; سنڌي شخصيتون: محبتي ملاح - علي محمد درد سولنگي

12 November, 2016

محبتي ملاح - علي محمد درد سولنگي

محبتي ملاح
محبتون ورهائيندڙ شاعر
علي محمد درد سولنگي
هي دور دجالي دور آهي. هن دور ۾ محبتون مرنديون ۽ نفرتون نپجنديون، وڌنديون ويجھنديون وڃن، هي دور جنهن ۾ محبتي هجڻ جي دعويٰ ته هر ڪوئي ڪري ٿو پر،
”يار سڏائي سڀ ڪو، جاني زباني،
آهي آساني، ڪم پوي ٿي ڪل پوي.“
وقت اچڻ تي اهي محبتون، واريءَ جي محلن جيان ڌڙام سان ڪريو پون ۽ پوءِ ماڻهوءَ جو محبتن تان ويساھ ئي  کڄيو وڃي، پر صفا سڃ به نه ٿي آهي، محبتون اڄ به موجود آهن، ڪي آهن جيڪي اڄ به محبتن کي مان ڏين ٿا، محبتون ونڊين ۽ ورهائن ٿا ۽ پاڻ کي محبتي سڏائن ٿا، اهڙن محبتي ماڻهن مان اسان جو شاعر دوست ”محبتي ملاح“ به هڪ آهي.


