عظيم سنڌي
شاعر اديب ليکڪ عظيم سنڌي سان
ڳالھه ٻولهه
اعجاز ڪورائي
شاعري حق ۽ سچ جو آواز هوندي آهي
زندگي جي حقيقي عڪسن بنا شاعري بيڪار آهي شاعر کي پنهنجي ڪردار ۽ لفظن جي
حرمت جو خيال رکڻ گهرجي جيڪڏهن هو ائين نه
ٿو ڪري ته پوءِ اجايو پنا ڪارا ٿو ڪري.
شاعري حق ۽ سچ جو آواز هوندي آهي سنڌي ادب جا پڙهندڙ اهو ڄاڻن ٿا ته سنڌي
شاعري ڇا ٿيندي آهي ڇو ته سنڌ آهي ئي شاعريءَ جو ديس، هن ديس ۾ ڪيترا ئي نامور
شاعر ٿي گذريا آهن جن پنهنجي شاعري جي ذريعي انساني سوچ ۾ انقلاب آڻي ڌرتي جي خدمت
ڪئي.
پوري سنڌ جيان ضلعو نوشهروفيروز، جنهن ۾ مورو، نوان جتوئي، ٺارو شاھ،
ڪنڊيارو، ۾ اهڙا نامور نالا موجود آهن جن پنهنجي انقلابي شاعريءَ ذريعي سنڌي قوم ۾
سجاڳي آندي. هنن ئي شاعرن مان استاد عظيم سنڌي به هڪ آهي جنهن پنهنجي شاعري ۽
تخليق وسيلي ڌرتي جي خدمت ڪئي آهي، جهونو اديب شاعر استاد عظيم سنڌي جيڪو استاد
بخاري جي شاعري جو حافظ آهي پر ان سان گڏو
گڏ سندس ٻيا پهلو به آهن سندن شاعري نمايان درجو رکي ٿي.
استاد عظيم سنڌي جو شمار سنڌ جي ڀلوڙ شاعرن ۾ ٿيندو آهي هو شعر جو معنيٰ اٿس ان سلسلي ۾ عظيم سنڌي عوامي آواز کي
پنهنجي شروعاتي زندگي بابت ٻڌائيندي چوي ٿو ته منهنجو جنم سنڌ جي انتهائي سرسبز ۽
زرخيز علائقي ساهتي پرڳڻي مورو شهر ۾ ٿيو جتي مون اکيون کوليون منهنجو جنم 1952 ۾
ٿيو، منهنجو ڳوٺ ۽ شهر مورو ٿيو مون کي پڙهائڻ وارا استاد انتهائي سٺا لائق محنتي
۽ هڏڏوکي رهيا آهن مون پنهنجي شهر ۾ وڏڙن کان علم حاصل به ڪيو جيڪو زندگي جو املھ
سرمايو آهي منهنجو ٻاروتڻ عام ٻارن وانگر گذريو پر اهو ائين گذريو جيئن سانوڻي جو
ڪڪر سج اڳيان گذري وڃي.
هڪ ڳالھ ضرور نرالي هئي جيڪا اڄ تائين ياد آهي پاڻ کان وڏن ۽ ننڍن ٻارن سان
جهيڙا جهٽا مار ڪٽ جيڪا اڪثر رند روند مهل ٿيندي هئي ٻيا ٻار انهن جي دهمان ۽ دڙڪي
۾ اچي سهي ويندا هئا پر مون کان برداشت نه ٿيندو هيو. اها طبيعت اڄ سوڌو برقرار
آهي ۽ اڄ تائين سچ جو پاند ڇڏيو ناهي ڪوڙي جي پر ڳڻتي نه آهي.
هن وڌيڪ چيو ته استاد بخاري جي شاعري مونکي ائين گم ڪيو جو مون کان پنهنجي
شاعري لکڻ وسري وئي ڇو ته سندس شاعري ۾ هر پهلو موجود آهي مونکي عظيم سنڌي جو چوڻ
آهي ته ننڍپڻ کان سياسي قوم پرست تنظيمن ۾ رهڻ ڪري نالو عظيم سنڌي سڏيو ويندو هو.
جڏهن ته منهنجو اصل نالو عبدالعظيم سولنگي آهي. تعليم پوسٽ گريجوئيٽ ايم اي سنڌي
ڪئي آهي. مون نوڪري لاءِ ڪڏهن به اپلاءِ نه ڪيو. ڇو ته نوڪري سنڌ جي اندر هڪ غلامي
آهي، جيڪا مون کي پسند ناهي. انهي ڪري اڄ به مان پنهنجو درزڪو ڪم ڪري، گهر جو چرخو
هلائي رهيو آهيان. پٽن جي تعليم پورهئي وسيلي ڪئي. اڄ منهنجا ٻچا سٺي اعليٰ تعليم
حاصل ڪري، هن غلامي واري ديس مان نڪري، ٻاهرين ملڪ ۾ روزگار سان لڳل آهن. ٽي پٽ ۽
ٽي نياڻيون آهن.
هن مهل تائين ڏھ ڪتاب لکيل پيل آهن، جن جا نالا، مٽي جي مهڪ، ٽي ۽ ٻيا
مجموعا شاعري جا، آتم ڪٿا، موري جا شهيد، مان لڌو مورو، موري جي تاريخ ۽ جاگرافي،
اخبارن ۾ ڇپيل ڪالم، ملھ پهلوان، ۽ ٻيا آهن جيڪي ڇپجي نه سگهيا آهن ڇو ته ثقافت
کاتي جي ذميواري آهي جيڪا غافل رهي ٿي. وڏا اديب جيڪي سرڪاري عهدن تي فائز آهن اهي
پئسي جي نشي ۾ ننڍن اديبن جي سار نه لهندا آهن. پر اهي وڏن اسٽيجن تي وڏا خطاب ڪري
واھ واھ جا داد وٺي لهي هليا وڃن ٿا. منهنجو موسيقيءَ سان وڏو چاھ شروع کان رهيو
آهي خاص ڪري، نيم ڪلاسڪي ۽ عارفاڻا ڪلام شوق سان ٻڌندو آهيان.
No comments:
راءِ ڏيندا