سرور سهتو
قومي تحريڪ جو خاموش پر متحرڪ ڪردار
عبدالخالق جوڻيجو
ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته؛ ”خواب
اهو ناهي جيڪو توهان ننڊ ڪندي ڏسو پر خواب اهو آهي جيڪو توهان جي ننڊ ڦٽائي ڇڏي“،
اهڙا خوابن جي پويان ننڊون ڦٽائيندڙ انسان ئي قومن جي حقيقي ميراث هوندا آهن.
سنڌي قوم به اهڙن سپوتن کان
خالي ناهي، اهڙو جاڳندڙ اکين سان خواب ڏسندڙ ۽ ان خواب جي ساڀيان خاطر زندگي ڀر
جاکوڙيندڙ هڪ شخص سرور سهتو به هئو، هن جو خواب آزاد، خودمختيار ۽ خوشحال سنڌ هئي،
ان خواب جي تعبير خاطر جاکوڙ ۾ هو ڪڏهن غفلت جي ننڊ ڪو نه ستو، هن شايد شاهه لطيف
جي سُر سسئيءَ مان اهو سبق حاصل ڪيو هئو ته هڪ لمحي جي ننڊ زندگيءَ جي خواب جي
تعبير کي ”ڪوهين ڏور“ ڪري ڇڏيندي، ان ڪري ئي شايد هن پنهنجي تخليقن کي شاهه لطيف
جي نالي سان منسوب ڪيو، پهرين بحيثيت استاد سنڌ جي نوجوان کي انسان ذات جي خدمت جا
سبق ڏيڻ خاطر منظم ڪيائين ته ان تنظيم کي شاهه لطيف اسڪائوٽس جو نالو ڏنائين، وري
جڏهن بحيثيت سياسي اڳواڻ جي سنڌ جي اڀرندڙ نسل کي قومي شعور ڏيڻ جو بار مٿي تي
کنيائين ته لطيف سنگت جو پليٽ فارم منظم ڪيائين.
1970ع واري ڏهاڪي جي پوئين اڌ ۾
جڏهن جيئي سنڌ محاذ کي نئين سر منظم ڪيو ويو ته جي ايم سيد جي رهنمائيءَ ۾ ڪم ڪندڙ
ان جماعت باشعور ۽ بي لوث قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي هڪ وڏي کيپ سنڌ جي قومي تحريڪ
کي ڏني، انهن ۾ هڪ نهايت اهم نالو سرور سهتي جو به هئو، جيئي سنڌ محاذ جي کاتي ۾
جيڪا اها ڳالهه آهي ته ان قومي تحريڪ کي تعليمي ادارن مان ڪڍي سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن،
واهڻن ۽ وستين، گهرن ۽ اوطاقن، کيتن ۽ ڪارخانن تائين پهچايو ته ان جو هڪڙو عملي
ڪردار سرور سهتو به آهي، قومي تحريڪ کي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن کان اسڪولن سطح تائين
کڻي وڃڻ ۾ ته هن شخص جو اڳواڻيءَ وارو ڪردار آهي.
نئين تنظيم سازيءَ ۾ جيئي سنڌ
محاذ شاگردن، پورهيتن ۽ عورتن جا ذيلي فرنٽ به رکيا، ان سان گڏ اها راءِ به آئي ته
اسڪولي سطح کان ٻارن ۾ قومي شعور ۽ تنظيم بابت ساڃاهه پيدا ڪرڻ خاطر ٻارن جي ذيلي
فرنٽ به ٺاهجي، ان وقت چڻنگ سنگت جي نالي سان ٻارن جي هڪ تنظيم ناز سنائي هلائيندو
هئو جنهن جو تعلق به سائين جي ايم سيد جي سوچ سان هئو، محاذ ان تنظيم کي پنهنجو
ذيلي فرنٽ بڻائڻ جي تجويز ڏني پر ناز سنائي ان سان اتفاق نه ڪيو.
ان ڪري محاذ پاران ٻارن جي نئين
تنظيم قائم ڪئي وئي، جنهن کي منظم ڪرڻ ۽ هلائڻ لاءِ سرور سهتي کي مرڪزي نگران مقرر
ڪيو ويو ۽ سندس ئي تجويز تي ان جو نالو لطيف سنگت رکيو ويو. ٻارن ۾ ڪم ڪرڻ وڏن جي
ڀيٽ ۾ ڪيترو ڏکيو ٿئي ٿو ان تي نه ڪي ٻه رايا آهن ۽ نه ئي گهڻو ڪجهه چوڻ جي ضرورت
آهي، پر سرور صاحب جي محنتن ۽ ڪوششن جي نتيجي ۾ ڪجهه سالن اندر ئي لطيف سنگت ٻارن
جي هڪ سنڌگير منظم ۽ متحرڪ تنظيم بڻجي وئي، جيئن سنڌ جي لڳ ڀڳ سڀني ترقي پسند
پارٽين ۾ عورت فرنٽ آهن پر عوامي تحريڪ سان واڳيل سنڌياڻي تحريڪ سڀني ۾ وڌيڪ
نمايان رهي آهي، تهڙي نموني ٻارن جون تنظيمون به سڀني پارٽين جون ٺهيل رهيون آهن
پر لطيف سنگت سڀني کان اڳري رهي، ان جو ڪارڻ سرور صاحب جي فطري صلاحيتن ۽ پارٽي
(جيئي سنڌ محاذ) سان ڪمنمنٽ سان گڏ شايد اهو به هئو ته هو هڪ استاد هئو ۽ شاگردن
جي نفسيات انهن جي روين، خواهشن ۽ خوبين کي بهتر نموني سمجهي پيو، پهرين اسڪول ۾ ۽
پوءِ ڪاليج ۾ استاد رهيو، ان ڪري اسان کيس ”سائين سرور“ به چوندا هئاسين.
سائين سرور سان منهنجو واسطو
1976ع ۾ خفيه تنظيم سنڌ قومي انقلابي محاذ جي حوالي سان ٿيو پر پوءِ جلد ئي
(1977ع) ۾ جيئي سنڌ محاذ کي نئين سر منظم ڪرڻ جو عمل شروع ٿيو ته اسان ٻئي ان ۾
مصروف ٿي وياسين.
اسان ٻئي پارٽيءَ جي سپريم
ڪائونسل جا ميمبر هئاسين، ان سان گڏوگڏ مان ڪراچيءَ جو ۽ سرور سهتو حيدرآباد جو
ڊويزنل آرگنائيزر به هئو، ان وقت پارٽيءَ جون سموريون ميٽنگون سن ۾ ٿينديون هيون
جن ۾ سپريم ڪائونسل جي هر مهيني ٿيندڙ ميٽنگ، به شامل هئي، ڪيترا دفعا ائين ٿيندو
هئو ته مان ڪراچيءَ مان پهرين حيدرآباد، مسلم ڪاليج جي هاسٽل ۾، سرور صاحب جي
رهائش تي ويندو هئس جتان اسان گڏجي سن ويندا هئاسين، ان وقت سن جي سواري (بس يا
ويگن) ملڻ ۾ ڪلاڪ کن لڳي ويندو هئو، وري رستو اهڙو جو اوستائين پهچڻ ۾ ٻن کان
اڍائي ڪلاڪ لڳي ويندا هئا، اهو سڄو وقت سرور سهتي ۽ منهنجي تعلق لاءِ زحمت پٺيان
رحمت (Blessing in disguise) ثابت ٿيندو
رهيو جو ان دوران اسان کي سياسي ۽ تنظيمي معاملن تي ڪچهري ڪرڻ سان گڏوگڏ هڪ ٻئي جي
ذاتي ۽ شخصي لاڙن، خوبين ۽ خامين کي ويجهي کان ڏسڻ جو موقعو ملندو هئو، اهڙي طرح
اسان جي وچ ۾ سياسي هم آهنگي، تنظيمي ويجهڙائي ۽ ذاتي دوستي پختي ٿيندي وئي، ڪجهه
فطري هڪ جهڙايون به ويجهڙائي پيدا ٿيڻ ۾ مددگار ٿيون، اسان ٻئي وقت جي پابنديءَ تي
زور ڏيندڙ ۽ پارٽيءَ ۾ ڊسيپلين جا قائل هئاسين.
جڏهن ميٽنگ لاءِ سن پهچندا
هئاسين ته ظاهر آهي پهرين سائين جي ايم سيد سان ملاقات ٿيندي هئي، پهچڻ شرط سائين
موسم آهر چانهه يا شربت سان خاطر تواضح ڪندو هئو ۽ گڏوگڏ شربت ۽ چانهه کان وڌيڪ
چَس واري سائينءَ جي ڪچهري هلندي هئي، وقت گذرڻ جو پتو ئي نه پوندو هئو، مان جڏهن
دوستن کي ميٽنگ جو وقت ياد ڏياريندو هئس ته اڪثر دوست ان تي ناراض ٿيندا هئا پر
سرور سهتو منهنجو ساٿ ڏيندو هئو، پارٽي کيس جيڪو ڪم ڏيندي هئي ان کي مقدس فرض
سمجهندي هر صورت ۾ ۽ هر قيمت تي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هئو ۽ اها حقيقت آهي ته هن
قومي تحريڪ خاطر وڏي قيمت ڏني به هڪ پاسي گهر جو ڪو ڀاتي بيمار هجي ۽ ٻئي طرف
پارٽيءَ جي ذميواري ته سرور سهتو پارٽيءَ جي ذميواري نڀائڻ هليو ويندو، انسان جو
سڀ کان قيمتي، سڀ کان اهم ۽ سڀ کان وڏو اثاثو ان جو اولاد هوندو آهي، اولاد جي
ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ ماڻهو سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار هوندا آهن، سڀ ڪجهه ڪرڻ ۾ ڪي ماڻهو
جائز طريقن تائين پاڻ کي محدود رکندا آهن پر ڪيترا ته اولاد خاطر ناجائز ڪمن ۽
طريقن کي به جائز سمجهندا آهن، جيڪڏهن ڪو ماڻهو قومي ذميواري نڀائڻ خاطر اولاد جي
جائز ذميوارين جي به قرباني ڏئي ته منهنجي خيال ۾ اها سڀ کان وڏي قيمت ۽ سڀ کان
ڏکي قرباني آهي، سرور سهتو قومي ڪم کي اوليت ڏيڻ سبب خاندان ۽ اولاد کي جائز ۽
مناسب وقت ۽ وسيلا ڏئي نه سگهيو.
ان معاملي بابت ٻه مختلف ۽
متضاد رايا آهن، هڪڙن ماڻهن جو چوڻ آهي ته ”جيڪو ماڻهو اولاد لاءِ ڪجهه نٿو ڪري
اهو قوم لاءِ ڇا ڪندو“. ان ئي سوچ کي ڪجهه همراهه وري اٽڪل سان ائين پيش ڪرڻ جي
ڪوشش ڪندا آهن ته ”ادا، پنهنجي اولاد جي بهتريءَ لاءِ جاکوڙڻ به ته قوم لاءِ
جاکوڙڻ آهي نه“ يا اهو ته ”اسان جي اولاد
جي ترقي سنڌي قومي جي ترقي آهي“، اهو گهڻو ڪري ٿڪل سياسي ڪارڪن ۽ ڪرپٽ ڪامورا
چوندا آهن، ٻيو نقطئه نگاهه اهو آهي ته سڀ کان وڏي قرباني سڀ کان پياري شئي جي
هوندي آهي ۽ يقيني طور ڪائنات ۾ انسان جي سڀ کان پياري شئي ان جو اولاد ئي هوندو
آهي، ان ڏس ۾ پراڻي دور ۾ حضرت ابراهيم ۽ اڄوڪي وقت ۾ مهاتما گانڌيءَ جا نالا
نمايان طور ورتا ويندا آهن، مان سرور سهتي کي انهن جي قافلي جو سپاهي سمجهان ٿو، سرور
سهتي ۽ مون ۾ ٻي مشترڪ ڳالهه اها هئي ته اسان ٻئي غريب گهراڻي سان واسطو رکندڙ
هئاسين، ٻنهي جي گذر سفر جو واحد ذريعو سرڪاري نوڪري هئي ۽ ٻنهي قومي تحريڪ خاطر
اها نوڪري ڇڏي ڏني.
جيئي سنڌ محاذ جي شروعاتي سالن
۾ مرڪزي ادارو سپريم ڪائونسل 9 ميمبرن تي مشتمل هوندو هئو جنهن ۾ چيئرمين، وائيس
چيئرمين ۽ ست ميمبر چونڊبا هئا، ((ذيلي فرنٽن جا نمائندا ان کان علاوهه هئا)،
ابتدائي ڪم هئڻ سبب گهڻو ڪري اهي سڀ صلاح مشوري ۽ اتفاق راءِ سان منتخب ٿيندا هئا،
اڳتي جڏهن ڪم وڌيو ۽ ميمبرن جو تعداد به وڌيو ته فطري طور خيالن جو فرق به سامهون
اچڻ لڳو ۽ هر جمهوري پارٽيءَ وانگر محاذ ۾ به مختلف سوچن وارا گروپ وجود وٺڻ لڳا،
1991ع جي پارٽي چونڊن ۾ انهن گروپن ۾ مقابلي جي صورت بڻجي آئي، گڏيل صلاح ۽
عبدالواحد آريسر جي رضامنديءَ سان طئي ٿيو ته ان دفعي چيئرمين تبديل ڪيو وڃي ۽ ان
تي به اتفاق ٿيو ته وائيس چيئرمين سيد غلام شاهه کي چيئرمين ڪيو وڃي، ان جي نتيجي
۾ وائيس چيئرمين جو عهدو خالي ٿيو جنهن تي پهريون دفعو باقاعدي ۽ ڀرپور نموني
مقابلو ٿيو، ويجهڙائيءَ ۾ اسٽوڊنٽس فيڊريشن کان پارٽيءَ ۾ ايندڙ دوستن جي گروپ آصف
بالاديءَ کي بيهاريو جڏهن ته اسان جي ترقي پسند گروپ جو اميدوار سرور سهتو هئو، 14
سالن تائين غير متنازعه چيئرمين رهندڙ عبدالواحد آريسر جي آشيرواد به آصف کي حاصل
هئو، پر پوءِ به سرور سهتو وڏي وٿيءَ سان وائيس چيئرمين چونڊجي ويو.
1993ع ۾ جيئي سنڌ محاذ کي مڪمل
طور کليل سياسي جماعت بڻايو ويو ۽ آئين ۾ ترميم ڪري مرڪزي سطح تي مڪمل باڊي ٺاهي
وئي، چيئرمين جي عهدي تي ان وقت طاقتور ادارن جي قيد ۾ هوندڙ عبدالواحد آريسر کي
آڻڻ تي اتفاق ٿيو ۽ جنرل سيڪريٽريءَ لاءِ سرور سهتو منتخب ٿيو، 1995ع ۾ سائين جي
ايم سيد جي وفات ٿيڻ شرط ”پراڻيون پارٽيون“ توڙي ”نئين پارٽي“ ٺاهڻ جو هُل هنگامو
شروع ٿي ويو، ان وقت عبدالواحد آريسر سميت ڪيترا سينيئر اڳواڻ پنهنجي هم خيال
ساٿين سان گڏ جيئي سنڌ محاذ کي ”ٽوڙڻ“ جو يڪطرفو اعلان ڪندي، نئين پارٽيءَ ۾ شامل
ٿي ويا، پر ڪارڪنن جي اڪثريت جيئي سنڌ محاذ کي بحال رکڻ ۽ نئين سر منظم ڪرڻ جو
فيصلو ڪيو ته سرور سهتو ان فيصلي جو حصيدار هئو ۽ ان مشڪل دور ۾ پارٽيءَ کي متحرڪ
رکڻ ۽ منظم ڪرڻ ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيائين. وري جڏهن 2001ع ۾ جيئي سنڌ محاذ ۾ ڌڙا
بندي ٿي ته سرور صاحب زين شاهه واري گروپ سان شامل رهيو، اڳتي هلي زين شاهه ان
پارٽيءَ کي ڇڏي ويو ته سرور سهتو ان جو سربراهه ٿيو، جنهن حيثيت ۾ ئي 6 نومبر
2016ع تي هن دوستن، ساٿين ۽ عزيزن کان هميشه لاءِ موڪلاڻي ڪئي.
15 سالن تائين سياسي رستا ڌار
هئڻ جي باوجود سرور سهتي ۽ منهنجي دوستي به ساڳيءَ حالت ۽ حيثيت ۾ برقرار رهي، ۽
هڪ ٻئي لاءِ عزت ۽ احترام به ساڳيو ئي قائم رهيو، 20 سال تمام ويجهو رهڻ ۽ گڏ ڪم
ڪرڻ دوران هڪ ٻئي جي ڄاتل ڪوتاهين ۽ ڪمزورين تي اسان ڪڏهن نه ڳالهايو، جڏهن جيئي
سنڌ جي سڀني ڌڙن جا لڳ ڀڳ سمورا ليڊر ۽ ليکڪ منهنجي خلاف ڪردار ڪشيءَ جي مهم ۾
مصروف هئا تڏهن به سرور سهتي پنهنجو مان مرتبو ۽ سنجيدگي برقرار رکندي پاڻ کي ان
مهم کان محفوظ رکيو، منهنجو کيس ذاتي حيثيت ۾، تنظيمي ساٿيءَ جي حيثيت ۾ ۽ قومي
ڪارڪن جي حيثيت ۾ پيار ۽ پاٻوهه ڀريو سلام.
سرور سهتو
قومپرست اڳواڻ سائين سرور سهتو
اڄ اسان کان وڇڙي ويو، سندس علمي ادبي، سياسي پورهيو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي
ٿورن سان پيش ڪجي ٿو.
ناليواري قومپرست اڳواڻ سرور
سهتي پهرين فيبروري 1939ع تي تعلقي ڪنڊياري، ضلعي نوشهري فيروز جي ڳوٺ بُدڪ ۾ جنم
ورتو. شروعاتي تعليم ڳوٺ اُڌل سهتي مان ۽ پوءِ ڳوٺ بُدڪ جي پرائمري اسڪول مان 6
درجا پاس ڪيائين. پاڻ ننڍپڻ ۾ ئي ماءُ جي سهاري کان محروم ٿي ويو. جنهن ڪري کيس
غربت سان جهيڙڻو پيو. هن کي پڙهڻ جو شوق هو ۽ ويلا ڪاٽي به پڙهائي جاري رکي. مئٽرڪ
1960ع ۾ ڪنڊياري هاءِ اسڪول مان پاس ڪيائين، هن 1964ع ۾ ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان
انٽر ۽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان 1966ع ۾ گرئجوئيشن ۽ 1975ع ۾ ايم.اي (سنڌي ادب) ۾
ڪيائين. ان وچ ۾ هن لا ڪاليج لاڙڪاڻي مان ايل ايل بي جو امتحان پڻ ڏنو، اُن وقت
نامور دانشور سوڀو گيانچنداڻي لا ڪاليج ۾ سندس هم ڪلاسي هو.
سرور سهتي پنهنجي عملي زندگيءَ
جي شروعات 1961ع کان هاءِ اسڪول ۾ فزيڪل ٽريننگ انسٽرڪٽر (پي ٽي آءِ) طور ڪئي. هو
جڏهن 1965ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ پي ٽي آءِ هو ته هن اُتي شاهه لطيف اسڪائوٽ گروپ جو بنياد
رکيو. ممتاز علي خان ڀُٽي ۽ نثار کهڙي به هن وٽ شاه لطيف اسڪائوٽ گروپ ۾ ميمبر طور
ڪم ڪيو. اهو شاهه لطيف اسڪائوٽ گروپ اڄ تائين قائم آهي ۽ هر سال شاهه لطيف جي عرس
جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام سنڀاليندو آهي. سرور سهتي کي 1976ع ۾ ڊائريڪٽر
فزيڪل ايجوڪيشن طور ترقي ڏئي لاڙڪاڻي مان بدلي ڪري مسلم ڪاليج حيدرآباد موڪليو
ويو، اُن دوران هن 1979ع ۾ فزيڪل ٽريننگ ڪاليج ناظم آباد ڪراچيءَ مان سينيئر
ڊپلوما پڻ ڪئي. جڏهن ته 31 ڊسمبر 1987ع تي مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد مان وقت کان
اڳ ۾ رٽائرمنٽ ورتائين.
سرور سهتي جو پڙهائيءَ دوران
قومپرستيءَ طرف لاڙو ٿيو ۽ هن سياست جي باقاعدي شروعات 1977ع ۾ جيئي سنڌ محاذ ۾
شموليت سان ڪئي. اُن زماني ۾ ملازم پيشه شخص انڊر گرائونڊ ڪم ڪندا هئا ۽ ڪڏهن به
عام جلسن ۾ اڳيان نه ايندا هُئا. پهرين کيس جيئي سنڌ محاذ حيدرآباد جو ڊويزنل
آرگنائيزر چونڊيو ويو، جنهن عهدي تي هن 1977ع کان 1979ع تائين ڪم ڪيو. 1980ع ۾
جيئي سنڌ محاذ پاران کيس ٻارن جي تنظيم ’لطيف سنگت‘ جو مرڪزي نگران مقرر ڪيو ويو ۽
هن 1980ع کان 1990ع جي ڏهن سالن ۾ سڄي سنڌ اندر لطيف سنگت کي منظم ڪيو ۽ اُن جي
پليٽ فارم تان لطيف سنگت جي ترجمان رسالي جا ڪُجهه پرچا به ڪڍيا. ڪيترائي تربيتي
ورڪشاپ ۽ ٻارن جون ڪانفرنسون به ڪرايون. اُهي لطيف سنگت جا شاگرد اڳتي هلي جيئي
سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جا ميمبر ٿيندا هُئا ۽ تعليم مڪمل ٿيڻ بعد جيئي سنڌ محاذ ۾ ڪم
ڪندا هئا. اهڙن شاگرد اڳواڻن ۾ مير عالم مري، اظهار سومرو، رياض چانڊيو ۽ خدابخش
جويو وغيره اچي وڃن ٿا. هر سال ڀٽ شاهه لطيف سنگت جو شايان شان ميلو به لڳرائيندو
هو، جنهن ۾ تحريري، تقريري ڊرامن ۽ راندين جا مقابلا به ڪرايا ويندا هُئا، هر سال
ميلي جي صدارت ناليوارن اديبن يا فنڪارن کان ڪرائيندو هو. لطيف سنگت جي اهڙن جلسن
جي صدارت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، محمد ابراهيم جويو، عبدالواحد آريسر، تاج جويو ۽ ٻيا
ڪري چُڪا هُئا. اڳتي هلي سرور سهتو جيئي سنڌ محاذ جو وائيس چيئرمئن ٿيو، اُن وقت
عبدالواحد آريسر پارٽي چيئرمئن هوندو هو. ٻيو ڀيرو سرور سهتو پارٽي جو جنرل
سيڪريٽري چونڊيو ويو، جنهن عهدي تي 1995ع تائين ذميواريون نڀايائين. 1995ع ۾ جي.
ايم سيد جي لاڏاڻي کانپوءِ جڏهن جيئي سنڌ محاذ ۽ جيئي سنڌ تحريڪ جو انضمام ٿيو ۽
جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) وجود ۾ آيو، اُن وقت سرور سهتو، خالق جوڻيجو ۽ ڪجهه ٻيا
ساٿي ساڳي جيئي سنڌ محاذ ۾ رهيا، ۽ انضمام ۾ شامل نه ٿيا. اُن دوران خالق جوڻيجو
جيئي سنڌ محاذ جو چيئرمئن ۽ سرور سهتو سينيئر وائيس چيئرمئن رهيو، اڳتي هلي
اختلافن بعد جيئي سنڌ محاذ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. هڪ حصي جو چيئرمئن خالق جوڻيجو ۽
ٻئي جو چيئرمئن سرور سهتي کي چيئرمئن چونڊيو ويو، جنهن عهدي تي 2008ع کان مرڻ
گهڙيءَ تائين برقرار رهيو.
سرور سهتي جو ادب ڏانهن به لاڙو
رهيو آهي، هن ڪهاڻيون، تحقيقي مضمون لکيا ۽ شاعري پڻ ڪئي. هي ڪجهه عرصي تائين ناز
سنائي جي ادارت ۾ نڪرندڙ رسالي چڻنگ ۾ پڻ ڪم ڪندو رهيو. سرور سهتو محنتي ۽ ڪميٽيڊ
سياسي ۽ قومي ڪارڪن رهيو آهي. پارٽي سرگرمين کي وقت ڏيڻ جي ڪري نوڪري تان وقت اکان
اڳ ۾ رٽائر ڪيائين ۽ ڪُل وقتي ڪارڪن طور ذميواريون سنڀاليندو رهيو. سرور سهتو جيئن
ته ايل.يل.بي هو، اُن ڪري نوڪريءَ تان رٽائرمنٽ کان پوءِ ڪجهه عرصو وڪالت به
ڪيائين. سرور سهتو هڪ محنتي، بيباڪ ۽ کرو انسان هو، اُن ڪري کيس قومي حلقي ۾ عزت
جي نگاه سان ڏٺو ويندو هو.
هن جهوني قومپرست اڳواڻ 6 نومبر
2016ع تي، پنهنجي ڳوٺ بُدڪ ۾ پساه پورا ڪيا.
سرور سهتو
ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا
اشرف علي عمراڻي
سنڌ ڌرتي پنهنجي ڪک مان ڪيترا ئي
عظيم اعليٰ ڪردار رکندڙ انسان پيدا ڪيا آهن جن پنهنجي قوم جي خوشحالي لاءِ تڪليفون، سختيون ته برداشت ڪيون پر پنهنجي مقصد
تان هر گز نه هٽيا، قومي مقصد خاطر جيل، ٽارچر سختيون برداشت ڪيون پر ڪڏهن به
مايوس نه ٿيا ۽ قوم کي منظم ڪندا رهيا، زندگين جا خوبصورت ڏينهڙا قوم جي نانءَ
ڪندڙ اهڙي عظيم ڪردارن ۾ سائين سرور سهتي
جو شاندار سياسي ڪردار به شامل آهي، سندس وفات جي خبر سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڦهلجي وڃڻ
سبب ڏک جي فضا ڇانيل آهي، ڪي ماڻهو پنهنجي بهتر ڪردار ثابت قدميءَ ۽ پروگرام تي
پختگي سان بيهڻ تي قومن کي هميشھ ياد رهندا آهن، سائين سرور سهتي رهبر سنڌ سائين
جي ايم سيد جي عظيم فڪر ۽ نظرئي تي هلندي زندگي گذاري ڇڏي، عظيم مقصد جي حاصلات
لاءِ ڪشالا ڪٽيا، پنهنجي زندگي جي جوڀن جا ڏيهنڙا قومي تحريڪ کي ارپي ڇڏيا، سيد جي
سنڌ سان عشق جي انتها هن تي به تمام گهڻا گهرا
اثر ڇڏيا، هي به عاشق سيد بڻجي ويو، سائين سرور اسڪائونٽنگ ۾ انتهائي سرگرم
ڪردار ان کي سڄي سنڌ تائين مهارت سان ڦهلائي سماجي ڪمن جي شروعات ڪئي. سياسي سماجي
ڪمن ۾ متحرڪ رهندڙ سائين سرور سهتي جڏهن سائين جي ايم سيد طرفان 1972ع ۾ جيئي سنڌ
محاذ جو بنياد وڌو ته سائين جي نظرئي ۽ فڪر سان سهمت ٿي قومي تحريڪ کي متحرڪ ڪرڻ ۾
اڳڀرو رهيو، سيد جي عدم تشدد واري پاليسي تي پاڻ آخر تائين بيٺل رهيو، سائين سرور
سهتي ڪڏهن به پنهنجي ذات لاءِ نه سوچيو پر قوم جي آجپي لاءِ جدوجهد شروع ڪري ڏني،
مختلف آمرن جي دور ۾ جتي (سنڌڙي تنهنجو نانءُ کنيم ڄڻ ڪاريهر تي پير رکيم) واري
صورتحال هئي، تڏهن هي بهادر اڳواڻ جنگ جاري رکندي حيدرآباد جي مسلم ڪاليج سميت
مختلف هنڌن تي قومي ليڪچر ڏيندو رهيو، سائين سرور سهتي پنهنجي سرڪاري نوڪري به
داءَ تي لڳائي فڪر تي پختگي سان ڪم جاري رکيو، قومي تحريڪ ۾ ٻارڙن جي تنظيم ”لطيف
سنگت“ جو بنياد رکي سائين سرور اسڪولي شاگردن کي چٽا ڀيٽي ۽ مطالعي جي شروعات ڪئي،
جنهن سبب ڪيترائي شاگرد ”لطيف سنگت“ مان تربيت وٺي، قومي تحريڪ لاءِ پنهنجو ڪردار
ادا ڪرڻ لڳا، جنهن ۾ وڏا قومي اڳواڻ به ”لطيف سنگت“ جي تربيت سان بڻجي ويا قومي
ڪارڪنن جي وڏي کيپ ”لطيف سنگت“ مان تيار ٿي آجپي جو پيغام جهر جهنگ پهچائڻ ۾ اهم
ڪردار ڪيو قومي ڪارڪنن لاءِ سائين سرور جو ڪردار هڪ نرسري وارو رهيو، طاقتور رياست
طرفان قومي تحريڪ خلاف سائين جي ايم سيد جي دور کان وٺي ڪيترا ئي بحران پيدا ڪيا
ويا، تنظيم کي مظبوط ٿيڻ تي ان ۾ ٽوڙ ڦوڙ ڪرائي ڌڙا بنديون ڪرائي وڏا بحران پيدا
ڪيا ويا پر سائين سرور هميشھ انهن بحرانن کي پنهنجي عقل ۽ فهم سان ناڪام بڻائي،
تحريڪ کي جاري رکيو، هماليه جبل وانگي ميدان تي بيٺل رهيو، سيد جي فڪر کي وڌائڻ
لاءِ هر پل جدوجهد جاري رکي، جنهن ۾ کيس 8 سالن جسم جي اڳواڻي ڏني وئي کيس سندس
سياسي قابليت متحرڪ ڪردار ۽ تجربي جي بنياد تي سندس وفات کان ٿورو اڳ تائين چئرمين
جي عهدي تي چونڊيو ويندو هو، جنهن ۾ هن بيماريءَ هوندي به سڄي سنڌ ۾ ڪارڪنن سان
ملاقاتون ڪري تنظيم کي وڌائڻ جي جاکوڙ ڪئي، ڪيترا ئي نوان ڪارڪن پيدا ڪندو رهيو
سرور سهتي، سيد جي فڪر جي ساڀيان ڪرڻ لاءِ سخت محنت جاري رکي، سائين سرور اڪثر
ڪچهرين ۾ چوندو رهندو هو ته قوم جي آجپي لاءِ کيس گولي هڻي شهيد ڪيو وڃي ته اهو
سودو مون کي قبول هوندو ان سان ڌرتي جي ٻچن کي خوشحالي ملي ويندي ته ان کان وڌيڪ
ٻي ڪهڙي ڳالھه ٿي سگهي ٿي، قومي ڪارڪنن جي شهيد ٿيڻ تي سائين سرور جي اکين ۾ ڳوڙها
برسات وانگر وهندا هئا، قومي ڪارڪنن کي شفقت جي نظر سان ڏسندڙ هي کاهوڙي ڪردار
انهن کي اولاد کان وڌيڪ سمجهندو هو، سندس وفات قومي تحريڪ ۾ وڏو خال ڇڏيو آهي،
جيڪو ڀرجڻ ته مشڪل آهي پر سندس مِشن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ سندس صحبت هيٺ آيل ڪارڪن
ضرور جدوجهد ڪندا، سنڌ جو هي عظيم انسان جسماني طور ته جدا ٿي ويو آهي پر پر سندس
شاندار جدوجهد ۽ اهم ڪردار صدين تائين قوم جي معمارن جي رهنمائي ڪندو رهندو، سائين
سرور، سائين جي ايم سيد جي نظرئي تي آخري دم تائين اٽل ٿي بيٺل رهيو، زندگي جي ساٿ
