; سنڌي شخصيتون: محمد شعيب خان - منظور ڪلهوڙو

22 November, 2016

محمد شعيب خان - منظور ڪلهوڙو

محمد شعيب خان
علم جي پيچرن جو پانڌئيڙو
منظور ڪلهوڙو
خليل جبران چيو آهي ته “غربت اها نعمت آهي جيڪا توهان لاءِ زندگيءَ جي رازن جي شعور جو سبب آهي.” ننڌڙي محمد شعيب خان پٺاڻ جنهن ضياالحق جي آمريتي راڄ ۾ 1984ع ۾ شڪارپور ضلعي جي ننڍڙي ڳوٺ سلطان ڪوٽ ۾ پوسٽ آفيس جي ننڍڙي ملازم (ڪلارڪ) شهزادو خان پٺاڻ جي گهر ۾ جڏهن جنم ورتو ته ملڪ تي نه صرف آمريتي ۽ آپيشاهي وارن راڄن کي ڏٺو، پر پنهنجي گهر، ڳوٺ ۽ آس پاس ۾ غربت، پسماندگي، اڻهوند ته ڏٺي ئي ڏٺي پر ان سان گڏوگڏ ظلم، بدامني ۽ سنڌ اندر ڌاڙيل راڄن جي راڪاسن جا خوف ۽ خطرا خلقن مٿان لامارا ڏيندي به ڏٺا.


