; سنڌي شخصيتون: امر جليل

12 November, 2016

امر جليل


امر جليل
سنڌي ڪهاڻيءَ جو امر نانءُ
رضوان گل
سچ امر آهي جيڪو ڪڏهن به فنا ٿي نه ٿو سگهي. دنيا جي تاريخ ان ڳالهه جي شاهد آهي ته سچ جي ٻيڙي لڏندي ضرور آهي پر ڪڏهن به ٻڏندي ناهي. سچ جو ساٿ ڏيندڙ مهان انسانن جو نالو اڄ به “امر” آهي. اسان جي معاشري ۾ جتي ظلم، ڏاڍ ۽ ناانصافي جو راڄ آهي اتي اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي ظلم جي ان ڪاري رات کي چٽو ڏينهن چوندا رهن ٿا! انهن پنهنجي ضميرن جو سودو ڪري پنهنجي چپن تي منافقيءَ جا تالا هڻي ڇڏيا آهن! اهڙي بي حسي واري ماحول ۾ ڪيترا ئي اهڙا بيباڪ ليکڪ آهن جن قلم کي تلوار جي ڌار بڻائي هر دور ۾ بهادري ۽ برجستگيءَ سان مزاحمت ڪئي آهي. پنهنجي لکڻين ذريعي سجاڳيءَ جا سڏ ڪري ماڻهن کي متوجه ڪيو آهي.


هي وقت هٿن مان ڪين وڃي،
هي وقت آ وک وڌائڻ جو.
ها موٽڻ مهڻو ٿا سمجهون،
هي وقت آ قسمت ٺاهڻ جو.
جن اديبن قلم ذريعي پنهنجو هاڪاري ڪردار نڀائيندي ماڻهن ۾ جوش ولولو جاڳرتا ۽ جذبو پيدا ڪري کين اهو احساس ڏياريو ته ظلم ۽ ڏاڍ جي ڪوٽن کي ڊاهي پٽ ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ سنڌ جي حقن جي لتاڙ ڪندڙن کي لتاڙي وڃجي. اهڙن باضمير، جرئتمند ۽ بيباڪ ليکڪن ۾ سرِ دار سچ جو جهنڊو ڦڙڪائيندڙ اديب امر جليل جو نالو انتهائي مٿاهون ۽ معتبر آهي، جنهن هن ڌرتيءَ واسين کي پنهنجي لکڻين ذريعي روشنيءَ جون راهون ڏسيون ۽ هر ڏاڍ خلاف مزاحمت ڪئي.
۸ نومبر ۱۹۳۶ تي روهڙيءَ ۾ جنم وٺندڙ قاضي عبدالجليل اڳتي هلي ادبي دنيا ۾ امر جليل جي نالي سان هڪ بلند پائي جي ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، ناول نويس ۽ ڪالم نگار طور ڄاتو ويو، ماڻهو جنهن جي لکڻين جا ديوانه بڻجي ويا. اهي سندس لکيل ڪهاڻيون هجن، ڪالم هجن، ڊرامه هجن يا ناول. امر جليل جي لکڻين ۾ پنهنجو الڳ نَشو آهي جيڪو روح کي راحت ڏئي ٿو. جيتوڻيڪ امرجليل کي بنيادي طور هڪ ڪرڪيٽ جي ڀلوڙ رانديگر طور سڃاتو ويندو هو پر ادب ۾ سندس خاص دلچسپي هئڻ سبب هن شروعات ۾ ڪجهه ادبي پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي جن مان کيس لکڻ جو اتساهه مليو ۽ ائين هن لکڻ شروع ڪيو. امر جون ڪهاڻيون جڏهن مختلف رسالن ۾ ڇپجڻ لڳيون ته کيس ڀرپور موٽ ملي، ڇا لاءِ ته هن جي لکڻين جو انداز ڪجهه مختلف ۽ غير روايتي هو يا کڻي ائين چئجي ته هن پنهنجو هڪ الڳ انداز متعارف ڪرايو جنهن انداز سبب ئي هو پڙهندڙن جو محبوب ليکڪ بڻجي ويو.
امرجليل جي مشاهدي واري اک تمام گهري آهي جو هو هر چُرندڙ پُرندڙ شيءِ تي نظر رکي ٿو منظرنگاري کان ويندي جملن جي جوڙجڪ تائين سندس ڪهاڻي پڙهندڙ کي مڪمل طورگرفت ۾ آڻيو ڇڏي، هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ اڪثر سماج جي پيڙهيل طبقي کي موضوع بڻايو آهي ۽ روزاني زندگيءَ جي ننڍڙن ننڍڙن واقعن کي اهڙي مهارت سان پيش ڪيو آهي جن تي اسان جو توجه گهٽ يا نه هئڻ برابر هوندو آهي. اهي ننڍڙا واقعا اسان جي زندگيءَ تي ڪيترا اثرانداز ٿين ٿا سو اندازو اهڙين ڪهاڻين کي پڙهي ئي ڪري سگهجي ٿو. هونئن به ڪنهن ليکڪ جو مشاهدو عام ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ هجي ٿو، جو هو هر شيءِ کي پرکڻ بعد ئي ان تي راءِ ڏئي ٿو، يا ان جو ڪو نئون پهلو نروار ڪري ٿو. امرجليل پنهنجي لفظن ۽ جملن کان تير ۽ خنجر جو ڪم ورتو آهي. انهن تيرن جو رُخ همشه اهو ڪلاس ئي رهيو آهي، جنهن مسڪين ۽ اٻوجهه ماڻهن جو رت چوسيو آهي. امر جي لکڻين جو انداز سڌو دل تي اثر ڪندڙ آهي. جيڪي ماڻهو دل ۽ دماغ کان خالي شيشن جي محلن ۾ ويهي سڀ ٺيڪ آهي وارو راڳ ٻڌڻ جا شوقين آهن انهن تي اهي لفظن جا بم ۽ بارود بار ضرور ڪندا آهن ڇا لاءِ ته اهي جملا دونهون ضرور دکائن ٿا جيڪو انهن واڳ ڌڻين جي اکين تائين به پهچي ٿو.