ڇڏڻ تائين سنڌ سان عشق ۾ ٽمٽار رهيو، سيد جي ڪتابن جي جي مطالعي کيس پيرسن ۽ بيماري
واري زندگي ۾ به جدوجهد جاري رکرائي، سائين سرور قومي ڪارڪنن جي ڀرپور تربيت ڪري
سيد جي مِشن کي اڳتي وڌائڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿي ويو، هزارين نوجوان سائين جي مِشن تي
عمل پيرا ٿي جدوجهد جاري رکيو اچن، سائين سرور ”سن“ کي سياست جو قومي قبلو مڃي
پارٽي جي اهم اجلاسن گهرائڻ ۾ ”سن“ شهر کي وڏي اهميت ڏيندو هو سيد جي ڏنل رستي ۾
کيس معلوم هو ته سنڌ جي آجپي جي جدوجهد سيد جي شهر ۽ سندس مزار کان شروعات ڪئي
وڃي، سيد جي مزار تي سائين سرور چوندو هو ته سندن زندگي جي ڏکن، پريشانين، معاشي
مسلئن جا مونجهارا سيد جي مزار تي پهچڻ سان ختم ٿي ويندا آهن ٻيهر جوان ٿي مظبوط
فڪر جو پيغام عام ڪرڻ لاءِ نڪري ويندا آهيون، هر ساھ واري زندگي کي هي جهان ڇڏڻو
آهي پر سائين سرور سهتي جو عظيم ڪردار سنڌ جي تاريخ ۾ موجود رهندو جڏهن به سنڌ جي
عاشقن جي ڳالھه ٿيندي اتي سائين سرور سهتي جو ذڪر ضرور ٿيندو.
ڪي ماڻهون تاريخ ٿين ٿا، گهايل
ڌرتيءَ جي سيني تي
سرور سهتو
جنھن جو لاڏاڻو، هڪ سانحو
علي نواز ٻٽ
محترم سرور سهتو جي پيدائش پهرين فيبروري 1939ع تي ڳوٺ ”بُدڪ“ تعلقي ڪنڊيارو
۾ سهتن جي ملان گهراڻي ۾ ٿي، ان ڪري قرآن شريف معنيٰ سان پڙهيائين ۽ ان جون
ڪيتريون ئي سورتون کيس ياد هيون، هن حديث جو به مطالعو ڪيو ۽ کيس حديثن جو به وڏو
حصو ياد هيو.
هو ايم اي، ايل ايل بي هيو ۽ فزيڪل ٽريننگ ۽ اربڪ ۾ ڊپلووما ٿيل هيس. سندس
ڪيريئر جي شروعات لاڙڪاڻي کان هڪ استاد حيثيت کان ٿي. جتان کيس ڪاليج ۾ فزيڪل
ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو ۽ مسلم ڪاليج حيدرآباد جي هاسٽل ۾ رهائش پذير ٿيو.
محترم سرور سهتو جڏهن استاد هيو ته هن اڄ کان 51 سال اڳ 1965ع ۾ لاڙڪاڻي ۾
شاهه عبداللطيف اسڪائوٽس جو بنياد وڌو جيڪا اڃا تائين هلندي اچي ۽ ڀٽ شاهه جي ميلي
جا انتظام سنڀاليندي آهي. پنجاهه سال گذرڻ تي گذريل سال سرور سهتي کي شاهه لطيف
اسڪائوٽس جي سلور جوبلي جي موقعي تي ايوارڊ پڻ ڏنو ويو هو. سرور سهتو 1977ع کان
جيئي سنڌ محاذ جي سينٽرل ڪميٽي ۽ پوءِ وائيس چيئرمين، جنرل سيڪريٽري ۽ آخر ۾ چيئرمين
جي عهدن تي رهيو.
محترم سرور سهتو کي سنڌ سان عشق هيو، ان ئي عشق جي طفيل، هو سائين جي ايم
سيد کان متاثر ٿيو هيو، ۽ سندس آزاديءَ واري نظريي لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو، ۽ سيد
جي فڪر کي نه ڇڏيائين، نه ته هتي ڪيئي مڙس لڙهي ويا! شاهه سائين چيو آهي ته:
عاشق، معشوقن جو، وٺي ويهج دَرُ،
اچي پڇندئي سُپرين، لهندئي سَرَ سنڀرُ،
ڀلائيءَ جو ڀَرُ، رهبرُ ٿيندئي راهه ۾.
محترم سرور سهتي سيد جو در پڪڙيو ته آخر تائين انهيءَ در کي نه ڇڏيائين، هو
فڪري طور سيد جي نظريي سان مسلط هيو، هن وٽ تڙپ هئي، ولولو هيو، جذبو هيو، اهو
پيريءَ تائين جاري رهيو ۽ هو جهر جهنگ جبل جهاڳيندو رهيو. هن ڪڏهن به پنهنجي ذات
جي سک لاءِ نه سوچيو، هن کي سنڌ ۽ سنڌي ماروئڙن جي تانگهه لڳل هئي.
سُکن واري سَڌَ، متان ڪا مون سين ڪري،
اندر جنين اَڌَ، ڏونگر سي ڏورينديون. (شاهه)
هو بک تي، ڏک تي، بسن ۾ لٽڪندو، تنظيم جي ڏنل پروگرام تي پهچندو هيو، هو
اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ به ڪيئي ڀيرا آيو هيو، ضياءُ الحق جي زماني ۾ ماڻهو خوف ۾ ورتل
هيا، اڪثر انقلابي جماعتون زمين دوز ٿي ويون، انهن ڏينهن ۾ جيئي سنڌ محاذ کٽ
ڪچهريءَ جو رواج وڌو هيو ۽ ڳوٺن ۾ وڃي ڳوٺاڻن سان ڪچهريون ڪيون وينديون هيون. انهن
ڏينهن ۾ ڪراچي جيئي سنڌ محاذ جون ميٽنگون، ٻهراڙين جي جهنگن، باغن ۽ ”آمريءَ“ جي
وڻن جي هيٺان ٿينديون هيون، ڪيترين ئي گڏجاڻين ۾، سائين آريسر صاحب محترم سرور
سهتي کي موڪليندو هيو، اهڙو هڪ اجلاس حاجي شيدي ڳوٺ جي پوئين پاسي باغ ۾ ٿيو هيو،
اهو باغ پاڻي نه هئڻ ڪري هاڻ ختم ٿي ويو آهي. انهيءَ اجلاس ۾ صحافي حمزو پنهور
جيڪو ان وقت تائين هاري ڪاميٽيءَ سان هيو، شريڪ ٿيو هيو، انهيءَ اجلاس ۾ سائين
سرور سهتو آيو هيو، پَٽ تي تڏا ۽ تونريون وڇايل هيون محترم سرور سهتي سميت اسان سڀ
اتي ويٺا هياسون. هو سڄي سنڌ ۾ اهڙن ڪيئي پروگرام ۾ شريڪ ٿيو هيو.
