; سنڌي شخصيتون: حشو ڪيولراماڻي

20 November, 2016

حشو ڪيولراماڻي

حشو ڪيولراماڻي
سنڌي تاريخ جو وساريل ورق
لکمي کلاڻي
”ڪونج“ جي هن خاص پرچي (جولاءِ آگسٽ ۲۰۱۶ع) ۾ حشو ڪيولراماڻيءَ جهڙي لاثاني شخصيت کي روشنيءَ ۾ آڻي توهان پنهنجي پڙهندڙن کي هڪ انمول تحفو ڀيٽ ڏنو آهي. ڀاءُ مدد علي سنڌيءَ به مبارڪون لهڻيون، جنهن حشوءَ جي زندگيءَ بابت هيترو سارو مسودو ڪٺو ڪري، اتهاس جي ورقن ۾ وڃائجي ويل هن انقلابيءَ کي ڳولي لهي، سندس ادڀت ڪردار کي ڇنڊي ڦوڪي نئين سر جيئاري، سنڌ جي تاريخ ۾ کيس پنهنجو اهم مقام واپس ڏياريو آهي.


هن پرچي ۾ حشوءَ جي جيون بابت سموري ڄاڻ حاصل ڪندي شدت سان محسوس ٿيو ته هو هڪ بلند پايي واري شخصيت هو. جنهن سنڌ کي بيحد پيار ٿي ڪيو. ورهاڱي بعد هن پنهنجي ماءُ جي گود ڇڏڻ نٿي چاهي. کيس ڪيترو عرصو جيل ۾ بند رکيو ويو ۽ آخر ۾ کيس ايئرپورٽ تي وٺي وڃي. جهاز ۾ چاڙهي جلاوطن ڪيو ويو.
هن ڪتاب جي ”پيش لفظ“ ۾ سنڌيءَ جي وڏي عالم، اديب، مفڪر محمد ابراهيم جويي صاحب حشوءَ کي پنهنجي خراج عقيدت ڏيندي لکيو آهي:
”حشو جي وڃڻ کانپوءِ اسين سڀ دوست خاص طور تي سائين جي ايم سيد، شيخ اياز، سوڀو گيانچنداڻي ۽ آءٌ ڏاڍو اداس ٿي پيا هئاسين. حشو نه فقط اسانجو دوست هو پر اسانجي آدرشي ۽ اڻ ٿڪ جدوجهد جو حصو به هو. هن جو وڃڻ اسان جو ۽ سڄي سنڌ جي مظلوم ماڻهن جو وڏو نقصان هو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته حشو سنڌ جو جينيس هو. هن وٽ ڪمال جو مطالعو هو. هن  جي سوچ ترقي پسند ۽ انقلابي هئي. سنڌ ڌرتيءَ سان هن جو لازوال عشق هو.“
مدد علي سنڌيءَ پنهنجي هن ڪتاب ۾ اسان کي ڄاڻ ڏني آهي ته سائين جي ايم سيد حشو ڪيولراماڻيءَ کي پنهنجو سياسي اُستاد ڪري سڏيو آهي. سائين جي لکڻ موجب ”حشو ئي اُهو ماڻهو هو جنهن کيس قوميت جو مسئلو سمجهايو ته گڏيل هندوستان ۾ مختلف قومون آهن ۽ سنڌ جي به هڪ قومي ۽ وطن واري حيثيت آهي. حشوءَ ئي قوميت جي بنيادي متن کان مونکي واقف ڪيو جنهن جي روشنيءَ ۾ آءٌ سموري صورتحال کي نئين نطقه نگاھ سان ڏسڻ لڳس. ان وقت مونکي هندو يا مسلم قوميت جي نظريي کان ٻاهر ڪا راھ نٿي ڏسڻ ۾ آئي، اُن وقت حشو ڪيولراماڻيءَ جي صحبت ۽ گفتگو مون لاءِ روشني جي تروري جو ڪم ڏنو ۽ حشو نه هجي ها ته آءٌ اونداهيءَ ۾ گم ٿي وڃان ها.“
مدد علي سنڌيءَ سنڌ جي وڏي شاعر شيخ اياز کان حشوءَ بابت سموري ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيتريون ڪچهريون ڪيون هيون ۽ خطن ذريعي به حشوءَ  جو احوال موهن کان قلمبند ڪرايو هو، جيئن ته اياز حشوءَ جي ويجهن ساٿين مان هو. شيخ اياز جو هڪ خط مدد عليءَ هت حوالي طور ڏنو آهي. جنهن ۾ اياز مدد عليءَ کي لکي ٿو: ”تون سچ ٿو چوين ته حشوءَ بابت مون کي ڪو ڪتاب ضرور لکڻ گهرجي. سيد به هن تي لکيو آهي پر شخصي طرح آءٌ هن تي گهڻوڪجهه لکي سگهان ٿو ۽ ڪيترن هنڌن تي مون هن جو ذڪر ڏاڍي پيار سان ڪيو آهي.
مون اها ڳالهه ڪٿي لکي به آهي ته مان جيڪي ڪجهه به آهيان، اُهو حشو، سوڀي ۽ جويي جي ڪري آهيان، انهن ماڻهن سان منهنجي ملاقات نه ٿئي ها، ته مان، مان نه هجان ها... ته تو کي حشوءَ سان ڪيڏو نه پيار آهي. ان ڳالهه جي مون کي ڄاڻ آهي. مان اڪثر سوچيندو آهيان. تنهنجي هن سان ڪيڏي نه سڪ آهي. باقي جي تون هن سان ملين ها ته توکي معلوم ٿئي ها ته ڀٽائيءَ جي انهيءَ سٽ ”مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پرين کي“ ۾ ڪهڙي ڪيفيت سمايل آهي، سنڌ ٻيو حشو ڪٿان آڻيندي، مونکي ياد آهي ته ڪو وقت هو جو منهنجون حشو سان راتيون جون راتيون گذرنديون هيون. هو جڏهن ڳالهائيندو هو ته اسين پنڌ پهڻ ٿيو پيا هن جون ڳالهيون ٻڌندا هئاسين. پر هاڻ هن جون ڳالهيون ڪو ماڻهو ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو. هندوستان جا اديب واقعي هن کي ڪجهه به نه سمجهندا هئا... مدد، سچ پڇين ته حشو ڪيولراماڻيءَ جهڙو ذهين سنڌي مون سموري زندگي ۾ نه ڏٺو آهي.“
هند جي قداور ليکڪ موهن ڪلپنا به شيخ اياز جي انهيَ جاچنا کي تسليم ڪندي مدد عليءَ کي هڪ خط ۾ حشوءَ بابت لکيو آهي:
”مدد! واقعي تون حشوءَ جو قدر ٿو ڪرين ته اها تنهنجي چڱائي آهي. حشو هن صديءَ جو وڏو انسان آهي. اڄڪلهه هو سيلاني زندگي پيو گذاري. مون وٽ ايندو آهي. اڪثر ويران هنڌن تي نظر ايندو آهي. پر هيڏو ذهين ماڻهو مون سڄي هندوستان ۾ ڪو نه ڏٺو آهي. حشوءَ سان ٻن ڪلاڪن جي ڪچهري ڪنهن لائبريريءَ ۾ سوين ڪتاب پڙهڻ جي مقابلي برابر هوندي آهي.“
مدد علي سنڌيءَ بلاشڪ هند ۽ سنڌ ۾ حشوءَ کي بيحد گهڻو پيار ڪندڙ هن جو مداح (فئن) آهي، جنهن حشوءَ جي پُٺ وٺي سندس سنڌ ۾ ڀريا وارو گهر به، ته ڀارت جي نئين دهليءَ ۾ ڀڳت سنگهه مارڪيٽ واري فليٽ جو معائنو ڪري، اُنهن جي درن، درين ديوارين کان حشوءَ متعلق پئي دريافت ڪيو آهي ۽ اسان لاءِ هيءَ سموري ڄاڻ ڪٺي ڪئي آهي.
هند ۾ حشوءَ جو اچڻ وڃڻ بمبئيءَ ۾ هري موٽواڻيءَ وٽ، اُلهاس نگر ۾ موهن ڪلپنا وٽ ۽ آديپور(ڪڇ) ۾ هريش ۽ اندرا واسواڻي وٽ رهيو هو. سنڌي ادب جي ڏاهي هريش واسواڻي ”رچنا“ ۾ شايع ٿيندڙ ”ڌارا“ ڪالم ۾ حشو ڪيولراماڻيءَ جو قلمي خاڪو کيچيندي لکيو آهي:
”حشو ڪيترن ڏينهن کان ڪونه آيو آهي، حشو جڏهن اچي وڃڻ لڳندو آهي تڏهن دل ٿيندي آهي، هو وري نه اچي، پر جڏهن نه ايندو ته آهي ته ارڌ چيتن ۾ سندس اچڻ جو انتظار رهندو آهي....
حشو جيڪو هو اهو حشوءَ ڪو نه وساريو آهي، اسان کان وسري ويو آهي. حشو جيڪو آهي، اُهو حشوءَ کي ياد ڪونهي، پر اسان کي آهي...
پهرين جڏهن هت آيو، نئين ڪٽ جي ڪارڊ راءِ جي پينٽ، مئچنگ تي، شرٽ، خاص چمپل، اڇڙو، سنهڙو، ڊگهڙو، حشو، ڏاڙهي ٿوري وڌيل، ٻري ٻري نه وسامندڙ اکيون، نفاست ۽ نفسيات جو گڏيل سندس  اثر چقمقي آهي. ان جي کيس به ڄاڻ آهي. اُن ڄاڻ جي ڪارگر هئڻ جي به کيس ڄاڻ آهي.
حشوءَ جون ڳالهيون ٻڌي ترت لڳندو ته خوديءَ ئي کيس بيخود بنايو آهي... حشو هر وقت پاڻ سان عقل پرستيءَ جي وڳي جو بار کڻي گهمندو آهي. پر سندس من ۾ عام انسان جي ننڍين ننڍين خوشين مستين ۽ بي پرواهين لاءِ لڪل ايرکا هوندي آهي. بلڪ هو انهن جو حصو بڻجڻ چاهيندو آهي. مٿاڇري تي ارٿ هيڻ لڳندڙ زندگيءَ جي پٺيان لڳندڙ آهي. وٽس ڪا اڻپوري مشن آهي. جنهن کي هو ڳوليندو ٿو وتي، ڪڏهن شهر ۾، ڪڏهن رڻ ۾، ڪڏهن مهانگريءَ جي انسانن جي نون طور طريقن ۾،ڪڏهن ڪڇي ڳوٺاڻن جي لوڪ ريتين ۾....
هريش واسواڻي جي رفيق حيات اندرا واسواڻي جي ڪهاڻي ”پيئي اڏامي رک“ مان حشوءَ جو ڪردار ليئا پائيندو نظر اچي ٿو.
”سندس دوست کيس چوندا ئي هئا ”انسائيڪلوپيڊيا“ هو ڇا تي نه ڳالهائي سگهندو هو! هو ڪنهن تي به، ڪهڙي به وشيه تي ڳالهائي سگهندو هو. هٽلر، چرچل،  مارسڪواد، لينن، شيڪسپيئر جا ناٽڪ، ايم.اين.راءِ، ٽئگور جي ڪوتا، ڪيٽس، شئلي، شاھ، سچل، گانڌيءَ جي فيلسوفي، هو هڪ ذهين شخص هو. ويچارڪ ۽ ودوان. پر ورهاڱي هن جي من کي ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏيو. هن هڪ دفعي چيو هو ”ماءُ کان ٻار ڪڏهن ڪير زوريءَ ڌار نه ڪري سگهندو.“
وري ٻن ٽن مهينن کانپوءِ سندس (اندرا ۽ هريش) گهر آيو. نهال (هريش) تون ئي صلاح ڏي ته مان ڪيڏانهن وڃان؟“ هو کلي ٿو، هتان جا ماڻهو ٿا چون ته تون اسانجو آهين. ولايت مان روز ٿا نياپا اچن ته تون هيڏانهن هليو اچ، تون اسانجو آهين، پر نهال ... پر ...منهنجي ماءُ... هو چپ ٿي ٿو وڃي، وري آهستي ٿو چوي، ”نياپا موڪليندي آهي ته اچ... پر مان اُتي وڃي نٿو سگهان...ها، پر ڇو نٿو وڃي سگهان؟ مون کي ڪير روڪي سگهندو؟ آهي ڪو مائي جو لال، جيڪو مون کي سنڌ وڃڻ کان روڪي سگهي؟
حشوءَ جي پڇاڙي واري گمشدگيءَ بابت طرح طرح جا انومان لڳايا ٿا وڃن. مدد عليءَ لکيو آهي ته حشوءَ بابت چيو وڃي ٿو ته هو ڪڇ هليو ويو هو، جو سندس خواهش هئي ته هو اُتان سنڌ هليو وڃي. ۱۹۸۸ع ۾ حيدرآباد ۾ سندس گهر مانيءَ تي ڪامريد سوڀي گيانچنداڻيءَ هڪ ڪچهري هلندي مدد عليءَ کي ٻڌايو هو، ”حشوءَ جو آخر ۾ اهو خيال هو ته هو سنڌ هليو ويندو، پوءِ ڀلي کيس سرحد تي گوليون هڻي ماريو وڃي.“
لڳي ٿو، اُهو ساڳيو گفتگو ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ اسان جي برک ڪهاڻيڪار، ناول نويس ڪرشن کٽواڻيءَ کي به چيو هوندو، جنهن سندس صلاح مڃي. هن جيان ئي ٽئگور جي شانتينڪيتن ۾ پڙهائيءَ لاءِ داخلا ورتي هئي.
ڪرشن کٽواڻيءَ پنهنجي ناول ”ترندڙ بادل“ ۾ حشو ڪيولراماڻيءَ کي ئي نايڪ هيم جي ويس ۾ پيش ڪري هڪ طرح سان سندس جيونيءَ کي ان جو آڌار بڻايو آهي ۽ ناول جي پڇاڙيءَ ۾ هيم به پنهنجي  ماءُ جو سڏ اونائي سندس گود ۾ آسائشي ٿيڻ لاءِ سرحد تي هلندڙ گولين جي پرواھ نه ڪري ڪڇ جو رڻ پار ڪري پنهنجي ملڪ سنڌ موٽي ٿو وڃي.
”ترندڙ بادل“ ناول جي پڇاڙيءَ ۾ هيم(حشو) جي لفظن ۾ ”منهنجو من اُداس“ مونکي لڳو مونکي منهنجي سنڌ سڏي رهي آهي. نه، مان سنڌ کي ساري رهيو آهيان. مان ڪيترو بالو ڀولو هوس. جيل ۾ رهندي مونکي لڳندوهو ته سنڌ کي منهنجي ضرورت آهي. پر اڄ رات شدت سان محسوس ڪيم ته سنڌ کي منهنجي نه، مون کي سنڌ جي ضرورت آهي. ان بنا مان سدا اڌورو رهندس. بنا پاڙن واري ٻوٽي جيان ڌيري ڌيري مُرجهائيندو ويندس. جيتري سنڌ کي منهنجي ضرورت آهي، اُن کان وڌيڪ مونکي سنڌ جي ضرورت آهي.“


حشو ڪيولراماڻي
هڪ ذهين سنڌي
هريش واسواڻي
حشو ڪيترن ڏينهن کان ڪو نه آيو آهي. حشو جڏهن اچي، وڃڻ لڳندو آهي تڏهن دل ٿيندي آهي هو وري نه اچي، پر جڏهن نه ايندو آهي ته تصور ۾ سندس اچڻ جو انتظار رهندو آهي. حشوءَ جو ڏياري ڪارڊ سامهون آهي. جنهن تي هٿ سان هن Season’s Greetings لکيوآهي. ائڊريسن ۾ ٻه عهدا، ٻه ادارا، ٻه شهر، ائڊريس حشوءَ جي ڪردار جي ترجماني ٿي ڪري،پر انکان به وڌيڪ انگريزيءَ ۾ لکيل سندس هيءُ سنديش، اُميد ته اوهين سڀ ان چيتي تي سوار  ڪو نه آهيو، جنهن سان ٻڌ غائب ٿي ويو؛ پٺيان ان راڪاس کي ڇڏيندي، جنهن جي جنس اڃا تائين طئه نه ٿي سگهي آهي!
حشو جيڪو هو اهو حشوءَ ڪونه وساريو آهي، اسان کان وسري ويو آهي. حشو جيڪو آهي، اُهو حشوءَ کي ياد ڪونهي پر اسان کي آهي. ان هوندي اڄ به هو ايتر خود ۾ مخمور آهي جو پاڻ کي مئنيج ڪرڻ جي موڪل ڪنهن کي ڪو نه ٿو ڏئي. نه پٽ کي، نه ڌيئرن کي، نه عزيزن کي، نه دوستن کي، ڳالهين دوران پٽ لاءِ فخر، ڌيئرن لاءِ نيهن سندس لائيٽر جيان ٻري اُٿندو آهي. اديب دوستن جا داستان سندس لبن تي هر گهڙيءَ موجود هوندا آهن. جي ٻڌي احساس ٿيندو آهي ته حشو ۾ اندر ڪيترو اڪيلو آهي. حشو انڪري وڌيڪ اڪيلو آهي، جو کانئس ڪجهه وسري نٿو، نه ڪتاب، نه رسالا، نه شخصيتون نه وارداتون، نه تواريخ، نه حوالا، انهن سڀني جي ڀيڙ کيس وڌيڪ ويچارو بڻائي ويندي آهي. وري انهن سڀني سان پنهنجو لاڳاپو ڳولهيندي جڏهن سندس پيڙا وڌي ويندي آهي. تڏهن هو هر ڪتاب، هر شخصيت، هر واردات تي ”حشو“ سپر امپوز ڪرڻ جي ڪوشش ڪندوآهي، جيئن حشوءَ جو وجود بي معنيٰ نه ڀاسي.
حشو هن وقت پنهنجي عادتن ۽ دلچسپين ۾ پوري طرح پرولوتريت آهي يا ٿيڻ لاءِ مجبور ٿيو آهي، پر ڪڏهن به غير سليقيدار ڪو نه ٿو لڳي. پهرين جڏهن هت آيو. نئين ڪٽ جي ڪارڊراءِ جي پينٽ، مئچنگ ٽي شرٽ، خاص چمپل، اڇڙو، سنهڙو، ڊگهيرڙو حشو، ڏاڙهي ٿوري وڌيل، ٻري ٻري نه وسامجندڙ اکيون، نفاست ۽ نفسيات جو گڏيل اثر ڇڏيندڙ چپن تي سگريٽ، شولڊ بئگ ۽ ڌاردار انگريزي، دوشت جل وارين ندين جو وهڪرو ايترو تيز نه رهيو آهي، جيترو تيز حشوءَ جي انگريزيءَ جو وهڪرو آهي، حشوءَ جو پهريون اثر چقمقي آهي، انجي کيس به ڄاڻ آهي، ان ڄاڻ جي ڪارگر هئڻ جي به کيس ڄاڻ آهي.
حشوءَ جون ڳالهيون ٻڌي ترت لڳندو ته خوديءَ ئي کيس بيخود بڻايو آهي. پر ان جي پٺيان خودداريءَ جي ڪيڏي وڏي ديوار هوندي، ان ڳالهه جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڪنهن کيس هتي ڀل وچان حشو آڏواڻي سمجهيو، حشو ان سڃاڻپ جي چوڪ کي ڪڏهن معاف نه ڪري سگهيو. حشوءَ کي پنهنجي نالي، ڳوٺ، خاندان ۽ سنڌ تي زبردست ناز آهي پر ٻئي پل تي هو هڪ ئي ڦوڪ سان سڄي دز کي اُڏائي ٿو ڇڏي، سڀني کي بي پائيدار اتفاق مڃيندي، اهو چوندي ته ڪابه ولديت  ڪابه معنيٰ نٿي رکي...
موجوده حالت ۾ حشو ڪڏهن ڪڏهن حسابي لڳندو آهي، پنهنجي ضرورتن بنسبت پوري طرح جاڳرت هوندو آهي. رٿائتي نموني اڳتي وڌندو آهي. ضرورت پوري ٿيڻ تي مٺي زبان درازي ڪرڻ به ڪو نه ڀلجندو آهي پر ترت ئي کيس ٻئي جي ناچيزي سمجهه ۾ اچي ويندي آهي ۽ بروقت کيس حشو ٿيڻ جو هوش اچي ويندوآهي.
حشو هر وقت پاڻ سان عقل پرستيءَ جي وڳي جو بار کڻي گهمندو آهي. پر سندس من ۾ عام انسان جي ننڍين ننڍين خوشين، مستين ۽ بي پرواهين لاءِ لڪل ايرکا هوندي آهي. بلڪ هو انهن جو حصو بڻجڻ چاهيندو آهي. مٿاڇري تي ارٿ هيڻ لڳندڙ زندگيءَ جي پٺيان لڳندو آهي، وٽس ڪا اڻپوري مشن آهي، جنهن کي هو ڳولهيندو ٿو وتي؛ ڪڏهن شهر ۾، ڪڏهن رڻ ۾. ڪڏهن مها نگري انسان جي نون طور طريقن ۾، ڪڏهن ڪڇي ڳوٺاڻن جي لوڪ ريتين ۾. ڏسي، ڇيد ڪرڻ، پوءِ ان کي ڇيهون ڇيهون ڪري وري باقي سڀ ۾ ڦٽو ڪرڻ، هلائي ملائي ان کي اصلوڪي بيهڪ ڏيڻ جو حشوءَ جو انداز هڪ سناتن چڪر جو احساس ڏياري ويندو آهي.
حشوءَ جون بهترين ۽ بدترين ساعتون اُهي آهن جنهن وقت هو تيش ۾ ٿو رهي. درياھ جنهن کي نه ڇيڙو آهي نه ڇوڙ آهي، حشو اگستيه منيءَ وانگر واڪا ڪري، انکي به وڃڻ جي ڌمڪي ڏيندو نظر ايندو آهي. ان وقت سندس اکين ۾ هڪ تيلي ٻري رهي هوندي آهي. پر اندر جو ڪو هلڪو ئي جهونڪو جڏهن سندس تيلي وسائي ڇڏيندو آهي، تڏهن سندس پلڪن کي خط استوا ڌار ڪري ڇڏيندي آهي ۽ لڳندو آهي ته هو صرف واريءَ سان وڙهندي سهڪي رهيو هو...
هڪ دفعي چيائين ٽين جنگ بم ۽ ائٽمي هٿيار ڪو نه آڻيندا. جهوپڙيون ۽ فٽ پاٿ آڻيندا، انهن کان ڊڄڻ کپي، مان جيڪر چاهيان دنيا ايڏي گهٽ گنڀير ٿي وڃي، جو کيس حشوءَ جي ڳالهه ۾ سنجيدگي نظر اچي.