امرجليل جي ڪهاڻين جا ڪردار من گهڙت يا فرضي نه آهن بلڪه اهي اسان جي ئي ارد گرد گهمندڙ ڦرندڙ آهن، جن جو ڳانڍاپو هڪ ئي وقت ماضي حال ۽ مستقبل سان آهي. امر جو انوکو انداز قاريءَ کي عجيب سحر ۾ وٺي ٿو ڇڏي، جو ماڻهو سندس مارڪيٽ ۾ ايندڙ نئون ڪتاب پهرئين ساعت ۾ ڏسندي ئي خريد ڪري ٿا وٺن. نامياري اديب غلام محمد گرامي امر جليل بابت راءِ ڏيندي لکيو آهي ته: “امر جليل جو فن هر دور جي معاصر فنڪارن ۾ انفرادي اسلوب ۽ تاثر جو هڪ عجيب انداز پيدا ڪري چڪو آهي جنهن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو، پر بيان نه ٿو ڪري سگهجي. تاهم مختصر نموني ۾ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪرايان ٿو، امر جليل جو ڪجهه به لکيو آهي سو فنَ جو اعلى مثال آهي غير پختا ذهنن کي ڪن هنڌن تي امر جليل جي فن مان اجنبيت ضرور محسوس ٿيندي پر ان ۾ نه فن جو ڏوهه آهي، نه فنڪار جو گناهه آهي، پنهنجو ذوق ئي خام هوندو، ورنه فن پنهنجي جزالتجي حيثيت سان اعلى مقام تي آهي.”
امرجليل پنهنجي اندر هڪ تحريڪ آهي هو اڄ تائين به ٿَڪيو ناهي. هن ساهه ناهي پٽيو. هو لکندو رهيو آهي مسلسل. تمام وڏيون وڏيون ۽ تلخ ڳالهيون طنز ۽ مزاح واري انداز ۾ ڪرڻ جو فن جيڪو امر وٽ آهي سو ٿورن ليکڪن ۾ ملندو. سندس پهرئين ڪهاڻي “اندرا” رسالي “ادا” نواب شاهه جي آگسٽ ۱۹۵۵ واري شماري ۾ شايع ٿي، هن ڪيترائي ڊرامه لکيا جن ۾ “انسان”، “درياهه توتي دانهن”، “سڄڻ سفر هليا”، “زخم زندگيءَ جا”، “اونڌهه ۽ روشني”، “مٽيءَ جا ماڻهو”، “هوندا سي حيات”، “عيد ٿي وئي”، “دوزخ”، “ماءُ”، “فرمانبردار” ۽ ٻيا شامل آهن. هندستان مان نڪرندڙ رسالي “ڪونج” پاران ڪرايل “هند سنڌ ڪهاڻي چٽاڀيٽيءَ” ۾ امر جي ڪهاڻي پهريون انعام ماڻيو، “روح رهاڻ” رسالي طرفان ۱۹۶۵ ۾ کيس ادبي انعام ڏنو ويو، ڪتاب “دل جي دنيا” تي پاڪستان رائيٽرس گلڊ ۽ سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان ۷۰-۱۹۶۹ جو ادبي ايوارڊ مليو، ڪتاب “جڏهن مان نه هوندس” کي سال ۱۹۷۱ جو پاڪستان رائيٽرس گلڊ طرفان ادبي ايوارڊ مليو، مهراڻ آرٽ اڪيڊمي پاران ۱۹۷۲ جو بهترين مڪالمه نويس ايوارڊ فلم “گهونگهٽ لاهه ڪنوار” تي مليو، اهڙي ريت امر جليل کي مليل ايوارڊس جي هڪ تمام وڏي فهرست آهي جنهن تي هڪ الڳ مضمون لکي سگهجي ٿو.
امرجليل جي ڇپيل ڪتابن ۾: “دل جي دنيا”، “جڏهن مان نه هوندس”، “تاريخ جو ڪفن”، “منهنجو ڏس آسمان کان پڇو”، “ٽيون وُجود”، “سنڌو منهنجي ساهه ۾”، “رڃ”، “آدم جي ماءُ”، “رني ڪوٽ جو خزانو”، “نيٺ گونگي ڳالهايو”، “جيجل ماءُ”، “لهندڙ سج جي لام” وغيره شامل آهن. ان کان علاوه پاڻ سنڌي، اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ سالن کان ڪالم لکندو رهيو آهي، جن کي سيهڙجي ته هوند ڪيترائي ڪتاب ٺهي پوندا.
اسان جهڙن سماجن ۾ اها روايت آهي ته جيڪو سچ چوندو ۽ لکندو آهي ته ان تي وقت جا آقا ڏمرجندا آهن اهڙي ڏمر جو شڪار امرجليل به رهيو، جو هن سچ لکيو. هن رات کي ڏينهن نه لکيو جنهن ڪري سندس ڪهاڻين “هڪ لاش ۽ راتين جو رولاڪ” ۽ “سرد لاش جو سفر” تي نه فقط بندش وڌي وئي پر هن خلاف گرفتاريءَ جا وارنٽ پڻ نڪتا. امر جليل ون يونٽ خلاف شاگرد تحريڪ ۾ به تمام گهڻو سرگرم هو. سندس ڪتاب “جڏهن مان نه هوندس” تي انڪوائري به هلي پر پوءِ انهيءَ دوران يحى خان جي حڪومت جو خاتمو اچي ويو. امر جي ڪهاڻين جا مڪالما دلچسپ ۽ طنز مزاح سان ڀرپور آهن هو کل مذاق ۾ اهڙين تلخ حقيقتن تان پردو کڻي ٿو جيڪي سماج جي لاءِ ناسور بڻيل آهن.
