڪاليج (موجوده وقت ۾ هي ڪاليج ”وديا ساگر“ نالي سان سڏجي ٿو.) جي
تعليم کان مستفيض ٿي ايم اي جي ڊگري حاصل ڪري ورتائين. پوءِ ڪلڪتي جي ميٽرو پوليٽن
ڪاليج ۾ تواريخ ۽ انگريزي جو ليڪچرار مقرر ٿيو. جتان ترقي وٺي، لاهور جي ديالسنگ ۽
ڪوچ بهار جي وڪٽوريا ڪاليجن ۾ پرنسيپال جي عهدي تي وڃي رسيو. انهيءَ دوران پاڻ
برلن ۾ ڪوٺايل دنيا جي مذهبن جي ڪانگريس ۾ هندستان پاران نمائندگي وٺي، تقرير
ڪيائين؛ جنهن نتيجي واسواڻي صاحب کي هڪ اعليٰ مقام تي وڃي رسايو. انهن غريب معمولي
خوبين جي عيوض، مهاراجا پٽيالا کيس، مهندار ڪاليج جي پرنسيپال جي آڇ به ڪئي، جنهن کي
پاڻ بروقت ٿڏي اچي سنڌ ۾ سهڙيو.
سنڌ جي هن مهاپرش جي عالمانه شخصيت؛ بين الاقوامي شهرت
حاصل ڪري چڪي هئي سندس نام ۽ پيغام کان مشرف ۽ مغرب جا سمورا علمي ۽ فڪري ادارا
بخوبي واقف هئا. سچ پچ ساڌو واسواڻي صاحب جي اعليٰ شخصيت سنڌين لاءِ فخر جو باعث
هئي. پاڻ نه صرف علم ۽ فڪر جي عالم ۾ محور رهيو؛ بلڪ عقيدي جي آڌار تي دنيا جي
تمام مذهبن جو تقابلي مطالعو ڪندي، نهايت تعميري ۽ صحتمند خيالات جو اظهار ڪيائين.
اهو ئي سبب آهي، جو ساڌو صاحب جا اسلام ۽ پيغمبر اسلام، قرآن پاڪ ۽ خود خلفاءِ
راشدين لاءِ ڪيل تقريرون ۽ رايا، علمي دنيا ۾ سند جي حيثيت رکن ٿا. (پروفيسر برٿ نالي هڪ آمريڪي سياح ۱۹۴۰ع ۾ لکيل پنهنجي هڪ سفرنامي ۾ ذڪر آندو آهي، ته جتي هندستان ۾ ٽي جايون:
تاج محل (آگره)، جامع مسجد (دهلي) ۽ اجنتا (ميسور)، قابل ديد آهن. اتي
ٽن برک انسانن: رابيندر ناٿ ٽيگور، مهاتما گانڌي ۽ ساڌو واسواڻي صاحبن کي ڏسڻ پڻ
ڀاڳ جي نشاني آهي.)
سندس تقريرن خواه تحريرن ۾ وحدانيت ۽ تصوف جو جاءِ بجاءِ
سنگم نظر اچي ٿو. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي، ته ساڌو صاحب، پريم ڀڳت هو، تنهن
ڪري سندس هر لکڻيءَ ۾ بجليءَ کان گهٽ تاثير نه هو، جنهن کان يورپ جا نامور عالم ۽
فيلسوف به روحانيت ڏانهن راغب ٿي پيا.
ساڌو واسواڻي صاحب نه صرف عالم هو، بلڪ هڪ محب وطن سنڌي
هجڻ سان گڏوگڏ، آزاديءَ جو متوالو به هو، اهو ئي سبب هو، جو ۱۹۲۰ع کان ملڪ جي آزاديءَ خاطر
خلافت تحريڪن توڙي ڪانگريسي مجلسن ۾ ڀرپور حصو ورتائين. انگريزن خلاف ”قطع تعلقات“
تحريڪ کي زور وٺائڻ ۾ ساڌو صاحب سڀني جو اڳواڻ بڻيو. (ڪراچيءَ ۾ سڏايل وڏي ڪانفرنس ۾ کيس ”پريزيڊنٽ“ مقرر ڪيو ويو؛ جنهن ۾ پري
پري کان آيل ملڪي مدبر: محمد علي جناح، مولانا محمد علي ”جوهر“، مولانا شوڪت علي،
مهاتما گانڌي، اَبو الڪلام ”آزاد“، جواهر لعل نهرو ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي صاحبان
موجود هئا.)
پاڻ گانڌي صاحب جي ادارت ۾ نڪرندڙ ”ينگ انڊيا“ (young india) ۽
”هريجن“ ۾ انقلابي لکڻ لڳو. انهيءَ سلسلي ۾ ”الوحيد“ (ڪراچي) سان به سندس ساٿ
رهيو، جن ۾ قرآن پاڪ ۽ حديث جي روشنيءَ ۾ ثابت ڪري ڏيکاريائين ته ”انگريز سرڪار جي
خلاف قطع تعلقات تحريڪ کي زور وٺائڻ مسلمانن جو مذهبي فرض آهي“.
No comments:
راءِ ڏيندا