حشو ڪيولراماڻي
سندس ڏس پتو ڪنهن کان پڇجي
نصير اعجاز
کوڙ ورهيه اڳ حيدر منزل ڪراچيءَ ۾ سائين جي ايم سيد سان دوست سيد غلام شاھ معرفت جڏهن پهريون ڀيرو ملاقات ۽ تعارف ٿيو هو ته منهنجي ڳوٺ ڀريا جو ٻُڌي سائين ڇرڪي ويو ھو. ”حشوءَ وارو ڳوٺ؟“ سائينءَ ھڪدم پڇيو ھو. مون سائينءَ کي ٻُڌايو ھو ته حشوءَ جو گھر اسان جي پاڙي لڳ ئي ھوندو ھو ۽ وڏي عرصي تائين سندس نالي جي تختي اُن گھر تي لڳل ھوندي ھئي. سائين جي ايم سيد سان ان کانپوءِ جڏھن به ملاقات ٿيندي ھئي ته حشوءَ جو ذڪر ضرور ڪڍندو ھو.
ننڍپڻ ۾ ڳوٺ وڃڻ ٿيندو ھو ته ميمڻ پاڙي جي مسيت کان مٿي ويندڙ گھٽيءَ رستي بازار ڏانھن اچڻ وڃڻ ٿيندو ھو ۽ واٽ تي ھڪ پڪ سرائين گھر تي حشو ڪيولراماڻيءَ جي نالي جي تختيءَ تي ضرور نظر پوندي ھئي. تڏھن مون کي ڪا به خبر ڪا نه ھئي ته حشو ڪير آھي.
گھڻو اڳتي ھلي معلوم ٿيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ ڪيولراماڻين جا ٻه ٽي گھر ھئا ۽ انھن سان اسان جي آخوند گھراڻي جا ويجھا لاڳاپا ھوندا ھئا. ٻن ڀائرن آسُودومل پي ڪيولراماڻي ۽ واڌُومل پي ڪيولراماڻيءَ جون ڀريا ۾ تعليم جي واڌاري لاءِ وڏيون خدمتون رھيون آھن. آسُودومل ڀريا جي ڪي سي اڪيڊميءَ جو وڏي عرصي تائين ھيڊماستر رھيو ۽ ورھاڱي وقت ھندستان لڏڻ مھل اھو اسڪول منھنجي والد آخوند قادربخش ايڊووڪيٽ جي حوالي ڪري ويو ھو، جيڪو سندس شاگرد ھو. منھنجي ڏاڏي آخوند حاجي فيض محمد جو ڀاءُ حافظ محمد صادق (اڳوڻو ڊائريڪٽر ايڊيوڪيشن سنڌ، پرنسيپال ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۽ ھيڊماستر اين جي وي اسڪول ڪراچي) ۽ چاچا جميل احمد، جنھن ۱۹۶۷ تائين اسڪول سنڀاليو، به سندس شاگرد ھئا. آسُودي مل جو ڀاءُ واڌُومل انڊين ريلوي ۾ وڏو آفيسر ھو پر سندس سڃاڻپ علم ۽ ادب لاءِ خاص خدمتن جي ڪري وڌيڪ ھئي. ھن ڪيترا ئي ڪتاب به لکيا پر اڄ ڀريا ۾ انھن جو ڪو به رڪارڊ ڪونھي. ھو اسڪول جي گورننگ باڊيءَ جي گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ خاص سيلون ۾ ڀرياروڊ اسٽيشن تي اچي لھندو ھو. واڌُومل جو گھر بازار جي ٻئي ڇيڙي تي ھو. ورھاڱي کانپوءِ ڪنھن پنجابيءَ ان گھر تي قبضو ڄمايو جنھن کان اسان جي ھڪ مائٽ ڏھ پندرھن سال اڳ اھو گھر خريد ڪيو. ۱۹۳۷ع ۾ ٺھيل ڳاڙھين سِرن ۽ ساڳ جي ڪاٺ جي ڪم وارو گھر اڄ به موجود آهي ۽ ٻاھران واڌُومل جي نالي واري ماربل جي تختي لڳل آھي. حشو ڪيولراماڻيءَ جو گھر، بازار جي مُھڙ واري حصي ۾ ھوندو ھو. سندس گھر تي به قبضو ٿي چڪو ھو ۽ افسوس ته اڄ حشوءَ وانگر نه سندس گھر بچيو آھي ۽ نه ئي سندس نالي واري تختي. حشوءَ جو اسان جي وڏڙن سان ويجھو رستو ھو. اسان جي خانداني لائبريريءَ ۾ حشوءَ جو لنڊن مان موڪليل ھڪ ڪتاب ورھين تائين موجود ھو. اھو برطانوي راڻيءَ جي تاجپوشيءَ بابت تصويري ڪتاب ھو جنھن تي حشوءَ جي صحيح ٿيل ھئي ۽ ھيٺان تاريخ ۽ لنڊن لکيل ھو. تاجپوشيءَ جي تقريب لنڊن ۾ ۱۹۵۳-۵۴ ڌاري ٿي ھئي. حشوءَ جڏھن اھو ڪتاب موڪليو ھو تڏھن پڪ ھو لنڊن ۾ ھوندو، جڏھن ھو انڊيا آفيس ۾ ڪرشنا مينن سان ڪم ڪندو ھو.
حشوءَ خوشحال گھراڻي ۾ جنم ورتو ھو. سندس ڏاڏو کنيومل زميندار ۽ والد ٽھلرام روينيو کاتي ۾ مختيارڪار ھوندو ھو. بعد ۾ ھو ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ جي عھدي تي به رھيو. سندس ٻه پُٽ ھئا؛ حشمت راءِ عرف حشو ۽ گوپي چند عرف گوپ. حشو ۲۰ ڊسمبر ۱۹۱۴ع تي ڀريا ۾ ڄائو ۽ اڃا اٺن ورھين جو ھو ته سندس والد ۲۳ ڊسمبر ۱۹۲۲ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. سائين جي ايم سيد پنھنجي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ ۾ لکيو آھي ته ٽھلرام وڏو ايماندار ۽ انصاف پسند آفيسر ھوندو ھو. حشوءَ جي باقي پرورش سندس امڙ ڪئي، جيڪا ٽيويھه ورھين جي عمر ۾ وڌوا ٿي وئي ھئي.
حشوءَ پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم، ڀريا جي ڪي سي اڪيڊمي اسڪول ۾ ورتي ۽ مئٽرڪ ڪراچيءَ ۾ اين جي وي اسڪول مان ڪيائين. جتان وري سترھن ورھين جي عمر ۾ سيلون (سريلنڪا) ھليو ويو. سيلون ۾ ھن لنڊن وڃڻ لاءِ ھڪ امتحان، پوزيشن کڻي، پاس ڪيو. انھيءَ دوران ھو ينگ مينس ڪرسچين ڊبيٽنگ سوسائٽيءَ جو سرگرم ميمبر ۽ سيڪريٽري به رھيو. سندس امڙ ۽ ٻين مائٽن چاھيو ٿي ته حشو انڊين سِول سروس جو امتحان ڏئي وڏو ڪامورو ٿئي، جنھن لاءِ کيس ۱۹۳۵ ۾ لنڊن موڪليو ويو. پر ھو ڪنھن ٻئي مزاج جو ماڻھو ھو. تنھنڪري آءِ سي ايس لاءِ امتحان ڏيڻ بدران، اُتان جي يونيورسٽيءَ ۾ ڪنھن مھل ايئروناٽيڪل ته ڪنھن مھل اقتصاديات ۽ سياست جي شعبن ۾ داخلا وٺندو رھيو. سندس اندر ۾ ڄڻ ته پارو ڀريل ھو، جيڪو کيس ھڪ ھنڌ ويھڻ نه ڏيندو ھو ۽ سدائين بيچين رکندو ھو. اھو ئي زمانو ھو جڏھن لنڊن ۾ اندرا گانڌي، سندس دوست ۽ بعد ۾ مڙس فيروز گانڌي ۽ والد جواھرلال نھروءَ سان سندس ويجھا لاڳاپا پيدا ٿيا. ھن اتي نه رڳو ڪرشنا مينن سان گڏ ڪم ڪيو پر انگريزن کان آزاديءَ لاءِ ٿيندڙ گڏجاڻين ۾ به سرگرميءَ سان شرڪت ڪئي. ھو اتي لنڊن مجلس جو صدر به رھيو. سائين جي ايم سيد موجب؛ حشو قلندري طبيعت جو ھئڻ سبب، ڪو خاص امتحان پاس ڪرڻ کانسواءِ ۱۹۳۹ع ۾ سنڌ موٽي آيو. پر پوءِ ٻي عالمي جنگ لڳڻ سبب واپس لنڊن نه وڃي سگھيو.
سنڌ موٽڻ کانپوءِ، حشوءَ جي زندگيءَ جي نئين شروعات ٿي. ھن سنڌ ۾ شاگردن جي تحريڪ ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. جنھن دوران ھو گرفتار به ٿيندو رھيو. ڪراچيءَ ۾، حشو انگريز سامراج خلاف، پوسٽر ڪڍندو. ھو جنھن ۾ ھندستان جي نقشي ۾ لانگ بُوٽ ڇپيل ۽ Stop this march of imperialism لکيل ھو. ۱۹۰۵ع کان ھلندڙ شاگرد تحريڪ تي دايو ناٿاڻيءَ جي ڪتاب Karachi students on the march جيڪو ۱۹۴۶ع ۾ ڇپيو ھو، تنھن ۾ حشوءَ جي سرگرم ڪردار جو ذڪر ڪندي، لکيو ويو آھي ته؛ حشو، ڪراچيءَ ۾ ٻين شاگردن سان گڏ گرفتار ٿيو ھو. حشوءَ کي ۱۹۴۰-۴۱ ۾ ارڙھن مھينن لاءِ ۽ وري ۱۹۴۲ ۾ ٻن مھينن لاءِ قيد ڪيو ويو. ڪڏھن مٿس ڪن فوجين سان لاڳاپا ھئڻ جو الزام ھنيو ويو ته ڪڏھن ڪو ٻيو الزام. انگريز سامراج خلاف پوسٽر ڇپڻ تي کيس ٻن سالن لاءِ جيل موڪليو ويو جتان ھو آڪٽوبر ۱۹۴۱ ۾ ارڙھن مھينن کانپوءِ آزاد ٿيو. جيل مان نڪرڻ کانپوءِ، ھو وري سرگرم ٿي ويو ۽ سوڀي گيانچنداڻيءَ سان گڏ، سنڌ جي دوري تي نڪتو. ان وقت سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن، حشوءَ جي اثر ھيٺ ھئي. ھن سوڀي کي شاگردن سان واقف ڪرايو ۽ کيس سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو سيڪريٽري مقرر ڪيو.
سائين جي ايم سيد جي حشوءَ سان واقفيت ۱۹۴۵ ۾ ٿي ھئي. سائين کيس پنھنجو سياسي گُرو مڃيندي لکي ٿو: ”سوشلسٽ ليکڪ ۽ دانشور حشو ڪيولراماڻي منھنجو سياسي اُستاد ھو.“ ھي اھو زمانو ھو جڏھن سائين جي ايم سيد نظرياتي اختلافن سبب محمد علي جناح ۽ آل انڊيا مسلم ليگ کان ڌار ٿي چڪو ھو. ”ھندو يا مسلم قوميت؛ ٻئي نظريا سنڌي مفاد جي خلاف ھئا. ان وقت حشوءَ مونکي سنڌي قوميت جي واٽ کان واقف ڪيو. مان جڏھن ڪانگريس جي آل انڊيا واري سياست ۽ مسلم ليگ جي مسلم قوم واري سياست کان مايوس ٿيو ھئس تڏھن حشوءَ مونکي ٻولي، ثقافت ۽ الڳ سياسي ۽ اقتصادي مفادن جي بنياد تي قوم جو تصور سمجھايو ۽ چيو ھو ته سنڌي ھڪ جدا قوم آھي.“ سائين جي ايم سيد لکي ٿو. سندس چوڻ موجب حشو فرقيواريت کان بالاتر ھو. ”حشو سنڌ جي ترقي پسند قومي ڪارڪنن مان ھڪ مکيه ۽ صحيح سوچ رکندڙ، باھمت، وڏي نگاھ وارو، دل جو درياھ ۽ قلم جو بادشاھ آھي.“
حشو ھر قسم جي فاشزم جي خلاف ھو. ”ھو ڪميونسٽ خيالن جو مالڪ ھو پر بورجوا فڪر جو به ڌيان سان مطالعو ڪندو ھو. حشوءَ جھڙو عظيم انسان مون اڄ تائين نه ڏٺو آھي.“ شيخ اياز پنھنجي ڪتاب ”ساھيوال جيل جي ڊائري“ ۾ لکي ٿو؛ ”جڏھن سوشلزم جو سج نصف النھار تي بيٺل ھو ۽ ڪو به ان ڏانھن ڪرڙيون اکيون کڻي نھاري نه سگھندو ھو، تڏھن حشو ان جون خاميون ڳڻائي سگھندو ھو ۽ تقرير جي انداز ۾ چوندو ھو: مان ڪميونزم لاءِ جيئڻ چاھيان ٿو، ڪميونزم لاءِ مرڻ چاھيان ٿو پر ڪميونزم ھيٺ رھي نٿو سگھان.“
حشو ڪڏھن به ڪنھن سياسي پارٽيءَ ۾ شامل ڪونه ٿيو. ”سياست ۾ دلچسپي وٺندي ڪڏھن به پارٽي بازيءَ ۾ ڪو نه ڦاٿس. جيل ۾ ڇو ويس، الله کي خبر. ڪنھن خاص پارٽيءَ جو ڪڏھن ميمبر نه ٿيس ۽ نه ڪڏھن قانون ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪيم. شايد شڪل جو تيز ڏسڻ ۾ ايندو ھوندس ۽ ولايتي جوان ٿي سنڌي بلوچ ٿيڻ جي ڪوشش ڪيم.“ حشو، سائين جي ايم سيد ڏانھن موڪليل ھڪ خط ۾ لکي ٿو.
شيخ اياز ”ساھيوال جيل جي ڊائري“ ۾ لکي ٿو؛ حشو پاڻ کي واڻيو چوائڻ پسند نه ڪندو ھو. ”مونکي واڻيو نه چئو. مان واڻيو ناھيان. واڻئي جو مطلب پئسو، واڻئي جو مطلب وياج. مونکي ڄٽ چئو. جنھن جو مطلب آھي مڙسي، ڪھاڙي، ڪوڏر، محنت ۽ ھمت.“ حشو، سنجيده انداز ۾ شيخ اياز کي چوندو ھو.
حشو، واقعي واڻيو ڪو نه ھو. ھو ھمت وارو ارڏو انسان ھو. حشوءَ کي آخري ڀيرو ۱۹۴۷ ۾، پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ، ان الزام ھيٺ گرفتار ڪيو ويو ته ھو سڄي سڄي رات پنھنجي فليٽ ۾ ڪجھه لکندو رھندو ھو. تن ڏينھن ۾ ھو سائين جي ايم سيد جي ڪتاب ”نئين سنڌ لاءِ جدوجھد“ جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري رھيو ھو. شيخ اياز ”ساھيوال جيل جي ڊائري“ ۾ لکي ٿو؛ جڏھن سندس نظربنديءَ جو مدو وڌائڻ لاءِ کيس مسعود کدرپوش (نوابشاھ ۾ سنڌي سکن جو قتلام ڪرائيندڙ) وٽ پيش ڪيو ويو، جيڪو ان وقت ڪراچيءَ جو ايڊيشنل ڪمشنر ھو، ته مان ھن سان ھن جي وڪيل جي حيثيت ۾ گڏجي ويو ھئس. مسعود آءِ سي ايس آفيسر ھو ۽ بمبئيءَ ۾ ڊپٽي ڪمشنر رھي چڪو ھو. ھو حشوءَ جو اڳ ئي واقف ھو. جڏھن پوليس، حشوءَ کي مسعود وٽ پيش ڪيو ھو ته حشوءَ کي ٿري پيس سُوٽ ۽ فيلٽ ھيٽ پاتل ھئا. حشوءَ، فيلٽ ھيٽ لاھي، مسعود کي چيو؛ ”ھيلو مسعود!“ ۽ جواب ۾ مسعود چيو؛ ”ھيلو حشو“. پوءِ حشوءَ، مسعود سان منھنجو تعارف ڪرايو ھو. مسعود، اسان کي ويھڻ لاءِ ڪرسيون آڇيون ۽ پوءِ ڳالھيون ڪندي، حشوءَ کي چيو ھو؛ ”حشو تون ھندستان ڇو نٿو ھليو وڃين؟“ حشوءَ کُتو جواب ڏنس؛ ”مسعود، ھيءُ منھنجو وطن آھي، مان ھندستان ڇو وڃان.“ ان تي مسعود پنھنجي آڱوٺي سان اشارو ڪندي چيو ھو You Sandhi’s will be decimated like Red Indians (توھان سنڌين کي ريڊ انڊينس وانگر ملياميٽ ڪيو ويندو). پوءِ مسعود ڪنڌ جھڪائي، حشوءَ جي نظربنديءَ جو مُدو وڌائڻ جو آرڊر لکيو ۽ جيستائين اسان سندس ڪمري مان نڪري نه وياسين، ھن اسان کي اکيون مٿي کڻي نه ڏٺو. حشو، ڏھه مھينا نظربند رھيو ۽ جڏھن آزاد ٿيو ته کيس ملڪ بدر ڪيائون. اسان حشوءَ کي سائين جي ايم سيد جي گھر تان ايئر پورٽ تي ڇڏي آيا ھئاسين.
پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ، سائين جي ايم سيد جڏھن انگلينڊ ويو ھو ته سندس ملاقات ڪرشنا مينن سان ٿي ھئي، جيڪو اتي ھندستان جو ھاءِ ڪمشنر ھو. سائين جي ايم سيد کيس چيو ھو: مان توھان کي اڳيئي سڃاڻان، ڇو ته حشو ڪيولراماڻي، مون سان توھان جو ذڪر ڪندو ھو.
ڪرشنا مينن، ٻه ٽي ڀيرا نرڙ تي آڱر ھڻي، ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چيو ھئائين:
Yes, yes, now I remember the man... the little man who always said Sandhi’s are a nation
سائين جي ايم سيد جو سياسي گُرو، حشو ھڪ جيئرو جاڳندو انسائيڪلوپيڊيا ھو. انگريزي ادب، سياست، سوشلزم، ڪميونزم ۽ تاريخ تي کيس عبور حاصل ھو. ھو شيخ اياز ۽ ٻين کي ڪتاب پڙھائيندو ۽ ليڪچر ڏيندو ھو. ”حشو ڪراچيءَ ۾ لا ڪاليج ڀرسان ھڪ فليٽ ۾ رھندو ھو، جنھن ۾ ٻه ڪمرا ھوندا ھئا. ٻئي ڪمرا ڪتابن سان ڀريل ھوندا ھئا، جن جي وچ ۾ رڳو ويھڻ ۽ سمھڻ جي جاءِ ھوندي ھئي. حشو، پاڻ کي Bohemian چوندو ھو. ھن شادي نه ڪئي ھئي ۽ پرائي زال سرلا سان پيار ڪندو ھو.“ شيخ اياز لکي ٿو. حشوءَ جي جلاوطنيءَ کانپوءِ، شيخ اياز ۽ سندن دوست مونس پنجابي، سندس ئي ڇڏيل فليٽ ۾ رھندا ھئا. بعد ۾، ان فليٽ جو ڇا ٿيو، ڪا به خبر ڪانھي.
حشو، پيار ڀري دل جو مالڪ ھو. پر سندس ڇڙواڳ طبيعت جو اثر، سندس زندگيءَ جي ھر پھلوءَ مان پڌرو ٿيندو رھيو. ”حشوءَ، ڪڏھن به وقت تي ماني نه کاڌي، نه ڪنھن مستقل روزگار لاءِ ڪوشش ڪيائين ۽ نه ڪڏھن ھڪ نظرئي جي پيروي ڪئي ھئائين. سندس سڄي حياتي ھڪ سوال جي نشاني ھئي. سندس ذاتي زندگي به ھن جي انھيءَ تذبذب جي عڪاس ھئي. آڪسفورڊ ۾ ھن جي ھڪ ڪرستان ڇوڪريءَ شانتي سيلدونا سان واقفيت ٿي ھئي جيڪا بمبئي جي رھندڙ ھئي. حشو، ڪراچيءَ موٽي آيو ته شانتيءَ سان خط ڪتابت جاري رکي ھئائين. انگريز سرڪار خلاف ۱۹۴۲ ۾ جڏھن آزاديءَ جي تحريڪ زورن تي ھئي ته حشو، بمبئيءَ ھليو ويو ھو ۽ اتي شانتيءَ سان زبردست عشق ھلايائين ۽ وعدو ڪري آيو ھو ته ھو جلد ئي بمبئي موٽي ايندو. حشو ۱۹۴۴ ڌاري ٻيھر بمبئي ويو ته شانتيءَ ھن کي آخري ڀيرو اطلاع ڪيو ته جيڪڏھن ھاڻي به شادي نه ڪيائين ته ھن لاءِ وڌيڪ نه ترسندي. حشو ارادو نه ڪري سگھيو ۽ شانتيءَ ھڪ ڪميونسٽ انگريز آفيسر سان شادي ڪري ڇڏي.“ شيخ اياز لکيو آھي.
”حشو، ھونئن ته سارو وقت سياست، بين الاقوامي معاملن، فلسفي ۽ ادب تي ڳالھائيندو رھندو ھو پر ھڪ ڀيري پھريون دفعو ھن عشق ۽ محبت جي باري ۾ ڳالھايو ۽ چيو: مونکي انھن مردن کان نفرت ھوندي آھي جيڪي ڪنھن خوبصورت عورت جي دوستيءَ تي ٽڏندا آھن. انھن ۾ قابلِ رحم احساسِ ڪمتري ھوندو آھي، ڄڻ ته ھو ان تي پاڻ پڏائيندا آھن ته ھنن سان ڪا ئي خوبصورت عورت ساڻ آھي.“ شيخ اياز چوي ٿو. حشو، ھڪ اڌ عشق جو قائل ھو.
شيخ اياز ۱۹۶۳ ۾، حشوءَ سان دھليءَ ۾ مليو ھو. ان وقت سرلا سان سندس شادي ٿي چڪي ھئي. سرلا جو پھريون مڙس، شايد گذاري ويو ھو، جنھن کاپوءِ ھن حشوءَ سان شادي ڪئي ھئي. شيخ اياز ان ملاقات جو ذڪر ڪندي لکي ٿو: حشوءَ کي ٻه جوان ڌيئر ۽ ھڪ ننڍو پٽ گل جي نالي سان ھو. حشوءَ پنھنجو نالو سردار حشمت الله ۽ پٽ جو نالو گل محمد ٻڌايو ھو. گل، پيءُ وانگر جينيس ٿي لڳو، جنهن کي جواھر لال نھروءَ چائلڊ آرٽسٽ جي حيثيت ۾ آل انڊ يا ايوارڊ ڏنو ھو. حشو، ان وقت به فري لانس صحافي ھو ۽ ھن پاڪستان جي باري ۾ ڪيترا ئي مضمون Pakistan X-rayed جي عنوان سان ھندستان اسٽئنڊرڊ اخبار ۾ لکيا ھئا ۽ انھن کي The uprooted and the upright جي نالي سان ڪتاب جي شڪل ۾ مرتب ڪري رھيو ھو.
”مون کي ايئن ٿي لڳو ته حشو ٽُٽي چڪو آھي. کيس ان ڳالھه جو شديد احساس ھو ته قوم سندس بيقدري ڪئي آھي.“ شيخ اياز چوي ٿو. سندس ان ڪيفيت جي باري ۾ ھو لکي ٿو: ھڪ ڀيري لڇمڻ ڪومل دھليءَ ۾ پنھنجي گھر تي منھنجي ۽ رشيد ڀٽيءَ جي ماني ڪئي ھئي. دھليءَ جا ڪيترا ئي سنڌي اديب، مرد ۽ عورتون، اتي آيا ھئا. حشو به موجود ھو. رات جا اٽڪل ٻارھن وڳا ھئا. مان پنھنجو شعر پڙھي رھيو ھئس ۽ چوڌاري واھ واھ ٿي رھي ھئي. ايتري ۾ حشو، جو پيتل ھو، اٿي بيٺو ۽ مونکي ٻانھن کان وٺي چيائين؛ ”شاعر اُٿي بيھه!“ مان اٿي بيٺس ته ھن چيو؛ ”منھنجن پيرن تي ھٿ رک ته ھنن کي معلوم ٿئي ته مان ڇا آھيان.“ مون ھن جي پيرن کي ڇُھيو ھو ته منھنجي اکين ۾ ڳوڙھا ڀرجي آيا ھئا. ھو پوءِ ويھي رھيو ھو ۽ پنھنجي دنيا ۾ گم ٿي ويو.
حشو، آدرشي انسان ھو. انسان دوستي ۽ انسانيت جي ڀلي وارا سندس ويچار سائين جي ايم سيد، علامه آءِ آءِ قاضي ۽ ٻين ڏانھن لکيل خطن ۽ سندس ھر لکڻيءَ منجھه سمايل آھن. ھو آدرشن جي ڳولا ۾، سڄي عمر، ڇڙواڳ زندگي جيئندو رھيو. سندس اندر جي اُونھائين کي جاچڻ لاءِ، رڳو اھي ويھه خط ئي ڪافي آھن، جيڪي سائين جي ايم سيد جي ڪتاب ”اڄ پڻ چِڪيم چاڪ“ ۾ سانڍيل آھن ۽ سنڌ جي ھن گمنام ھيري جي اسان وٽ بچيل ورثي جي حيثيت رکن ٿا. حشو، پاڻ صحافي به ھو، پر صحافت جي دنيا ۾ موجود گند سبب، ھو ان کان به مطمئن ڪو نه ھو. ھن ۱۹۴۸ ۾ لکيل ھڪ خط ۾، جنھن نموني ان گند جي عڪاسي ڪئي، اھا اڄ جي پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ موجود صورتحال سان، بلڪل ٺھڪي اچي ٿي. حشو لکي ٿو: جتي ذھني آزادي ناھي ۽ اخباري دنيا جا علمبردار خود ڌاڙيلن جا ڀائيوار ھجن، اتي يا ته وڃي صوفي ٿجي يا پنھنجو پليٽفارم پاڻ کڙو ڪجي.
حشوءَ پاڻ به ھڪ اخبار ”سنڌ ھلچل“ جي نالي سان ڪڍي ھئي.
حشوءَ، ھندستان وڃڻ کانپوءِ به، سنڌيت کي ڪو نه وساريو. ھن ھندستان ۾، سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ جاکوڙ ڪئي. ٻين سجاڳ سنڌين سان گڏجي، ھن ۱۹۵۶ع ڌاري دھليءَ ۾ ”سنڌُو سماج“ تنظيم ٺاھي، جنھن جو ھو ۱۹۶۱ع ۾ صدر به چونڊيو. ان تنظيم جو مقصد؛ سنڌي اسڪول کولڻ، سنڌي ٻوليءَ کي انڊيا جي آئين ۾ شامل ڪرائڻ، سنڌي ڪتاب ڇپرائڻ، سنڌي استاد مقرر ڪرائڻ، سنڌين لاءِ بورڊنگ ھائوس ٺھرائڻ وغيره ھو. حشوءَ، دھليءَ ۾ پھريون سنڌي ٻولي ڪنوينشن به ڪوٺايو جنھن ۾، ھندستان جو ان وقت جو صدر، راڌا ڪرشن خاص طور شريڪ ٿيو ھو.
حشوءَ نه رُڳو پاڻ سنڌي ڪھاڻيون لکيون پر ٻين سنڌي ليکڪن جون ڪھاڻيون انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري سنڌي ادب کي دنيا جي ٻين قومن سان روشناس ڪرايو. ھندستان جي مختلف ٻولين جي ادب بابت لکيل تحقيقي ڪتابن ۾، سنڌي ٻوليءَ جي ادب ۽ حشوءَ جي ترجمو ڪيل ڪھاڻين جو ذڪر لازمي ملي ٿو. سندس ترجمو ڪيل ڪھاڻيون ڪتابي شڪل ۾ موجود آھن، جن ۾ امر لال ھڱوراڻيءَ جي ڪھاڻي ”ادو عبدالرحمان“، ڪلا پرڪاش جي ڪھاڻي ”خانواھڻ“، سُندري اُتم چنداڻيءَ جي ڪھاڻي ”پٽ جي خواھش“، تيرٿ بسنت جي ڪھاڻي ”فرنيچر“ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي ڪھاڻيون شامل آھن. حشوءَ جي پنھنجي ھڪ ڪھاڻي ”پدما“ جو به ذڪر ملي ٿو، جيڪا اڳي سنڌي رسالي ”لھرون“ ۾ ڇپي ھئي.
حشوءَ جو سندس حياتيءَ ۾ قدر ته ڪو نه ٿيو، جنھن جو ارمان کيس عمر ڀر رھيو ۽ پنجاھه ورھين جي ڄمار تائين پھچندي، ھو اندر ۾ ڀڄي ڀورا ٿي چڪو ھو. پر ھندستان جا سنڌي ھاڻ کيس ھڪ مھان ھستيءَ طور ياد رکن ٿا. اديپور، ڪڇ، گجرات ۾ قائم انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ پاران موھن گيھاڻيءَ جو ڇپرايل ڪتاب History of Sindh سائين جي ايم سيد ۽ حشو ڪيولراماڻيءَ کي ارپيو ويو آھي. ارپنا ۾ لکيل آھي؛
Dedicated to proud sons of Sindhi soil – Saeen G. M. Syed and Hashu Kewalramani.
حشو، سنڌ ۽ سنڌيت جنھن جي نس نس ۾ سمايل ھئي، جنھن جي مائٽن کيس ڪليڪٽر ڏسڻ ٿي گھريو، جنھن اميراڻي حيثيت ھئڻ جي باوجود عوامي سياست ڪرڻ کي پسند ڪيو، ان ھستيءَ جي حياتيءَ جا پڇاڙيءَ وارا ورھيه ڏاڍا ڪسمپرسيءَ ۾ گذريا. ناليواري اديب ڪيرت ٻاٻاڻيءَ، جنھن جي زندگيءَ تي به حشوءَ جو وڏو اثر ھو، پنھنجي آتم ڪٿا ”ڪجھه ٻڌايم، ڪجھه لڪايم“ ۾ حشوءَ جي انھن افسوسناڪ حالتن جو ذڪر ڪيو آھي. ھو لکي ٿو: حشو، دھلي ڇڏي، بمبئيءَ وڃي رھيو. اتي ھو پنھنجي ڀيڻ جي گھر ۾ کليل بالڪنيءَ ۾ رھندو ھو. رات جو دير سان اچي بالڪنيءَ ۾ فراسي وڇائي سمھي پوندو ھو. راتين جو رولاڪ ھئڻ سبب، کيس اتان به نيڪالي ملي. جنھن کانپوءِ ھو مساڻن ۾، زندگي گذارڻ لڳو. ھو گھڻو ڪري سنڌين جي پنھنجي اڏيل شھر اُلھاس نگر جي مساڻ ۾ رھندو ھو. ھو چانھه ۽ ڊبل روٽيءَ تي گذارو ڪندو ھو پر ڌُم سگريٽ ڇڪيندو ھو. حشوءَ، ڪم ڪار ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو ھو. سندس گذارو پٽ سٽ تي ٿيڻ لڳو ھو. ھو دوستن کان ان واعدي تي قرض کڻندو ھو ته سندس ڪتاب ڇپجندو ته کين پئسا موٽائي ڏيندو. ماڌو ڀمڀاڻي آخري ماڻھو ھو، جنھن حشوءَ کي آخري ڀيرو ڏٺو ھو. ڇو ته حشو کانئس ٽي سؤ روپيه اُڌارا وٺڻ آيو ھو.
حشوءَ جي حالت تي، ان رات آسمان به روئي ڏنو ھو ۽ ايترو ته رُنو جو بمبئيِءَ ۾ ٻوڏ جھڙي صورتحال پيدا ٿي وئي۽ نديون نالا اٿلي پيا ھئا. اُن رات حشو ھميشه لاءِ گم ٿي ويو. خيال ڏيکاريو ويو ته حشوءَ کي ٻوڏ جي پاڻيءَ جي ڇولي پنھنجي آغوش ۾ کڻي ھلي وئي ھوندي، کيس دنيا جي ڏکن کان ڇوٽڪارو ڏيڻ لاءِ. ڪجھه حلقن جو اھو به خيال آھي ته جنھن ڌرمشالي ۾ حشو رات رھيو ھوندو، اتي ڪنھن شاھينگ ٽي سؤ روپيه ڦٻائڻ لاءِ کيس قتل ڪري لاش پوري ڇڏيو ھوندو. مشھور ڪھاڻيڪار موھن ڪلپنا جو به اھڙو ئي خيال ھو. موھن به اڪثر حشوءَ جي مالي مدد ڪندو رھندو ھو.
حشو ڪيولراماڻيءَ لاءِ، عام طور چيو وڃي ٿو ته؛ ھو پنھنجو ذھني توازن وڃائي ويٺو ھو. ڪيرت ٻاٻاڻي ان ڪيفيت کي Super Ego جو نتيجو سڏي ٿو. ماڻھو ان ڪيفيت کي ڇا به سڏين، اسان رڳو اھو سوچيون ته جنھن شخص سنڌ ڌرتيءَ سان عشق ڪيو، جنھن کي پنھنجي ڌرتيءَ سان پيار جي سزا ۾ ملڪ بدر ڪيو ويو، جنھن جلاوطنيءَ ۾ به پنھنجن کي نه وساريو، ان شخص جي اندر جي ڪيفيت ڇا ھوندي. انھيءَ ڪيفيت جو اندازوعلامه آءِ آءِ قاضيءَ ڏانھن لکيل سندس خط جي ھنن سِٽن مان ڪري سگھجي ٿو، جيڪا سندس وصيعت جي حيثيت رکي ٿي، پر سندس اھا وصيعت به پوري نه ٿي سگھي. حشوءَ خط ۾ پنھنجي مزار جو ڪتبو لکيو ھو ته: ”ھتي اھو ماڻھو رکيل آھي جيڪو انھن کان ڀڄي ويو، جن کيس گھڻو پيار ڪيو ٿي، ان ڳالھه جي ڳولا لاءِ جنھن جو کيس پاڻ پتو نه ھو.“
اڄ تائين ڪنھن کي به پتو نه پيو ته حشو ڪاڏي ويو. شاعر ادل سومري جي چواڻي: ”حشو ڪيولراماڻيءَ جو ڏس پتو ڪنھن کان پڇجي؟“