سنڌي ٻوليءَ جو ناليوارو ڪهاڻيڪار طارق اشرف ماهوار “سهڻي” جي “امر جليل نمبر” ۾ “جليل جيئن ڏٺو اٿم” ۾ لکيو آهي ته: “اڄ جليل سنڌي ادب جو سڀ کان مشهور ڪهاڻيڪار آهي، سنڌيءَ ۾ جليل کان وڌيڪ ڪوبه ڪهاڻيڪار ايڏو مشهور نه ٿيو ۽ نه ئي ڪنهن ڪهاڻيڪار جا ايڏا چاهيندڙ پيدا ٿيا آهن جيتوڻيڪ سندس هم عمر ڪهاڻيڪارن ۾ آغا سليم، نسيم احمد کرل، غلام نبي مغل، قمر شهباز ۽ عبدالقادر جوڻيجو پڻ بهترين ڪهاڻيڪار آهن، حقيقت اها آهي ته جليل اهو ئي ڪجهه لکي ٿوجيڪو پڙهندڙ جي ذهن ۾ آهي، هو جيڪو ڪجهه لکي ٿو انهيءَ سان پڙهندڙن جي جذبات جي ترجماني ٿئي ٿي، جليل سندن دل جي ڳالهه ڪري ٿو، جليل ذهن ۾ متل باهه تي تيل وجهي ٿو، پوءِ ڇونه اهي ڪهاڻيون مشهور ٿين.”
امر جي ٻولي هروڀرو ڪا گهڻي ڳوڙهي يا ڌارين لفظن سان جھنجھ نه آهي، وٽس هر ڳالهه کي سمجهائڻ جو ڪمال فن آهي. پاڻ سنڌ سان عقيدت ۽ عشق جو اظهار ڪندي لکي ٿو: “ٻولي اظهار جو ذريعو آهي، مان سنڌي ۾ لکان، اردو ۾ لکان، انگريزيءَ ۾ لکان، منهنجو موضوع سنڌ هوندو آهي. منهنجي سڃاڻپ سنڌ آهي، سنڌ کان سواءِ مان ويڳاڻو، بيڪار ۽ گم نام آهيان.” هڪ ٻئي هنڌ ادب ۽ اديبن جي حوالي سان پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو: “ادب ۾ مان مڪمل اظهار جي آزاديءَ جو ڪٽر حامي آهيان، اديبن کي ننڍن وڏن خانن ۾ ورهائڻ واري ڳالهه مون کي مضحڪه خيز لڳندي آهي، هر ليکڪ جي پنهنجي فريڪوئنسي ٿيندي آهي، هر ليکڪ جي لفظ کي ڪو پڙهڻ وارو ملي ويندو آهي، هر اُچاريل لفظ کي ڪو ٻڌڻ وارو ملي ويندو آهي، هر منظر کي ڏسڻ واري ڪا نگاهه ملي ويندي آهي.” سندس سياسي تجزين ۽ سماج ۾ ناسور بڻجي ويل براين بابت لکيل ڪالمن ۾ جيڪا گهرائي ۽ گيرائي آهي سا مقصديت سان ڀرپور ۽ تجويزن سبب ڌيان ڇڪائيندڙ آهي.
امر جليل هر دور جو ڪهاڻيڪار آهي جو هن جي ڪهاڻين ۾ موجود ڪردار اڄ به انهن ساڳين مسئلن ۾ ورتل ۽ مونجهارن جو شڪار آهن جهڙو ڪالهه هئا، بلڪه هاڻي انهن جو تعداد وڌي ويو آهي، جن جي ڳالهه امرجليل پنهنجي لکڻين ۾ اڄ کان چاليهه سال اڳ ڪئي آهي، زيادتيون، بد ديانتون، ناانصافيون، قتل، ڌاڙا ۽ ڦرين کان علاوه ڪارو ڪاري ۽ ٻيا هڙئي سماجي ناسور اڄ به چوٽ چڙهيل آهن ۽ اهي ئي امر جي لکڻين جا مُک موضوع آهن.


امر جليل
سالگرهه جي مناسبت سان ليجنڊ کي ڀيٽا
محمد سليمان وساڻ
سنڌ جي چوٽيءَ جي ڪهاڻيڪار، نثر نويس، ناول نگار، ڪالم نگار ۽ ڊرامه نگار امر جليل جو جنم ۸ نومبر ۱۹۳۶ تي سنڌ جي مشهور شهر روهڙيءَ ۾ ٿيو. سندس اصل نالو قاضي عبدالجليل ولد عبدالغني آهي. ابتدائي تعليم رتن تلاء پرائمري اسڪول ڪراچي ۾ حاصل ڪئي. وڌيڪ بي اي تائين نوابشاه ۽ وري ان کانپوء واپس ڪراچي اچي ايم اي اقتصاديات ۾ڪراچي يونيورسٽيء مان ڪيائون. ان کانسواء پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم اي تاريخ ۾ به ڪيائون. پاڻ آمريڪا جي فلوريڊا اسٽيٽ يونيورسٽيءَ مان ايجوڪيشن ۾ گريجوئيشن جو ڪورس به ڪيائين. پاڻ ڪرڪيٽ راند جو گهڻو شوقين ۽ اسڪول ڪاليج ۽ يونيورسٽي ۾ ٽيمن جو ڪپتان پڻ رهيو. اين جي وي اسڪول جي نمائندگي کانسواءِ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ ٿوري عرصي لاء وڪيٽ ڪيپر بئٽسمين طور حصو ورتائون.
