; سنڌي شخصيتون: غلام مصطفيٰ جتوئي - زاهد قائمخاني

22 November, 2016

غلام مصطفيٰ جتوئي - زاهد قائمخاني

غلام مصطفيٰ جتوئي
سندس ياد ۾..
زاهد قائمخاني
جيڪو هن دنيا ۾ آيو آهي ان کي واپس پنهنجي پروردگار ڏانهن وڃڻو آهي پر ڪنهن شخصيت جو اوچتو وڇوڙو جيءَ جهوري ڇڏي ٿو ۽ وڇوڙي کان پوءِ ٿيل خال ڀرجڻ ۾ وڏو وقت لڳندو آهي. 20 نومبر 2009ع جمعي جي ڏينهن لنڊن جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويل پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ اين پي پي جي سرواڻ رئيس غلام مصطفيٰ خان جتوئي جي وڇوڙي کي اڄ ست سال مڪمل ٿي ويا آهن جيڪو 14 آگسٽ 1931 ۾ پيدا ٿيو ھو  اڄ به مرحوم غلام مصطفي جتوئي جي ياد ماڻهن جي دل ۾ ديرو ڪري ويٺل آهي.


ملڪ ۾ شرافت ۽ جمهوري قدرن جي حوالي سان سڃاڻپ رکندڙ جتوئي خاندان جو اصل تعلق بلوچستان سان آهي. جتوئي خاندان بلوچستان کان ٿيندو ڏکڻ پنجاب جي علائقي ڊيرا غازي خان مظفر ڳڙهه پهتو ۽ ڪجهه عرصو اُتي رهيو، اٽڪل 1740ع ۾ جڏهن سنڌ تي ڪلهوڙن جي حڪمراني هئي ته جتوئي خاندان جا وڏا نيازي خان ۽ راضي خان پنجاب مان ٽالپرن سان گڏجي سنڌ صوبي جي جوهي تعلقي ۾ ڪاڇي واري علائقي ڊرگهه بالا ۾ اچي آباد ٿيا. جتي جتوئي خاندان جي نالي سان نيازي خان جو ”ڪڙيو“ سڏيو ويندو هو. ان دوران ڪلهوڙا حڪمرانن جتوئي خاندان کي 40 هزار ايڪڙ جاگير ڏني. اها جاگير نيازي خان ۽ راضي خان سنڀاليندا هئا. ڪافي عرصي تائين جتوئي خاندان ڪلهوڙا خاندان سان تمام ويجهو رهيو، وقت گذرڻ سان گڏ مختلف معاملن تي ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن ۾ حڪمرانيءَ تي ويڙهه ٿي پئي ۽ ٽالپرن ڪلهوڙن کي شڪست ڏني ۽ ٽالپر حڪمران بڻيا. ائين ڪلهوڙن جو دور پڄاڻيءَ تي پهتو. ان وقت نيازي خان جو اولاد ٽالپرن سان شامل ٿي ويو ۽ راضي خان جي اولاد ڪلهوڙن جو ساٿ ڏنو ۽ راضي خان جو اولاد ڌڱاڻو خان ڪلهوڙن جو سپهه سالار ٿيو. ان ئي دور ۾ لاکاٽ پرڳڻي جي جاگير ڪلهوڙن جتوئين جي حوالي ڪئي ۽ جتوئين اها جاگير ڪافي عرصي تائين سنڀالي، پوءِ ٽالپرن اچي لاکاٽ پرڳڻي ۾ جتوئين کي مليل جاگير ضبط ڪئي.
ٽالپرن جي دور ۾ اٽڪل 1782ع ۾ نيازي خان جو اولاد مورو تعلقي جي ڪچي واري علائقي ۾ اچي آباد ٿيو. جيڪو پراڻو ديرو ڀرسان آهي. ان وقت مير فتح علي خان، مير رستم خان، مير ڪرم علي خان، مير نصير خان جي چئوياري مشهور هئي. مير نصير خان وٽ موري تعلقي ۾ سوا لک ايڪڙ جاگير هُئي هن موري ۾ ان جاگير جو چوٿون حصو جتوئي خاندان جي حوالي ڪيو. ان دور ۾ جتوئي ميرن کي ٽئڪس وصول ڪري ڏيندا هئا ۽ راڄوڻي فيصلا پڻ ڪندا هئا. هلندي هلندي جتوئي خاندان 30 هزار ايڪڙ زمين پڻ خريد ڪئي. آهستي آهستي سنڌو درياءَ جو رُخ مٽجڻ ڪري پراڻو ديرو لڳ جتوئين جو ڳوٺ پائجي ويو ۽ جتوئي خاندان پراڻا جتوئي لڳ نئون ڳوٺ آباد ڪيو. اهو ڳوٺ امام بخش خان وڏي آباد ڪيو ۽ پنهنجي زمينداري سنڀالي، ڪافي عرصي کان پوءِ اهو ڳوٺ پڻ دريا جي وهڪري ۾ پائجي ويو. ان دور ۾ امام بخش خان وڏي جو فرزند غلام رسول خان اول پڻ اُتي ئي پنهنجي والد سان گڏ زمينداري سنڀاليندو هو، جنهن کي خان بهادر جو لقب پڻ مليو ۽ اهو آخري فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ پڻ هيو. جنهن 1905ع ۾ وفات ڪئي. خان بهادر امام بخش خان جيڪو غلام رسول خان اول جو فرزند هو. رئيس غلام مصطفيٰ جتوئيءَ جو ڏاڏو هو.
1931ع ۾ پراڻا جتوئيءَ مان لڏي اچي پڪي واري علائقي ۾ نئون ڳوٺ آباد ڪيو. جيڪو اڄ ”نوان جتوئي“ جي نالي سان سڄي ملڪ ۾ مشهور آهي. خان بهادر امام بخش خان پڻ آنرري فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ هو ۽ 1923ع ۾ ممبئي ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجي ويو ۽ لاڳيتو 3 ڀيرا 1923، 1927 ۽ 1931ع ۾ ميمبر چونڊيو رهيو. هي جتوئي خاندان جو پهريون فرد هو جيڪو اسيمبلي ميمبر ٿيو. ان کان پوءِ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ نوابشاهه جو صدر پڻ ٿيو. 1938ع ۾ وفات ٿيڻ وقت پڻ لوڪل بورڊ جو صدر هو. 1945ع ۾ خان بهادر امام بخش خان جو فرزند خان بهادر غلام رسول خان جتوئي سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. خان بهادر غلام رسول خان کي چار پٽ هئا. جن ۾ سڀ کان وڏو غلام مصطفيٰ خان جتوئي ۽ ٻين ۾ غلام مجتبيٰ خان، ڊاڪٽر عبدالغفار خان ۽ امام بخش خان جتوئي شامل آهن. (غلام مصطفيٰ خان جتوئي ، رئيس غلام مجتبيٰ خان جتوئي  ۽ ڊاڪٽر عبدالغفار جتوئي اڄ اسان وٽ موجود ناهن).
1952ع ۾ جڏهن غلام مصطفيٰ جتوئي جوان ٿيو ته ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ نوابشاهه جو چيئرمين چونڊجي ويو. جيڪو سڀ کان ننڍي عمر جو پهريون چيئرمين هو. غلام مصطفيٰ جتوئي 1960ع ۾ اولهه پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو ۽ 1962ع وارين چونڊن ۾ نوابشاهه واري تڪ تان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ انهيءَ سيٽ تي پاڪستان ۾ گهڻي ۾ گهڻا ووٽ حاصل ڪرڻ جو اعزا حاصل ڪيو. 1966ع ۾ وري قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو ۽ ٽيون ڀيرو 1970ع وارين چونڊن ۾ ڪامياب ٿي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. 