; سنڌي شخصيتون: جهانگير بدر - حامد علي

18 November, 2016

جهانگير بدر - حامد علي

جهانگير بدر
هڪ ڪميٽيڊ اڳواڻ جو وڇوڙو
حامد علي
پيپلز پارٽيءَ اندر جتي بيشمار ڪُٽي کائو مجنون ملن ٿا، اُتي اهڙا هزارين نه بلڪ لکين ماڻهو به ڏسجن ٿا، جن پنهنجي پوري زندگي انهيءَ پارٽيءَ کي ارپي ڇڏي، جيڪي جيئي ڀُٽو جي نعري کي پنهنجي لاءِ راههِ مشعل سمجهندا رهيا، جن زمانن جون سختيون سٺيون، پر هڪ لمحي لاءِ به پنهنجي ذهن ۾ اِن پارٽيءَ کان پانڌ ڇڏائڻ جو نه سوچيو. اهڙو ئي هڪ سينئر اڳواڻ ڪالهه 72 ورهين جي ڄمار ۾ دل جي عارضي سببان  پيپلز پارٽيءَ کان هميشه لاءِ جُدا ٿي ويو آهي، جنهن کي دُنيا جهانگير بدر جي نالي سان سُڃاڻندي هُئي. سندس گهر ڀاتين جو چوڻ آهي ته هُو ڪيتري ئي وقت کان گُردن جي مرض ۾ به مبتلا هُو، جنهن نهايت جرئت سان مُنهن ڏئي رهيو هو، پر ڪالهه سندس دل دوکو ڪري وئي ۽ هُو وڃي خالقِ حقيقيءَ سان مليو.


25 آڪٽوبر 1944ع تي لاهور ۾ جنم وٺندڙ جهانگير بدر، چئن ڏهاڪن کان وڌيڪ پيپلز پارٽيءَ جو حصو رهيو. هُن پنهنجي سياست جي شروعات باني پيپلز پارٽي ذوالفقار علي ڀُٽو سان گڏ ڪئي هُئي. سندس ڳاڻيٽو بينظير ڀٽو جي ويجهن ساٿين ۾ ٿيندو هو، جڏهن ته هو پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو.
مرحوم 1988ع ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر، جڏهن ته 1994ع ۽ 2009ع ۾ ٻيهر سينيٽر چونڊيو ويو. جهانگير بدر ضياءَ الحق ۽ پرويز مشرف جي دور ۾ ڊگهي عرصي تائين جيل جون صعوبتون سٺيون. هُن شاگرديءَ واري زماني کان ئي سياست ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. هو لاهور ۾يونيورسٽي جي ڏينهن ۾ شاگرد يونين جو صدر به چونڊيو ويو هو. بطور نوجوان پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني ذوالفقار علي ڀُٽو سان مليو ۽ پوءِ پي پي پي ۾ شامل ٿي، سندس حمايت جو فيصلو ڪيو. هو پ پ پ ۾ شامل ٿيندڙ پهرين شاگرد گروپ ۾ شامل هو.
ايوب خان ۽ يحيٰ خان جي آمريت وارن ڏينهن ۾ هُن ڪيترا ڀيرا گرفتاري پيش ڪئي. سياسي مصروفيتن ۽ بدستور قيد بند جي باوجود، هُن ايم اي ۽ ايل ايل بي جون ڊگريون حاصل ڪيون. سخت جيالي هُجڻ واري جهانگير بدر پارٽي جي تنظيمي عهدن تي به مختلف حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. هو مختلف چونڊن ۾ ميمبر قومي اسيمبلي ۽ سينيٽر به چونڊيو ويو، جڏهن ته بينظير ڀٽو جي دور ۾ پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن جي وزير طور ڪابينا جو حصو رهيو. بطور سينيٽر جهانگير بدر ايوان بالا جي مختلف قائمه ڪميٽين جي لاءِ به خدمتون سرانجام ڏنيون.