امر جليل جي ادبي سفر جي شروعات نوابشاه جي گورنمينٽ ڪاليج ۾ شاگردي واري دور کان شروع ٿي جڏهن سندس ويجهي ساٿي ۽ سنڌ جي ناليواري اديب قمر شهباز کيس ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ وٺي وڃڻ شروع ڪيو. شروع ۾ “جليل پريمي” ۽ پوءِ قمر جي هم قافيه “امر” جي نالي سان لکڻ شروع ڪيائين. ۱۹۵۶ ۾ سندس پهرين ڪهاڻي “اندرا” جي عنوان سان نوابشاه مان نڪرندڙ سنڌي رسالي ادا ۾ ڇپي. ۱۹۶۳ ۾ سندس پهريون اسٽيج ڊرامو “انسان” نيشنل ٿيٽر ڪراچي ۾ پيش ڪيو ويو. هن جو ريڊيو لاء لکيل پهريون ڊرامو “درياء تو تي دانهن” ۱۹۶۷ ۾ ريڊيو حيدرآباد تان نشر ٿيو. ۱۹۶۸ ۾ سندس لکيل پهرين فلم ڪهاڻي “نوري ڄام تماچي” هئي. انکانسواءِ امر جليل گهونگهٽ لاه ڪنوار، بادل، مٺڙا شال ملن ۽ البيلا جهڙن سنڌي فلمن جون ڪهاڻيون پڻ لکيون.
تنهنجون منهنجو ڳالهيون جي عنوان سان سندس پهريون اخباري ڪالم ۴ مئي ۱۹۷۲ تي روزاني هلال پاڪستان ۾ ڇپيو. ساڳئي نالي سان سندس ڪالمن جو مجموعو پڻ ڇپيو. ان کانسوء سندس ڪالمن جو ٻيو مجموعو “سنڌو منهنجي ساھ ۾” پڻ ڇپيل آهي. سندس اردوءَ ۾ پهريون ڪالم “ڪڇ سچ ڪڇ جهوٽ” اپريل ۱۹۷۴ ۾ هفتيوار الفتح ۾ ڇپيو. سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو “دل جي دنيا” آهي جيڪو جيڪو پهريون دفعو ۱۹۶۸ ۾ ڇپيو هن ڪتاب جا ڪيترائي ايڊيشن اچي چڪا آهن ۽ هي ڪتاب ٻين ٻولين م به ترجمو ٿيو آهي. امر جليل کي هن ڪتاب تي ادبي انعام به مليل آهن. سندس ڪهاڻين جا ڪيترائي مجموعا ڇپيل آهن. ان کانسواءِ سندس لکيل ناول “نيٺ گونگي ڳالهايو” جيڪو عبرت گروپ جي سنڌو رسالي ۾ هفتيوار ڇپبو هو مقبوليت جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. ماڻهو پورو هفتو ٻي قسط جو شدت سان انتظار ڪندا هئا. اهو ناول پوءِ ڪتابي صورت ۾ به ڇپيو ۽ ان جا ڪيترائي ايڊيشن ڇپيا. هن ڪتاب جون ۱۰ هزار کان مٿي ڪاپيون فروخت ٿيون. هي ناول اسلام آباد ۾ رهندڙ سنڌين ۽ انهن سان ٿيندڙ ويساه گهاتين سان گڏ ان وقت جي سياسي حالتن تي لکيل هو. اسلام آباد ۾ رهندڙ هر سنڌي هن کي پنهنجي ڪهاڻي سمجهندو هو.
امر جليل سنڌي ادب جي افسانه نگاريءَ جو اهم ٿنڀو آهي. سندس افسانه پنهنجي وقت ۽ ماحول جي مڪمل عڪاسي ڪن ٿا. کيس جيل پڻ اماڻيو ويو ۽ ڪتاب پڻ ضبط ٿيا. سندس لکڻين ۾ مزاح ۽ چٿر جي خاصيت اهم آهي. سندس تحرير جو اسلوب بيان دلڪش ۽ بي مثال آهي. امر جا اخبارن ۾ ڇپيل ڪالم پڻ انهيءَ جي نشاندهي ڪن ٿا ته سندس لکڻيون ڇرڪائيندڙ، جذباتي ۽ مزاحيه هوندي به سنجيده ۽ پراثر آهن. جليل صاحب سنڌي افسانه نويسيءَ ۾ ڊائيلاگ ڪهاڻي متعارف ڪرائي. سندس انوکا ۽ ڇرڪائيندڙ ڊائيلاگ جن سان ڪهاڻيءَ ۾ واڌ ويجهه ٿيندي آهي منفرد آهن.
سندس ڪهاڻيون حقيقت پسندي ۽ مختلف موضوعن جي ڪري مقبول آهن، جليل جا ڪردار عوامي آهن. سندن ٻولي به عوامي آهي. هو پنهنجي ڪردارن سان جيئي ۽ مري ٿو. سنڌ جي ڪنڊ ڪنڊ لاءِ محبت جو جذبو ۽ سنڌي عوام سان سندس سچي محبت کي ظاهر ڪري ٿو. پاڻ پنهنجي ڪردارن جي ذريعي سجاڳيءَ جو پيغام سنڌي عوام کي ڏنو اٿن. سادن ۽ بيوقوف ڪردارن کان عقل وارا نڪتا ۽ گفتا سمجهايا اٿن. “پل صراط” سندس عوامي ڪردار نگاريءَ جي بهترين ڪهاڻي آهي.
