; سنڌي شخصيتون: فقير يار محمد پيرزادو- لطف پيرزادو

20 November, 2016

فقير يار محمد پيرزادو- لطف پيرزادو

فقير يار محمد پيرزادو
آهه! ڪريندي سَاههُ، ڪڏهن ويندم نڪري...
لطف پيرزادو
شاهه جي رسالي ۾ عجب دنيا سمايل آهي، جنهن جو مُکيو نقطو ”انسان“ آهي، ان کان علاوه انسان جي اوس پاس جي زندگي جهلڪندي نظر پئي اچي، جنهن ۾ مذهب، ڌرتي، ان جا ماڻهو ان جا رويا، سماجي ريتون رسمون، تاريخ، جاگرافي، ٻوليءَ جي نزاڪت، ان جا داءَ پيچ، گهاڙيٽا ۽ گرامر، انساني اندر جا اڌما، عشق، رنج، غم، خوشي، ڪاميابيون ۽ ناڪاميون، سڀ جون سڀ وٿون اوهان کي هن سمنڊ نما شاعريءَ جي ساگر ۾ ملنديون. پر جيڪا اهم ۽ مقدم ڳالهه آهي، اها آهي انسان ان جي فطرت، قدرت جا ڪرشما ۽ فطري حسن جي جهلڪار. هو ڪڏهن اوهان کي، تارن ڀري رات ٿو پسائي ڪڏهن چوڏهينءَ جو چنڊ ٿو ڏيکاري، ته ڪڏهن اڻٽيهين اونداهي ٿو پسائي، هن جي هر سٽ هر جملي ۾ ڪا نه ڪا معنيٰ لڪل هوندي آهي جيڪا هو اوهان جي ذهن ۾ داخل ڪرڻ چاهيندو آهي. ڳالهه ڪرڻ جو ايڏو ته استاد آهي، جو اڻ پنهوار کان ويندي عالم ۽ فلسفي به هن جي ڳالهه مان هڪ جيترو مطلب ۽ لطف ٿو ماڻي. استاد به استادن جهڙو جيڪو ٿورن لفظن ۾ وڏي ڳالهه کي روشن ڏينهن جيان، اوهان آڏو چٽو ڪري بيهاري. اهو ئي سبب آهي جو هر سنڌي سمجهندڙ هن جي بيت ۽ وائيءَ ڪنڌ ڌوڻڻ ۽ ان جي سحر ۾ غرق ٿيندو نظر ايندو آهي. ڀل ته هن جي ذهني سطح ڪهڙي به هجي. پر لطيف پاران ادا ڪيل جملي تي هر ڇرڪ ڀري ڄڻ ننڊ مان سجاڳ ٿيو پوي. بقا ۽ فنا، دنيا جي حقيقت، مايا جو موهه، پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ ترڪُ ۽ تزڪيه نفس، هن جا محبوب موضوع آهن. اڪثر ڪري هي زندگيءَ سان لاڳاپيل موضوعن کي سهڻي پيرائي ۽ صاف ٻوليءَ ۾ ايئن ادا ڪندو آهي، جو ٻڌندڙ جي دل، دماغ ۽ ڪنن کي نه رڳو سرور ايندو آهي، پر هُن جي پر مغز معنيٰ تائين رسائي هِن لاءِ آسان ٿي ويندي آهي.