حشو ڪيولراماڻي
سندس درديلي زندگي تي فلم ڪير ٺاهيندو..؟؟
ذوالفقار راڄپر
برصغير جي ورهائي جي الميي ۽ دردناڪ درد ۽ سنڌ تي ڀارتي تعصب پرست آيل ٻوڏ ۽ حملي بعد حشو ڪيولراماڻي سنڌ مان زبردستي جلاوطني بعد دهلي، ممبئي ۽ الهاس ننگر جي روڊن رستن ۽ فٽ پاٿن تي گهمندي شمشاد گهاٽن ۽ ريلوي اسٽيشن جي پليٽ فارمن تي راتيون گذاريندي جولاءِ مهيني جي تيز برساتن ۾ لڙهي ويو يا سنڌ جي عشق جي انتها ۾ مجبور ٿي رڻ ڪڇ جي ويرانين ۾ گم ٿي خونخوار جانورن جو شڪار بنجي ويو يا اتي سرحدن  تي تاڙ ۾ ويٺل گولين جو شڪار ٿي ويو.اهو دردناڪ راز اڄ ڏينهن تائين کلي ته نه سگهيو آهي پر بقول ابراهيم جويو جي ته ”ورهاڱي جهڙي الميي کي آئون وساري نه سگهيو آهيان. ورهاڳي جي ڪري سنڌ کي وڏو نقصان پهتو. اسان جا ڪيترائي اديب، شاعر ۽ عالم هتان هليا ويا. حشو ڪيولراماڻي کي به زبردستي سنڌ مان جلاوطن ڪيو ويو ۽ اهو تاريخ جو وڏو الميو سڏبو.“
۱۴ آگسٽ ۱۹۴۷ بعد حملي جي ڪري زبردستي سنڌ مان نيڪالي ڏنل سنڌي پڙهيل لکيل خوشحال ڪلاس جي ٻين لکين ماڻهن وانگر پنهنجي وطن مان ڌڪا ڏئي ڀارت پهچايل حشو ڪيولراماڻي ۱۴ ڊسمبر ۱۹۱۴ تي ڀريا شهر جي شاندار حويلي جي سخي گهر ۾ جنم ورتو . سندس والد ٽهلرام ڪيولراماڻي مختياڪار هو، خوشحال گهراڻي جي هن نينگر ۸ سالن جي ڄمار ۾ والد جي وفات جو درد پرايو. حشو جي ماءُ سميت سڄي خاندان جي اها خواهش هئي ته سندن نينگر وڏو ماڻهو بنجي. حشو  اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچي ۾ پڙهڻ بعد ۱۹۳۱ ۾ سريلنڪا مان مئٽرڪ پاس ڪري گهر وارن جي خواهش تي ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيڻ لاءِ پڙهائي لاءِ ۱۹۳۵ ۾لنڊن وڃي پهتو.انگلينڊ ان دور ۾ سياست جو مرڪز جتي هن جي نهرو ۽ سندس ڌيءِ اندارا گانڌي سان ملاقات ٿي. جيڪا هن کان ٽي سال عمر ۾ ننڍي هئي ۽ اتي آڪسفرڊ يونيورسٽي جي ڪاليج سمر وائيل ۾ پڙهندي هئي. حشو جي ڊپٽي ڪليڪٽر واري والدين جي خواهش ۾ دلچسپي نه رهي ۽ هن لنڊن ڪاليج آف ڪامرس ۾ داخلا ورتي. حشو ۱۹۳۹ ۾ پنهنجي ملڪ سنڌ واپس آيو ۽ هن پهچڻ شرط ئي سنڌ جي شاگرد هلچل ۾ حصو ورتو ، جنهن ۾ انگريز سرڪار خلاف هڪ پمفليٽ لکڻ جي ڏوهه ۾ جيل هليو ويو. ۱۸ مهينا ڪراچي سينٽرل جيل ۽ سکر سينٽرل جيل ۾ گذاري ۱۹۴۱ ۾ آزاد ٿيو ته وري کيس ساڳئي سال ۾ٻه مهينا حيدرآباد سينٽرل جيل جو مهمان بڻايو ويو. حشو برنس گارڊن جي پاڙي ۾ ايس ايم لا ڪاليج ( شاهاڻي ڪاليج) جي سامهون هڪ فليٽ ۾ رهندو هو، جنهن ۾ هن جي زبردست لائبريري پڻ موجود هئي، جيڪا فليٽ ۽ لائبريري جلاوطن ٿيڻ واري ڏينهن تي جيل مان ايئرپورٽ وڃڻ کان اڳ فليٽ ڏسڻ جي خواهش موجب پوليس سان گڏجي فليٽ جي در تي ٻاهران شيخ اياز جي گهرواري زرينه جي حوالي ڪري ويو هو، شايد ان اميد تي هو جلد پنهنجي وطن واپس ورندو، سندس دوستن جي بي حسي سبب ان جي فليٽ ۽ سندس لائبريري کي وڪرو ڪيو ويو. ان فليٽ ۾ آيل پنهنجن انقلابي دوستن ۽ شاگردن کي چانهه پيئارڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن ميڪلو روڊ تي قائم ايراني هوٽل (جيڪو اڄ به خيرآباد هوٽل سان موجود آهي) تي وٺي ويندو هو. سندس سياسي شاگردن ۾ سوڀو گيانچنداڻي به شامل آهي جڏهن ته اهو لکيو ٿو وڃي ته محترم جي ايم سيد کي سنڌ جي سياست طرف رجوع ڪرڻ ۾ به هن جو هٿ آهي ۽ حشو ئي محترم جي ايم سيد جو ڪتاب ” نئين سنڌ لاءِ جدوجهد “ جو انگريزي ترجمو ڪيو. پاڪستان ٺهڻ بعد جڏهن ڀارت مان آيل پناهه گيرن ۱۹۴۸ ۾ ڪراچي، حيدرآباد، نواب شاهه ۾ پناهه گيرن حڪمرانن ۽ عملدارن جي سهڪار سان سنڌي هندن جو قتل عام ۽ لٽ مار شروع ڪئي ته حشو انهن ڏينهن ۾ محترم جي ايم سيد جي ڪراچي واري بنگلي ۾ وڃي رهيو، جڏهن ته ڀريا شهر ۾ جڏهن حشو جي گهر ۽ ٻن ڪپهه جي ڪارخانن جي مالڪ گهراڻن شهر ۽ ملڪيتون خالي ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته هڪ ڏينهن شام جو حملا آورن ڪپهه جي ڪارخاني جي گيٽ تي هٿيارن سان اچي پهتا ۽ اتي موجود چوڪيدار يوسف يونس ڪيريو کي چيو ته تون مسلمان آهين، در تان هٽي وڃ اسان کي ڪافرن کي قتل ڪرڻو آهي ۽ تون به اسان سان شامل ٿي وڃ..پر هن سنڌي جوڌي ان ڳالهه کان انڪار ڪيو ۽ کين چيائين ته کيس قتل ڪري ڪارخاني اندر لٽ مار ڪري هليا ويا. حشو ان جي بهادري کان ايڏو ته متاثر ٿيا جو جڏهن هن ڀارت ۾ ۱۹۵۸ ۾ پنهنجو ڪتاب ڇپرايو ته هن ان ڪتاب جي ارپنا يوسف يونس ڪيريو جي نالي ڪئي.پاڪستان ٺهڻ بعد پنجابي.مهاجر مستقل مفاد جي پس منظر ۾ ٺهيل سرڪار ۽ سنڌ جي مفادرپرست وڏيرڪي ٽولي جي سرواڻ پير الاهي بخش حڪومت مخالف سياسي ماڻهن خلاف وٺ پڪڙ ڪئي ته حشو ڀريا هليو ويو ۽ جنوري ۱۹۴۹ مهيني ۾ سن وڃڻ جي خيال کان جڏهن واپس ڪراچي پهتو ته کيس فليٽ تان گرفتار ڪري سينٽرل جيل پهچايو ويو. جتي ڪجهه حاضرين دوران کيس سنڌ ڇڏڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو پر هن انڪار ڪيو. نيٺ ۳۱ ڊسمبر ۱۹۴۹ ۾ ڇنڇر ڏهاڙي کيس جيل مان ايئر پورٽ پهچايو ويو. ايئر پورٽ تي شيخ اياز به پهچي ويو. ان حوالي سان شيخ اياز موجب ”حشو جي چهري تي پهريون ڀيرو وطن ڇڏڻ سبب ڳڻتي ڏسڻ ۾ آئي، ٿري پيس ۽ هيٽ پاتل حشو کي جڏهن اسان ڊرگ روڊ واري هوائي اڏي تي ڇڏيوسين ته هو ڪوئي انگريز لڳي رهيو هو..سنڌ جو اهو فرزند هميشه بهترين پوشاڪ پهريندو هو،جيڪو انگريزي صحافت، انگريزي ادب ۽ سياست جو ماهر ڪتاب دوست ۽ سنڌ کي روسي ڪهاڻين جا بهرين ترجما ڏنا ۽ هند ۾ وڃي ڀارت ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي ڏيارڻ جي جدوجهد ڪري ڪاميابي ماڻي ۽ لطيف سرڪار جا پروگرام ڪرايا، سنڌين جا ميڙاڪا ڪرايا.
ان جا پڇاڙي وارا ڏينهن بي روزگاري، انتهائي ڪسمپرسي، مجبوري، ڦاٽل ڪپڙن پهريل ۽ پيرن ۾ جتي کان محرومي ، بکن ۽ شاهوڪار دوستن جي بي رخين، ڌڪن ۽ زيادتين جو شڪار ٿيو، کيس رهڻ لاءِ جاءِ نه هئي، هو ممبئي ۽ الهاس ننگر جي فٽ پاٿن تي هلندو هو ۽ ريلوي اسٽيشن جي پليٽ فارمن يا شمشان گهاٽن ۾ رات جو وڃي سمهندو هو. هن ڪنهن دوست کي لکيو ته ”البت مفلس آهيان پر دل شهنشاهه اٿم. جيٺي سپاهيملاڻي ۽ ڀائي پرتاب ڪڏهن ڪڏهن ملندا آهن. لکن جا مالڪ آهن، جيڪڏهن دل جي همت رکي مدد ڪن ها ته گهڻو ڪجهه ڪري سگهان ها. پر موجودهه سمي ۾ هرڪو پنهنجي فڪر م مبتلا رهي ٿو“. ائين بي رحمين جا ڌڪا کائيندي سنڌ کان جدائي جي دردن جا نه ڇٽندڙ زخمن سان چور ٿي سنڌ کي ٻيهر پسڻ جي آس سانڍيندي هڪ ڏينهن جولاءِ ۱۹۸۶ ۾ اوچتو الهاس نگر جي گم ٿي ويو. ڪنهن کي خبر نه آهي ته هو ڪيڏانهن گم ٿي ويو. اهو سوال سنڌ ۽ هند ۾ رهندڙ هن جي دوستن مٿان تاريخ جي هر دور ۾ هڪ قرض طور ٽنگيل رهندو ته آخر ڇو سنڌ جو هي پڙهيل ڳڙهيل ۽ خوشحال ڪلاس سان تعلق رکندڙ سنڌ کان جدا ٿي هند ۾ پنهنجا ڪتاب وڪڻڻ ۽ بکن جو شڪار ٿي ڪٿي گم ٿي ويو. ڇا حشو ڪيولراماڻي تي هند ۽ سنڌ ۾ منٽو، غالب ۽ ٻين وانگر ڪو فلم ۽ ڊرامو يا ڊاڪيومنٽري فلم نه ٿي ڀرجي سگهي.. پر شايد اهو مشڪل آهي، ڇو ته اهڙن سڀني دوستن هوندي ئي ته هو ڪسمپرسي ۾ گم ٿي ويو آهي..