۲۷ سال اسلام آباد ۾ رهيو جتي علامه اقبال يونيورسٽي جو باني ڊائريڪٽر ۽ وائيس چانسلر به رهي چڪو آهي. پاڻ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ ايجوڪيشنل ٽيڪنالاجي جو وڏو ماهر آهي. ڪهاڻي “اروڙ جو مست” ڪري دوستن جي حلقي ۾ ان نالي سان مشهور آهي. پاڻ سنڌي ۽ اردو ۾ سڀ ڪوڙ جي نالي سان ڪالم لکندو رهيو آهي. ان کانسواء انگريزي اخبار ڊان لاء به ڪالم لکيا اٿس. کيس سنڌي ادبي سنگت پاران لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ ڏنو ويو اهي. سنڌ ٽي وي تان ڪلاس روم جي نالي سان مقبول ٽاڪ شو پيش ڪري رهيو آهي ۽ ڪيٽي اين تي پڻ مبصر طور شرڪت ڪندو رهي ٿو. سال ۲۰۰۸ ۾ امر جليل جي لکڻين جا پنجاه سال پورا ٿيڻ تي شاه عبداللطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي، ثقافت ۽ سياحت کاتو سنڌ حڪومت ۽ اڪيڊمي آف ادبيات پاران ۲۹ جون ۲۰۰۸ تي ڪراچيءَ ۾ امر جليل جي لکڻين جي گولڊن جوبلي ملهائي وئي. جنهن ۾ سنڌ ۽ هند سان تعلق رکندڙ اديبن سندس فن ۽ شخصيت کي ڀيٽا ڏني.
مسلسل ۵۴ سالن کان لکندڙ سنڌ جي هن ليجنڊ اديب جي لاءِ اسان دعاگو آهيون ته رب پاڪ کيس سٺي صحت ڏئي جيئن هو پنهنجي قلم ۽ آواز جي ذريعي سنڌي قوم کي جاڳائڻ ۾ اڳ کان اڳرو هجي.

روزانه عوامي آواز ۸ نومبر ۲۰۱۴ع


امر جليل
مهان ڪهاڻيڪار جي نانءِ
ابراهيم لاشاري
اڄ کان ۸۲ سال اڳ سنڌ ڌرتي هڪ بهترين ڏاهي امر جليل نالي شخصيت کي جنم ڏنو، جنهن  هميشه پنهنجي  قلم جي نب سان سچ جو ساٿ ڏنو. امر جليل ۸ نومبر آچر ڏينهن ۱۹۳۶ع ڌاري قاضي عبدالجليل جي گهر ۾ اکيون کوليون. امر جليل صاحب جڏهن پڙهڻ جي عمر جي لائق بڻيو ته سندس والدين ڪراچي شهر جي ٽيمپل روڊ تي قائم پرائمري اسڪول (رتن تلاءُ ) ۾ کيس داخلا وٺي ڏني. جتي امر جليل نهايت شوق، چاهه ۽ محنت سان سال ۱۹۴۲ع کان سال ۱۹۴۶ع تائين نصابي تعليم حاصل ڪندو رهيو، وڌيڪ نصابي تعليم هن عظيم انسان سال۱۹۵۳ع ڌاري (اين جي وي هاءِ اسڪول) ڪراچي منجهان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين، ڪراچي ڊي جي سائنس ڪاليج کي اهو شرف پڻ حاصل آهي ته هن ڪاليج سنڌ جي مختلف عظيم انسان جي نصابي تعليم حاصل ڪرڻ جو هڪ بهترين ادارو ثابت پڻ ٿيو آهي هڪ ڪاليج کي اهو اعزاز پڻ حاصل آهي ته سنڌي ادب ۾ نوجوانن کي علم ادب جو روشن راهون ڏيکاريندڙ مانواري امر جليل جي فرسٽ ييئر ڪلاس تعليم پرائڻ جو موقعو ميسر پڻ ٿيو، ارڏي طبعيت جي هن مهان اديب وڌيڪ تعليم نوابشاهه (بينظير آباد) جي گورنميٽ ڪاليج منجهان انٽر جي سند حاصل ڪئي امر جليل صاحب گريجوئيشن جي ڊگري سال ۱۹۵۸ع ڌاري وٺڻ بعد ڪراچي واري گهر ڏانهن رخ ڪيو بعد ۾ ڪراچي يونيورسٽي منجهه داخلا وٺي پوسٽ گريجوئيٽ (ايم اي اقتصاديات) سال ۱۹۶۱ع ڌاري سند حاصل ڪيائين .پاڻ اعلي تعليم جي سلسلي ۾ آمريڪا ملڪ جي فلوريڊا اسٽيٽ يونيورسٽي منجهان گريجوئيٽ پروگرام ان ايجوڪيشنل ٽيڪنالوجي جو ڪورس پڻ مڪمل ڪيائين، سنڌ جي هن برجستي اديب ادبي دنيا منجهه ننڍي هوندي پير پاتو پڙهائي واري زماني ۾ سندس جي قريبي دوست ناليواري اديب (قمرشهباز) سان ويجهڙائپ هوندي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪندو رهندو هو، امر جليل صاحب باقائدا طور پهريان (ڪهاڻي (اندرا) جليل پريمي نالي سان نوابشاهه منجهان نڪرندڙ رسالي (ادا) ۾ سال ۱۹۵۶ع لکي مڱر ٿورڙي عرصي بعد (قمرشهباز) جي نالي (قمر) جي هم قافيه نالي (امر) جو انتخاب ڪيائين