عرفان مهدي
پنجويهين ورسيءَ جي حوالي سان
سٻاجهڙي جي ياد ۾!!
رضا محمد ميمڻ
توڙي جو هڪ صديءَ جو چوٿون حصو پورو ٿي ويو آهي، پر پوءِ به نه دل ۽ نه وري
دماغ قبول ٿو ڪري ته عرفان مهدي اسان جي وچ ۾ نه آهي... ها... پر ان جي کوٽ شدت
سان محسوس ٿيندي آهي. جڏهن سنڌ ۾ ظلم بربريت، سماجي برائين ۽ ناانصافين جا مثال ۽
واقعا بار بار رونما ٿين ٿا ته دل ۾ آواز ڀڙڪا ڏيئي نڪرندو آهي ته ”يار ڪاش عرفان
هجي ها ته هيئن هيئن ڪري ها...” جڏهن عرفان ۽ منهنجي ڳوٺ هالا پراڻا کي علمي ادبي
سماجي تفريحي ۽ تعليمي سرگرمين جي حوالي سان ”مئل“ محسوس ڪندو آهيان ته قسم سان
”هر وقت وات ۾ هڪ ئي وائي هوندي آهي ته ڪاش عرفان هجي ها ته اسان جي ڳوٺ جا ههڙا
حال نه هجن ها... عرفان هجي ها ته سڄو ڳوٺ هر چؤڪ تي ”پنهنجو هالا پراڻا“ لڳي
ها.... هاڻ ته هڪ هالا پراڻا ۾ سئو کن هالا پراڻا آهن... هر برادريءَ جو پنهنجو
”هالا پراڻا“ مون کي ته عرفان وارو هالا پراڻو ڏسڻ ۾ ئي ڪو نه ٿو اچي.... خبر نه
آهي ڪڏهن ميلو مچندو ۽ عرفان جي ”وک وڌايو پبليڪيشن“ جون وکون ڪير وڌائيندو ۽ وري
عرفان جو ڳوٺ علمي ادبي سماجي پروگرامن جي حوالي سان سنڌ جو ”مرڪز“ ٿيندو.
عرفان مهدي هڪ خوبيءَ واري شخصيت نه هو پر هو گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو.
پيار مان ”عرفي“ سڏجندڙ 31 جولاءِ 1966ع ۾ رئيس غلام مهديءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.
عرفان شروعاتي تعليم هالا پراڻا ۽ ڪاليجي تعليم هالا مان ۽ ان کان پوءِ وڌيڪ تعليم
سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيائين.
عرفان جي ٻالڪپڻ تي هڪ نظر وجهبي ته عرفان زندگي جي شروعات ”ٻالڪ ادب“ سان
ڪئي، اسڪول ۽ ڪاليج ۾ تقريري مقابلن ۾ حصو وٺڻ ۽ انعام و اڪرامن سان”کٽي“ اچڻ
عرفان جي شخصيت جو هڪ حصو هو. ادبي سفر ۾ هن ”وک وڌايو پبليڪيشن“ جو بنياد رکيو ۽
لڳاتار ڇهه ڪتاب شايع ڪيائين.
(1) چورن مٿان مور
(2) ميلاپ
(3) بوندون بس نه ڪن
(4) اهڙو قهر ڪٿي؟
(5) ورهين جا وڇوڙا
(6) پرچن شال پنهوار
جيڪڏهن ڪتابن جي نالن کي ذهن جي احساسات واري خاني ۾ ٿوري جاءِ ڏجي ته
محسوس ٿيندو ته ڇا ته عرفان جي سوچ هئي ڇا ته هن جي دل ۾ درد هو. سماجي ظلم ۽ اڻ
برابري خلاف عرفان جڏهن ٻاراڻي ادب مان اڳتي نڪتو ته هن ’ڪلا‘ ڪتابي سلسلو شروع
ڪيو ۽ ’امرتا پريتم‘ جي ناول جو ترجمو ڪيو. سندس ايم اي ’اردو‘ ۾ ٿيل هئي.
عرفان بابت دنيا ڄاڻي ٿي ته هو هڪ عظيم قومپرست اڳواڻ هو ۽ سندس مرتئي تي
جڏهن سائين جي ايم سيد سندس پونئيرن سان تعزيت ڪري رهيو هو ته پاڻ روئندي چيائون
ته ”فاتحه مون سان ڪئي وڃي ڇو ته عرفان منهنجو فڪري اولاد هو.“ سائين جي ايم سيد ۽
شهيد بشير خان قريشي عرفان سان بيحد پيار ۽ ان تي ويساهه ڪندا هئا ۽ عرفان به آخري
پساهن تائين ”سنڌ ۽ سيد“ سان ثابت قدم رهيو.