حشو ڪيولراماڻي
هيءُ هن جو ٻيو جنم آهي
ارباب ڇڄڙو
اي منهنجا آدجڳاد جا ڀاءُ حشو! تنهنجو اڄ سنڌ ۾ نئون جنم ٿيو آهي. سنڌ ۾ هر اديب هڪ ٻئي کي مبارڪ ڏني آهي. سائين مدد علي سنڌيءَ مون کي تو سان ملايو آهي. هو توکي ڪڇ رڻ جي سرحد تان وٺي آيو آهي. تنهنجو روح وڏي سفر کانپوءِ سنڌ ۾ موٽي آيو آهي. تنهنجي اچڻ جي خوشيءَ ۾ سنڌ جي هر نون جوان جي اک آلي آهي.
ڀربن شهر ۾ اڳ به تنهنجو جنم ٿيو هو. پر ڪنهن ظالم هٿ توکي اسان کان زوريءَ جدا ڪري هندستان موڪلي ڇڏيو هو. ان شايد اهو سوچو هو ته تون وري سنڌ امڙ ڏي موٽي ڪو نه ايندين. پر ان انڌي ارواح کي ڪهڙي خبر ته، دلين کي سرحدون روڪي ڪونه سگهنديون آهن.
پر تون منهنجا ڀاءُ سن جي شهر ۾ سائين جي ايم سيد وٽ پهچي چڪو آهي. تون سوڀي سان موهن جي شهر ۾ ملي ويو آهين. تو به اياز شيخ جي قبر تي گلن جي چادر چاڙهي آهي. تو ته پنهنجو سيس لطيف رح جي قدمن ۾ جهڪايو آهي.
ڀٽ ڌڻيءَ پاٻوهه منجهان تنهنجي مٿي تي هٿ رکي آشيرواد ڏني آهي. ابراهيم جويي پنهنجي ٻڍڙين ٻانهن ۾ تو کي ٻکيو آهي. سندس ستارن جيان ٽمڪندڙ اکين ۾ نئين جوت جاڳي پئي آهي.
تون سن جي سيد جي ڳارهي بنگلي جي اڳيان جتي اڳ درياءَ سنڌ جي ڪپ تي ويهي درياھ جو نظارو ڪندو هئين اڄ پڻ سيد کي صدين جون ڪهاڻيون ٻڌائي رهيون آهين. تون ٻڌائين ٿو ته، جيئن حضرت موسيٰ خدا جي طرفان پنهنجي يهودي قوم لاءِ نبي ٿي آيو هيو. اي سيد تون به پنهنجي سنڌي قوم لاءِ خدا جي طرفان هڪ سهارو بڻجي آيو آهين ۽ ٻڌاءِ پنهنجي سنڌي قوم کي ته، توهان سنڌي هڪ قوم آهيو. خدا توهان کي پنهنجي ڌرتي  ڏني آهي، پنهنجي پياري ٻولي ڏني آهي ۽ توهان جو صدين کان هلندڙ سهڻو ڪلچر آهي توهان سنڌ کي آزاد ۽ خودمختيار بنايو ۽ دنيا کي امن جو پيغام ڏيو.
سائينم سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سُڪار،
دوست! مٺا دلدار! عالم سڀ آباد ڪرين
اي حشو ! تو اهو ڏس ڏئي هڪ قوم بچائي آهي نه ته خبر ناهي سنڌي قوم بيخبريءَ  جي عالم ۾ گم ٿي وڃي ها. شايد تو نارائڻ شام جو اهو بيت ٻڌي ورتو آهي.
الا! ايئن مَ ٿئيِ، جو ڪتابن ۾ پڙهجي.
ته، هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي
اي ڏاها انسان مون کي خبر آهي ته توکي تنهنجا سنڌي اديب ۽ سياستدان سمجهي نه سگهيا هئا. هنن تنهنجو قدر ڪو نه ڪيو هو. پر ڏس شيخ اياز ڪيئن نه تنهنجن پيرن تي ٿو هٿ رکي. هو چوي ٿو. منهنجو حشو ضدي ماڻهو ڪو نه هيو. اياز تنهنجي اڳيان پنهنجو سرڙو جهڪايو آهي. ڏس اياز توکي ڇا ڇا نه ڏنو آهي.
توبه ته پنهنجو سڀ ڪجهه ان جي حوالي ڪيو هو. هن تنهنجن ڪتابن کي سنڀالي رکيو ۽ انهن مان سبق پرايو. تون مون کي ساهتي پرڳڻي ۾ گهمندي ڏسڻ ۾ ٿو اچين. اڄ توکي سنڌ امڙ پنهنجي جهوليءَ ۾ لولي ٿي ڏئي. تون اسان جو جمالو آهين. تون اسان جو همرچو آهين. سنڌ جا سڀ لوڪ گيت تو لاءِ آهن.
پر تنهنجا ڪپڙا پراڻا ۽ ميرا ٿي ويا هئا. تنهنجي سونهاري سفيد ٿي وئي هئي. اي محلن ۾ رهڻ وارا تو ڪڇ جو رڻ جهاڳيو  آهي. سنڌ جا گيت ۽ چيٽ ڏسڻ لاءِ ڀلا وطن به ڪنهن کان وسرندو آهي ڇا؟ تون ته اهو ڄاڻين ٿو ته
محبت وطن جي ته ايمان آهي
اسان جند آهيون وطن جان آهي
تنهنجي روشن تصوير اڄ عوامي آواز جي ٿورن سان اسان سڀني ڏسي ورتي آهي. اي دراوڙ سنڌي تو هر دور ۾ سنڌ جي دشمن سان جهيڙيو آهي تنهنجي جنگ ته، جنمن جي جنگ آهي تو ڪالهه دنيا کي ڦيٿو، طور ماپ جا سامان، ٻيڙي، ڏاند گاڏي ۽ زيرو ايجاد ڪري ڏنو هئو. تو دنيا کي ڪپڙو ڏنو. تو ثقافت جي شروعات ڪئي. تو ئي ته ، دنيا کي مهذب ٿيڻ جا سبق ڏنا آهن. تون امن جو پيغام آهين. تو ساز کڻي گيت ڳايا هئا. تو ته عورت کي پهريون ڀيرو آزاد ڪيو هو. موهن جي دڙي جي شهر جي ناچڻي تنهنجو اهڃان آهي.
تڏهن ته اڄ تو تي ڪتاب پيا لکجن. اخبارون ۽ رسالا تنهنجو نانءُ پيا ورجائين.
ها، اسان سڀ ڄاڻو ٿا ته، هيرو اوندھ ۽ انڌوڪار ۾ وڌيڪ چمڪندو آهي، اهو ڪٿي ٿو لڪي سگهي. باھ  به ڪڏهن ڪکن ۾ لڪي آهي؟ کسٿوري ڪونه لڪندي آهي. هو ان کي پري پري تائين کڻي ويندي آهي. هن ”ارباب“ وٽ به تنهنجي خوشبوءِ پهچي وئي آهي.
اي سنڌ جي ماضي، حال، ۽ مستقبل جا رهنما ۽ رهبر سنڌ جا ازلي روح!!



حشو ڪيولراماڻي

سنڌ جي مکيه ترقي پسند قومي ڪارڪن، اديب، ڪهاڻيڪار، عالم ۽ سنڌ جي فدائيء جو پورو نالو حشمت ولد ٽهلرام ڪيولراماڻي هو. هن باهمت ۽ باقلم ليکڪ ڀرين جي ڳوٺ/ ڀريا سٽي، ضلعي نوشهري فيروز ۾، ۲۰ ڊسمبر ۱۹۱۴ع تي جنم ورتو. حشو ڪيول راماڻي پهريون ماڻهو هو، جنهن چيو ته سنڌي هڪ قوم آهي . سائين جي ايم سيد جي شخصيت تي حشو ڪيولراماڻي جو گهرو اثر هو. حشو ڪيول راماڻي ڀريا جهڙي قديمي شهر ۾ ديوان ڪوڙو مل جي اڪيڊمي ۾ ناٽڪ منڊلين جو بنياد وڌو ته ان وقت اها علمي درسگاهه جنهن سڄي سنڌ کي شعور ڏنو پئي ته نياڻيون پڙهايو ڌرتي بچايو. حشوءَ کي جي ايم سيد ۽ شيخ اياز پڻ پنهنجو استاد مڃيندا هئا ۽ عزت ڏيندا هئا

سندس والد ٽهلرام پٽ کيومل روينيو کاتي ۾ ملازم هو ۽ آخر ۾ ٽنڊي آدم ۾ ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ جي عهدي تي رهيو. هي ايماندار ۽ انصاف پسند آفيسرن مان هو، حشوءَ ڪيولراماڻيءَ جي پيءُ جي وفات وقت سندس عمر اٺ سال هئي. والد جي وفات کانپوءِ سندس تربيت ۽ تعليم جو انتظام سندس والده جي هٿ هيٺ ٿيو، حشوءَ ابتدائي ۽ ثانوي تعليم ڀرين جي ڳوٺ ۾ ورتي. مئٽرڪ جو امتحان ڪراچيءَ جي اين. جي. وي. هاءِ اسڪول مان ڏنائين. ان کان پوءِ سترهن ورهين جي ڄمار ۾ هندستان کان ٻاهر ’سيلون‘ هليو ويو، جتان ٻيهر مئٽرڪ فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيائين. سيلون ۾ رهڻ وقت ينگ مينس ڪرسچن ائسوسيئيشن جي ڊبيٽنگ سوسائٽيءَ جو سيڪريٽري ٿي رهيو، جنهن سوسائٽيءَ مان سيلون جي ڪيترن سياستدانن ۽ مدبرن تربيت حاصل ڪئي.

حـشـو ڪـيولـرامـاڻـي، ان کان پوءِ ۱۹۳۵ع ۾ انگلنڊ ويو، جتي آڪسفرڊ يـونيـورسـٽيءَ ۾ ’آئي. سـي. ايـس‘ پڙهڻ لاءِ ويٺو، پر پهرين ايروناٽيڪل سبجيڪٽ پڙهڻ لاءِ کنيائين، پر انهيءَ کي اڌ ۾ ڇڏي سياسيات ۽ اڪانامڪس پڙهڻ لڳو ۽ آزاد خيال طبيعت سبب ڪا به ڊگري حاصل نه ڪري سگهيو. لنڊن ۾ رهائش دوران ريڊيڪل (Radical) سوچ وارن جي صحبت ۽ اثر هيٺ سوشلزم طرف ڇِڪجي ويو ۽ انگلنڊ جي پورهيت تحريڪ ۾ شامل ٿيو. ان زماني ۾ هندستان جي شاگردن ’انڊيا ليگ، لنڊن‘ ٺاهي، جنهن ۾ ڪرشنا مينن اڳرو هو ۽ اندرا گانڌيءَ به اُن جي ميمبر هئي. حشو ڪيولراماڻي هن تنظيم جو صدر رهيو. انگلنڊ ۾ رهائش دوران ئي حشو ڪيولراماڻيءَ جي پنڊت جواهر لعل نهروءَ ۽ فيروز گانڌيءَ سان به واقفيت ٿي ۽ هندستان جي آزاديءَ سان تعلق رکندڙ گڏجاڻين ۾ اڪثر شرڪت ڪندو هو. حشو پاڪ ٽربيون جو ايڊيٽر پڻ رهي چڪو هو.

۱۹۳۹ع ۾ حشو ڪيولراماڻي، انگلنڊ مان واپس موٽي سنڌ آيو ۽ ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جي ڪري واپس لنڊن نه وڃي سگهيو. هي ڪراچي مزدور تحريڪ ۽ شاگرد تحريڪ سان لاڳاپجي ويو. سنڌ ۾ شاگرد تحريڪ جو سرڪردو رهيو. جڏهن سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ جي شاگردن پاران ڪراچي اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي پليٽفارم تان فين گهٽائڻ ۽ اهي قسطن ۾ وٺڻ جي تحريڪ هلي، ته ان سموريءَ تحريڪ جو روح روان حشو ڪيولراماڻي رهيو، جڏهن ته هو ڪاليج جو شاگرد به نه هو. هن شاگرد فيڊريشن معرفت فين (Fees) جي واڌ خلاف اهڙي زبردست تحريڪ هلائي، جو ايڪڙ ٻيڪڙ وڏن ماڻهن جي ٻارن کان سواءِ ٻين عام شاگردن فين ڀرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان زماني ۾ ڪاليج جو وائيس پريزيڊنٽ هوتچند مولچند گربخشاڻي هو. آخرڪار ڪاليج اختياريءَ کي حشوءَ جي اڳواڻيءَ ۽ شاگردن جي يڪمشتيءَ اڳيان جُهڪڻو پيو. في ڏهه روپيا ٽرم تي گهَٽائي وئي ۽ شاگردن کي اها قسطن ۾ ڏيڻ جي سهولت به ملي.

 

هڪ ڪارڪن

حشو ڪيولراماڻي فرقيوار ذهنيت کان بالاتر هو. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان ترت پوءِ جڏهن هٽلر جي فاشي قدمن جي خلاف جمهوري ۽ ترقي پسند قوتن گڏجي آواز اُٿاريو، ته حشو ڪيولراماڻي به پنهنجن ساٿين: قاضي مجتبيٰ (پورهيت اڳواڻ)، سنتوش ڌرماڻي ۽ پريتم ٽهلراماڻيءَ (شاگرد اڳواڻن) سان گڏجي، جنگ جي خلاف ڪراچيءَ ۾ مزدورن ۽ شاگردن جو هڪ وڏو جلوس ڪڍرايو، جنهن ۾ ڪراچي اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ميمبرن کان سواءِ هاري، مزدور، مهاڻا ۽ ڪانگريسي به وڏي تعداد ۾ شامل هئا. احتجاجي ماڻهن جي هٿن ۾ انگريزن جي خلاف وڏا وڏا پوسٽر هئا. هي شاهي جلوس ڪراچي ميونسپل بلڊنگ کان شروع ٿي خالقڏني هال وٽ ختم ٿيو. حشو ڪيولراماڻيءَ انگريز شاهيءَ جي خلاف ۽ ملڪ جي آزاديءَ جي حمايت ۾ انتهائي جوشيلي تقرير ڪئي، جنهن کان متاثر ٿي، ٻئي ڏينهن مسٽر تاراچند لعلواڻيءَ ’ڪراچي گزيٽ‘ ۾ لکيو ته: ”حشوءَ ان ڏينهن ڪراچيءَ کي ماسڪو بڻائي ڇڏيو هو.“ ڪجهه ڏينهن بعد سندس گهر جي تلاشي ورتي وئي ۽ کيس گرفتار ڪيو ويو. سندس گهر مان لينن جا اردوءَ ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب لڌا ويا، جڏهن ته حشوءَ کي اردو نه ايندي هئي، پر ڪن سرڪاري جاسوسن اهي ڪتاب سندس گهر ۾ ڦِٽا ڪيا هئا. حشوءَ جي هيءَ گرفتاري سيپٽمبر ۱۹۴۰ع ڌاري ٿي. پهرين کيس ڪراچي جيل ۾ رکيو ويو ۽ پوءِ سکر جيل ۾ بدلي ڪيو ويو ۽ ڏيڍ سال (۱۹۴۱ع تائين) جيل ۾ رهيو. مشهور انقلابي شخصيت پرچي وديارٿيءَ، حشوءَ جي آزاديءَ لاءِ سکر ۾ وڏو جلوس ڪڍرايو، جنهن ۾ هزارين ماڻهو شامل هئا ۽ اهو جلوس ڏيڍ ميل ڊگهو هو.

 

قومپرست

حشو ڪيولراماڻيءَ جا سنڌ ۾ جي ايم سيد، مزدور اڳواڻ نارائڻ داس بيچر ۽ محمد امين کوسي سان سڀ کان وڌيڪ گهاٽا ۽ ويجها تعلقات هئا. حشو ڪيولراماڻيءَ کي ۱۹۴۲ع ۾ هڪ ڀيرو وري فوجي ماڻهن سان لهه وچڙ جي ڪوڙي شڪ ۾ ٻه مهينا جيل ۾ رکيو ويو. حشو ڪيولراماڻيءَ ۱۹۴۲ع ڌاري سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جوڙي، جنهن ۾ پريتم ٽهلراماڻي ۽ سنتوش ڌرماڻي هن جا ساٿي رهيا. شاگردن ۽ نوجوانن مان ڪيترن تي سندس صحبت ۽ جديد سماجوادي ۽ قومي خيالن جو وڏو اثر پيو، اهڙن نوجوانن ۾ سوڀو گيانچنداڻي، ارجن شاد، ڪرشن کٽواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي ۽ ٻيا اچي وڃن ٿا. هن سوڀي گيانچنداڻيءَ ۽ ڪرشن کٽواڻيءَ سان گڏجي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي سلسلي ۾ سڄيءَ سنڌ جو گشت ڪيو.

ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ حشو ڪيولراماڻي، ڪجهه عرصو سائين جي ايم سيد سان گڏجي سنڌين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو ۽ ساڻس قومي سياست ۾ همخيال رهيو. سائين جي ايم سيد، حشو ڪيولراماڻيءَ کي پنهنجي تحريرن ۾ پنهنجو ’سياسي استاد‘ سڏيو آهي، جڏهن ته حشو ڪيولراماڻيءَ، سائين جي ايم سيد کي پنهنجو ’سياسي استاد‘ ۽ پاڻ کي سندس ’ادبي استاد‘ سڏيو آهي (حوالو: اڄ پڻ چڪيم چاڪ: جي ايم سيد). هن ۱۹۴۸ع ڌاري سائين جي ايم سيد کي سندس مشهور ڪتاب ’نئين سنڌ لاءِ جدوجهد‘ لکڻ ۽ ترتيب ڏيڻ سان گڏ اُن جي انگريزي ترجمي ‘Struggle For New Sindh’ تيار ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڪئي. هن ڪجهه عرصو هڪ ماهوار مخزن ”پاڪستان ٽائيمس“ به جاري ڪئي. حشو ڪيولراماڻيءَ جي سرگرمين ۽ وجود کي پاڪستان جي نوَن حڪمرانن پنهنجين پاليسين لاءِ خطرناڪ سمجهي، کيس ۱۹۴۹ع ۾ چارج شيٽ ڏيڻ کان سواءِ ئي ڏهه مهينا جيل ۾ رکيو ۽ کيس مجبور ڪيو ته هو سنڌ ڇڏي وڃي. حشو ڪيولراماڻي، انهن محب وطن ماڻهن مان هو، جن پنهنجو ديس سنڌ، ڪنهن به صورت ۾ ڇڏڻ نه ٿي گهريو، پر کيس جيل ۾ رکي، مٿس الزام مڙهي، کيس زوريءَ سنڌ بدر ٿيڻ تي مجبور ڪيو ويو.

 

شيخ اياز سان سنگت

سنڌ جو قومي شاعر شيخ اياز حشو ڪيولراماڻيءَ جي سوچ ۽ خيالن کان گهڻو متاثر هو. ڪراچيءَ ۾ رهنڻ دوران هو ٻئي راتين جون راتيون سياست ۽ ادب تي ڳالهائيندا هئا. شيخ اياز پنهنجي ڪتاب ’ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون‘ ۾ لکيو آهي ته: ”ٽي شخص آهن، جن منهنجي ننڍيءَ عمر ۾ تربيت ڪئي آهي، ۽ جي مان اُنهن سان نه ملان ها ته مان، مان نه هجان ها، ۽ اُهي آهن: حشو، سوڀو ۽ ابراهيم (جويو). انهن سان منهنجي عقيدت ۽ محبت ائين رهي آهي، جيئن روميءَ جي شمس تبريز سان رهي هئي. اِهي ئي ٽي ماڻهو آهن، جي مون کان جيوَن جي ليکي چوکي وٺڻ جا حقدار آهن.“ (ص ۴۸-۱۴۷). شيخ اياز جي هن راءِ مان سنڌ جي هن عظيم فرزند حشو ڪيولراماڻيءَ جي ادبي ۽ سياسي قد ڪاٺ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. سنڌ ۾ حشو ڪيولراماڻي، محمد ابراهيم جويو ۽ شيخ اياز، سچا ’رائِسٽَ‘ (Rioist) هئا. حشو، ننڍي کنڊ جي وڏي مفڪر ايم. اين. راءِ سان لنڊن ۾ مليو هو ۽ اُن کان فڪري طرح ڪافي متاثر هو. جڏهن حشوءَ کي سنڌ ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو ۽ هن عارضي طرح ڀارت لڏي وڃڻ جو ارادو ڪيو هو ته شيخ اياز، کيس ڪراچي هوائي اڏي تي الوداع ڪرڻ ويو هو. شيخ اياز لکيو آهي ته: ”مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته ڪيئن مان حشوءَ کي هوائي جهاز تي ڇڏي، موٽي برنس باغ ۾ آيو هوس ۽ بئنچ تي ڦان ٿي ڪِريو هوس.“ [۱] شيخ اياز حشوءَ کي پنهنجي شاعريءَ ۾ هنن لفظن ۾ ياد ڪيو آهي.

الهاس نگر جي تيز هوا

ڪنهن وقت حشو کي

ڳولي ٿي۔

شيخ اياز، حشو جي موت تي چيو هو؛

موت تنهنجو جلاوطن ساٿي

ياد آيو ته دل ڀڄي پيئي

ڄڻ‌ ڪنهن پهاڙ‌جي ڇاتي

ڇيت جي ڇوت سان ڇڄي پيئي.

 

ڀارت روانگي

ڀارت ۾ لڏي وڃڻ کانپوءِ حشو ڪيولراماڻيءَ، اخبار نويسيءَ جو پيشو اختيار ڪيو. سال ۱۹۵۰ع جي ڏهاڪي ۾ جڏهن سنڌي لپي (عربي-سنڌي لپيءَ) جي بحاليءَ ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ڀارتي آئين ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ تحريڪ هلي ته حشو ڪيولراماڻيءَ ان ۾ سرگرم حصو ورتو. ان ڏس ۾ سنڌو سماج دهليءَ جي زير سايي، سنڌي هلچل جي اڳواڻي حشو ڪيولراماڻيءَ ڪئي، جنهن ۾ هيم ناگواڻي، شنڀو جئسنگهاڻي ۽ ٻيا سندس ساٿي رهيا. سال ۱۹۵۷ع ڌاري پهرئين ’سنڌي ٻولي ڪنوينشن‘ جي وقت حشو ڪيولراماڻي، ’سنڌو سماج دهليءَ‘ جو صدر هو ۽ هن ان ڪنوينشن ۾ جيڪو تاريخي ڪردار ادا ڪيو، اهو سنڌيت جي هلچل جي تاريخ ۾ هميشه ياد رهندو. هن ڪنوينشن ۾ هن هندستان جي پريزيڊنٽ راڌا ڪرشن کي دعوت ڏئي گھرايو هو. اڳتي هلي حشو ڪيولراماڻيءَ ’سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا‘ جي ساٿين سان گڏجي سنڌيت جي ڦهلاءَ ۽ سنڌي ٻولي جي تسليميءَ لاءِ جاکوڙ ۾ وڏو ساٿ ڏنو.

 

حشوءَ جو سنڌي ٻولي سان عشق

جڏھن ۱۹۶۲ع ۾، سنڌي ٻوليءَ کي ھندستان جي ٻين قومي ٻولين ۾ شال ڪرڻ جي ھلچل ھلي رھي ھئي، تہ حشو ان ھلچل جو سرواڻ ھو. پارليامينٽ جي ميمبرن سان ملاقاتون ڪري، کين سنڌي ٻوليءَ جي اھميت کان واقف ڪرڻ، انگريزيءَ ٻولي ۾ حشوءَ کانسواءِ ٻيو ڪير ٿي ڳالھائي سگھيو؟ جنھن ڏينھن اسيمبلي ۾ ٺھراءُ پيش ٿيڻ وارو ھو، اُن ڏينھن صبح جو حشُو پنھنجي ننڍڙي پٽ گل کي بيھاري ڇڏيو. ان جي ھٿن ۾ ڪراچي حلوي جا پئڪيٽ ھئا. ھر ايندڙ ميمبر کي ھو اھو حلوو ڏيندي چئي رھيو ھو، ”صاحب! جيترو مٺو ھي اسان جو سنڌي حلوو آھي، ان کان وڌيڪ مٺي سنڌي ٻولي (Mithhi Sindhi bboli) اٿوَ. ان جي حمايت ۾ ووٽ ضرور ڏجو!!

 

سنڌ سان لهه و چڙھ

حشو ڪيولراماڻيءَ جي سنڌ ۾ رهائش دوران توڙي سنڌ مان لڏي وڃڻ کان پوءِ هند مان به سائين جي. ايم. سيد سان خط و ڪتابت جو سلسلو جاري رهيو. سندس ۲۰ خط، سائين جي. ايم. سيد پنهنجي ڪتاب ’اڄ پڻ چڪيم چاڪ‘ ۾ ڏنا آهن، جيڪي حشو ڪيولراماڻيءَ کيس ۱۹۴۸ع کان وٺي آگسٽ ۱۹۶۶ع تائين لکيا هئا. حشو ڪيولراماڻيءَ سنڌي هندن جي لڏپلاڻ ۽ بحاليءَ جي معاملن، پاڪستان ۽ هندستان جي سياسي صورتحال ۽ باهمي ويڇن بابت انگريزي اخبارن ۾ ڪيترائي ڪالم لکيا، جن کي هن ترتيب ڏئي، اڳتي هلي ڪتابي صورت ۾ Pakistan Exrayed جي نالي سان ڇپرايو هو. حشو ڪيولراماڻي، نه رڳو سنڌيءَ جو سٺو ڪهاڻيڪار هو، پر هن ڪيترين سنڌي ڪهاڻين جو انگريزيءَ ۾ ترجمو به ڪيو هو، جن کي اڳتي هلي مشهور اديب نبي بخش کوسي “Sindhi Short Stories” جي نالي سان ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو هو. هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ناميارن ڪهاڻيڪارن: امر لعل هنڱوراڻي، تيرٿ وسنت، محمد ابراهيم جويي، سوڀي گيانچنداڻي، سُندري اتمچنداڻي، آنند گولاڻي، جمال ابڙي، ڪيرت ٻاٻاڻي، اي. جي. اُتم، ڪلا پرڪاش، سُڳن آهوجا، غلام رباني آگري ۽ امر جليل جون ڪهاڻيون شامل آهن. ۱۹۶۳ع ۾ جڏهن شيخ اياز ۽ رشيد ڀٽي دهليءَ ويا هئا ته دوستن جي محفلن ۾ شيخ اياز، حشوءَ جا پير پڪڙي چيو هو ته: I owe half my existence to Hashu. (منهنجو اڌ وجود، حشوءَ جي ڪري آهي.) اياز جي حشوءَ سان اها آخري ملاقات هئي. سنڌ ۾ ته حشو ڪيولراماڻي پرڻجڻ جي قيد ۾ ڦاسڻ کان پيو ڇرڪندو هو، پر هند ۾ وڃي گهر گرهستي وارو ٿيو ۽ سرلا آهوجا سان وهانءُ ڪيائين، جنهن عورت سان شاگرد هلچل ڪراچيءَ دوران سندس سنيهه جڙيو هو. اولاد صالح هئڻ ڪري ڪيترو عرصو خوش زندگي گذاريائين. سندس پٽ گُل ، مصوريءَ جي دنيا ۾ وڏو نالو ڪڍيو.

 

بمبئي روانگي

دهليءَ ۾ رهائش جي ٿورن سالن کان پوءِ، حشو اتان ڇڏي اچي بمبئيءَ ۾ وَسيو، پر سنڌي هندن جي بدحالي، وطن جي وڇوڙي ۽ ڀارت ۽ پاڪستان جي حڪومتن جي هڪٻئي سان دشمنيءَ واري روَيي، هن مفڪر شخص جي دل ۽ ذهن تي وڏو اثر ڪيو هو ۽ سندس ذهني ميزان بِگڙي ويو. هن جي دل ۽ دماغ جي حالت اهڙي وڃي بيٺي، جو هو ڪيتريون اهڙيون ڳالهيون ڪندو هو، جن ۾ هن جو سپر اِيگو (Super Ego) شامل هوندو هو. هو شراب نوشي ۽ رولاڪيءَ جي زندگيءَ جو عادي ٿي ويو هو. وٽس الهاس نگر ۾ رات گذارڻ لاءِ ڪو گهر نه هوندو هو ته هو مساڻ ۾ وڃي سمهندو هو. جي ڪو هن کان پڇندو هو ته هو ائين ڇو ٿو ڪري ته چوندو هو: ”نيٺ ته اتي ئي وڃڻو آهي“ [۴]. حشو، علامه آءِ آءِ قاضيءَ جو به دوست هو. هن رولاڪيءَ واري دور ۾ علامه آءِ آءِ قاضيءَ کي هڪ خط، پنهنجي مزار جي ڪتبي لاءِ لکيو هو ته:

 

قبر تي ڪتبو

”هتي اُهو ماڻهو رکيل آهي، جن کيس گهڻو پيار ڪيو ٿي، اُنهن کان ڀڄي ويو، اُن ڳالهه جي ڳولا لاءِ، جنهن جو کيس پاڻ پتو نه هو.“ اسيءَ ۱۹۸۰ واري ڏهاڪي جي هڪ طوفاني برساتي رات ۾، حشو ڪيولراماڻي اوچتو گم ٿي ويو ۽ اڄ سوڌو سندس خبر نه پئجي سگهي آهي ته سندس موت ڪيئن ٿيو. حشو، جيڪو پاڻ کي ’واڻيو‘ (واپاري) نه پر ’ڄٽ‘ چوڻ تي فخر محسوس ڪندو هو، اُن جي نه ڪا مزار آهي نه سماڌي، هُو بي نام فضائن ۾ گُم ٿي ويو. حشوءَ جي دوست شيخ اياز مٿس هڪ نظم لکيو هو الهاس نگر جي تيز هوا، ڪنهن وقت حشوءَ کي ڳولي ٿي..

مدد علي سنڌي، لکي ٿو ته ۱۹۸۶ع ۾ ھري موٽواڻي سنڌ ۾ پهريون ڀيرو آيو۔ ان وقت حشو جئيرو هو۔ مون کانئس حشو جو حال احوال پڇيو هو۔ هن ٻڌايو هو، مدد سچ پڇين ته حشو تمام ڏکي زندگي گذاري رهيو آھي، ڪڏھن الهاس نگر ريلوي اسٽيشن جي ڪنهن پليٽ فارم تي، ته ڪڏھن ڪڏھن شمشان گهاٽ ۾ رات وڃي رهندو آھي۔ سنڌ جو هي تمام وڏو ماڻھو ممبئي جي فوٽ فاٿ تي پنڌ ھلندو آھي۔ ڪنهن ماني کارائي ته واهه نه ته بک تي پيو گذاريندو آهي. آئون جڏھن به پنهجي مٺائي جي دڪان تي ويٺو هوندو هئس ته هو مون وٽ ايندو هو، ته کائڻ لاء مون کان رڳو مرملا يا پڪوڙا گهرندو هو. هڪ ڀيرو آئون دڪان تي نه هجان ته حشو اچي نڪتو، منهنجي پٽ کان مرملا ۽ پڪوڙا گهريائين پر منهنجي پٽ کيس دڙڪو ڏئي اتان وڃڻ لاء چيو پر هو بيٺو رهيو، ايتري ۾ آئون به اچي پهتس، پريان کان ڏتم ته منهنجو پٽ حشو کي دڙڪا ڏئي اتان کان وڃڻ لاء پيو چئي، آئون ڊوڙندو آيس ته پوء مون پنهنجي پٽ ۽ دوڪان وارن کي چئي ڇڏيو ته جڏهن به هي ماڻھو دڪان تي اچي ته کيس مرملا ۽ پڪوڙا ڏئي ڇڏجو، ۽ ڪڏھن به هن کان پيسا نه وٺجو. ان مهل حشو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ مون کي چئيائين ته هري هنن ماڻھن کي ڪهڙي خبر ته حشو ڪير آھي؟ حشو ڪو عام ماڻھو ڪونهي، حشو جو قدر سنڌ وارا ڪندا، هو مونکي چڱي طرح سڃاڻن ٿا. وڃي جي ايم سيد کان پڇو، شيخ اياز کان پڇو، علام قاضي کان پڇو، فيلڊ مارشل محمد ايوب به مون کي سڃاڻي، ذوالفقار علي ڀٽو، ۽ ان جو والد سر شاهنواز به مون کان واقف آهن، اي۔ ڪي۔ بروهي منهنجو دوست آھي۔ وزير اعظم اندرا گانڌي مون کان صلاحون وتندي آھي، هي سنڌي واڻيا اصل ڪڏھن به نه سڌرندا. جلد آئون سنڌ ويندس، اتي سنڌي منهنجو قدر ڪندا ۽ پوءِ اچي تقرير ۾ پيو۔ مون هٿ ٻڌي مافي گهري، تڏهن وڃي ماٺ ٿيو، پوءِ اخبار ۾ مرملا ۽ پڪوڙا کڻي آھستي آھستي وکون کڻندو پاڻ سان ڳالهائيدو هليو ويو۔ آئون کيس ويندو ڏسي ڏاڍو رنو هئس۔

هري اهو ٻڌائي چپ ٿي ويو هو، اسين ان مهل ڪوٽڙي وٽ سنڌو درياءِ جي ڪناري بيٺا هئاسين ۽ علي بابا جي گهران ٿي واپس وريا هئاسين، جو هو گهر ڪو نه هو، اسان جي سامهون وھندڙ سنڌو درياءَ ھو، اسان جي ڀر ۾ شوڪت شورو، ماٺ ڪري اهو سڀ ڪجه ٻڌي رهيو هو، ۽ منهنجي اکين ۾ لڙڪ لهي آيا هئا. مون ان مهل آسمان ۾ ڏٺو هو، شام جي اونداهي آهستي آهستي ڇانئجي رهي هئي، ڪي ولر کان وڇڙيل پکي ڪوٽڙي ڏي وڃي رهيا هئا ۽ آسمان تي هڪ اڪيلو تارو ٽم ٽم ڪري رهيو هو.

 

(سنڌي وڪيپيڊيا تان ورتل)



حشو ڪيولراماڻي

نياز مسرور بدوي

”دانائيءَ جو ديوتا، علم جي آڙاھ ۾ گم ٿي ويو. “

سنڌ دانائيءَ جو ديس آهي، جيڪا انتهائي سٻاجھي ۽ سڀاڳي آهي جو هن ديس جي نديءَ جي ڪنڌيءَ ڪناري تي ويهي دانائن، دانائي جا درس ڏنا آهن ۽ محبت سان ڏات ۽ ڏاهپ جا گيت رچيا آهن ۽ دنيا جي ماهيت کي سمجھڻ ۽ پرجھڻ جا پيغام ڏنا آهن. ۽ حقيقت جي منجھيل اونهن اسرارن کي، عقل جي روشنيءَ سان سندن ارٿ ڳولي لهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ۽ جيڪا منو ڪامنا سندن من ۾ مهمان ٿي ويٺل هئي، تنهنجي باطني رمزن کي آشڪار ڪرڻ لاءِ پنهنجي گيان سان ويد جون واڻيون سرجي، انهن جي آتما گيان جي سچائيءَ کي بيان ڪيو آهي ۽ جيڪي مناقشا، مناقبا ۽ مناظر ڏٺا، تن جي پرچار ڪري جڳ جهان کي خوشيءَ جا نينهن نياپا ڏنا آهن.

ودوانن اهو پڻ چيو آهي ته سنڌ ڌرتي تهذيبن جي ماءُ آهي. هاڻ انهيءَ ۾ ڪنهن شڪ جي گنجائش ئي نه رهي آهي، انهن گيانين اهڙيون ته سچائيءَ ۽ سورهيائيءَ جون ڪٿائون ٻڌايون آهن، جن مان سنڌيت جي قومي شعور اوڙڪون ڏيندي نظر اچي ٿو. اهڙوئي دانائيءَ جو ديوٽا حشو ڪيولراماڻي به هو، جنهن سنڌ وارن کي قومي شعور جي ساڃاھ ڏيڻ جي جدوجهد ڪئي آهي، ان چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه آهي حشو ڪيولراماڻي سنڌيت جي شعور جو پهريون پرچارڪ هو. ڇاڪاڻ جو جڏهن دنيا، سرمائيداريءَ ۽ ڪيميونزم ۾ ٻن حصن ۾ ورهائجي رهي ۽ سنڌ اندر جاگيرداري ۽ وڏيرڪو سماج عروج تي هو ته، ان وقت حشو ڪيولراماڻي پنهنجي ديس سان پريم جو وچن ڪندي سنڌيت جو ٻج ڇٽيو، جيڪو اڄ نسرجي شاھ بلوط جي وڻ بڻجي ويو آهي. هو هڪ انقالبي ۽ نظرياتي انسان هو، منجھس ڪنهن به قسم جو ڀيد ڀاءُ نه هو، انسانيت ۾ سندس ويساھ هو. سندس جيوني پڙهڻ کان پوءِ سندس شخصيت جا لڪل رخ واضح طور تي ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جنهن مان خبر پوي ٿي ته حشو ڪيولراماڻي پنهنجي دور جو جينيئس هو، جنهن پنهنجي قوم جو مستقبل، پنهنجي دورانديشيءَ ۽ علم جي اک سان اڳ ئي ڏسي ورتو هو، کيس اهو اندازو ٿي ويو هو ته ورهاڱي کان پوءِ سنڌ جي سماجي، سياسي ۽ معاشي حالتون ڪهڙيون ٿينديون، انهيءَ ڪري هن قومي شعور جو پرچار ڪرڻ ۽ نوجوانن کي عملي جدوجهد ڪرڻ تي نظرياتي طور تي مضبوط ڪرڻ ۾ پنهنجي وسان ڪين گھٽايو. جنهن جو اعتراف سنڌ جي سياسي امام سائين جي ايم سيد پڻ ڪيو آهي.

حشو ڪيولراماڻي جو هڪ رخ ته سياسي ڪارڪن جو هو، جيڪو اڳواڻ ٿيڻ بدران ورڪر ٿي رهڻ کي پسند ڪندو هو، جنهن جو اعتراف سوڀو گيانچنداڻي به ڪري ٿو. جنهن کي، حشوءَ سنڌ جا ماڳ مڪان ۽ جھر جھنگ گھمايا ۽ نوجوان شاگردن سان واقف ڪرايو ۽ مستقبل جي نوجوانن کي سياسي ميدان ۾ مڙس ٿي بيهڻ جا درس ڏنا ۽ سندس سياسي تربيت ڪئي.

حشو ڪيولراماڻي جي زندگيءَ جو ٻيو رخ هڪ اديب جو آهي، سندس لاءِ اهو پڻ چيو ويو آهي ته هو دنيا جي ترقي پسند ادب جو نهايت دلچسپيءَ سان مطالعو ڪندو هو ۽ ان مطالعي جي آڌار تي پنهنجي وقت جي اديبن جي ادبي تربيت پڻ ڪندو هو، سندس زير تربيت اديب هن وقت به پنهنجي ادبي اڏولتا سان ادب جي آسمان تي سج سمان جرڪي رهيا آهن، جن جي شاعريءَ جي خيالن تي اڄ جا نوخيز اديب ذهني آسودگي ماڻي محبت جا گيت ڳائي رهيا آهن.

حشو ڪيولراماڻي اهڙي ئي هڪ ڪرشماتي شخصيت هو، جيڪو پنهنجي دائائي جي دم سان سدا امر رهندو. اها سندس امرتا ئي آهي، جنهن جي ڪارڻ اڄ به حشو ڪيولراماڻيءَ کي سنڌ جا حساس اديب دل سان ياد ڪن ٿا ۽ شرڌا جا ڦول لفظن جي صورت ۾ سرڳ جي دريءَ مان ارپڻ ڪن ٿا، اهو ان ڪري جو اهڙين هستين جون سمرتيون يا سماڌيون ان ڳالھ جو محتاج نه هونديون ته سندن چرنن ۾گل ڀينٽ ڪجن.

هن ڪتاب ۾ حشو ڪيولراماڻي جو هڪ مضمون ”ديسي پرديسي”جي ٻولي تمام سهڻي لکيل آهي، سندس آتما جنهن ڀڃ ڊاھ ۽ ويڳاڻپ جو شڪار ٿي آهي، اها ڪيفيت مضمون ۾ عالم آشڪار آهي. ۽ اڄ اها سموري حقيقت اکين جي آڏو پنهنجي ماضيءَ جي اڳڪٿيءَ کي ورجائي رهي آهي.

”ٻڪ ۾ به پاڻي ته پياريندو هو، مگر هي پرديسي ماڻهو پاڻي پيارڻ ڇڏيو، مگر اوڏو اچڻ به نه ڏيندا. ڏسو ڪراچيءَ جھڙي شهر جو ڪهڙو حال ڪيو اٿن؟“

انهن لفظن ۾ ڪيڏي نه سچائي آهي. سندس اها پيشن گوئي اهو محسوس ٿي ڪرائي ته حشو به پنهنجي وقت جو سياسي ناسٽرڊيمس هو.

سندس ڪهاڻي ”پدم”جو پس منظر به سياسي آهي، جنهن ۾ ورهاڱي جي وارتتا بيان ٿيل آهي. اهو ڪڙو سچ آهي ته جڏهن ٻارن منجھه آزاديءَ جو جذبو پيدا ٿيندو آهي ۽ اهي ٻالڪ آزادي جي سئن (صدا) بلند ڪندا آهن ته اوس آزادي سندن قدمن آڏو سيس نوائيندي آهي. سندس هن ڪهاڻيءَ ۾ معصوميت جا اهي سڀ لاڏا آهن، جيڪي ڳيچ بڻجي امر ٿي ويندا آهن. حشو ان ابهم ٻارڙي جو اهڙو ته چتر چٽيو آهي، جو ڪهاڻيءَ جي انت تي پهچندي ڳوڙها ڳلن تان لار ڪري وهڻ شروع ڪن ٿا ۽ من جي آڪاس تي جرڪندڙ چنڊ تي ڄڻ ڪارا ڪارونڀار ڪڪر ڇانئجي وڃن ٿا ۽ زندگيءَ جو چنڊ گرهڻ لڳڻ جي ڪري ڪوجھو ۽ ڪنو ٿو محسوس ٿئي. سندس لفظن جي نقاشي ڏسو.

”بيشڪ پدما! توجھڙين بي ڊپن، لاثاني ٻارن سان هندستان ڪيئن نه آزاد ٿيندو؟ مادر وطن جي گرڀ مان اهڙا ننڍڙا ٻار نڪرن ته کيس ڪير زنجيرن ۾ جڪڙي رکندو؟“

ڪيڏو نه سندس لفظن ۾ آزاديءَ جو اتساھ ڀريل آهي.

 نصير اعجاز پنهنجي مضمون ”سندس ڏس پتو ڪنهن کان پڇجي”۾ حشو جا صحافت بابت لکيل لفظ ڏئي، ماضيءَ جي ڪردارن کي جيڪي اڄ به جيئرا آهن، تن کي وائکو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

”جتي ذهني آزادي ناهي ۽ اخباري دنيا جا علمبردار خود ڌاڙيلن جا ڀائيوار هجن، اتي يا ته وي صوفي ٿجي يا پنهنجو پليٽفارم کڙو ڪجي.“

جيڪڏهن غور ڪبو ته حشوءَ جي هنن جملن ۾ نفسياتي طور تي مايوسي گھڻي ڀاڱي نظر اچي ٿي، پر سندس ڏاهپ ان ڳالھ جي انڪاري آهي ۽ سندس جذبن جولاني ڏيندي سو سج اڀارڻ تي اڀاري ٿي. اهائي هڪ دانشور جي ڪٿ هوندي آهي ته هو اوندھ ۾ به روشني ڏسندو آهي.

”حشو سنڌ جي ڏاهپ جو مثالي ڪردار”ڪتاب ۾ اهڙيون حققيقتون ڏنل آهن، جن مان اهو واضح ٿئي ٿو ته حشوءَ کي پنهنجي علمي قابليت تي ناز هو، جنهن کي اسان Seper Ego به چئي سگھون ٿا. خاص طور تي حيات سومرو جي مضمون ۾ اهڙي قسم جون ڳالهيون لکيل آهن.

علي نواز آريسر سنڌ جو هڪ اهڙو نوجوان آهي، جنهن جي دل ۽ ذهن تي سنڌ آسمان جيان ڇانورو ڪيون بيٺي آهي. هن سنڌ جي اڏول ۽ عظيم انسان حشو ڪيولراماڻيءَ جي ادبي ميڙا چونڊي کي گڏ ڪرڻ سان گڏوگڏ سندس جيون چرتر جي عڪاسي ڪندڙ ٽڙيل پکڙيل مضمونن کي هڪ جاءِ تي سيهڙي انتهائي شاندار ڪم ڪيو آهي، جنهن سان حشوءَ جي زندگي تي مختلف رخن تي تحقيق ڪندڙ لاءِ آسانيون پيدا ڪيون آهن.

 

(نياز مسرور بدوي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۱۰ مارچ ۲۰۲۲ع تي کنيل)


حشو ڪيولراماڻي ۽ نوجوان سنڌي

ڊاڪٽر پارس نواز

حشو ڪيولراماڻي سنڌ جو بي باڪ دانشور، صحافي، مترجم ۽ ۱۹۴۰ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌي نوجوانن جي تربيت ڪندڙ مفڪر هو. اها ڳالهه ذهن ۾ رکجي ته حشو اڄ کان سئو سا اڳ واري ننڊاکڙي سنڌ جو جادوئي فرد هو، سنڌي قومپرستي جي بانيڪار جي ايم سيد “جنبُ گذاريم جن سين” ۾ حشو کي پنهنجو سياسي استاد مڃي پنهنجي پيروڪارن ۾ کيس امر بڻايو آهي. سيد، حشو کي اهو احوال پنهنجي ڪتاب لاءِ لکڻ لاءِ چيو هو. حشو پاڻ بابت اهو ذڪر پڙهي، سيد کي خط لکيو جيڪو “اڄ پڻ چڪيم چاڪ” ۾ موجود آهي، ته حشو سيد جو سياسي نه پر ادبي استاد هو، حشو جو سياسي استاد سندس معصوم آرٽسٽ پٽ گُل راماڻي هو.

حشو ڪيولراماڻي بابت ٻيو اهم ماخذ شاعر، وڪيل ۽ سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائس چانسلر شيخ اياز جون آٿم ڪٿائون آهن. اياز “ساهيوال جي ڊائري” ۾ حشو سان دهلي جي ڀڳت سنگهه مارڪيٽ واري فليٽ ۾ ۱۹۶۳ع جي سياري ۾ آخري ملاقات جو ذڪر ڪيوآهي جنهن ۾ حشو پوري محفل ۾ اياز کان قبولرائڻ ٿي گهُريو ته حشو جي لائبريري مان ڪتاب پڙهي شڪارپور وارو مبارڪ شيخ اياز بڻيو هو. اياز کي اها ڳالهه بُري لڳي. شيخ اياز پيريءَ تائين حشو جي پاڇي کان به پري رهيو. “ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر” واري آتم ڪٿا ۾ ٽيهارو کن پنن ۾ ياد ڪيانئينس. تيستائين حشو فوت ٿي چڪو هو. سنڌي نوجوان شيخ اياز جا ڪتاب پڙهي حشو ڪيولراماڻي بابت راءِ ۽ تصب سکندا آهن.

پر حشو ڪيولراماڻي کي سمجهڻ لاءِ اسان کي سندس ڪتاب ۽ لکتون پڙهڻيون پونديون، سوڀو گيانچنداڻي حشو ڪيولراماڻي بابت عوامي آواز ۾ ۱۹۹۲ع ۾ لکيل آرٽيڪل ۾ اها ئي ڳالهه ڪئي ته ۱۹۴۰ع واري ڏهاڪي ۾ سنڌي نوجوان جي تربيت ۾ حشو ڪيولراماڻي جو وڏو هٿ هو، سندس لکڻيون ڳولي پبلش ڪرائڻ جي تجويز ڏنائين. حشو ڪيولراماڻي ۱۹۴۲ع ۾ ڪاليجن جي فيس ۾ واڌاري خلاف سوڀي گيانچنداڻي وارن کي شاگرد مارچ لاءِ تربيت ڏني ۽ سامراج خلاف پوسٽر ٺهرايا. شاگرد مارچ جي سنهري باب جو ذڪر دايو نٿاڻي جي ڪتاب “ڪراچي اسٽوڊنٽس آن دي مارچ” ۾ موجود آهي. ان ڪتاب ۾ حشو ڪيولراماڻي تعليم ۽ سياست تي مهاڳ به لکيو آهي.

سال ۲۰۱۰ ع ۾ غلام رباني آگري “ترقي پسند تحريڪ جو سنڌي ادب تي اثر” نالي ڪتابڙو لکيو، ان ۾ حشو جي ذاتي زندگي بابت ڇرڪائيندڙ سوال اٿاريائين. سال ۲۰۱۵ع ۾ حشو جا آرٽيڪل ۽ ڪتاب سهيڙي ترجمو ڪري، جولائي ۲۰۱۵ع ۾ روشني پبليڪشن وارن ڏانهن مسودو اي ميل ڪيو هو. صلاح ڏني وئي ته حشو بابت مدد علي سنڌي سان فون تي ڳالهايان ته ڪتاب اڃان سٺو ٿي ويندو. آگسٽ ۲۰۱۵ع ۾ کيس فون ڪيم، هن چيو ته ۱۹۸۰ع واري ڏهاڪي ۾ ڀريا ۾ هن حشو جي گهر جون تصويرون ورتيون هيون پر ڀريا شهر جي صحافي اعجاز نصير جي آرٽيڪل ۾ پڙهيو هئم ته ۱۹۵۰ واري ڏهاڪي ۾ حشو جو گهر ڊهي چڪو هو ته شڪ ٿيو ته ۱۹۸۰ع واري ڏهاڪي ۾ مدد علي اها تصوير ٻئي ڪنهن جي گهر جي ورتي هوندي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته حشو ڪيولراماڻي کيس ۱۹۷۲ع ۾ دهلي واري فليٽ تان خط لکيا هئا، پر حشو جي پٽ گل راماڻي ٻڌايو هو ته حشو جي سرلا راماڻي سان ۱۹۶۸ع ۾ طلاق ٿي هئي ۽ هو دهلي وارو فليٽ ڇڏي بمبئي وڃي چڪو هو ته پوءِ شڪ ٿيو ته مدد علي ڏانهن اهي خط دهلي مان حشو بدران ٻئي ڪنهن لکيا هوندا.

مدد علي اهو به چيو؛ حشو پنهنجي ماءُ ۽ پٽ جا فوٽو به دهليءَ مان کيس موڪليا هئا. منهنجو خيال هو ته اهي تصويرون حشو ۱۹۵۰ واري ڏهاڪي ۾ پنهنجن دوستن جهڙوڪ جي ايم سيد، ابراهيم جويو، اياز، جمال ابڙي ۽ رباني ڏانهن موڪليون هيون ۽ حشو جي خطن ۾ اهڙا اشارا ملن ٿا. مدد علي ۱۹۷۲ع ۾ جساف جي صدر ۽ اڳتي قدم رسالي جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ حشو بابت مواد انهن کان ورتو هوندو. مدد علي جو حشو سان ڪو به سڌو واسطو نه هو. سنڌي ادبي بورڊ جي ان وقت جي سيڪريٽري اعجاز منگي ۲۰۰۸ع ۾ مدد علي جي ڪليات “دل اندر درياو” ڇپايو هو، ان ڪليات ۾ ته قرت العين حيدر جي ناول قلندر جو ۱۹۸۲ع ۾ ڪيل سندس سنڌي ترجمو حشو ڪيولراماڻي کي ارپيل آهي، پر ڪُليات ۾ حشو ڪيولراماڻي جا قيمتي خط ۽ ڀريا واري گهر، ماءُ ۽ پٽ جون تصويرن نه ڏنيون ويون جڏهن ته هر ننڍي وڏي واقفڪار اديب جا خط ۽ فوٽو شامل هئا.

مون کي احساس ٿيو ته مدد عليءَ وٽ حشو بابت ڪا نئين ڳالهه نه هئي، ايئن هن حشو تي الڳ ڪتابڙو آندو ۽ پوءِ مون وارو ڪتاب اپريل ۲۰۱۶ع ۾ ڇپيو.تاج جويو هڪ هنڌ چيو ته حشو ۱۹۳۶ع ۾ سجاد ظهير سان انجمن ترقي پسند مصنفين ۾ شامل هوندو. پر ان ڳالهه جو ڪو ثبوت نه آهي. “جنب گذاريم جن سين” لاءِ حشو ۱۹۳۶ع کان ۱۹۳۹ع تائين لنڊن ۾ زندگي جو احوال سيد ڏانهن لکي موڪليو هو، ته ان ۾ انجمن ترقي پسند مصنفين سان واسطي جو ڪو اشارو نه ڏنو اٿائين. حشو لنڊن ۾ انڊين ليگ جو صدر هو، اندرا، فيروز ۽ ڪرشنا مينن سان واسطيداري هئس پر ان واسطن کي ذاتي مالي مفاد لاءِ استعمال نه ڪندو هو. هڪ ٻيو الميو ڏسو ته نيولبرل سرمائيداري قبوليندڙ اين جي او واري دانشور جنهن فيوڊل سنڌ جي نوجوانن ۾ ڪميونزم سان گڏوگڏ جهموريت جو سياسي شعور ڏيڻ لاءِ آمريڪا جي اداري مان لکين ڊالر ڪمايا ۽ پراڻا سنڌي ڪتاب ڇپايا ۽ پيپلزپارٽي جوصلاحڪار بڻيو، تنهن حشو تي ٽوڪ ڪندي لکيو ته هو معصوم هو ! هن مطابق حشو پنهنجي ذهانت سان رتبو ۽ دولت نه ڪمائي سگهيو، زندگي جر ڦوٽو هئي ۽ سچ ۽ انقلاب لاءِ سنڌ ۾ معروضي حالتون ناهن، سو ڪم ٽُپائجي نه ته بُرو حشر ٿيندو.

حشو انڊين ڪميونسٽن وانگر روس جي سياسي نظام تي گهور نه ويندو هو، اسٽالن جي عملي سياست ۾ دانشورن، اديبن، سياسي مخالفن ۽ فردن جي آزادي کسي وئي، تنهن تي تنقيد ڪندو هو، کيس برداشت نه ڪيو ويو. حشو ڪيولراماڻي پاڻ کي شرنارٿي ڄاڻي ڪيرت، مالهي، اتم ۽ پوپٽي وانگر انڊين رياست کان ڪا به ڪمپنسيشن نه ورتي هئي. ننڍي کنڊ ۽ فيوڊل سنڌ جي منفي قدرن کي ٽوڙي عالمي حساسيت رکندڙ نئون سنڌي بڻيو هو، جنهن کي سنڌي ٻولي سان دلي لڳاءُ هو ۽ ذوالفقار ڀٽي وانگر عام سنڌين جي بيعزتي ڪرڻ لاءِ سنڌي ٻولي نه ڳالهائيندو هو، حشو مٺاس واري سنڌي ٻولي لکندو هو ۽ سنڌي ڪهاڻيون معياري انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪندو هو. ۱۹۶۴ع ۾ ارجن شاد جو نظم ترجمو ڪيو هئائين؛

جنهن ۾ ماءُ ڏني مون کي لولي

اها زنده رکندس ٻولي!

منهنجي دل جي صدا ڪو ڪيئن ٻڌي

وڃي مون کان زبان جي ڪوئي کسي

هن پنهنجي سگهاري سنڌيءَ سان

مان نانءُ ستم جو مٽائيندس!

مون کي ياد رهي سا ڏولي

جنهن ۾ ماءُ ڏني مون کي لولي!

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۱ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)





حشمت راءِ جو جنم ڏينھن

پرچو وديارٿي ۽ تاريخ جا وساريل انقلابي ڪردار:

ننگر چنا

ڪنھن دوست جي وال تان معلوم ٿيو تہ ورھاڱي کان اڳ واري دور جي وڏي دانشور ۽ آزادي پسند انقلابي ڪردار ڪامريڊ حشمت راءِ عرف حشمت الله خان/ حشو ڪيولراماڻي جو جنم ڏينھن آھي!

حشو جي ياد تازي ڪندي انگريز سامراج خلاف مزاحمت جا محاذ کوليندڙ اھي عظيم انقلابي بہ ياد اچڻ لڳا جن کي تاريخدانن اسان کان لڪائي/ڍڪي/پوشيدہ ڪري ڇڏيو آھي!

انگريز سامراج خلاف ھن خطي ۾ اسان جي ديس واسين جي جدوجھد نھايت تاريخ ساز ۽ فخر جوڳي پئي رھي آھي پر بدقسمتي سان مھا سامراج خلاف سر ڌڙ جي بازي لڳائي کيس ڀڄڻ تي مجبور ڪندڙ انھن عظيم انقلابي ڪردارن کان اسان ۽ اسان جي نسلن کي اڄ سوڌو اڻڄاڻ/لاتعلق رکڻ جون ڪوششون جاري رکيون ويون آھن!

حشو ڪيولراماڻي جا سنڌ ۾ سائين جيئم سيد، شيخ اياز، سوڀو گيانچنداڻي ۽ پرچو وديارٿي وغيرہ نھايت ويجها ۽ اعتماد جوڳا دوست ھئا!

حشو علم/فڪري سمجهہ جي لحاظ کان مٿين سڀني ڪردارن مان سٻر ۽ وزنائتو ڪردار رھيو! ھن انگريز مخالف جدوجھد ۾ وطن جي واڳ وارڻ لاءِ نظرياتي طور تي وڏو ڪم ڪيو، پرچو بہ نظرياتي طرح وڏي پائي جو ڪردار ھو جنھن وٽ وطن بابت تصور ڏاڍو چٽو ۽ سولو سوکو ھو پر ھن سامراج کي شڪست ڏيڻ لاءِ مستقل مزاحمت/ويڙھ کي اھميت ڏني ۽ آخر تائين انگريز خلاف چوٽيءَ جي مزاحمت جاري رکي!

حشو انگريز سامراج جو صفايو ڪرڻ لاءِ منظم نظرياتي جدوجھد خاطر لنڊن ۾ ھڪ جماعت جو بنياد پڻ وڌو جڏھن تہ ھو ڪرشننا مينن، گانڌي جي سميت ان دور جي اڪثر وڏن عالمي توڙي مقامي دانشورن ۽ انقلابين سان لھ وچڙ ۾ رھيو، سائين جيئم سيد صاحب ۽ شيخ اياز کيس تمام گهڻي احترام سان پيش ايندا ھئا!

حشوءٓ ٻي عالمي جنگ دوران 1939ع ۾ سنڌ جي گادي واري شھر (ذھن ۾ رکڻ گهرجي تہ انگريز سامراج جي سڄي ناحق عرصي دوران ڪراچي شھر سامراج مخالف سرگرمين ۾ سڀ کان وڌيڪ سرگرم ۽ قربانيون ڏيندڙ ثابت ٿيو!) ڪراچي ميونسپل آفيس کان خالق ڏني ھال تائين طويل جلوس برپا ڪيو جنھن ۾ ھزارن جي تعداد ۾ شاگرد، پورھيت، ھاري ۽ عام ماڻھو شريڪ ٿيا!

اخبارن حشو جي اھڙي سرگرمي تي لکيو تہ "حشو ڪراچي کي ماسڪو بڻايي ڇڏيو!" اھڙو جلوس ڪڍڻ تي سرڪار کيس بغاوت جي الزام ھيٺ گرفتار ڪري ڏيڍ سال تائين ڪراچي ۽ سکر جي جيلن ۾ باندي بڻائي رکيو!

منھنجي خيال ۾ انگريز سامراج خلاف سياسي توڙي مزاحمتي جدوجھد ۾ ھيٺين عظيم ڪردارن ۽ سندن سوين/ھزارين ساٿين بي خوف-بي لوڀ ٿي انگريز خلاف پنھنجي وطن جي سوراج لاءِ تاريخي جدوجھد ڪئي ۽ عظيم قربانيون ڏئي انگريز سامراج کي سوڙھو ۽ ڀڄڻ تي مجبور ڪيو!

حشمت راءِ حشو ڪيولراماڻي،

پرچو وديارٿي،

ھيمون ڪالاڻي،

ڄيٺي سپھملاڻي،

عينشي وديارٿي،

امير خان رند،

ويرو گرناڻي،

رتن راجپوت،

نانڪ آھوجو،

نبي بخش کھڙو،

ڪرتار بخش بجلاڻي،

نند جهوراڻي (جيڪو آزادي پسند انقلابين جي ڪراچي زون جو سنڀاليندڙ ۽ انقلابين جي ضرورتن/خرچ پکي جي پورائي لاءِ ذميوار رھيو!)

روپلو ڪولھي/ساٿين سميت

سورھيہ بادشاھ/سمورن ساٿين سميت،

درياءُ خان جکراڻي،

امين کوسو،

ويرو ڪرناڻي،

آچاريہ ڪرپلاڻي/بم گولائي طور مشھور سندس انقلابي ڀاءُ شيخ ڏيڻو

اديب/ليکڪن ۾

ڄيٺمل پرسرام،

گوبند مالهي،

ابراھيم جويو،

ڪرشن راھي،

موھن گيھاڻي وغيرہ

مھاراج اولچند شرما (منھنجي جنم شھر باڊھ جو انقلابي ڪردار جنھن وٽ پرچو وديارٿي، سوڀو گيانچنداڻي سميت مختلف انقلابي اچي سڪون جو سامان وٺندا ۽ نئين رٿابندي/حڪمت عملي جوڙي ميدان عمل ۾ ايندا ھئا! ٻڌڻ ۾ اچي ٿو تہ سينٽرل جيل ڪراچي کان فرار ٿيڻ بعد پرچو وديارٿي ڪراچي کان ريل رستي پھرين باڊھ پھتو ھو جتي سھس وٺي باڊھ کان لاڙڪاڻي تائين پنڌ روانو ٿيو ھو!)

پرچو وديارٿي، ھيمون ڪالاڻي، عينشي ڪالاڻي ۽ جهامن ڪالاڻي بابت تاريخ جي ورق گرداني ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو تہ، وطن جي انھن جنگ جوانن جي انگريز سامراج خلاف بغاوت، مزاحمت ۽ ويڙھ انڊيا جي جڳ مشھور نوجوان انقلابين ڀڳت سنگهہ، راج گرو ۽ سکديو کان بہ اڳتي وڌيل ھئي!

ھنن مان ھيمون توڙي ٽنهين سک نوجوانن کي غلامي خلاف بغاوت ڪرڻ جي الزام ھيٺ تختءِ دار/ڦاسي چاڙھيو ويو جڏھن تہ پرچو انگريز سامراج سرڪار جو واحد باغي ھو جيڪو ڪراچي سينٽل جيل مان فرار ٿي ورھاڱي تائين مستقل روپوش رھڻ جي نتيجي ۾ ڦاسي ۽ 32 سال قيد جي سزا اچڻ باوجود دار جي تخت تي چڙھڻ ۽ سزا ڪاٽڻ کان محفوظ رھيو!

پرچو جي علمي-فڪري سياسي قد ڪاٺ جو اندازو لڳائڻ لاءِ ھيترو ئي ڪافي آھي تہ ھو مھاتما گانڌي جھڙي مھاپرش سياسي ڪردار جو ان حد تائين ويجهو ھو جو روپوشي واري عرصي دوران پرچو سنڌ کان ڀارت وڃي وٽس طعام قيام ڪندو ھو، جيتوڻيڪ گانڌي جي سندس سياسي طرز عمل جو حامي بہ نہ هو!

پرچو وديارٿي جي شخصيت، سوچ عمل جو اولڙو موھن ڪلپنا (جنھن پنھنجن ڪتابن بک-عشق-ادب ۽ آفتابِ انقلاب ۾ مسجد منزل گاه واقعي توڙي ان دور جي ٻين اھم سياسي-انقلابي سرگرمين جو ڀرپور اظھار ڪيو آهي) جي ھيٺين مختصر پيراگراف مان پسي سگهجي ٿو!

"ھن دفعي منھنجي سامھون اھو شخص ويٺو هيو جنھن انقلاب دوران ڳالھايو نہ، لکيو نہ پر بم ٺاهيا! اھو شخص جنھن تاريخ ٺاھي، جنھن سر تريءٓ تي رکي ان مٿان ڪفني رکي ڇڏي، ھميشہ سادي کاڌي جي پوشاڪ ۾ ملبوس!"

ھاڻ ضرورت ان ڳالھ جي آھي تہ نئين نسل کي گهٽ ۾ گهٽ وطن جي ويجهي ماضيءَ جي تاريخ ۽ غلامي مڙھيندڙ سامراج خلاف مزاحمت ڪندڙ ديس جي عظيم انقلابين بابت نئين نسل کي آگاھي فراھم ڪجي ۽ گهٽ ۾ گهٽ انھن ٻن ھزارن انقلابين (جنھن ۾ عورتون پڻ شامل ھيون) بابت تفصيل پيش ڪرڻ گھرجي جن پنھنجون جوانيون، عشق ۽  زندگيون وطن لاءِ ارپي ڇڏيون!

لکڻو تہ حشو ڪيولراماڻي تي ھيو پر لکي ڪجهہ ويس!

سڀني کي سائين حشمت راءِ حشو ڪيولراماڻي جو جنم ڏينھن مبارڪ ھجي!

نوٽ: اميد تہ تاريخ، وطن ۽ انقلاب سان چاھ رکندڙ ساڃاھ وند انھن مذڪورہ تاريخي ڪردارن بابت تحقيق ڪري اسان کي سندن سوچ عمل ۽ ڪردار بابت آگاهي ضرور ڏيندا! (ذلفي ميراڻي)

 

(ننگر چنا جي فسيبڪ ٽائيم وال تان ۲۱ ڊسمبر ۲۰۲۳ع تي رکيل/ کنيل)




حشو

ويھين صديءَ جو هڪ وڏو ماڻھو

انجنيئر اوڀايو خشڪ

حشو ڪيولراماڻي، جيڪو برصغيرِ جي سنڌي اديبن ۾ هڪ اعليٰ حيثيت رکندو هو، انهيءَ سان منهنجي ملاقات نه رهي. ڇاڪاڻ جو جنهن وقت هن کي پنهنجي سنڌ وطن کان زوري ڌِڪي ڌارَ ڪيو ويو، اُن وقت آئون هن دنيا ۾ آيو ئي مس هئس. منهنجو جنم ۽ هن جو سنڌ مان نيڪاليءَ جو سال ۱۹۴۹ع آهي. انهيءَ مھان هستيءَ جي سنڌ نيڪالي به هن جي مرضيءَ جي خلاف هئي. جنوري ۱۹۴۹ع ۾ هن کي گرفتار ڪري ٽن مهينن لاءِ ڪراچي سينٽرل جيل موڪليو ويو. ٽن مهينن کانپوءِ جڏهن ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ڪراچي مسعود کدرپوش جي سامهون کيس پيش ڪيو ويو ته هن، سندس نظربنديءَ ۾ ٽن مهينن جي واڌ ڪرڻ سان، اهو پڻ چيو ته، “تون هندستان ڇو نٿو هليو وڃين”. انهيءَ تي حشو وراڻيس ته، “سنڌ منهنجو ملڪ آهي ۽ آئون پنهنجو وطن نه ڇڏيندس”. ياد رهي ته اهو مسعود کدرپوش ئي آهي، جنهن ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي کي پڻ هندستان هليو وڃڻ جو چيو هو. سوڀي پڻ هن کي ساڳيو حشو وارو جواب ڏنو هو. مسعود کدرپوش لاءِ چوڻ ۾ اچي ٿو ته، نوابشاهه ۾ ڪليڪٽر (ڊپٽي ڪمشنر) هئڻ دوران هن هندستان مان آيلن جي هٿان هندن جي ملڪيتن تي زوري قبضا ڪرائي هندو مسلم فساد ڪرايا هئا. هن تي اهو پڻ الزام آهي ته، نوابشاهه مان هندستان ڏانهن لڏپلاڻ ڪري ويندڙ سِکن جي ريل گاڏيءَ کي هن شهر جي ٻاهران هڪ منصوبي تحت روڪرائي، ان ۾ سوار سڀني انسانن جو قتلِ عام ڪرايو. انهيءَ قتلِ عام جي نتيجي ۾ وهندڙ رت، ڀرسان وهندڙ گجرا واهه ۾ اچي پيو ۽ گجرا واهه ۾ پاڻيءَ جي بدران رت وهڻ لڳو. آخرڪار هن سنڌ جي سپوت کي جيل ۾ ڊسمبر ۱۹۴۹ع ۾ ٻڌايو ويو ته، “سندس سنڌ ۾ رهڻ جي درخواست وزير داخله قاضي فضل الله، مرڪزي سرڪار جي صلاح سان رد ڪري ڇڏي آهي. هاڻي هن کي جيل مان سِڌو ڪراچي ايئرپورٽ موڪليو ويندو، جتان کيس بمبئي وڃڻو پوندو”. (مدد علي سنڌي). ائين هن سنڌ جي سچار پُٽ کي ۳۱ ڊسمبر ۱۹۴۹ع تي اورينٽ ايئرلائينز جي بمبئي ويندڙ جهاز ۾ سوار ڪيو ويو. زبردستي جهاز ۾ چاڙهي ملڪ بدر ٿيڻ کان پهرين حشو ڪراچي ڊسٽرڪٽ جيل ڪراچيءَ مان ۱۸ مئي ۱۹۴۹ع تي هڪ خط ۾ سائين جي ايم سيد کي لکيو ته، “منهنجي ڪيس جو نتيجو اهو اچي ٿيو آهي ته، ٿوري وقت لاءِ ڪراچي آئوٽ ضرور ٿيڻو پوندو. يا انگلينڊ وڃان پاسپورٽ سان، يا بمبئي ڏانهن پرمٽ سان پاڪستاني جي حيثيت ۾ چڪر هڻڻ وڃان يا پنهنجي وطن سنڌڙي جي ڪنهن ڳوٺ ۾ وڃي صُوفي بڻجان! پڇاڙيءَ واري ڳالهه لاءِ سنڌ گورنمينٽ ۽ خصوصاً قاضي فضل الله جي اجازت جي ضرورت آهي”. ان خط مان لڳي ٿو ته، حشو کي وهم و گمان ۾ به نه هو، ته هن کي سندس مرضيءَ جي خلاف ملڪ بدر ڪيو ويندو.