ان ڪري هو ڳوٺاڻي ماحول ۾ رهندي نه ته زندگيءَ، نه ان جي رازن ۽ نه وري ان جي شعور جي سبب کي ڳولي سگهيو. آمريتون جيڪي روشني، شعور، اظهار ۽ آگاهيءَ جون دشمن هجن ٿيون، اهي انساني زندگي ۾ روشنين، رنگن، جذبن ۽ امنگن جي جاءِ تي اونده انڌوڪار، غربت، بد امني، ۽ بڇڙائين کي پروان چڙهائين ٿيون. انهن ظالم دورن ۾ وڏي ۾ وڏو ٻارڻ غريب، مفلس، لاچار ۽ هٺين طبقن سان تعلق سان تعلق رکندڙ انساني جانيون بڻجن ٿيون. سنڌ ان آمريتن جي بداعمالين کي سڀ کان وڌيڪ ڀوڳيو آهي، نه صرف انهن کي ڀوڳيو آهي پر ان بداعمالين خلاف ڀرپور مزاحمت به ڪئي آهي. ان مزاحمتي ڪردار ادا ڪرڻ ڪري سنڌ سان وڌيڪ هاڃا ڪيا ويا جو اڄ به ڏهاڪن گذرڻ جي باوجود سنڌ جو سماج آمريتي دورن جي بد آمالين کي ڀوڳي رهيو آهي.
آمريت جي ان دورن ۾ سنڌ اندر عوام جتي رياستي جبر جو شڪار رهيو، اتي جاگيرداراڻي ظلم ڏاڍ، جبر ۽ استبداد جي طاقت سان پيدا ٿيل بي قابو بدامني ۽ ڌاڙريل راڄن جي ساهه منجهائيندڙ خوف ۽ عذابن ڪري سنڌ جا پرسڪون، سڪ ۽ پريت سان سرشار سر سبز ۽ شاداب ڳوٺ وستيون، واهڻ ويران ٿيڻ لڳا ته ساڳئي وقت شهر ويڪرا ٿيڻ شروع ٿيا. ان دور جي لڏ پلاڻ ۾ محمد شعيب خان جو والد به پنهنجي ڪٽنب سميت سکر شهر ۾ اچي آباد ٿيو. جتي شعيب به پنهنجي ٻين ڀائرن سان گڏ پڙهڻ لڳو ۽ آهستي آهستي هن جي زندگي، ان جي رازن ۽ ان جي شعور سان وابستگي ٿيڻ لڳي. هاڻي هن جي اندر ۾ شهري زندگي ڪر موڙي هن کي بي چين، بيقرار ۽ بيدار ڪرڻ لڳي ته آسودگي ۽ غربت ڇا کي چئبو آهي؟ محتاجي ۽ مفلسي ڪنهن جون پيدا ڪيل بلائون آهن؟ محبت ۽ نفرت، حق سچ ۽ ناحق ۾ فرق ڪئين اجاگر ڪجي؟.......، ان جهڙن ۽ ٻين سمورن سوالن جا جواب شعيب خان کي درسگاهن، ڪتابن، علم، شعور ۽ ڏاهپ جي پيچرن تان ملڻ لڳا. هن اهو خوب پئي ڄاتو ته هن طبقاتي سماج ۾ هن جو جنهن غريب خاندان ۽ هٺين مفلس ڪلاس سان تعلق آهي ان لاءِ پنهنجي زندگيءَ جو نصب العين حاصل ڪرڻ ڪنهن پلصراط تان سفر ڪرڻ کان هر گز گهٽ ڪو نه آهي.
سگمنڊ فرائيڊ چيو آهي ته “ڪن ماڻهن ۾ ڪمتريءَ جو احساس ئي انهن جي ڪاميابين جو سبب آهي.” محمد شعيب خان سکر واري زندگي جي ان عرصي دوران جيتري ويڙهاند پنهنجي ضمير، سوچن، خيالن، فڪرن ۽ اصولن سان ڪئي، ان کان پوءِ شايد ئي ڪڏهن هن ڪا پنهنجي لائيف سان ٻي مزاحمت ڪئي هجي. اهو سکر وارو عرصو ئي آهي جنهن ۾ هن نه صرف پنهنجي زندگيءَ جو نصب العين مقرر ڪيو پر پنهنجي خواهشن، چاهتن، حسرتن ۽ جذبن....، جي وهڪرن کي مثبت رخ به ڏنو. هن اهو خوب پئي ڄاتو ته هن جا پنج ماما آهن جيڪي پنج ئي سي ايس ايس آفيسر آهن، پر هو هڪ پوسٽ آفيس جي ڪلارڪ جو پٽ آهي. ان سماجي ڪمتريءَ کي ڪمزوري ناهي بڻائڻو، پر اهو ثابت ڪري ڏيکارڻو آهي ته علم، ڏاهپ، هنر، مسلسل سخت محنت سان ئي منزل، عزت ۽ وقار جهڙا مقام حاصل ڪري سگهجن ٿا.
ورهاڱي کان پوءِ سنڌ جي سماج اندر مختلف شعبن ۾ پيدا ٿيل خال کي جهڙيءَ ريت سنڌ جي مظلوم، بي سهارا، لاچار ڪلاس سان تعلق رکندڙ غريبن جي ٻارن علم، ڏاهپ جي ميدانن ۾ ڪٺن محنتون ڪري ڪنهن حد پر ڪيو آهي، ان مسڪين ڪلاس جي نوجوانن ۾ محمد شعيب خان جهڙن سنڌي نوجوانن جو پڻ شمار ٿئي ٿو. هن نوجوان ايم اي اڪانامڪس ڪرڻ کان پوءِ ايم بي اي فنانس ۾ ڪئي ۽ ايم فل مڪمل ڪري پي ايچ ڊي لاءِ وڌيڪ رسرچ ورڪ ڪري رهيو آهي. شعيب عام سنڌي نوجوانن جيان روايتي انداز ۾ ته تعليم حاصل ڪئي آهي پر اها ايم اي اڪانامڪس ڪنهن سرڪاري جاب جي حاصلات، ان ۾ ترقي يا انڪريمينٽ حاصل ڪرڻ لاءِ نه آهي.پر ايم اي اڪانامڪس، ايم بي اي فنانس ۽ ايم فل جي رسرچ ۾ سنڌ، پاڪستان۽ بين القوامي اقتصاديات، سماجي معاشيات، گلوبل فنانشل ڪرائيسز جهڙن موضوعن تي ڳوڙهو اڀياس ڪري شعيب انهن جي معاشي تاريخ، موجودهه معاشي صورتحال ان جا بحران ۽ محرڪاتن تي جديد بنيادن تي رسرچ ڪري چيڙ ڦاڙ ڪري شاندار شيد ڪيا اهن. اهو ئي سبب آهي جو شعيب خان جا رسرچ پيپر برطانيه، امريڪا، انڊونيشيا، روس...، جهڙن ترقي يافته ۽ سائنسي انداز سان رسرچ شايع ڪندڙ جنرلس ۾ مسلسل نمايان انداز ۾ شايع ٿيندا رهن ٿا. شعيب خان جتي بين القوامي معاشي مسئلن تي پنهنجو رسرچ ورڪ ڪري ٿو اتي هو سنڌ اندر ڪارو ڪاري، بد امني، تعليم جي اڻاٺ....، جهڙن سنڌ جي اشوز کي معاشي مسئلن ۽ بحرانن جي رخ ۽ نظر سان به دنيا جي اڳيان پيش ڪري چڪو آهي. شعيب جي مڃتا جتي ٻاهرين دنيا ۾ آهي اتي هائير ايجوڪيشن ڪميشن آف پاڪستان اسلام آباد وارن به سندس ڪم کي مدنظر رکندي هن جي رسرچ ورڪ تي مشتمل ڪتاب “مئينيجمينٽ ان ٽوئنٽي فرسٽ سئنچري”، 2015 ع ۾ ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرائي چڪي آهي. ان مان آسانيءَ سان معلوم ڪري سگهجي ٿو ته شعيب خان جو معاشيات ۽ مئينيجمينٽ تي ٿيل ڪم ڪيترو اهميت وارو آهي، نه ته هڪ سنڌي، ٻيو شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جو شاگرد ۽ ان جي ايتري مڃتا!!
هي سنڌ جو نوجوان جنهن جو رسرچ ورڪ ملڪي ۽ بين القوامي جنرلس ۾ شايع ٿيندو رهي ٿو، اهو صرف لکڻ جي حد تائين محدود نه آهي. پر هن اهل نوجوان کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته هن امريڪا جي مشهور سائوٿ ڪيليفورنيا يونيورسٽي ۾ 22 ڏينهن گذاري اتي پروفيسرس ۽ شاگردن کي مختلف موضوعن تي ليڪچرس ڏنا. ان ٽوئر جي اچ وڃ، کاڌ خوراڪ ۽ رهائش جو سمورو خرچ ڪيليفورنيا يونيورسٽي جي انتظاميه شعيب کي پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهي ڏنو.
هن سال 2016 ع ۾ 10 آڪٽوبر تي دنيا ۾ مڃيل ۽ وڏي معاشي تعليمي اداري “لنڊن اسڪول آف اڪانامڪس” محمد شعيب خان کي ليڪچرس ڏيڻ لاءِ دعوت ڏئي لنڊن گهرايو، جتي هو انهن جي خرچ تي وڃي، ليڪچرس ڏئي گورن جا وارا وڄائي سنڌ جي ڏاهپ جي هاڪ ويهاري واهه واهه ڪرائي آيو آهي. هاڻي جتي دنيا جا بين القوامي ادارا هن نوجوان کي سندس ڪم جي آڌار عزت ۽ مڃتا بخشي رهيا آهن، اتي هي نوجوان سنڌ يونيورسٽي جي وزيٽنگ فيڪلٽي جو پڻ حصو رهيو آهي. هو جتي دنيا اندر ليڪچرس ڏيڻ پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهي ٿو اتي هو سنڌ جي مڙني يونيورسٽين ۾ وزيٽنگ پروفيسر ٿيڻ به پنهنجي لاءِ سڀ کان وڏو اعزاز سمجهي ٿو.
جارج برناڊشا لکيو آهي ته “خاموشي نفرت جي اظهار جو شريفانه طريقو آهي. ”شعيب خان سان ملڻ ۽ ان سان گفتگو ڪرڻ کان پوءِ آسانيءَ سان معلوم ٿي سگهي ٿو ته هي نوجوان جيڪو سنڌ کي تعليمي انقلاب ذريعي تبديل ڪرڻ جو جيڪو خواب پنهنجي ذهن ۾ سانڍيون ويٺو آهي، اتي هو جاگيرداراڻي مدي خارج سماج ۽ ان ۾ پيدا ڪيل بڇڙائين، جهالت، بدامني، ڪاروڪاري،غربت، اڻ برابري...، جهڙن ناسورن سان نه صرف نفرت ڪري ٿو، پر پنهنجي علم، عمل سان انهن جي پاڙ پٽڻ جي عملي طور جدوجهد ۾ رڌل به نظر به ايندو.
سنڌ جو هي نوجوان ترڪيءَ جي ترڪش ايجوڪيشن فائونڊيشن سان منسلق ٿي سنڌ جي غريب ۽ اهل شاگردن کي پهريان سنڌ اندر جديد تعليم ڏيارڻ کان پوءِ انهن کي مفت اسڪالرشپس ڏياري گريجوئيشن ۽ پوسٽ گريجوئيشن جي تعليم ترڪي، يورپ، امريڪا مان حاصل ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪرائڻ ۾ سرگردان آهي ته جئين سنڌ جا نوجوان بين القوامي طور مڃتا حاصل ڪري سنڌ جي سماج کي نئين راهه فراهم ڪري ڏين.
سنڌ جيڪا شعيب جهڙن نوجوانن جي اڄ سخت گهرجائو آهي، اچو ته اهڙن نوجوانن کي سلام پيش ڪري انهن کي مثال بڻائي اڳتي قدم وڌائي ڪاميابيءَ جون منزلون طئي ڪري سنڌ کي ترقي يافته، ترقي پسند، روشن خيال قومن جي صف ۾ شمار ڪرايو.

No comments:

راءِ ڏيندا