پوءِ پنهنجي ڏات ۽ ڏاهپ واري قلم جي نب سان (امرجليل) جي نالي سان سنڌي ادب کي آسودو ڪندي ڪندي اڄ ڏينهن تائين روشن راهون ڏيکاريندي ڪڏهن به ٿڪو ناهي امر جليل صاحب پنهنجو نالو ادبي دنيا منجهه ڏيهان ڏيهه نشابر ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي، سونهاري سنڌ جو هي پهريون مهان اديب کي اهو اعزاز حاصل آهي ته سندس لکڻين کي گهڻو کان گهڻو پڙهيو وڃي ٿو امر جليل صاحب جو پهريون اردو زبان ۾ لکيل اسٽيج ڊارمي جو نالو (انسان) هو جيڪو سال ۱۹۶۳ع ڌاري ڪراچي جي نيشنل ٿيٽر ۾ اسٽيج پڻ ٿيو، تنهن بعد امر جليل صاحب ڪهاڻي کيتر ۾ ڳالهائيندڙ ٻولهائيندڙ ڪردارن جون ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيائين سال ۱۹۶۷ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ان زماني جي پروڊيوسر محترم عبدالڪريم بلوچ سندس کان پهريون ريڊيو ڊرامو (درياهه تو تي دانهن) لکرايو تنهن کانپوءِ سنڌ جي هن ذهين ناليواري ادين سال ۱۹۶۸ع ڌاري ٽيليويزن پاڪستان تي پهريون اردو ڊرامو (سفر زندگي کا) عبدالڪريم بلوچ جي گذارش تي پڻ لکيو ٿورڙي عرصي بعد امر جليل صاحب سنڌي زبان منجهه ڊرامو (ماءُ) لکرايو جنهن نهايت وڏي مقبوليت ماڻي ان زماني منجهه اهو ڊرامو اسان جي ملڪ پياري پاڪستان جي سمورن سينٽرن تان بار بار نشر ٿيندو رهيو امر جليل صاحب سال ۱۹۶۸عهن پهريون ڀيرو لکيل فلم ڪهاڻي (نوري ڄام تماچي) پڻ هئي ان کا نسواءِ امر جليل صاحب سنڌي ٻين فلمن جا پڻ مڪالما لکيا جن ۾ گهونگهٽ لاهه ڪنوار، بادل، مٺڙا شال ملن، ۽ البيلي شامل آهن سنڌ جي هن ڏات ڌڻي پهريون ڀيرو سنڌي اخبار هلال پاڪستان لاءِ سال ۱۹۷۲ع ڌاري ڪالمن جي سلسلي (تنهنجون منهنجون ڳالهيون) عنوان سان لکي پنهنجو نالو نروار ڪرايو، سندس اردو ۾ پهريون اخباري ڪالمن جو سلسلو (ڪڇ سچ، ڪڇ جهوٽ) جي نالي سان هفتيوار الفتح ڪراچي منجهه سال ۱۹۷۴ع ڌاري ڇپيجي پڌرا ٿيا، اهڙي طرح سنڌي زبان منجهه (سڀ ڪوڙ) ۽ اردو زبان منجهه (سب جهوٽ) جي عنوان سان سنڌي توڙي اردو جي مختلف اخبارن جهڙوڪ خبرين (اردو) سنڌي اخبارن منجهه روزاني عوامي آواز، روزاني هلال پاڪستان، روزاني خبرون، روزاني ڪاوش جي زينت بڻجندا رهيا جن منجهان عام خلق زبردست لاڀ حاصل ڪيو ۽ نهايت دلچسپي سان انهن لکڻين کي پڙهيو ويو ۽ عوامي داد پڻ حاصل ڪيو جيڪو اڄ ڏينهن تائين اهو سلسلو قائم پڻ آهي سنڌي، اردو اخبارن کان علاوهه امر جليل صاحب انگريزي اخبارن ڊان، دي نيشن، دي پوسٽ ۾ پڻ تجزياتي ڪالم ڇپجندا رهن ٿا. اهڙي ريت هن مهان ڪهاڻيڪار ڪڏهن به لکڻ کان ٿڪيو ناهي سندس جو پهريون ڪهاڻين جو مجموعو (دل جي دنيا) سال ۱۹۸۶ع ڌاري ڇپجي پڌرو ٿيو سندس جو اهو ڪتاب مختلف زبانن منجهه ترجمو پڻ ٿي چڪو آهي ۽ هن ڪتاب جا ڪيترا ئي ايڊيشن پڻ بار بار ڇپجي چڪا آهن. امر جليل صاحب جي ڪهاڻين جي ڪتابن ڏانهن نظر ڊوڙائبي تي جهجي انداز منجهه هن پنهنجي ڏات فلسفي سان سنڌي ادب کي پئي آسودو ڪيو آهي سندس ڪهاڻين جي مجموعن منجهان دل جي دنيا، تاريخ جو ڪفن، جڏهن مان نه هوندس، ٽيون وجود، منهنجو ڏس آسمان کان پڇو، رني ڪوٽ جو خزانو، جيجل منهنجي ماءُ، امر جليل جون اوائلي ڪهاڻيون، چنڊ وسامي ويو، اهڙي ريت هن جا ٻيا ڪيترا ئي ڪتاب جهڙوڪ سنڌو منهنجي ساهه ۾، رني ڪوٽ جو خزانو، (نيٺ گونگي ڳالهايو سندس ناول وڪري جا رڪاڊ ٽوڙي ڇڏيا جنهن سبب ڏهه هزار کان وڌيڪ ڪتابي ڪاپيون وڪرو پڻ ٿيو) ادب ۽ سياست، سرد لاش جو سفر، لهندڙ سج جي لام، سنڌ نامو،  چيني ۽ چرٻٽ جون ڪهاڻيون، آتم ڪٿا، فدا حسين ڦودني، ڌڻي بخش ڌني ۽ ڦندن جا ڪالم، امر جليل جي سنڌو، آتم ڪٿا آڏي پڇا، جمود، منهنجي نصيب ۾ تون نه آهين، زوال جو عڪس، ان کان سواءِ پڻ ٻيا ڪتاب سنڌي ادب جي سونهن ۾ وڌارو ڪندا رهيا آهن اهڙي ريت سنڌ جو هي عظيم اديب بنهه ساهي جي هميشه پنهنجي ڏات جي ڏيئي سان علم، ادب جي لاٽ ۽ مسلسل جدوجهد سان طنر، مزاح واري مزاج سان وڏيون وڏيو ڳالهيون ڪرڻ جي ادبي فن سان سرشار آهي اهڙي نموني سان سندس انداز بيان ٻئي ڪنهن به ڏاهي اديب وٽ مورڳ ناهي، سندس سوچ، فڪر ۾ ڏاهپ جو فن اعلي نموني جو پڻ آهي سندس جي مشاهدي واري نظر تمام وسيع آهي هو هرچرندڙ پرندڙ شي تي گهري نظر رکي ٿو امر جليل صاحب پنهنجن ڪهاڻي وسيلي ذات، بات، دين، ڌرم جي آڌار تي ٺاهيل طبقاتي فرق کي رد ڪري ڇڏيو آهي هو بنيادي طور تي انسان پرست آهي  هو پنهنجين لکين منجهه سڄي دنيا جي ماڻهن کي هڪ محور تي گڏ ٿيڻ جي اميد ڏيکاري آهي،  امر جليل صاحب هر زماني جو ڪهاڻيڪار آهي سندس سنڌي ادب ۾ چاهيندڙن جو تعدا ۾ اڻ ڳڻيو نظر اچي ٿو امر جليل صاحب هميشه پنهنجي فڪري سوچ، ڏاهپ سان معاشري جي ترجماني ڪئي آهي هن عظيم ڏاهي اديب کي فني، فڪري صلاحيتن عيوض مڃتا طور ڪيترائن ئي انعامن ۽ ايوارڊن سان پڻ نوازيو ويو آهي. جن منجهه پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ، شاهه لطيف ايوارڊ، شاهه لطيف ايڪسيلينس ايوارڊ، پاڪستان رائٽرس گلڊ ايوارڊ ٽي ڀيرا، سنڌالاجي ايوارڊ، بيسٽ پلي رائٽر آف دي ڊڪيڊ ايوارڊ ٽيليويزن اسلام آباد ايوارڊ، نشان فضيلت ڪراچي يونيورسٽي ڪيترا ئي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊن سان پڻ نوازيو ويو اهي اهڙي ريت سال ۲۰۰۸ع منجهه لکڻين جي پنجاهه سال پورا ٿيڻ تي شاهه عبداللطيف ڀٽائي چئير ڪراچي يونيورسٽي، ثقافت سياحت کاتي حڪومت سنڌ ۽ اڪادمي ادبيات پاڪستان طرفان ڪراچي شهر منجهه گولڊن جوبلي شاندار نموني سان ملهائي وئي. جتي ملڪ جي تمام وڏن وڏن اديبن شرڪت ڪري امر جليل صاحب جي فن ۽ فڪر تي روشني وجهي ڀيٽا پڻ پيش ڪئي.

سنڌ کي امر جليل جو جنم ڏينهن مبارڪ هجي
رکيل مورائي
جڏهن هُن جنم ورتو هُئو، تڏهن شايد هُو اپکنڊ جو اڪيلو سنڌي ٻارڙو هُئو، جنهن کي اڳتي هلي نه فقط ڪهاڻيڪار ٿيڻو هُئو پر لکڻ ۾ ان ئي اپکنڊ جو خواب به ڏسڻو هُئو، جيڪو سندس اکين جي ڇپرن کان ٻاهر هليو ويو هُئو ۽ وري هو ان خواب کي پنهنجي اکين ۾ آڻڻ لاءِ زندگيءَ جا ڪيترا ئي سال واجهائيندو رهيو پر ان خواب کي سندس اکين ۾ ساڀيا ٿيڻ لاءِ نه اچڻو هُئو، سو نه آهي ۽ هاڻ هُو ٽياسي سالن  جو هڪ اهڙو بزرگ آهي، جنهن جي اکين ۾ ڏسبو آهي ته ان خواب جو  اوسيئڙو سندس اکين جي ماڻڪين مان ليئا پائيندو آهي.
۽ جڏهن هو ڳالهائيندو آهي ته شروعات ان اپکنڊ کان ڪندو آهي جيڪو سندس جنم جو ديس آهي ۽ پوءِ ان ديس کي ڪيترن ئي ديسن ۾ ورهايو ويو، جيڪو هن ڪڏهن به پسند نه ڪيو ۽ اهڙو ورهاڱو جڏهن به هُن جي زبان تي آيو ته هُن جون اکيون آليون ٿي ويون.
هُن پنهنجي نوجوانيءَ ۾ ڪهاڻيون لکڻ/رچڻ شروع ڪيون ۽ اڄ تائين پنهنجي ٻڍڙي هٿ سان لڳاتار لکي رهيو آهي، هاڻ فرق جيڪو تازو منهنجي گنهگار اکين ڏٺو جيڪو اڳ ڪڏهن نه ڏٺو هُئو، اهو هيءُ آهي ته سڄي عمر هن جنهن هٿ ۾ قلم کي سوگهو ڪري جهليو آهي ان ئي هٿ ۾ هُن هلڻ وقت ٽيڪ لاءِ هڪ لڪڻ کي به سوگهو جهليو آهي، جيئن اڪثر عمر جي آخري حصي ۾ ٿيندو آهي .