هو جيئي سنڌ محاذ جو سينيئر اڳواڻ هيو پر ڪڏهن به نه چيائين ته آئون تنظيم
جي حڪم تي نه هلندس، ڪيئي فيصلا سندس خيالن جي خلاف ٿيندا هيا پر هو انهن تي عمل
ڪندو هيو، سواءِ ان جي جو اهو فيصلو نظريي سان ٽڪراءُ ۾ نه اچي. هو اجلاس ۾ ڀرپور
موقف رکندو هيو، ڪڏهن ڪڏهن سندس موقف ان وقت جي چيئرمين جي موقف جي خلاف هوندو
هيو، هو جڏهن مرڪزي باڊيءَ ۾ عهديدار ٿيو ته مرڪزي باڊيءَ جا اهي فيصلا جيڪي هو
سمجهندو هيو ته نظريي جي ٽڪراءَ ۾ آهن، ۽ مرڪزي باڊي ۾ منع به ڪيو ويندو هيو ته
اها ٻاف ٻاهر نه نڪري، پر هي سينٽرل ڪميٽيءَ ۾ اها ڳالهه، سڀني کي ٻڌائيندو هيو،
جنهن تي چيئرمين صاحب ۽ سندس وچ ۾ تلخي به ٿيندي هئي، پر اجلاس کان ٻاهر ڪڏهن به
ناراضگي جو اظهار نه ڪيائين، اهو انهيءَ ڪري جو هو ادارن کي وڌيڪ اهميت ڏيندو هيو.
سرور سهتي صاحب کي جماعت پاران جيڪا به ذميداري هلندي هئي، هو ان کي خوشيءَ
سان نڀائيندو هيو. هن ايئن ڪڏهن به نه ڪيو ته گهر ويٺو هجي ۽ ويٺو اجايا سجايا
سوال اٿاري.
ڏونگر نه ڏوري، سڪڻ جو سڌون ڪري
ويٺي گهر گهوري، مٿان پرينءَ جندڙو. (شاهه)
محترم سرور سهتوهڪ انقلابي اڳواڻ هيو. ڪهڙا به ڏکيا مرحلا هجن، ڏکيو ڪم
هجي، هي نه ويٺو، نه رڪيو نه جهڪيو، نه ڪنهن کي ڪا ميار ڏنائين، هو پنهنجي تنظيمي
ڪم سان، لڳل رهندو هيو، هن ڪڏهن ريس به نه ڪئي، وقت تي پهچبو، بيماري هجي، تڪليف
هجي، پر وقت کان اڳي پهچبو، ان جا ڪيئي مثال موجود آهن، جنهن جو هڪ مثال گڏيل
سينٽرل ڪميٽيءَ جو دادو ۾ رکيل اجلاس آهي، جنهن ۾ امڪان هيو ته سرور سهتو بيماريءَ
جي ڪري نه اچي سگهندو پر پاڻ سڀني کان اڳ ۾ پهتو هيو ۽ اسان سڀ دير سان پهتا
هياسيون.
ڇُلان منجهه نه ڇاڪ، پُران پُونِمِ پُر ڪڻَا
متان ڪا مُنڌ ڪري، موٽڻ جي مزاڪَ
چِتِ سَندو مون چاڪَ، هاڙهي هڏُ هڻي ڪِئو. (شاهه)
ڳالهه ڪبي ته پاڙبي، اڌ ۾ نه ڇڏبو، هو انهيءَ معاملي ۾ انتهائي ذميدار هيو،
پاڻ ته نڀائيندو هيو پر ٻين کي به اُتساهيندو هيو، هو اجائي لٻاڙ بازيءَ ۾ يقين نه
رکندو هيو. هن کي تقرير ۾ تشبيهون ته ڏيڻ نه اينديون هيون، پر سندس تقرير ۾ وڏو
جذبو سمايل هيو ۽ تقرير به جذباتي انداز ۾ ڪندو هيو. اهو ته گهڻن کي معلوم نه
هوندو ته ڪو هو شاعر به هوندو پر هو شاعر به هيو ۽ ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ به
ويندو هيو.
محترم سرور سهتو، مختلف قوم پرست جماعتن جي پاڻ ۾ اختلافن باوجود قوم پرستن
جي اتحاد جو قائل هيو، هن محترم بشير خان جي چاليهي تي پنهنجي تقرير ۾ سمورين
جماعتن کي فلسطينين جيان اتحاد ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي. انهيءَ تجويز جي روشنيءَ ۾
محترم ڊاڪٽر صفدر سرڪي صاحب جيئي سنڌ تحريڪ جي پليٽ فارم تان هڪ اجلاس ڪرايو هيو
پر گهڻي پيش رفت ٿي نه سگهي آهي. محترم سرور سهتو بيماريءَ جي حالت ۾ به اوستائين
هلندو رهيو جيستائين اسپتال ۾ بستر ڀيڙو نه ٿيو. اسپتال ۾ به کيس تنظيم جو الڪو
هوندو هيو، سندس تمنا اها هئي ته هو جيئي سنڌ محاذ جي ميمبر جي حيثيت ۾ هي جهان
ڇڏي، هن 6.11.2016 تي ڪراچيءَ جي هڪ اسپتال ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو، کيس اباڻي
قبرستان بُدڪ ۾ دفنايو ويو، سندس تابوت مٿان جيئي سنڌ جو جهنڊو رکيل هيو، مزار تي
ترانو پڙهيو ويو، ڀٽائي اسڪائوٽس سلامتي ڏني. سندس وفات قومي تحريڪ لاءِ هڪ سانحي
کان گهٽ نه آهي.