ساڳئي خط ۾ وڌيڪ لکيو اٿس ته، “اسان جي جندڙي ته سنڌڙيءَ سان ڳنڍيل آهي، سو اسان کي اعتراض ناهي، جيڪڏهن هِي آرهڙ جا ڏهاڙا سن ۽ ڀرين جي وچ ۾ گهارڻا پيا”. سنڌ سرڪار مان ڪنهن چڱائيءَ جي اُميد نه ڪندي طنزيه لکيو اٿس ته، “اُميد ته سنڌ گورنمينٽ منهنجي گذشته خدمتن جو خيال ڪندي، اهڙي مهمانوازي آڇڻ کان عار نه ڪندي، جيڪڏهن منهنجو وطن به مون کان بيزار ٿيو ته پوءِ لاچار پنهنجو لڏو ٻڌي ولايت طرف رُخ رکڻو پوندو”. انھيءَ خط مان اهو واضح نظر اچي ٿو ته، هن جو هندستان وڃڻ جو ڪو ارادو نه هو.

حشو جو جنم ڀريا شهر ۾ ۲۰ ڊسمبر ۱۹۱۴ع تي ٿيو. سندس خاندان متعلق سائين جي ايم سيد جي هڪ خط جي جواب ۾ ۴ جولائي ۱۹۶۴ع تي نئين دهلي مان لکيو اٿس ته، “منهنجي ڏاڏي جو نالو کيئومل زميندار, شايد راڻيپور گمبٽ طرف سندس نالي ڪو ڪڙي به لڀجي پوي! والد جو نالو ٽهلرام، مختيارڪار حيدرآباد ۾ کٽل کاتي (Encumbered Estates Department) جو مئنيجر ٿي رهيو ۽ پڇاڙيءَ ۾ ٽنڊي آدم ۾ ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ هو ته وفات ڪيائين. لاثاني، ايماندار آفيسر ٿي رهيو، سندس شخصيت جو زبردست اثر ٿيو، جيتوڻيڪ سندس ديهانت وقت صرف ۸ ورهين جو هئس. منهنجي ماتا سندرتا ۽ سُڃاڻي جو روپ ۲۳ سالن ۾ وِڌوا ٿي ۽ ۶۳ سالن جي عمر ۾ گذاري وئي”.

والد جي وفات کانپوءِ هن جي پرورش سندس ماءُ ڪئي. پنهنجي تعليم پرائڻ جي حوالي سان ساڳئي خط ۾ لکيو اٿس ته، “والد جي ديهانت کان پوءِ ڀريا ۾ پڙهيم، مگر مئٽرڪ ڪراچي ۾ (N.W. High School) ۾ پاس ڪيم. ۱۷ سالن جي عمر ۾ هندستان کان ٻاهر سيلان ۾ مئٽريڪيوليشن وڃي پاس ڪيم جا هندستان جي ڊگريءَ برابر ليکبي هئي. فرسٽ ڊويزن ۾ آيس ۽ ساري بيٽ ۾ هڪ ئي هئس.Y.M.C.A جي ڊييٽنگ سوسائٽي جو سيڪريٽري ٿي رهيس، جنهن مان ڪيترا سيلان جا مدبر ۽ پارليامينٽيرين ڀڙ تي نڪتا. ۱۹۳۵ع ۾ انگلينڊ طرف ويس، پهرين ايروناٽيڪل انجنيئرنگ کنيم مگر پوءِ اڪانامڪس ۽ پالٽڪس ڏانهن ويس ۽ ان کان پوءِ I.C.S جو امتحان ڏيڻ پڻ ترڪ ڪيم”.

حشو ۱۹۳۹ع ۾ موٽي سنڌ آيو. هتي هن سنڌ ۾ شاگرد سياست جو بنياد وڌو، سندس سڄو زور هندو-مسلم اتحاد تي هو. حشو ۱۹۴۹ع ۾ جي ايم سيد طرفان خان عبدالغفار خان جي صدارت ۾ پاڪستان پپيلز آرگنائيزيشن ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن انهيءَ تنظيم جا بنيادي نڪتا ٺاهي ڏنا.

حشو سنڌ ۾ جيل ۾ وڃڻ متعلق ساڳئي خط ۾ لکيو آهي ته، “جيل ڇو ويس؟ الله کي خبر! ڪنهن خاص پارٽيءَ جو ڪڏهن به ميمبر نه رهيس ۽ نه ڪڏهن قانون ڀڃڻ جي ڪوشش ڪيم! لڙائيءَ کان پوءِ هڪ Frame up ۾ ۱۸ مهينا سزا ملي. ۱۹۴۰ع کان ۱۹۴۱ع تائين. ۱۹۴۲ع ۾ ٻه مهينا جيل ۾ رکيائون، جو شڪ پين ته انگريزي فوجي عملدارن کي لڙائيءَ جي برخلاف ٿي ڪيم. ۱۹۴۹ع ۾ چارج شيٽ ڏيڻ کانسواءِ ڏهه مهينا جيل ۾ رکيائون، جيتوڻيڪ وزيري جي آڇ پڻ هئي”.

انهي خط مان اهو صاف پسي سگهجي ٿو ته، حشو جيڪڏهن چاهي ها ته حڪومت ۾ شريڪ ٿي اقتدار جا مزا ماڻي پئي سگهيو، پر هن اقتدار خاطر پنهنجي اصولن کان انحراف نه ڪيو. هڪ ٻئي خط ۾ هن خواجه شهاب الدين طرفان وزارت جي آڇ جو ذڪر ڪيو آهي.

حشو کي جڏهن جيل اختيارين ۳۱ ڊسمبر ۱۹۴۹ع تي اهو ٻڌايو ته اڄ هن کي جيل مان سڌو هوائي اڏي نيو ويندو، جتان هن کي بمبئي ويندڙ جهاز ۾ سوار ڪرايو ويندو. انهيءَ حوالي سان مدد علي سنڌي پنهنجي ڪتاب “حشو ڪيولرا ماڻي، نه وسرندڙ شخصيت” ۾ لکيو آهي ته، حشو جيل انتظاميا کي چيو ته، هُو هوائي اڏي تي وڃڻ کان پهرين پنهنجي فليٽ، اُتان حيدر منزل ۽ پوءِ هوائي اڏي تي هلندو. ائين پوليس وارا حشو کي پهرين سندس فليٽ تي وٺي آيا، جتي شيخ اياز گهر وارن سميت رهندو هو، فليٽ جو در کڙڪائڻ تي شيخ اياز جي گهرواري زرينه در کوليو، ان کي حشو چيو ته، “ڌِيءَ آئون حشو آهيان. اندر ڪونه ٿو اچان، پر اياز کي ٻڌائجو ته، مان جي ايم سيد جي بنگلي تي وڃان پيو. اُتان مُون کي بمبئي وٺي وڃڻ لاءِ ايئرپورٽ وٺي ويندا، هاڻي هِي فليٽ اوهان کي آيو. مون کي فقط جنڊيءَ وارو گُلدان کڻي ڏيو”. ائين حشو سائين جي ايم سيد جي بنگلي تي آيو، جتان پوءِ هن کي هوائي اڏي تي پوليس وٺي وئي ۽ جهاز ۾ چاڙهي بمبئي روانو ڪري ڇڏيو.

حشو هوائي اڏي تان روانگي جو ذڪر سندس ڪهاڻي “ڏيهي پرڏيهي” ۾ هن ريت ڪيو آهي؛ جيل مان ڪڍي جلاوطن ڪيائون. هوائي اڏي تي ڪيئي سنڌي مسلمان دوست الوداع ڪرڻ آيا، شيخ عبدالمجيد بزرگ، ۽ جي ايم سيد، جگري دوست پڻ حاضر هئا، سندن اکين ۾ البت پاڻي هو، مگر منهنجي چهري ۾ مرڪ. سنڌ کي نيٺ ٽن پاڪستاني سالن کانپوءِ سُڃاتو هوم. هوائي اڏي تي حشو کي الوداع ڪرڻ وارن ۾ شيخ اياز پڻ شامل هو. بقول اياز، مونکي پهريون ڀيرو حشو جي منهن تي وطن ڇڏڻ تي ڳڻتي ڏسڻ ۾ آئي.

حشو، جنهن جو سڄو نالو حشمت راءِ ڪيولراماڻي هو، اهو جڏهن ۱۹۳۵ع ۾ لنڊن ۾ رهيو ته، اُتي سندس ملاقات ڪرشنامينن سان ٿي ۽ ان سان گڏجي انڊيا ليگ ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. اُتي سندس ملاقات نهرو ۽ اندرا سان پڻ ٿي. نهرو سان ملاقات پوءِ دوستيءَ ۾ تبديل ٿي وئي. نهرو حشو تعلقات تي گيتاراج لکيو آهي ته، “حشو نهرو پريوار جي ايترو ويجهو هو جو هُو نهرو جي پرائم منسٽر بنجڻ کانپوءِ ڪنهن به وقت ڪنهن به اپائنمينٽ وٺڻ کانسواءِ نهرو جي گهر وڃي سگهندو هو. نهرو کان پوءِ هن جو ساڳيو رشتو اندرا گانڌي سان به هلندو آيو. اندرا هن کي دادا ڪري ڪوٺيندي هئي. (ڪتاب: حشو ڪيولراماڻي، نه وسرندڙ شخصيت).

حشو کي سائين جي ايم سيد پنهنجو اُستاد ڪري لکيو آهي، سائين پنهنجي ڪتاب “جنب گذاريم جن سين” ۾ لکيو آهي ته، جڏهن آئون ڪانگريس ڇڏي مسلم ليگ ۾ ويس، پر جلدي مسلم ليگ کي به الوداع ڪيم ته آئون مُونجهاري جو شڪار هوس، ڇاڪاڻ جو منهنجي ساري زندگي سنڌ جي اندروني آزادي، ترقي ۽ بهتريءَ لاءِ صرف ٿيل هئي. ٻنهي جماعتن مان مايوس هوس، ان وقت حشو مونکي “مسئله قوميت” جي بنيادي متن کان واقف ڪيو، ۽ ائين آئون مسئلي کي نئين نقطه نگاهه کان ڏسڻ لڳس. سائين لکيو آهي ته، “ساري زندگي هڪ وڏو درسگاهه آهي. صاحب نظر ۽ صاحب دل کي هر واقعي هر صحبت، هر تجربي مان سبق حاصل ٿي سگهي ٿو. آئون اسڪول ۾ گهٽ ۽ ان کان ٻاهر گهڻو پئي سکيو آهيان. سياست قومي خدمت جو سبق شيخ عبدالمجيد صاحب کان سکيس. صوفيانه تعليم جا بنيادي متا آءِ آءِ قاضي ۽ ڄيٺمل کان معلوم ڪيم. دوستيءَ جا رستا ۽ ذميواريون ٽهلراماڻي ۽ ميران محمد شاهه کان سکيس. اڳي سياسي مسئلن ۾ هوش کان وڌيڪ جوش کي پئي ترجيح ڏنم، پر اها حشو جي صحبت هئي، جنهن سياسي مسئلن ۾ ريشنل (عقلي) بنياد تي غور ڪرڻ ۽ هوش کي جوش تي ترجيح ڏيڻ جو مون ۾ مادو پيدا ڪيو”.

حشو هندستان وڃي به جي ايم سيد سان خطن ذريعي تعلق قائم رکيو. انهيءَ مان هڪ خط ۾ سائين کي سندس شادي متعلق لکيو اٿس ته، “مون سمجهيو ته توهان کي اڳ ۾ ئي خبر هوندي ته، مان گهڻي وقت کان چوکنڀو ڦاٿل آهيان. هڪڙو ڀيرو لکيو هوم ته، ملتان فتح ڪيو اٿم ۽ قوم جي خدمت ڪئي اٿم. ٻه نياڻيون جاڙيون اٿم ۽ هڪ ڪڪو جنهن کي ڄائي ٻه مهينا ٿيا. گهر ۾ هندستاني ۽ انگريزي ڳالهايون. مگر شريمني کي سنڌي پڻ ايندي آهي، جو ڪراچيءَ ۾ سالن کان وٺي رهندڙ هئي ۽ اسان جي سنگت ۾ هئي”. حشو جا لکيل خط سائين جي ايم سيد جي ڪتاب “اڄ پڻ ڇِڪيم چاق” ۾ ڇپيل آهن.

حشو هندستان وڃڻ کان پوءِ اُتي انگريزي اخبار ۾ مضمون لکڻ شروع ڪيا، جيڪي پوءِ ۱۹۵۲ع ۾ پاڪستان ايڪسريڊ نالي ڪتاب ۾ شايع ڪرايائين. انھيءَ ۾ هن لکيو ته، لياقت علي خان گھڻو وقت نه هلي سگھندو. پاڪستان ۾ مارشلا لڳندي ۽ پنجابي بنگالين کي ڌڪي ڌار ڪري ڇڏيندا.

حشو جو هندستان ۾ وڃڻ کانپوءِ اتي شروع ۾ ٺيڪ وقت گذريو پر پوءِ آخري ويهه سال ڏاڍا تڪليف ۾ گذاريائين. ۱۹۶۸ع ۾ گهرواري کي طلاق ڏيڻ کان پوءِ دهلي ڇڏي بمبئي آيو، جتي بي گهر ٿي گذاريائين. بمبئي ۾ ڪڏهن ريلوي پليٽ فارم ته ڪڏهن وري مساڻ ۾ وڃي سُمهي پوندو هو. حشو آخري ڀيرو جولائي ۱۹۸۶ع ۾ بمبئي ۾ نظر آيو. اهو به چوڻ ۾ اچي ٿو ته، آخري ماڻهو جنهن سان حشو مليو هو، سو سندس مائٽ ماڌو ڀمڀاڻي هو، جنهن کان حشو ٽي سئو رُپيا اُڌارا ورتا هئا. چوڻ ۾ اچي ٿو ته، حشو جو پٽ گل جيڪو ٻاهر رهندو هو، اهو پنهنجي پِيءُ کي پئسا ماڌو ڀمڀاڻي جي معرفت موڪليندو هو. جولائي ۱۹۸۶ع ۾ طوفاني برسات ۾ حشو گم ٿي ويو. خبر نه آهي ته ڪنهن لاوارث لاش سمجهي ان کي دفنائي ڇڏيو يا مساڻ ۾ هن جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون. جيڪي به ٿيو اهو حشو جي نالي سان نه ٿيو. ائين سنڌ جو هڪ ڏات ڌڻي ۽ جينيئس ماڻهو جلاوطنيءَ ۾ بي موت مري ويو.

مددي ڪتاب:

“حشو ڪيولراماڻي سنڌي سرويچ” (ڊاڪٽر پارس نواز)

“حشو ڪيولراماڻي نه وسرندڙ شخصيت” (مدد علي سنڌي)

“حشو ڪيولراماڻي ۽ جي ايم سيد جا تعلقات” (ڊاڪٽر آزاد قاضي )

“حشو، سنڌ جي ڏاهپ جو مثالي ڪردار” (مرتب: علي نواز آريسر)


(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۱ آڪٽوبر ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)

حشو ڪيولراماڻي جي سار

آزاد گهلو

ھو ڌرتي جو عاشق جنھن سنڌ ۽ ڀٽائي کي پنھنجي روح ۾ رچائي جديد قومپرستي جي باني سائين جي ايم سيد کي اھيا سمجھاڻي ڏني ته سنڌ ھڪ ملڪ آھي سنڌي ھڪ قوم آھي. ھو جيڪو سنڌ جي دادلي روح جو امين جيڪو سنڌ ڇڏڻ کانپو۽ ڪڏھن سک نه ستو ۽ ساھ جي آخري تند تائين رات جي وڳڙي ۾ شمشان گھاٽ جي ڪنھن ڪنڊ ۾ ڪرونڊڙو پيو ھوندو ھيو ۽ اتي پنھنجن جي بي وفائي کي برداشت ڪندو رھيو.

ھو جنھن جي محفل جام ۾ جو آيو سو پرباش ٿي موٽندو ھو پر کيس اتي سندس تاريخ جي اھا ستم ظريفي ٿي جو کيس ڃاتل سڃاتل کيس ايندو ڏسي انگور جي ڌيء کي ستن پردن ۾ لڪائي ڇڏيندا ھيا.

ھو جيڪو لطيف ۽ سندس ديس سنڌ کي ياد ڪندي موٽي اچڻ جي آس ۾ جيون گھاريندو رھيو ۽ پوءِ اوچتو ھڪ طوفاني برساتي رات ۾ ھميشه لا۽ گم ٿي ويو.

سنڌ جو ھي ڏاھو جيڪو جي ايم سيد کان شيخ اياز تائين ڪيترن ئي گھڻگھرن جو اتساهه ھيو جنھن وطن جي سڪ ۾ ماروي جيان لوچيندو رھيو ته ھڪ ڏينھن مان ضرور سنڌ ويندس، پنھنجي ٻولي جي واڌاري لا۽ پڻ ھن ھندوستان ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لا۽ ڪردار ادا ڪيو پر الميو ڏسو ته اھي ماڻھون جيڪي حشو کي ھتي ڏسڻ ۽ ملڻ لا۽ ماندا ھوندا ھيا اھي حشو کي اتي ڏسي رستا مٽائي ويندا ھيا ته متان کين ڪجهھ ڏيڻو پئجي وڃي شايد ان ئي نفسيات جي ڪري حشو چوندو ھيو مونکي واڻيو نه چئو ڇو ته واڻيو معني پئسو ۽ اھي ماڻھو حشو جھڙي عظيم ماڻھو کان پنھنجي کيسي ۾ پيل چند نوٽن کي اھميت ڏيندا ھيا.

ان ڪيفيت جو شڪار حشو ان ڪري ٿيو ته حشو کي زوري سنڌ مان ڀارت لڏڻ تي مجبور ڪيو ويو جتي حشو ان ماحول کي پنھنجي اندر ۾ وسائي ۽ سنڌ کي وساري نه سگھيو. حشو ڀارت ۾ رھندي جيڪي انگريزي اخبار ۾ آرٽيڪل Pakistan x-ray جي عنوان سان پاڪستان جي ماضي حال ۽ مستقبل جو تجزيو ڪندي لکيا اھئي به سنڌ واسين خاص طور نوجوانن ۽ سياسي ڪارڪنن کي پڙھڻ گھرجن جن جو سنڌي ۾ ترجمو ڪتابي صورت ۾ نوجوان سياسي دانشور ڊاڪٽر پارس نواز جيڪي تمام لاڀائتا آھن

سياسي قيادت کي گهرجي ته ان کي سياسي ۽ جمهوري عمل ۽ سياسي نظام جي اندران ڪمزور ۽ ختم ڪرڻ جو رستو ڳولين ڇو ته جبر جي بنياد تي ٿيندڙ سياست خلاف اپوزيشن جون مهمون خود رياست ۽ جمهوري نظام کي ڪمزور ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿيون ان ڪري وقت ۽ حالتن کي مدنظر رکي ملڪي اسٽيڪ ھولڊر کي گھرجي ملڪ مان سڀ کان پھرين مفادن واري ڪرپٽ سياست جو خاتمو آڻين، جنهن سان ملڪ بهتري ڏانهن وڌڻ شروع ڪندو.


(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۰ ڊسمبر ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)


No comments:

راءِ ڏيندا