پڪ سمجهڻ گھرجي ته هٿ ۾ ٽيڪ لاءِ لڪڻ کڻڻ ٻڍڙي جسم جو سهارو هوندو آهي. اسان جي هن ٻڍڙي جو اصل سهارو اهوئي قلم آهي، جنهن مان ڪيتريون ڪهاڻيون، ڪالم، ناٽڪ، فلمون ۽ الڳ الڳ ٻولين ۾ ليک ڦٽي نڪتا آهن جن جو انگ شايد هاڻ کيس به ياد نه رهيو آهي. هُن فقط لکيو آهي ان لکڻ جو حساب نه ڪيو آهي . هن حساب نه ڪري پنهنجا بي حساب پڙهندڙ، ٻڌندڙ ۽ چاهيندڙ الڳ الڳ ٻولين ۾ پيدا ڪيا آهن .
مونکي اعتماد ۽ پڪ آهي ته اپکنڊ ۽ ان کان ٻاهر اُهي ٻوليون ڳالهائيندڙ ۽ پڙهندڙ سڀ ان تي فخر ڪندا هوندا پر سڀ کان وڌيڪ فخر سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب کي آهي، ڇو ته هو بنيادي طور سنڌي آهي، روهڙي اها ڀاڳ واري ڌرتي آهي، جنهن پنهنجي هنج ۾ هن کي جنم ڏنو، پاليو نپايو. ان ئي مٽيءَ تي هن بانبڙا پاتا، هلڻ سکيو ۽ جڏهن هلڻ سکيو  ته سڌو ڪراچيءَ هليو آيو جتي ڪراچيءَ جي نهايت اهم ۽ اوائلي تعليم گھر اين جي وي اسڪول مان تعليم پرائي جنهن اسڪول کي به هو پنهنجي لکڻ ۾ پنهنجي بزرگن وانگر سدائين ياد رکندو آهي، ڪراچي يونيورسٽي هن جي يادن ۾ اڃا محفوظ آهي .
ڪراچي جيڪا سنڌ جي راڄڌاني آهي ۽ سنڌ جيڪا اپکنڊ جي هڪ عظيم تهذيب کي جنم ڏيندڙ آهي، جنهن کيس به جنم ڏنو آهي ۽ هو ان تي فخر مند آهي . اها سنڌ جنهن کيس جنم ڏنو هُئو اُها هن کنڊ جو حصو هئي ۽ کيس پياري به آهي پر اڄوڪي سنڌ اها نه آهي،  اهو هُن محسوس ڪيو آهي، جنهن ڪري ان تي سندس احساساتي غصو ان ڪري به جائز آهي ته ان سنڌ جيڪو هن کنڊ جي ٽٽڻ کانپوءِ اولاد ڄڻيو آهي، ان جي وڏي حصي ۾ اها تهذيب نه آهي، جيڪا هن ديس جي سڃاڻپ آهي .
هن خطي جا ماڻهو اسان سنڌين سميت، کيس امر جليل جي نالي سان سڃاڻن ٿا، جيتوڻيڪ سندس لکڻين ۽ انهن جي ڪردارن جي حوالي سان ڪيتريون ئي بستيون ساڻس منسوب ڪيون ويون آهن، ڪي کيس اروڙ جو مست چوندا آهن، ڪي کيس سنڌ جو هيمگوي سمجهندا آهن ته ٻيا وري پنهنجي پيار جو اظهار پنهنجي پنهنجي نموني ڪندا آهن، منهنجي دل ۾ سندس نسبت” سنڌ جو سرمست ڪهاڻيڪار“ واري آهي . سنڌ جيڪا اسان جي خوابن واري سنڌ آهي . اهائي سنڌ جيڪا امرجليل صاحب جي به خوابن جي سنڌ آهي .
اڄ هن جو جنم ڏينهن آهي. جنهن جون مبارڪون اول سنڌ کي ۽ پوءِ انهن سڀني ٻولين جي ديسن کي جن ٻولين ۾ هن پنهنجون ڪهاڻيون لکيون آهن، ڪالم لکيا آهن، مضمون لکيا آهن، ناٽڪ لکيا آهن ۽ ٻيو الائي ڇا ڇا لکيو آهي، جيڪو ايندڙ نسلن  کي پاڻ وٽ سانڍي رکڻو آهي.
۱۹۳۶ع، اَٺ نومبر روهڙي ۽ اڄ ساڳيو ڏينهن ٽياسي سالن کانپوءِ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي هن جي اکين جيڪو ڏٺو، ڪنن جيڪو ٻڌو، احساس جيڪو محسوس ڪيو اهو سڀ يا ان جو وڏو حصو هُن اسان کي ڏنو بنا حساب جي، موٽ ۾ اسان کيس جيڪو ڏنو آهي ان جو حساب به رکيو آهي . جيڪڏهن کيس ڪجهه به بي حساب مليو آهي ته اهو پڙهندڙ جو پيار آهي، احترام آهي ۽ مڃتا آهي . ڇاڪاڻ ته سنڌين وٽ ڏيڻ لاءِ اهوئي آهي ۽ بس !
چيو ويندو آهي ته سنڌ گلابن جو وطن آهي .جيڪڏهن ايئن آهي ته سموري سنڌ جا سمورا گلاب اڄ جي ڏينهن تي امر جليل صاحب جي مٿان نڇاور: سندس ڏنل سموري علم ۽ ادب جي خوشبوءَ اسان پاڻ رکون ٿا ۽ سڀني گلابن جي خوشبوءِ کيس ارپيون ٿا، ڇو ته اڄ هُن جو جنم ڏينهن آهي. آئيندي  جي اپکنڊ پاران کيس اڻ ڳڻيون واڌايون.!

No comments:

راءِ ڏيندا