سائين سرور سهتو
قومي تحريڪ جو اڻ وسندڙ ڪردار
عاشق اوڍاڻو
اسان جيئن ئي لطيف سنگت، سنڌ ۾ شامل ٿياسين ته ضلع حيدرآباد جي ڪانگريس ۾
شرڪت جي دعوت ملي، مان عاشق اوڍاڻو ۽ امداد نظاماڻي سردي جي موسم ۾ مسلم هاسٽل
حيدرآباد سائين سرور سهتي جي ڪمري تي پهتاسين، اُتي ڀائو عادل سنڌي (فاروق ملڪاڻي)
ان وقت لطيف سنگت جو مرڪزي پريس ترجمان پهتو، مون پهرئين ملاقات ۾ سائين سرور سهتي
کي چيو ته مان (بشير خان گروپ) جو آهيان پر سائين سرور سهتي پهرئين ملاقات ۾ مونکي
متاثر ڪيو ۽ منهنجي ان جواب کي بلڪل ئي نظرانداز ڪيو، ان کانپوءِ ڪوٽڙي لطيف سنگت
۾ منهنجو (عبدالوهاب طالباڻي) جو جهيڙو ٿيو، جنهن جي شرڪت هڪ ئي وقت چئن پنجن هنڌن
کي ٿي رهي هئي.
1 سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻين ۾ شرڪت ڪرڻ، 2 جيئي سنڌ محاذ جي
تربيتي تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ، 3 ڪميونسٽ لٽريچر پڙهڻ، 4 جساف جي اسٽيڊي سرڪل ۾ شرڪت
ڪرڻ 5 رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد سان روبرو ملاقاتون شامل آهن.
جيئن (عبدالوهاب طالباڻي ۽ منهنجي جهيڙي) جي فيصلي لاءِ منهنجي اوطاق تي
گڏجاڻي رکي وئي اُتي فاروق ملڪاڻي (عادل سنڌي) مرڪزي پريس ترجمان لطيف سنگت، سنڌ
جي زير صدارت گڏجاڻي ٿي، محترم دودو، فدا شورو، نصرالله شمس لنڊ، عبدالوهاب
طالباڻي ۽ ڪي ادڙيون شريڪ ٿيون، منهنجي ميمبرشپ معطل ڪئي وئي.
گڏجاڻي مان اٿي مان گهر ويس ته گهر وارن الڳ بيعزتي ڪئي ته تو وارا دوست
توکي تنهنجي اوطاق کي سٺي عزت ڏئي ويا آهن، مون ان فيصلي خلاف لطيف سنگت جي مرڪز
وٽ اپيل ڪئي ته لطيف سنگت جي مرڪز منهنجي ڀرپور قسم جي مدد ڪندي ميمبرشپ ۽ عهدو
بحال ڪيو ۽ پوءِ برانچ به مڪمل طور تي منهنجي سپورٽ ڪئي پر سائين سرور سهتي سان
ذاتي ڪچهرين ۾ قومي تحريڪ ۽ ادبي پروگرامن ۾ ڪچهريون ۽ ملاقاتون ٿينديون هيون،
جڏهن مان حيدرآباد ۾ هيس ته سائين سرور سهتو، ڪمپيوٽر جي وڏي تعريف ڪندي چيو ته
سڄي حياتي علم کي ڏني پر ”ڪمپيوٽر“ ته اسان کي به ”جاهل“ ثابت ڪري ڇڏيو آهي.
هڪ دفعي ڪجهه دوستن ڊاڪٽر قادر مگسي سان ملڻ جو پروگرام ٺاهيو، ڊاڪٽر قادر
مگسي وري ناز سنائي کان رپورٽ گهري، اتي سائين سرور سهتي کي ناز سنائي منهنجي
متعلق ٻڌايو ته سائين سرور سهتي پورا 3 ڪلاڪ منهنجو ڪلاس ورتو، پوءِ جيئن ئي
حيدرآباد مان ڪوٽڙي آيس ته سائين اختر رند
کي هوٽل تي وٺي ويم، کيس ٻڌايم ته سائين اختر رند مان ڊاڪٽر قادر مگسي سان ملاقات
نٿو ڪريان، پر علي بابا کي خبر پئي ته سائين علي بابا چيو ته عاشق، ٻاراڻي ختم ڪري
ڇڏيو سنگتين کي ڌار نه ڪيو.
سڄي سنڌ جي پيار جي ڪري مان ذاتي دشمنيون ته ختم ڪري سگهان ٿو ۽ (اختلاف ته
ان ڪري رکبا آهن ته اصلاح ٿئي، نه ڪي انهن کي دشمني ۾ بدلجي جڏهن اختلافن کي دشمني
۾ بدلايو، ان ڏينهن انهن جي ”شعوري حيثيت“ ختم ٿي ويندي.
اسان جا ڪيترن ”سياسي دوستن“ سان نظرياتي اختلاف هوندي به سڄو ڏينهن انهن
جا ڪم ڪندا آهيون، سائين سرور سهتو ”قومي تحريڪ جو اڻوسندڙ ڪردار آهي، جنهن کي
ڪڏهن وساري نٿو سگهجي، اسان ۾ جيڪو ”سياسي شعور ۽ ادبي شعور آهي“ ان ۾ سائين سرور
سهتي صاحب جي ”شفقت ۽ محبت“ شامل آهي.
سائين سرور سهتو رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد ۽ قومي تحريڪ سان هر وقت سچائي سان هليو.
قومي آزادي لاءِ هلندڙ جدوجهد ۾ ان عظيم انسان کي وساري نٿو سگهجي، سائين
سرور سهتو مون کي پنهنجي اولاد وانگر پيار ڪندو هئو ۽ سائين سرور سهتو جي ”شلٽر
مارڪيٽ“ ۾ ڏنل ليڪچرن مون کي تمام وڏو فائدو ڏنو ۽ مان ”قومي تحريڪ“ اندر مثبت
لاڙا آڻڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي ۽ ڪندس، پنهنجن پيارن ساٿين کي اڳتي آڻڻ لاءِ پنهنجو
مثبت انداز اپنائيندس.
نوجوان ساٿيو، سائين سرور سهتي جي جدوجهد اوهان جي ”قربانين ۽ محنتن“ کي
اڳتي وڌائبو ۽ ”شعور جي لاٽ“ کي ”اونداهه“ ۾ ٻاريو ايندس.
No comments:
راءِ ڏيندا