عرفان تمام گهڻو ”حسين و جميل“ هو. حسن جي ديوي عرفان تي ”مهربان“ هئي. هو
هر ”روپ“ ۾ ”سهڻو عرفي“ لڳندو هو. عرفان قومپرست سياست لطيف ۽ سائين جي ايم سيد
کان متاثر ٿي ڪئي. عرفان کي بک ۽ ڳڻتي هئي ته صرف هڪ هئي ته ”سنڌ ۽ سنڌي ڪڏهن
تعليم يافته ٿيندا؟“ ڪڏهن سنڌ واسي خوشحال ٿيندا؟
عرفان ’صوفي ازم‘ جو ماڻهو اسٽيج جو بادشاهه هو، جڏهن به اسٽيج تي آيو ته
’سنڌ جو ڪيس‘ ماڻهن تائين ائين پهچايائين جو ان جو ڪو مثال ئي نه آهي. عرفان سان
به سنڌ واسي پيار ڪندا هئا ڇو ته عرفان هڪ ”سچو ماڻهو“ هو. غريب عوام جو ’هڏ ڏوکي‘
هو. لطيف سائين جو ”پارکو“ هو. ماڻهن سان ان لهجي ۽ ٻولي ۾ ڳالهائيندو هو، جيڪو
ماڻهن کي ”پنهنجو“ لڳندو هو. حياتيءَ
عرفان کي جيترو به ساٿ ڏنو هو اُهو سڄو وقت ماڻهن منجهه رهيو ”پيار ڏيندو رهيو ۽
پيار وٺندو رهيو“.
عرفان بابت جيڪڏهن چيو وڃي ته هو شاعر ۽ اديب آهي ته پوءِ بهترين شاعر ۽
اديب به هو. تقرير ۾ ته عرفان جو ڪو ”مٽ“ نه هو. قومپرست سياست سندس هر نس ۾ سمايل
هئي... پر عرفان جي شخصيت جا ڪجهه پاسا اڃا به رهيل آهن، جن جي تمام گهٽ ماڻهن کي
خبر آهي سواءِ انهن جي جيڪي عرفان کي ويجها رهيا ۽ آئون انهن خوش نصيبن مان هڪ
آهيان جو عرفان کي ٿورو گهڻُ ويجهو هئس ۽ ان جو ڳوٺائي به هئس. عرفان هڪ بهترين ۽
يار ويس انسان هو. هن وٽ اميري ۽ غريبن جو ڪو به چڪر نه هو ۽ هو طبقاتي جنگ جي
خلاف هو. عرفان جي سنگت ۾ اڪثر وچولا ۽ غريب ماڻهو هوندا هئا. عرفان اڪثر شاهه ۽
اياز کي بهترين ۽ سريلي آواز سان ڳائيندو به هو. ماڻهن جي غم و خوشيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ
۽ انهن جو ٻانهن ٻيلي ٿيڻ به عرفان جي هڪ بهترين خوبي هئي. عرفان هڪ تبديلي پسند
ماڻهو هو ۽ هن جي شخصيت ۾ جيڪا ”پنهنجائپ“ هئي سا ”ڏات“ خدا پنهنجن ”پيارن“ کي
ڏيندو آهي.
سٻاجهڙي شخصيت وارو عرفان وسرڻ جهڙو نه آهي. مون کي اڄ به عرفان جي سماجي
بيداريءَ جا ڪجهه قصا ياد آهن. عرفان تعليم جي حوالي سان ڳوٺ واسين کي هڪ سٺو شعور
ڏنو. هر نئين ڏينهن تي شاگردن جي وچ ۾ تقريري مقابلا ڪرائڻ مختلف موضوعن تي
”ڪامياب“ شاگردن کي انعام و اڪرام ڏيڻ سو به باقاعده هڪ سٺو ۽ منظم پروگرام ڪرائڻ
۽ ٻاهريان مهمان گهرائي انهن کي شريڪ ڪرائڻ، وک وڌايو پبليڪيشن جي آفيس ۾ ادبي
پروگرام ڪرائڻ ان کان علاوه راندين جي حوالي سان ”شهباز اسپورٽس ڪلب“ جو بنياد رکڻ
۽ مختلف رانديون ڪرائڻ سندس مشغلن ۾ شامل هو، عرفان پاڻ به بيڊ منٽن ۽ ڪرڪيٽ جو
سٺو رانديگر هو. عرفان جي دل ۾ هڪ درد هو ته ڳوٺ جو ماحول سٺو هجي تعليم به هجي ته
رانديون به هجن ساڃاهه به هجي ته علم و
ادب به هجي.