1971ع ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جي دور حڪومت ۾ مواصلات قدرتي وسيلن، ريلوي ۽ سياسي معاملن جو وفاقي وزير بڻيو ۽ 1973ع تائين انهن عهدن تي رهيو. ان کان پوءِ کيس سنڌ جو وڏو وزير بڻايو ويو. پاڻ 1977ع تائين سنڌ جي وڏي وزير طور سنڌ جي ماڻهن جي خدمت ڪندو رهيو. کيس پاڪستان جي تاريخ ۾ وڏي ۾ وڏو عرصو وزير رهڻ جو اعزاز پڻ حاصل ٿيو. 1977ع ۾ ٿيل چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو ۽ صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽ تي بنا مقابلي ايم پي اي بڻجي ويو. ضياءَ آمريت جي مارشلائي دور ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي آزاديءَ لاءِ تمام وڏي جدوجهد ڪيائين. هن ڀٽي صاحب جي حياتي بچائڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جا زور لڳايا. 1983ع ۾ مارشلا جي خلاف جمهوري تحريڪ جي سرواڻي ڪئي ۽ ايم آر ڊي تحريڪ دوران 14 آگسٽ 1983ع تي ڪراچيءَ ۾ مزار قائد آڏو هڪ وڏي جلسي کي خطاب بعد پنهنجي گرفتاري پيش ڪئي.
غلام مصطفيٰ جتوئي ايم آر ڊي تحريڪ ۾ وڏو تاريخي ڪردار ادا ڪيو ۽ سندس وڏي فرزند غلام مرتضيٰ جتوئي جي گرفتاري ۽ مٿس گولي جا آرڊر جاري ٿيا. جنهن دوران هو روپوش رهي جمهوري جدوجهد کي فعال ڪندو رهيو ۽ غلام مصطفيٰ خان جتوئي جي ننڍي ڀاءَ غلام مجتبيٰ خان جتوئي کي گرفتار ڪري بلوچستان جي ”مچ“ جيل موڪليو ويو. جتوئي مرحُوم جي جدوجهد جي نتيجي ۾ اڳتي هلي ملڪ ۾ جمهوريت بحال ٿي ۽ اها برصغير جي وڏي ۾ وڏي جمهوري تحريڪ هُئي. هن 1986ع ۾ پ پ سان اختلاف ٿيڻ بعد نيشنل پيپلزپارٽيءَ جي نالي سان نئين پارٽيءَ جو بنياد وڌو. ان وقت پاڻ اين پي پي جو باني چيئرمين ٿيو. پ پ سان اختلافن بعد غلام مصطفيٰ کر، حنيف رامي، حامد رضا گيلاني، ڪمال اظفر، ملڪ حامد سرفراز، نواب غوث بخش رئيساڻي، ميان سجاد پرويز، نفيس صديقي، رباني کر، آفتاب شاهه جيلاني جهڙا ناميارا سياستدان پڻ جتوئي صاحب سان گڏجي ويا. ڪجهه عرصي بعد ستن سياسي پارٽين جي اتحاد اسلامي جمهوري اتحاد ”آءِ جي آءِ“ جو سربراهه ٿيو ۽ ان جو باني صدر ٿيو. 1988ع ۾ نوشهروفيروز۾ حاجي رحمت الله بھڻ کان  هارائڻ بعد 1989ع ۾ غلام مصطفيٰ کر جي خالي ڪيل سيٽ تي ڪوٽ ادو مان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيڻ بعد قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ چونڊجي ويو. آگسٽ 1990ع ۾ بينظير ڀٽو جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ غلام مصطفيٰ جتوئي کي نگران وزيراعظم بڻايو ويو. جنهن کان پوءِ نومبر 1990ع ۾ عام چونڊون ٿيون ۽ نوازشريف وزيراعظم بڻيو. اڳتي هلي محترمه بينظير ڀٽو سان گڏجي نوازشريف جي حڪومت خلاف تحريڪ هلائي جنهن جي نتيجي ۾ نوازشريف جي حڪومت ختم ٿي وئي.
اين پي پي 1993ع جي چونڊن ۾ حصو ورتو ۽ 1996ع تائين پ پ حڪومت سان اتحادي رهي. 1996ع بعد هن عملي سياست جون واڳون پنهنجي پڳدار پٽ غلام مرتضيٰ خان جتوئي حوالي ڪيون. غلام مصطفيٰ جتوئي کي پنج پٽ ۽ 3 نياڻين جو اولاد آهي جن ۾ غلام مرتضيٰ خان جيڪو هن وقت اين پي پي جو چيئرمين ۽ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ وفاقي وزير آهي، مسرور احمد خان، عارف مصطفيٰ خان، آصف مصطفيٰ جتوئي جڏهن ته چوٿون پٽ طارق مصطفيٰ جتوئي جيڪو فوت ٿي چڪو آهي.
غلام مصطفيٰ جتوئي پرائمري تعليم نوان جتوئي ۽ بعد ۾ مئٽرڪ گورنمينٽ مدرسه هاءِ اسڪول نوشهروفيروز مان ڪئي ۽ اسڪول اچڻ لاءِ هو روزانو سائيڪل تي 25 ڪلوميٽر سفر طئه ڪندو هو. جتوئي صاحب بعد ۾ ڪراچي جي گرامر اسڪول ۾ داخلا ورتي جتي هن سينئر ڪيمبرج پاس ڪئي. 1952ع ۾ هو انگلينڊ بار ايٽ لا لاءِ پڙهڻ ويو پر پنهنجي والد جي وفات کانپوءِ هڪ سال بعد واپس موٽي آيو. غلام مصطفيٰ جتوئي 20 نومبر 2009ع جمعي ڏينهن لنڊن ۾ وفات ڪئي. جتان سندس مڙهه کي ملڪ آندو ويو. 23 نومبر سومر ڏينهن اباڻي قبرستان سائين صابر شاهه ۾ وصيعت موجب ڪرڙ فقير ڀرسان دفنايو ويو. غلام مصطفيٰ جتوئي سياست ۾ تدبر، شرافت، انصاف ۽ جمهوريت جي پاسداري ڪئي. زندگيءَ جي آخري گهڙي تائين هڪ لبرل، روشن خيال سياستدان جي حيثيت سان عوام جي ڀلائي لاءِ پاڻ پتوڙيو. هن اڳوڻي ضلع نوابشاهه ۽ هاڻوڪي ساهتي پرڳڻي نوشهروفيروز جي علائقن ۾ تعليم، صحت ۽ سماجي ڀلائين جا ڪم ڪيا. جنهن جو مثال نوابشاهه جو ميڊيڪل ڪاليج، ضلعي اندر ڪيترا ئي هاءِ اسڪول، ڊگري ڪاليج، اسپتالون، روڊ، رستا، سوئي گئس، ٽيليفون، انجنيئرنگ ڪاليج، دادو،مورو پل ۽ ٻيا اهم پراجيڪٽ شامل آهن.

غلام مصطفيٰ جتوئي جهڙيون مضبوط ارادي، ڏاهپ ۽ ملڪ سان وفادار رهندڙ شخصيتون صدين کان پوءِ ڪنهن ڪنهن قوم ۾ پيدا ٿينديون آهن. جيڪي پنهنجي ذات ۾ ادارن جي حيثيت رکنديون آهن. هو هڪ ادارو ۽ تحريڪ هو. جتوئي صاحب جي وڇوڙي سان پاڪستان خاص طور سنڌ ۾ وڏي عرصي تائين خال محسوس ڪيو ويو. سندس وفات سان تاريخ جو هڪ عظيم باب پڄاڻي تي پهتو آهي. اڄ سندس ستين ورسيءَ جي موقعي تي اميد ڪجي ٿي ته سندس ڇڏيل جمهوري، سماجي، انصاف ۽ روشن خيالي وارن قدرن کي سندس اولاد ضرور اڳتي وڌائيندو ۽ ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪندو.

No comments:

راءِ ڏيندا