هن رهاڻ ۾ اسين هن آفاقي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي قومي شاعر جي مڪتب مان ٻه چار سبق پڙهندڙ هڪ کٿابي نالي فقير يار محمد پيرزادي جي علم، عرفان ۽ ڏاهپ تي ڪجهه اکر لکي، ان سان اوهان جي شناسائي ڪرائينداسين ته ڪيئن نه هن خوش پوش، خوبرو ۽ حسين نوجوان کي اڌ وهيءَ کانپوءِ لطيف جا ونگ پيا هئا، جنهن رسالي جي سمونڊ ۾ غواص بڻجي غوطا کاڌا هئا. ڪيئي سپون، جواهر ۽ ماڻڪ موتي ميڙي، پنهنجي حياتيءَ کي سڦل بڻايو ۽ اڄ سوڌو مانائتو فقير يار محمد سڏجڻ لڳو. هن جي جيڪڏهن رسالي سان ڏيٺ نه ٿئي ها ته شايد هي به لکين ڪروڙين ماڻهن جيان، عامن سندو عام ٿي پنهنجا ڏينهن پورا ڪري وڃي ها. شايد هن کي ڪير ياد ڪرڻ وارو به نه هجي ها. هن تي لطيف جا ڀال ڀلايل هئا، اُنَ جي مئخاني مان مَڌُ جو ڪو اهڙو چڪو هن کي نصيب ٿيو هو، جنهن جا خمار هن کان شايد ايندڙ جنم تائين نه لهندا.ل فقير يار محمد سڏجڻ وارو ماڻهو، عام ٻهراڙيءَ جي هڪ غريباڻي گهر جو فرد هجڻ ناتي جيئڻ لاءِ ڪيترائي جتن ڪيا. اَڌُ وهي پنهنجي ۽ پنهنجي ڪهول لاءِ ڪيترائي ڌنڌا ۽ ڪرتون ڪري، عيش عياش ڪري، جڏهن پنجاهه سالن جو سفر طئه ڪيو ته ڪنهن موڙ تي هن کي عشق جي ڪاري ڪَانَ گهايل ڪري ورتو. جنهن درد ۽ الم جي عالم ۾ هن شاهه جي رسالي ۾ پناهه ڳولي لڌي. پناهه به اهڙي، جهڙوڪر هي ستن ڪوٽن اندر بي اونو ٿي، بنا ڪنهن اُلڪي جي، عشق جا ڪيئي رنگ پسي رهيو هو، ڪڏهن فراق، ڪڏهن وصال، ڪڏهن اميد، ڪڏهن نااميديءَ وارين ڪيفيتن مان گذري هن جو مسڪن سدا بهار واديءَ ۾ هميشه لاءِ جڙي ويو. ايڏو اطمينان جهڙوڪر هن پاڻ کي ڳولي لڌو هجي. هن جي هورا کورا، جستجو، درياهه جي ماٺي وهڪري جيان زندگيءَ سان سرگوشيون ڪرڻ لڳي هئي. هن جي زبان تي جڏهن ڪڏهن لطيف جو بيت، ان جون اڪيچار معنائون ۽ ڪيئي رنگ سانول جا پسڻ ۾ پورو. جڏهن انسان جي بيقرار روح کي قرار ملندو آهي، ته هو ٿانيڪو ٿي، زندگيءَ جي رازن کي پائي، ڏاڍي ڏيرج ۽ سک سان، ڏکي سکي زندگيءَ کي سر سبز باغ جيان ڀائيندو آهي. اهو ئي سبب هو جو هن پنهنجي باقي زندگيءَ کي انسان جي شيواداري لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. ڪجهه سال ملوڪ شاهه جي درگاهه تي، راڳ رنگ جو محفلون رچائيندي گذارڻ کانپوءِ، پنهنجي گهر لڳ درگاهه سخي شاهه جمال تي فقير ٿي، مچ مچائڻ، ٻُهارو ڏيڻ، مَٽي ڀرڻ ۽ آئي وئي جي خدمت ڪرڻ هن پنهنجو نيم بڻائي ڇڏيو. هن جي مئخاني تي راڳ رنگ جون محفلون مچنديون هيون، جنهن ۾ لطيف جون وايون ۽ ٻين ڪلاسيڪل ڪافي گو شاعرن جون ڪافيون مختلف راڳن ۽ ڌنن ۾ ڳايون وينديون هيون. هن جي عشق جو هڪ معجزو اهو هيو جو هڪ اڻ پڙهيل ڳوٺاڻي ميهر فقير انصاريءَ کي هن ڳائڻو بڻائي ڇڏيو. ڳائڻو به اهڙو جيڪو جيڪڏهن هفتو لاڳيتو راڳ ڪري ته ساڳي ڪافي نه چوندو. هن ۾ ٻي خوبي اها هئي ته هن کي جي فرمائش ڪبي ته اڄ ڦلاڻي شاعر جون ڪافيون ٻڌنداسين ته، چئن پنجن ڪلاڪن ۾ رڳو ان هڪڙي شاعر جون ڪافيون ٻڌائيندو هو. هن ماڻهوءَ کي فقير سائين، مصري شاهه، سچل سرمست، صاحب ڏنو فقير، ولايت شاهه، شاهه نصير، سليمان فقير مطلب ته الائي ڪهڙن ڪهڙن شاعرن جو ڪلام ياد ڪرايو هو. حيرت تڏهن ٿيندي هئي جو ميهر فقير کان ڪڏهن به ڪا غلطي نه ٿيندي هئي. مٿان وري ڪافي ڪنهن جي به هجي هر مصرع کڻڻ کان اڳ ان موضوع تي لطيف جا ٽي کان چار بيت چئي ويندو هو. هن کي لطيف جا بيت به جهجهي انداز ۾ ياد هئا. هن جو تلفظ چٽو ۽ صاف هوندو هو. ميهر فقير هڪ واقعو ٻڌائيندو هو ته ”هالاڻيءَ لڳ خاصخيلي ڳوٺ ۾ جڏهن آئون محفل ڪندو هوس ته، اتان جا ماڻهو پڇندا هئا ته فقير اوهان جيڪا توحيد پڙهو ٿا، اها اوهان جي ڳوٺ جا ماڻهو سمجهندا آهن؟ انهن کي فقير جواب ڏيندو هو ته، انهن ئي ته مونکي اهو سڄو بحر ياد ڪرايو آهي، سي وري سمجهندا ڪيئن نه هوندا. هونءَ به هن ڳوٺ ۾ راڳ ويراڳ ۽ توحيد جا وڏا ڄاڻو رهندا هئا، جن ۾ ميان غلام حسين، ميان جان محمد، مريد فقير، وريل فقير، وڏيرو امام بخش، مجنون فقير ۽ استاد علڻ وغيره قابل ذڪر آهن. جيڪي فقير کان اڳ به اهي محفلون مچايون ايندا هئا. استاد علڻ ۽ مجني فقير کي ته ناچن ٽولي هئي، جن ۾ جانڻ ۽ قربان نچندا هئا. استاد علڻ هارمونيم وڄائيندو هو ۽ مجنون فقير انهن سان ڍولڪ تي ساٿ نڀائيندو هو. راڳداريءَ ۾ مجنون فقير يگانو هو. ڪڏهن ڪڏهن يڪتاري تي يا ڍولڪ وڄائيندي به ڳائيندو هو. هي ٻئي سائين ولايت شاهه بهنائهيءَ جا طالب هئا. فقير يار محمد به ميهر فقير کي هن سُنگ ۾ شامل ڪيو هو. ان وقت قربان ۽ جانڻ نچڻ کان رٽائر ٿيا هئا، فقير يار محمد کي جيڪا به نئين ڪافي هٿ لڳندي هئي ان جي ڌُن ۽ راڳڻي استاد علڻ ۽ مجني فقير جي مدد سان ٺاهيندو هو. اڳتي هلي فقير پڻ راڳداريءَ مان ڪافي واقف ٿيو. پوءِ اها ڪافي ميهر کي ياد ڪرائي، ان کان ڳارائيندو هو. راڳداريءَ ۾ ميهر جو استاد مجنون فقير هيو. هن جهان ۾ اچڻ کانپوءِ فقير يار محمد ستين سن هجريءَ وارو سنڌي معنيٰ سان قرآن شريف (جيڪو مٽياريءَ جي مولوي عبدالعزيز جو سنڌيءَ ۾ پهريون ترجمو هيو) جو دؤر ڪندو هو. ان سان گڏ شاهه جو رسالو بمبئيءَ واري نسخي جو پڻ دؤر ڪندو هو. ان ڪثرت سبب فقير سائين کي شاهه جا بيت تمام گهڻا ياد ٿي ويا هئا، جيڪي هر دم هن جي زبان مان پيا ٻڌندا هئاسين. انهن بيتن جون عجيب عجيب معنائون ڪندو هو، ڪڏهن ڪڏهن فتويٰ واري انداز ۾ چوندو هو ته، لطيف فقير آهي، فقير کانسواءِ سندس راز ڪير به پروڙي نٿو سگهي، عاشق هن جي ٻوليءَ کي سمجهي سگهن ٿا. جنهن تان اسين سندس سان اختلاف ڪندا هئاسين.
زندگيءَ جي آخري سالن ۾ بيمار هوندي به فقير، شاهه جي رسالي جي شرح لکي هئي، جيڪا ستار پيرزادي، مرتب ڪري ان جا ڪجهه سر ڇپرايا هئا. جنهن کي بدر ابڙو جي صلاح سان فقيراڻي شرح جو نالو ڏنو ويو هو. هن وقت ڪاڇو پبليڪيشن، ان سڄي شرح کي ڇاپڻ جا سانباها ڪري رهي آهي. جيڪا پروفن واري مرحلي ۾ پهتي آهي. مون جڏهن موهن لال کي ان ڇپيل شرح وارو ڪتاب ڏنو ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ ان سان ملاقات ٿي ته موهن لال ان شرح جي باري ۾ چيو ته، ڪتاب پڙهندي ايئن پيو لڳي ڄڻ فقير ڪچهري ڪري رهيو آهي. موهن جي دڙي تي جڏهن به ڪي آفيسر ايندا هئا ته موهن لال فقير کي نياپو ڪندو هو ته راڳ وارن کي وٺي اچي محفل ڪيو. اها محفل فقير جي فرمائش تي ٿيندي هئي. هر ڪلام کانپوءِ فقير، ميهر کي چوندو هو ته ڦلاڻي ڪافي ٻڌاءِ، مڪان تي ته اڪثر ايئن ٿيندو هو، جو ڪافي پوري ٿيڻ سان، فقير ان ڪافيءَ تي ڳالهائيندو هو، جنهن دوران قرآن شريف جون آيتون ۽ شاهه جا شعر ثابتيءَ طور پڙهندو هو.
فقير سائين بحث مباحثي جو بيحد پڪو ۽ ڳوڙهو گفتي باز هيو. ٻڌندڙ حيرت مان رڳو کيس ڏسندا ۽ ٻڌندا رهندا هئا. سندس اهي ڳالهيون ڪڏهن ته ڪپاٽ جي مٿان هوائي گذري وينديون هيون ۽ ڪڏهن ڪجهه سمجهه ۾ به اينديون هيون. سندس جو اڪثر موضوع عشق هوندو هو. ڦيرائي گيرائي ڳالهه عشق تي ختم ڪري، وري ميهر فقير کي ٻيءَ ڪافيءَ جي فرمائش ڪندو هو. هن جي ڪچهريءَ ۾ ڳوٺ جا پڪا، پوڙها ۽ جوان سڀ جا سڀ شريڪ هوندا هئا. مڪان صفا ٻيڙيءَ جي پُور! جيان پرباش هوندو هيو. چانهه جي دؤر سان گڏ سلفي به هلندي هئي. ان لاءِ چوندو هيو ته، ”بابا! نشو فقير کي فنا الهويت لاءِ جڳائي، نه ڪي اوهان زماني وارن کي واپرائڻ کپي.
ترڪ ڪيائون ترڪ کي جسمئون مري جوڳي ٿيا
فقير اڪثر چوندو هو ته، فنا ۾ بقا آهي، پاڻ ان جي بلڪل صحيحي صورت هيو، پاڻ وڃائي هن پاڻ کي ڳولي لڌو هو.
عاشقن الله، ويرو ٽار نه وسري،

آهه! ڪريندي سَاههُ، ڪڏهن ويندم نڪري. (شاهه)

No comments:

راءِ ڏيندا