ٽوڙهي ڦاٽڪ جي واقعي کانپوءِ عرفان جوان مرادي ۽ ثابت قدميءَ جو مظاهرو
ڪندي جيڪو هڪ پنهنجو اعليٰ مقام ٺاهيو سو سڄي سنڌ واسين ۽ قومپرست لڏي کي اڄ به
ياد آهي. عرفان جا پارٽيءَ جون حوالي سان ٺاهيل پريس رليز به هڪ نمايان حيثيت
رکنديون هيون. عرفان ’چٽو موقف‘ رکڻ وارن مان هو، اگر مگر جا لفظ هن جي ڊڪشنري ۾
نه هئا.
فقيراڻي طبيعت جو مالڪ عرفان مهدي هر حال ۾ خوش هو. هن جو جنم ۽ وڇوڙو
سانوڻ جي رُت ۾ ٿيو. سنڌو درياهه جي ڪپ تي واقع ’کڏي کٿوري‘ قبرستان ۾ سندس آخري
آرام گاهه آهي. 4 آگسٽ 1991ع ۾ عرفان هميشه لاءِ ننڍي عمر ۾ اسان کان وڇڙي ويو.
عرفان جو وڇوڙو هڪ وڏو قومي نقصان آهي. ايتري وقت گذرڻ باوجود به اهڙو ’عرفان‘
پيدا نه ٿيو آهي. عرفان جي يارن دوستن مائٽن ۽ مداحن کي عرفان جي پيار سچائي وفا
جا قصا اڄ به ذهنن ۾ چٽا آهن ۽ هو عرفان جي ڳالهين کي ياد ڪريو ٿڌا ساهه ضرور
ڀريندا آهن، اڪثريت جي اکين ۾ عرفان جي وڇوڙي جو آب اڃان به تازو آهي. وقت گذري
ويندو آهي پر ”ڪردار“ نه وسرندو آهي، هو
دوستن جو حوصلو هيو ۽ عرفان هميشه پراُميد رهڻ وارو ”ڪردار“ هو، تڏهن ته عرفان چيو
هو ته:
نراسائي چڱي ڳالهه نه آهي او لوڪو،
اجهو صبح ٿيو، اجها باک ڦٽي.
عرفان مهدي
اکيون اوهان جي آسري
رضا محمد ميمڻ
جيتوڻيڪ
عرفان مهديءَ جي وڇوڙي کي اڄ 26 سال مڪمل ٿي ويا آهن ۽ هُن حياتي به تقريبن اوتري
ئي ماڻي هئي، پر عجب جهڙي ڳالهه آهي ته هُن ٿوري عرصي ۾ ايترو ڪجهه ڪيو جو اڄ
تائين به عرفان جي وفا، محبت ۽ سچائيءَ جا الڳ الڳ قصا سندس چاهيندڙن کي ائين ياد
آهن، ڄڻ ته ڪا پل کن جي ڳالهه هجي ۽ انهن جي اکين ۾ تري ايندڙ لڙڪ وڇوڙي کي ويتر
تازو ڪندا آهن.
ها،
مان ته هُن جو ڳوٺ واسي به آهيان ۽ هُن جو شاگرد. هو منهنجو استاد هو، هُن مون کي
لکڻ ۽ ڳالهائڻ سيکاريو، هن جي ڳالهين ۽ شخصيت مان هميشه حوصلو مليو ۽ سندس چواڻي
ته:
نراسائي
چڱي ڳالهه نه آهي... اي لوڪو!!
اِجهو
سج اُڀريو اجها باک ڦٽي.
عرفان
ننڍپڻ ادب ۾ گذاريو ۽ پوءِ هن ”وک وڌايو پبلڪيشن“ جو بنياد رکيو ۽ پوءِ لڳاتار ڇهه
ڪتاب شايع ڪيائين، جن جو وچور هن ريت آهي:
1- چورن مٿان
مور
2- ميلاپ
3- بوندون بس
نه ڪن
4- اهڙو قهر ڪٿي؟
5- ورهين جا
وڇوڙا
6- پرچن شال
پنهوار
عرفان
گهڻ رخي شخصيت هو، هڪ بهترين شاعر، اديب ته وري اسٽيج جو به بادشاهه ۽ ڪمپيئر، هڪ
خوبصورت ۽ پرڪشش شخصيت جو مالڪ هو، سائين جي ايم سيد جو دادلو ۽ اعتبار وارو اڳواڻ،
اردو ۾ ايم اي ڪيائين ۽ امرتا پريتم جي ناول جو ترجمو ڪيائين. جي چئجي ته عرفان
علمي ۽ ادبي شخصيت هو ته وڌاءُ نه ٿيندو ۽ جي هُن کي قومپرست اڳواڻ چئجي ته به ڳالهه
صحيح آهي، جي چئجي ته ملنسار ۽ سماجي اڳواڻ هو ته اها پڻ حقيقت هئي ۽ جي ائين چئجي
ته عرفان هو ئي عرفان ۽ اُهو عرفان رئيس غلام مهديءَ جو ٻچڙو جيڪو هالا پراڻا ۾ سنڌو
درياهه ڀرسان ”کُڏي کٿوڙي قبرستان“ ۾ مدفون ٿيل آهي. عرفان غريب پرور هو ۽ هو عظيم
آدرشن جو پوئلڳ هو. عرفان جون ڳالهيون عجيب هيون، هو يارن جو يار هو. هن جا ڪتاب
سندس شخصيت جا ضامن آهن، آئون جڏهن ننڍو هئس ته عرفان کي مختلف سماجي سرگرمين ۾ ڏسندو
هوس. هن شاگردن جي صحتمند سرگرمين لاءِ ”شهباز اسپورٽس ڪلب“ جو بنياد رکيو ۽ پاڻ
به بيڊمنٽن، ٽيبل ٽينس ۽ ڪرڪيٽ جو بهترين رانديگر هو. ڳوٺ ۾ مختلف موضوعن تي
تقريري مقابلا ڪرائڻ، علمي ادبي محفلون ڪرائڻ، سياسي جلسا جلوس ڪرائڻ، مطلب ته
عرفان جي وڇوڙي کان اڄ تائين سندس جاءِ ڪير به ڀري نه سگهيو ۽ خاص ڪري هالا پراڻا
۾ هڪ وڏي کوٽ محسوس ڪئي وڃي ٿي. عرفان کي ٻه پٽ غلام مرتضيٰ مهدي، شهباز مهدي ۽ هڪ
نياڻي جو اولاد آهي. هُن سائين جي ايم سيد کان متاثر ٿي پنهنجي پُٽ جو نالو غلام
مرتضيٰ رکيو. عرفان اڪثر ڪتابن جو مطالعو ڪندو رهندو هو، هن جي لائبريري ۾ ڪيترائي
ڪتاب هئا، تڏهن ته هو هڪ مدلل ۽ چٽو مؤقف رکڻ وارو هو. عرفان جو تحرير ڪيل نعت ”اي
محمد مصطفيٰ توتي پڙهان لک لک درود“ اڪثر پڙهيو ويندو آهي. سندس آواز به سريلو ۽ مٺڙو
هوندو هو ۽ اڪثر يارن دوستن جي نجي محفلن ۾ گنگنائيندو پڻ هو.
ماڻهو
روز ڄمن پيا، روز مرن پيا، پر ڪي ٿورا ئي ماڻهو پوئتي رهجي ويل خلق جي دلين تي
پنهنجا نقش چٽي ويندا آهن، نه ته اڪثر ماڻهو ته پنهنجي گهر ڀاتين کان به وسري
ويندا آهن. عرفان ننڍڙي ڄمار ۾ جيتري عزت ماڻي، جيترو کيس مانُ مليو، شايد ئي
ايترو مانُ ڪنهن ٻئي جي نصيب ۾آيو هُجي. هُو پنهنجي وقت جي نوجوانن لاءِ هڪ مثال
هوندو هو، قومپرستن جو ڪو به جلسو هُن جي موجودگيءَ کان سواءِ ٻُسو ٻُسو لڳندو هو.
اِهو هُن جي شخصيت جو ڪمال چئجي يا سندس ادائگيءَ جو جادو، جيئن ئي اسٽيج تي نروار
ٿيندو هو ته هُجوم ماڻهو جو هُن ڏانهن متوجه ٿي ويندو هو ۽ سحر انگيز گفتگو ۽ ڀٽائيءَ
جي بيتن جي ادائگيءَ ۾ به ڪمال مهارت رکندو هو.
ائين کڻي
چئجي ته عرفان سنڌ جو سچو عاشق هو، انسان دوست هئڻ سان گڏ سماج سڌارڪ هو ۽ هڪ دفعو
ملڻ کانپوءِ عرفان سان وري وري ملڻ ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي آس رهندي هئي.
ساجن سڀ
ڄمار،
اکيون
اوهان جي آسري.
No comments:
راءِ ڏيندا