ماڻهو مٽيءَ جي ڪچي گهڙي مثل آهي، هُو جُڙڻ بعد هڪ نه هڪ ڏينهن ڀُري پنهنجي اصل سان وڃي ملي ٿو. زندگي مسافت آهي، جنم کان موت تائين هر انسان کي اِها مسافت طئي ڪرڻي پوي ٿي. اُهي انسان، جيڪي انهيءَ مسافت دوران ڪميٽيڊ رهن ٿا، جيڪي پنهنجي اصل کي نٿا وسارين، جيڪي وچن واعدن جو ڀرم رکي ڄاڻن ٿا، جيڪي جيون کي ٻين لاءِ وقف ڪري ڇڏين ٿا، اُنهن جي مٽي مُئي پُڄاڻان به مانائتي رهي ٿي. تاريخ ۾ اهڙا ڪيترائي ڪردار اسان کي ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جن پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪٺن دؤر ڏٺا، صعوبتون سٺيون، سختين کي مُنهن ڏنو، پر پنهنجي مقصد تان نه هٽيا، اُنهن تي جڏهن موت آيو ته فقط جسماني طور اُنهن کي وٺي وڃي سگهيو، اُنهن جو ڪردار، عمل ۽ حوصلو ايندڙ نسلن سان سدائين گڏ رهيو. جهانگير بدر به هڪ اهڙو ڪردار هو، جنهن جمهوريت جي بقا خاطر قربانيون ڏنيون، جنهن پنهنجي ڪمزور جسم سان آمريتن جو مقابلو ڪيو، اِهوئي سبب آهي جو سندس وڇوڙي کي جمهوريت لاءِ نقصان قرار ڏنو پيو وڃي. سندس مرتئي تي مُلڪ جي سمورين سياسي شخصيتن ڏُک جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم ميان محمد نواز شريف ۽ صدر مملڪت ممنون حسين هُن جي وفات تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جهانگير بدر جي وڇوڙي کي وڏو نقصان قرار ڏنو آهي. بلاول ڀُٽي سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اها خبر ڪنهن ڌچڪي کان گهٽ ناهي. اڳوڻي صدر آصف زرداريءَ سميت سياسي ۽ سماجي اڳواڻن به جهانگير بدر جي انتقال تي افسوس ڪيو آهي. آصف علي زرداري، جهانگير جي وڇوڙي کي جمهوريت جو نقصان قرار ڏنو آهي. اُن کان علاوه امير جماعت اسلامي سراج الحق ۽ لياقت بلوچ، مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻين اڳواڻن سندس پونئيرن سان تعزيت ڪئي آهي.
هُو شهيدن جي هن قافلي جو اُهو سچو سپاهي هو، جنهن زمانن جي گردشن کي مُڙس ٿي مُنهن ڏنو، هُو مصيبت وقت ڪم اچڻ وارو انسان هو. سندس ئي ڄمار جا ماڻهو، جڏهن مختلف سببن ڪري پارٽيءَ کي ڇڏي الڳ ديڳڙيون چاڙهي وڃي رهيا هُئا ته هُن اهڙو خيال پنهنجي دل ۽ دماغ جي ويجهو اچڻ به نه ڏنو. هُن جو جيئڻ توڙي مرڻ شهيدن جي اِن قافلي سان رهيو. انهيءَ نباهه يقينن شهيدن آڏو هُن کي اڄ سرخرو ڪيو هوندو.
جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي،
وڃي ڀونءِ پيٺي، ساريندي کي سڄڻين.


جهانگير بدر جو وڇوڙو
ڊاڪٽر عبدالقيوم سومرو
پيپلز پارٽيءَ جي ملڪي تاريخ ان وقت تائين مڪمل ناممڪن هوندي جيسيتائين انهيء تاريخ ۾، تاريخ جا اڏيندڙ اهي ڪردارشامل  نه ڪجن جن پنهنجو ساهه ڏيئي ويساهه ڏنو. پيپلز پارٽي تاريخ جا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو اهي ڪرادر هئا جن سوا پيپلز پارٽيءَ جي تاريخ نامڪمل آهي. اهي شخصيتون ملڪ جي تاريخ جا اهي ڪردار رهيا جن پوري دنيا ۾ تاريخ رقم ڪئي. هاڻي جڏهن ملڪ جي تاريخ جو ذڪر ڪبو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو جو ذڪر سڀ کان اول ايندو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو، جڏهن پاڻ تاريخ جو حصو ٿي هتان هليا ويا ته انهن پنهنجي سياسي پرورش جا ڪجهه اهي چهرا ڇڏيا جن جو به پيپلز پارٽيءَ جي تاريخ ۾ نالو چٽن اکرن ۾ لکيو وڃي ٿو.
پيپلز پارٽيءَ جي تاريخ ۾ هڪ نالو جهانگير بدر جو به آهي جنهن جي هڪ خوبي هزار خوبين تي ڀاري آهي ته هو پارٽي ۽ ان جي نظرئي سان ساهه جي آخري گهڙيءَ تائين وفادار رهيو. جهانگير بدر پيپلز پارٽيءَ جو اهو سچو اڳواڻ رهيو جنهن پنهنجي محنت، مسلسل جدوجهد سان هڪ اهم ۽ وڏو مقام ماڻيو. هو اخباري پنن ۾ ته پيپلز پارٽيءَ جو اڳواڻ سڏيو ويندو هو پر هن جو اٿڻ ويهڻ، ملڻ جلڻ هڪ عام ڪارڪن جهڙو هو. پارٽيءَ سان جذباتي لاڳاپو رکندڙ هي شهيدن جو سچو سپاهي هو جنهن محترمه جي ويجهڙائيءَ سان اها سچائي ڪري ڏيکاري جو هو ڪالهه تائين به پيپلز پارٽيءَ سان سچو ٿي ناتو نڀائيندو رهيو.
جهانگير بدر سان منهنجي پهرئين ملاقات اسلام آباد جي هڪ سياسي مذاڪري ۾ ٿي هئي. هو پهرئين ملاقات ۾ ئي ائين لڳو ڄڻ منهنجو ننڍپڻ جو دوست هو.  ان جي ملاقاتن جو اهو ڪمال رهيو جو ٿوري وقت کان پوء هو مونکي پنهنجو دوست نه پر گهر جو ڀاتي سمجهڻ لڳو. هن جي وڇوڙي مان ائين پيو لڳي ڄڻ هو منهنجي گهر جو هڪ اهم فرد مون کان وڇڙي ويو آهي. هن جي وڇوڙي کانپوء اندر ۾ اهو تڏو پيل آهي جنهن مان اهو خوف اچي ٿو ته مون کي هاڻي دنيا جي ڪنڊ ۾ اهڙو دوست ڪٿان ملندو. جيڪو  صرف يارن جو يار نه پر يارن مٿان سر گهوريندڙ ماڻهو هو. هن سان منهنجو رشتو صرف پارٽيءَ جو نه روح جو رشتو هو. جهانگير بدر جي سادگي، ان جي دوستيءَ جا مثال، ان جي پارٽي لاء قربانين جا داستان هميشه اسان کي اها ڪمي محسوس ڪرائيندا ۽ هن جي ڪمي ڪوبه پوري نه ٿو ڪري سگهي.
پيپلز پارٽيءَ سان رت جي رشتيدارن جي موڪلاڻيءَ جو سلسلو تمام پراڻو آهي جڏهن پيپلز پارٽي پنهنجي زندگي ڏيندڙ مخدوم امين فهيم اسان کان وڇڙي ويو هو ته اهو ڏک ئي برداشت ڪرڻ پيپلز پارٽيءَ لاءَ چيلينج هو، اڄ وري جهانگير بدر جي وڇوڙي جي خبر وڄ وانگر ڪري آهي.
جهانگير بدر پيپلز پارٽيءَ جو اهو اڳواڻ هو جنهن پوري زندگي سچائي جوش ۽ جذبي سان پارٽي کي ارپي.  جهانگير بدر پنجويهه آڪٽوبر 1944 تي پيدا ٿيو. هن ميٽرڪ تائين تعليم پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ ورتي. ان کان پوء هن پوليٽيڪل سائنس ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي. هو 1988 ۾ پيپلز پارٽي طرفان ڏنل ٽڪيٽ تي پهريون ڀيرو ايم اين اي چونڊيو ويو. هو شهيد بينظير ڀٽو جي دور ۾ وفاقي وزير رهيو، هو پيپلز پارٽيءَ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري رهيو. هن لاء اها چوڻي عام آهي ته هو تڪ ۾ پنهنجن غريب ووٽرن سان اهڙي طرح ورتاءُ ڪندو هو جيئن ڪو انهن جو دوست ۽ هڏڏوکي هجي. هن جي خوبين مان سڀ کان اول خوبي سنگت ۾ اها ڳائي ويندي آهي ته هو دل جو سچو ۽ صاف هو.
هو شهيد راڻيءَ جو اهو سچو سپاهي هو جنهن کي شهيد راڻي تمام گهڻي عزت ۽ احترام جي نگاه سان ڏسندي هئي. محترمه جي وڃڻ کان پوءِ هو اڳوڻي صدر محترم آسف علي زرداريءَ جو به ايترو ئي ويجهو رهيو. ڪالهه جڏهن جهانگير بدر جي وڇوڙي جي خبر پيپلز پارٽيء مٿان وڄ جيان ڪري ته انهيءَ ئي وقت آصف علي زرداريء فون ڪري مونکي اهو چيو ته جهانگير بدر جي آخري رسمن ۾ اوهان جلد پهچو ڇو جو هو اسان جو اهو سپاهي هو جنهن هميشه پنهنجي  پارٽيءَ کي سھارو ڏنو ھو، سھارو ڏئي جيارڻ وارو ھو، ھو تڪ جو سھارو ھو، ھو پيپلز پارٽي جو سھارو ھو، ھن جي سھاري سوا ھاڻي ڇا ٿيندو.
ھو نه صرف پارٽي جو ذميوار ھو پر تڪ ۾ به پاڻ کي تمام گھڻو ذميوار سمجهندو ھو  پارٽين کي اهڙا اڳواڻ ورلي نصيب ٿيندا آهن. ھن جي وڇوڙي نه صرف ھن جي گھر، ھن جي تڪ، پارٽي کي جھوري وڌو آھي بلڪ ھن جي وڇوڙي پوري ملڪ جو جيءُ جھوري وڌو آھي جيءُ الله سائين اھڙن امر ڪردارن کي جنت ۾ جاءِ ڏئي.
(ليکڪ صوبائي صلاحڪار آهي)


No comments:

راءِ ڏيندا