محبتي ملاح جو اصل نالو الهڏنو ولد بخشل ملاح آهي. پاڻ پهرين اپريل 1962ع تي ڳوٺ صالح پور لڳ ڏيپارجا تعلقي موري ضلعي نوشهري فيروز ۾ جنم ورتائين. تعليم بي اي اٿس ۽ پاڻ ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ۾ ملازم آهي.
محبتي ملاح ڊيل ڊول، هڏ ڪاٺ، بت باڊيءَ جي لحاظ کان صوبيدار لڳندو آهي.، همراھ سدائين اسڪوٽر تي، ڪو نه ڪو شاعر/اديب سدائين گڏ هوندس، ائين لڳندو صاحب سان باڊي گارڊ گڏ آهي.
هڪ ڀيري هڪ فنڪشن تان موٽندي همراھ کي خيال آيو ته ڪا چانھن جي چڪي چکجي. سو موٽر سائيڪل موڙي روڊ جي ڪناري تي ٺھيل هوٽل ۾ هليو ويو. جيئن ئي هوٽل ۾ پير پاتائين. اتي ويٺلن جا چھرا لھي ويا ۽ آهستي آهستي کسڪڻ لڳا. محبتي چانھن جو آرڊر ڪيو، بيرو چانھن سان گڏ بسڪوٽ به کڻي آيو ۽ محبتيءَ کان پڇيائين ته؛ ”سائين نوان آهيو؟“
بيري هٻڪندي پڇيس؛ ”سائين ڪهڙي ٿاڻي تي آهيو؟“
محبتي سمجھي ويو ته همراھ صوبيدار پيو سمجهي، سو کلندي چيائينس؛ ”ادا آئون پوليس وارو/ صوبيدار نه آهيان، شاعر آهيان ادبي پروگرام ۾ آيا هياسين، هاڻي واپس ڳوٺ پيا وڃون.“
بيري ۾ به ڪجهه ساھ پيو سو مرڪندي چيائين؛ ”سائين توهان کي صوبيدار سمجھي، اسان جو ته ساھ ئي سڪي ويو هيو ۽ هي هتي ويٺل شڪاري ۽ ڪاٽڪو به اوهان کي صوبيدار سمجھي هتان کسڪي ويا، ڏسو سڄو هوٽل خالي ٿي ويو آهي.“
ڪير کلي ..
محبتي مرڪندي ٻڌائيندو آهي ته صوبيدار سمجھي ڪڏهن هوٽل وارا چانھن جا پيسا نه وٺندا آهن ته وري ڪڏهن ڪو ڪنڊيڪٽر ڪرايو نه گھرندو/وٺندو آهي پر آئون زوري ڏيندو آهيانِ.
محبتي ملاح سائين راشد مورائيءَ جي شفقت ۽ سايي هيٺ 1985ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي، سندس پھريون غزل
”هٽيو پردو ملي پنهنجي نظر اهڙي جو ڇا چئجي؟
ملي ويئي اشارن ۾ ڪثر اهڙي جو ڇا چئجي؟
جيڪو 1990ع ۾ آفتاب اخبار جي ادبي صفحي ۾ ڇپيو
جڏهن ته سندس غزل
”پل گھڙيءَ جو کيل آهي زندگي.
عمر ڀر جو جيل آهي زندگي.
ويا لڳي تالا زبان تي دوستو!
ڄڻ سڙيل ڪو سيل آهي زندگي.“
جيڪو پهريون ڀيرو سنڌ جي مقبول رسالي ”ساڃاھ“ ۾ 1991ع ۾ ڇپيو، ڪنهن به رسالي ۾ ڇپيل سندس اهو پهريون غزل هيو،  ان کان پوءِ سندس شاعري مهراڻ، برسات، عوامي آواز، سوڀ، جيجل، عبرت، ڪاوش، سنڌ ايڪسپريس ۽ ٻين اخبارن ۾ وقت بوقت ڇپجندي رهي، ان کان علاوه ساڃاھ، پروڙ، نئين زندگي، ڪاوش مڊويڪ مئگزين، پيغام، پوپٽ، جياپو ۽ ٻين سنڌي رسالن ۾ سندس شاعري ڇپي آهي ۽ ڇپجندي رهي ٿي.
جڏهن ته منظور سخيراڻي، جلال چانڊيو، نجب علي وسطڙو، غلام شبير شاهاڻي، پٺاڻ ملاح، قربان چانڊيو، شريف زرداري، ڌڻي بخش لنڊ، سوز علي چانڊيو، سوڍل فقير، عثمان فقير، قلندر بخش خاصخيلي، خادم حسين سمون، راهب سولنگي، جبار مري، گلشير ڏهر، لطيف چانڊيو، غلام حسين زرداري، ۽ ٻين ڪيترن ئي فنڪارن ڪئسٽن، ادبي پروگرامن ۽ محفلن ۾ محبتي ملاح جي شاعري ڳائي آهي. محبتي ملاح سنڌي ادبي سنگت مورو جو 1988ع ۾ ميمبر ٿيو، 1989ع ۾ ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر ۽ 1991ع ۾ جوائنٽ سيڪريٽري، 1992ع ۽ 1994ع ۾ سيڪريٽري ۽ 1993ع ۾ ڪائونسلر رهيو، هن وقت 2016ع ۾ به ڪاروباري ڪاميٽيءَ جو ميمبر آهي.
1989ع ۾ مورو مان نڪرندڙماهوار ”جاکوڙ“ 1992ع ۾ سنڌي ادبي سنگت نوشهروفيروز طرفان شايع ٿيندڙ ادبي پرچي ”سونهن“ جو ٻانهن ٻيلي رهيو، ان کان علاوه 1995ع ۾ مهراڻ سوشل ويلفيئر ڏيپارجا جو جنرل سيڪريٽري، 1998ع ۾ وليج ڊولپمينٽ ڏيپارجا جو جنرل سيڪريٽري، 1995ع کان سگا شاخ مورو ۽ راشد مورائي يادگار ڪاميٽيءَ جو ميمبر پڻ آهي. ان کان علاوه محبتي ملاح 2013ع کان ايريگيشن امپلائيز يونين روهڙي ڊويزن ڪنڊياري جو چيئرمين پڻ آهي.
محبتي ملاح کي مڃتا طور ڪافي سارا ايواڊ، سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊون مليل آهن جن ۾
* سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري شپ دوران سکر ڊويزن مان بهترين/ڪارڪردگي جو ايوارڊ 1992ع،
* شهيد فاروق عباسي شيلڊ 1992ع ۾،* شاھ لطيف آرٽ سرڪل مورو پاران ايوارڊ 1993ع ۽ شيلڊ 1994ع ۾
* لال شهبازقلندر اسڪائوٽ اوپن گروپ پاران ايوارڊ شيلڊ 1994ع ۾
* مڃتا سرٽيفڪيٽ ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي صحيح سان 2013ع
* ماهوار ”ريکائون“ ڪراچيءَ پاران مڃتا ايوارڊ شيلڊ.
2016ع ۾ محبتي ملاح جي شاعريءَ جو پهريون مجموعو ”تنهنجي خوشبوءِ آئي هوا مان“ 2012ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، جڏهن ته سندس سهيڙيل/ مرتب ڪيل گڏيل شاعريءَ جو مجموعو ”لفظن جا سڏڪا“ 2015ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. سندس شاعريءَ جو مجموعو ”اڏاڻا خيال جا پوپٽ“ ڇپائيءَ هيٺ آهي.
محبتي ملاح مسلسل ۽ سٺو لکندڙ شاعر آهي، ڪافي سارا ڪتاب/ مجموعا سهيڙي رکيا اٿس، جيڪي ايندڙ وقت ۾ ڇپرائڻ جو ارادو رکي ٿو. انهن ڪتابن ۾ شامل آهن:
* خواب سمورا سڏڪا ٿيا (شاعري)
* ڏيپارجا تاريخ جي آئيني ۾ (تاريخ ۽ تحقيق)
* سارون سرهن کيتن ۾ (مقالا ۽ مضمون)
* يادگيريون (خط، نثري نظم ۽ خاڪا)
* گھڙي گھڙي گھاءُ (شاعري/ ڪافيون)
* دل جون ڳالھيون (انٽرويو، خاڪا ۽ مضمون).
محبتي ملاح سٺي شاعر سان گڏ سٺو اداڪار پڻ آهي، هن اسٽيج جي شروعات 1992ع کان اڄ تائين الاهي سارا اسٽيج ڊراما ڪري چڪو آهي.

محبتي ملاح جي شاعريءَ ۾ دورنگي دنيا جا رنگ ڍنگ نظر اچن ٿا، محبتي ملاح، نفرتن جي دور ۾ محبتون ورهائيندڙ شاعر ۽ اديب آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا