; سنڌي شخصيتون: الطاف شيخ

14 November, 2016

الطاف شيخ

الطاف شيخ
عظيم سفرناما نگار، ليکڪ ۽ مئرين انجنيئر جو ادبي ۽ سامونڊي سفر
سليمان وساڻ
(هو مسلسل لکي پيو، بلڪل ٿڪجي ئي نه ٿو. لکڻ ڄڻ ته هاڻ سندس مقصد بڻجي ويو آهي. هو هن وقت به سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ پڙهيو ويندڙ ليکڪ آهي. ۹۱ کان مٿي ڪتاب لکي چڪو آهي. جن مان لڳ ڀڳ ۸۰ کان مٿي سفرناما آهن. هن اسان کي دنيا گهمائي آهي. ڪي کيس سندباد سڏين ته اڪثر وري کيس سنڌ جو ڪولمبس سڏين. ڪو کڻي کيس ڪهڙي به نالي سان سڏي پر هو سفرنامن جو شهنشاهه آهي. هي مکڻ ماڻهو سان گڏ ملنسار پڻ آهي.)
سرزمين هالا ۾ ۱۴ نومبر ۱۹۴۴ع تي ڄمڻ واري هن سفرناما نگار جو پورو نالو الطاف احمد شيخ ۽ قلمي نالو ’الطاف شيخ‘ آهي. الطاف شيخ جي والد جو نالو گل محمد شيخ ۽ والده جو نالو شريفان آهي. ٻنھي جو تعلق پڙهيل لکيل خاندانن سان هو. الطاف شيخ جو والد اڃا ڪلاس ٻئي ۾ هو ته سندس والد يعني الطاف شيخ جي ڏاڏي عبدالرحيم شيخ جي وفات ٿي وئي. ان بعد کين والده مريم ۽ مامي ماستر محمد وريل نپايو. هنن نور محمد هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ۽ انٽر سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ مان پاس ڪرڻ بعد ائگريڪلچر سائنس ۾ B.Sc پوني (انڊيا جي اڄ جي رياست مهاراشٽرا جي شهر) جي يونيورسٽي مان ڪئي ۽ بعد ۾ M.Sc آمريڪا جي ڪارنيل يونيورسٽي (اٿيڪا شهر) مان ڪئي، جيڪو شهر نيويارڪ رياست ۾ آهي. B.Sc ڪرڻ بعد، الطاف جي والد ڪراچيءَ مان شيخ اياز (مشهور شاعر) سان گڏ، مسلم لا ڪاليج ڪراچي مان قانون جي ڊگري LL.B پڻ حاصل ڪئي ۽ ڪجهه عرصو جسٽس عبدالرحمان مرزا (جسٽس حامد علي مرزا جو والد ۽ الطاف جي نانيءَ جو وڏو ڀاءُ) وٽ وڪالت ڪئي. ان بعد PCS جو امتحان ڏئي، مختيارڪار ٿي رهيا. ۱۹۵۵ع ڌاري، آمريڪا طرفان ٽنڊو ڄام ۾ کوليل ’وليج ايڊ ڪاليج‘ جا هو پرنسپال ٿيا. وليج ايڊ کاتو بند ٿيڻ تي پاڻ وري روينيو کاتي ۾ آيا ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي پوسٽ تان رٽائر ڪيائون. کيس پڙهڻ لکڻ جو تمام گهڻو شوق هو جنهن لاءِ هو پنهنجن ٻارن جي به هر وقت همت افزائي ڪندو هو. ايتريقدر جو الطاف جيتوڻيڪ اسڪول يا ڪاليج ۾ اڙدو نه پڙهيو پر کيس گهر ۾ اڙدو پڙهڻ سيکاريو ويو. پاڻ کيس هميشه اهو چوندا هئا ته؛ ”اڙدو اهم زبان آهي، جنهن ۾ تمام گهڻا اسلامي ڪتاب آهن، جن کي پڙهڻ لاءِ اڙدو سکڻ ضروري آهي.“ الطاف جي والد جا خاص سبجيڪٽ ائگريڪلچر ۽ ائنٿروپالاجي هئا ۽ پاڻ مختلف موضوعن تي ڪڏهن ڪڏهن اخبارن ۾ ڪالم به لکندو ھيو ۽ سنڌيءَ ۾ سندن چار ڪتاب پڻ ڇپيل آهن. جهڙوڪ: ماڪوڙي، ماکيءَ جي مک، ڪوريئڙو ۽ گڏهه. ”گڏهه“ ڪتاب الطاف جي والد گل محمد شيخ پنهنجن دوستن ۽ ڪلاس ميٽن: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ اڳوڻي وائيس چانسلر، سيد غلام مصطفيٰ شاهه سابق وي سي ۽ جلباڻي صاحب سان گڏ لکيو.


الطاف شيخ جو نانو، سيٺ محمد حسن سومرو، جيتوڻيڪ بزنيس مئن هو. هن حيدرآباد جي ريلوي اسٽيشن ڀرسان تاريخي هوٽل ”سنڌ زميندار“، هلائي ٿي پر کيس ادب سان به شوق هو ۽ پنهنجن ڏوهٽن پوٽن کي پنهنجي گهر جي لئبرريءَ مان ڪتاب کڻي ڏيندو هو ته هو پڙهن. الطاف سندس ڏوهٽن پوٽن ۾ وڏو آهي، جنهن تي هن گهڻو زور ڏنو. ان کان علاوه الطاف، جڏهن پنهنجي ناني جي گهر حيدرآباد ويندو هو ته هن جي اتي مشهور مزاحيه ليکڪ حليم بروهيءَ ۽ عرض محمد شيخ سان به ملاقات ۽ ادبي ڳالهه ٻولهه ٿيندي هئي، جيڪي سندس ناني جي وڏين ڀينرن غلام فاطمه بروهي ۽ زينت شيخ جا پٽ هئا.
الطاف شيخ، پرائمري تعليم جا چار درجا هالا جي سرڪاري اسڪول ۾ پڙهيا. جتي جي استادن جي الطاف وقت بوقت پنهنجي ڪالمن ۾ تعريف ڪئي آهي ته اهي محنتي، ايماندار ۽ Devoted هئا ۽ هنن پنهنجن شاگردن جي تعليم سان گڏ تربيت ۽ اخلاق تي پڻ ڌيان ڏنو ٿي. انهن ۾ هڪ ته الطاف جي والد جو مامو ماستر ڄام محمد وريل ميمڻ هو ۽ ٻيا هئا سائين محمد بچل قريشي، محمد اشرف قريشي، يار محمد تورپيو، عبدالهادي شيخ وغيره..... جن لاءِ الطاف لکيو آهي ته هنن درس تدريس کي پيغمبري پيشو سمجھي نڀايو ٿي.

پرائمريءَ جا چار درجا پڙهي، الطاف پنهنجي ڳوٺ هالا جي جھوني اسڪول، مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي. انهن ڏينهن ۾ ڏهين ڪلاس بعد نه، پر يارهين ڪلاس بعد مئٽرڪ ٿيندي هئي. چار درجا پرائمريءَ جا جن ۾ صبح جو ۸ کان ۱۲ تائين ۽ وري شامَ جو ٻيھر ۲ بجي کان ۵ تائين اسڪول وڃڻو پوندو هو، ان بعد هاءِ اسڪول ۾ پهرئين درجي انگريزيءَ ۾ داخلا وٺبي هئي ۽ اتي ست سال يعني ستين درجي (مئٽرڪ) تائين پڙهڻو پوندو هو. الطاف انگريزي اسڪول جي ٻئي درجي ۾ پهتو ته ڪئڊٽ ڪاليج کلڻ جو اعلان ٿيو، جنهن ۾ چوٿين درجي ۾ داخلا لاءِ اخبارن ۾ اشتهار آيا هئا. هالا جي هن اسڪول مان الطاف کان هڪ سال سينيئر شاگرد شفيق الرحمان چنا ان ۾ داخلا ورتي جنهن کان موڪلن ۾ ڪئڊٽ ڪاليج جون ڳالهيون ٻڌي الطاف شيخ کي به شوق ٿيو ۽ ٻئي سال ٽيون درجو پاس ڪرڻ بعد ڪئڊٽ ڪاليج ۾ داخلا ورتي. انهن ڏينهن ۾ جيئن ته اڄ واري ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي عمارت اڃا نه ٺهي هئي ان ڪري الطاف ٻه سال ڪئڊٽ ڪاليج جي ميرپورخاص واري عمارت ۾ تعليم حاصل ڪئي. جنهن بعد ۱۹۶۰ع ۾ هي ڪاليج ميرپور خاص کان پيٽارو شفٽ ٿي ويو ۽ الطاف ۱۹۶۱ع ۾ مئٽرڪ ۽ ۱۹۶۳ع ۾ انٽر پاس ڪئي. ۱۹۶۰ع تائين جيئن ته سنڌ ۾ سيڪنڊري بورڊ آف ايڊيوڪيشن وارو سسٽم اڃا شروع نه ٿيو هو ان ڪري الطاف ۽ سنڌ جي ٻين شاگردن کي ان وقت تائين مئٽرڪ جو سرٽيفڪيٽ، سنڌ يونيورسٽي طرفان ئي ملندو رهيو. انٽر پاس ڪرڻ تائين حيدرآباد ۾ بورڊ جي وجود اچڻ ڪري، ۱۹۶۳ع ۾ انٽر جو سرٽيفڪيٽ ”سيڪنڊري بورڊ آف ايڊيوڪيشن“ طرفان ڏنو ويو. سکر وارو بورڊ گهڻو گهڻو پوءِ ٺهيو.
الطاف شيخ کي، هالا جي هاءِ اسڪول ۾ به بهترين استاد مليا ۽ بقول سندس جي ته ”انهن جهڙا اڄ به فقط اڌ معيار جهڙا استاد ٿي پون ته سنڌ جي قسمت بدلجي وڃي“. سائين غلام رضا ڀٽو (جيڪو هيڊ ماستر هو ۽ بعد ۾ ڊائريڪٽر ايڊيوڪيشن ۽ ٻين عهدن تي رهيو)، سائين محمود ابڙيجو، عبدالرحيم ارباب، ظفر علي ارباب، دادوءَ جو باغ علي سهاڳ ۽ سائين الله بخش انصاري انهن مان ڪجهه هئا. هالا جو هي اسڪول ۱۹۴۴ع ۾ قائم ٿيو جنهن جو تعليمي معيار اڄ به بهتر سمجهيو وڃي ٿو .... هن اسڪول مان ملڪ جا ڪيترا ئي مشهور تعليمدان (عبدالرحمان ميمڻ مهراڻ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر، عبدالقدوس علوي NED يونيورسٽي جو VC، ڊاڪٽر حسن ميمڻ لياقت ميڊيڪل ڪاليج جو پرنسپال، عبدالرزاق ميمڻ اليڪٽرانڪس ۾ Ph.D ۽ دائود انجنيئرنگ ڪاليج جو پرنسپال، ڊاڪٽر الطاف گاجڻي ميمڻ نيويارڪ جي يونيورسٽي جو ڊين ۽ ٻيا) ڊاڪٽر، انجنيئر، سائنسدان ۽ فوجي تعليم حاصل ڪري نڪتا ۽ هن شهر لاءِ چيو وڃي ٿو ته هن جي هر گهٽيءَ ۾ هڪ کان وڌيڪَ Ph.D رهي ٿو.
اهڙي طرح الطاف خوش نصيب آهي جو هن کي ڪئڊٽ ڪاليج ۾ به سٺا استاد مليا جن الطاف کي groom ڪيو ۽ ادبي دنيا ۾ آڻڻ لاءِ تيار ڪيو. خاص ڪري ڪاليج جي انگريز پرنسپال ڪرنل جي ايڇ ايڇ ڪومبس، ايڊجيوٽنٽ ڪئپٽن عالم جان محسود (جيڪو فوج ۾ جنرل جي پوسٽ تي پهچي رٽائرڊ ٿيو)، انگريزي جو ٽيچر عبدالله خادم حسين جيڪو اڳتي هلي تعليم کاتي جو فيڊرل سيڪريٽري ٿيو ۽ ڪمانڊر اسرار الله وغيرهه جن الطاف ۽ ٻين شاگردن کي گهڻي کان گهڻا ڪتاب پڙهڻ ۽ لکڻ لاءِ زور ڏنو. الطاف مئٽرڪ کان وٺي ان وقت هلال پاڪستان، گلستان، بادل، ڳوٺ سڌار جهڙن رسالن ۾ هلڪا ڦلڪا مضمون لکڻ شروع ڪيا ۽ ڪاليج جي مئگزين جي سنڌي سيڪشن جو ايڊيٽر ٿيو.
ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان انٽر ڪرڻ بعد جتي الطاف جي ٻين ڪلاس ميٽن ’پاڪستان نيوي‘ يعني جنگي جهاز جي تربيت لاءِ ڪراچيءَ جي ”پاڪستان نيول اڪيڊميءَ“ ۾ داخلا ورتي اتي هن مرچنٽ نيويءَ (مال برادر ۽ مسافر کڻندڙ جهازن کي هلائڻ) لاءِ ان وقت چٽگانگ (چاٽگام) ۾ نئين کليل ”پاڪستان مئرين اڪيڊميءَ“ ۾ داخلا ورتي. چٽگانگ بندرگاهه بنگلاديش ۾ آهي جيڪو ان وقت مشرقي پاڪستان سڏيو ويو ٿي.
الطاف کي چٽگانگ (بنگال صوبي) جي موسم ۽ ماحول سنڌ کان بيحد مختلف لڳو.... چوڌاري ساوڪ ۽ وڻ وڻڪار.... هر وقت جهڙ ۽ مينهوڳي.... جتي ڪٿي درياهه ۽ نهرون جن ۾ هلندڙ آگبوٽ ۽ ٻيڙيون. الطاف پنهنجي بنگالي دوستن کان يڪدم ٿوري گهڻي بنگالي ٻولي سکي ورتي ۽ موڪلن ۾ سندن ڳوٺن ۾ به وڃڻ لڳو. ان بابت هو دلچسپ ڳالهيون ”دريائن جي ديس مان“ هر هفتي مهراڻ اخبار ۽ هلال پاڪستان رسالي ڏي موڪلڻ لڳو. انهن ڏينهن ۾ هلال پاڪستان روزنامه اخبار نه پر ماهوار رسالو هئي.
چٽگانگ ۾ الطاف کي ڪيترائي سنڌ جا سنڌي ڳالهائڻ وارا به ملي ويا. هڪ ته سندس ڳوٺائي هالا جو عبدالغفار انصاري انجنيئر هو جنهن جي ۱۹۷۱ع واري لڙائي ۾ گمشدگي اڃان تائين معمو بڻيل آهي. مٽيارين جو صابر شاهه ۽ خاص ڪري چٽگانگ ميڊيڪل ڪاليج جو شاگرد نعيم دريشاڻي جنهن ان وقت کان شاعري ڪئي ٿي ۽ سندس شاعري سهڻي ۽ روح رهاڻ رسالن ۾ ڇپبي هئي. شڪارپور جي هن ڊاڪٽر نعيم دريشاڻيءَ (جيڪو اڳتي هلي ”ڪن، نڪ ۽ گلي جو ماهر سرجن ۽ پروفيسر“ ٿيو) الطاف کي مٿين رسالن جي ايڊيٽرن طارق اشرف ۽ حميد سنڌي سان متعارف ڪرايو ۽ اڳتي هلي جڏهن الطاف جهاز هلائڻ شروع ڪيا ته سامونڊي سفرن جو احوال ۽ ڪهاڻيون عبرت اخبار کان علاوه سهڻي ۽ روح رهاڻ رسالي ۾ پڻ ڏيندو رهيو. سندس سفرنامي جو پهريون ڪتاب ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ سهڻي پبليڪيشن وارن سن ۱۹۶۹ع ۾ ڇپرايو جنهن کي ”پاڪستان رائيٽرس گلڊ طرفان“ بيسٽ بڪ آف دي ييئر قرار ڏنو ويو. هن ڪتاب کان اڳ الطاف جو ”اناميڪا“ نالي بنگالي ڪهاڻين جو ترجمو ۱۹۶۵ع ۾ تڏهن ڇپيو جڏهن هو مئرين انجنيئرنگ جي ورڪ شاپ ٽريننگ ڪراچي شپ يارڊ ۾ وٺي رهيو هو.
مرچنٽ نيوي جي جهازن هلائڻ ۽ ٺاهڻ جي تعليم لاءِ دنيا جي مئرين اڪيڊمين (يا ميريٽائيم اڪيڊمين) ۾ چونڊيل ڪئڊٽن (شاگردن) جون ٻه برانچون ٿين ٿيون: هڪ ناٽيڪل ۽ ٻي انجنيئرنگ. ناٽيڪل برانچ وارا ڪئڊٽ نيويگيشن، Astronomy، ڪارگو ورڪ، چارٽ ورڪ، Spherical ٽرگناميٽري، Ship Stability جهڙا سبجيڪٽ پڙهن ٿا ۽ مختلف پوسٽن تان ٿيندا آخر جهاز جا ڪئپٽن ٿين ٿا ۽ انجنيئرنگ ڪئڊٽ نيول آرڪيٽيڪٽر، شپ ڪنسٽرڪشن، فيول ٽيڪنالاجي، ٿرموڊائنامڪس، مشين ڊرائنگ جهڙا سبجيڪٽ پڙهن ٿا. تعليم ۽ ورڪ شاپ ٽريننگ بعد هو جهاز تي جونئر انجنيئر (ففٿ انجنيئر) جي رئنڪ سان چڙهن ٿا ۽ هر دفعي مختلف مدي لاءِ (اٽڪل ۲۱ مهينا) لڳاتار سمنڊ تي جهاز هلائڻ بعد ترقي لاءِ مقرر امتحان ڏين ٿا جيڪي دنيا جي ڪيترن ئي بندرگاهن ۾ ورتا وڃن ٿا ۽ هو مختلف ڏاڪا طئه ڪري آخرڪار جهاز جا چيف انجنيئر ٿين ٿا. گهڻو ڪري دنيا جي هر جهاز تي چيف انجنيئر ۽ ڪئپٽن جو ساڳيو يونيفارم ۽ پگهار آهي پر چيف انجنيئر پنهنجي انجنيئرنگ برانچ جو هيڊ آهي ۽ ڪئپٽن نه فقط پنهنجي ڊپارٽمينٽ (ناٽيڪل) جو هيڊ آهي پر هو جهاز جي مالڪ جي به نمائندگي ڪري ٿو.
ناٽيڪل ڪئڊٽ ٻه سال مئرين اڪيڊمي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ بعد باقي ٻه سال کن جهاز تي ٽريننگ وٺن ٿا ۽ انجنيئرنگ ڪئڊٽ ٻه سال مئرين اڪيڊمي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ بعد باقي ٽي سال دنيا جي ڪنهن شپ يارڊ ۾ جتي جهاز ٺهندا هجن يا مرمت ٿيندا هجن، اتي پرئڪٽيڪل ڪن ٿا. چٽگانگ جي ٻن سالن جي تعليم بعد الطاف شيخ جا ڪلاس ميٽ جيڪي ناٽيڪل برانچ جا هئا انهن کي مختلف جهازن تي ”ڊيڪ ڪئڊٽ“ ڪري رکيو ويو انهن ۾ جهانگير حبيب نالي هڪ بنگالي ڪلاس ميٽ الطاف جو دوست به هو. هو تعليم دوران ترڻ جي مقابلي ۾ هميشه پهريون نمبر ايندو هو پر قدرت الاهي اها ٿي جو هن جو جهاز هڪ سفر پورو ڪري جڏهن چالنا بندرگاهه (چٽگانگ جي ويجھو) ۾ پهتو ۽ هو موڪل تي وڃڻ لاءِ جهاز جي ڏاڪڻ تان لهي رهيو هو ته هن جو پير ترڪي ويو ۽ سمنڊ ۾ ڪري پيو. هونءَ ته جهانگير تارو به سٺو هو ۽ سندس مدد لاءِ مٿان لائيف بئاءِ (Buoy) به اڇلايا ويا پر خليج بنگال جي خطرناڪ سامونڊي ڪُنن جو هو مقابلو نه ڪندي دم ڏئي ويٺو. سندس ياد خاطر الطاف شيخ ترجمو ڪيل افسانن جو هي ڪتاب ”اناميڪا“ جهانگير حبيب کي منسوب ڪيو آهي.
الطاف کي پنهنجي گهر، ڳوٺ جي اسڪول، ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۽ مئرين اڪيڊمي چٽگانگ ۾ ته لکڻ پڙهڻ لاءِ سٺو ماحول مليو پر هن کي نوڪري (سمنڊ تي جهاز) هلائڻ دوران به اهـڙو ئي ڪجهه ماحول مليو.... بلڪه ان کان به بهتر. الطاف جڏهن تعليم ختم ڪري ۱۹۶۸ع ۾ جهاز Join ڪيو ته ان وقت ڪنهن ورلي جهاز تي ڪو پاڪستاني آفيسر هو. هر جهاز تي سڀ گورا (يورپي) هئا. هونءَ ته پاڻي واري جهاز هلائيندڙن کي لکڻ پڙهڻ جهڙين شين لاءِ وقت گهٽ ئي ملي ٿو جو هڪ طرف ڪراچي کان ڪولمبو، چٽگانگ، پينانگ، پورٽ ڪلانگ (ڪوالالمپور) سنگاپور، بئنڪاڪ، هانگ ڪانگ، ٽوڪيو، يوڪوهاما، اوساڪا، نگويا، موجي، پوسان ۽ سيول (يعني پاڪستان کان ڪوريا تائين) ۽ ٻئي طرف ڪراچي کان بندر عباس، عدن، دبئي، دوحا، ڪويت، جدو بندرگاهه وغيره ٻن ٻن يا ٽن ٽن ڏينهن جي سفر تي اچن ٿا ۽ بندرگاهه ۾ جهاز کڻي ٻه چار ڏينهن رهي يا هفتو ٻه.... جهاز جي اٺ ڪلاڪ ڊيوٽي بعد ماڻهو ڪناري جو ئي رخ ڪري ٿو ۽ خريداري نه ته ان بندگاهه جا روڊ رستا، پارڪ سئنيمائون ۽ مشهور جايون گهمڻ ۾ لڳو رهي ٿو.... بندرگاهه ۾ جهاز جي مکيه انجڻ جيڪا جهاز کي هلائي ٿي اها کڻي بند رهي ٿي پر جنريٽر، پمپ، بئائلر ۽ ٻيون مشينون هلنديون رهن ٿيون جن جي ڪري جهاز تي بجلي، ايئر ڪنڊيشن، پاڻي، رڌ پچاءَ لاءِ چلها ۽ سامان لاهڻ چاڙهڻ جي ڪم لاءِ جهاز جون ڊيرڪون (ڪرينون) هلن ٿيون. ان کان علاوه بندرگاهه واري ڊيوٽي ۾ مئرين انجنيئرن کي جهاز جي مقرر مرمت (Routine Maintenance) به ڪرڻي پوي ٿي. سو لکڻ پڙهڻ جهڙن ڪمن لاءِ بندرگاهه ۾ وقت ملڻ مشڪل ٿئي ٿو. سمنڊ تي جڏهن جهاز هلي ٿو ته اتي يڪا ۸ ڪلاڪ ڊيوٽي ڪرڻ بدران هر انجنيئر ۽ نيويگيشن آفيسر کي چار ڪلاڪ ڏينهن جو چار ڪلاڪ رات جو ڊيوٽي ڪرڻي پوي ٿي. سمنڊ تي ڊيوٽي بعد البت ڪجهه وقت مليو وڃي پر بندرگاهه ڇڏڻ بعد پهريان ٽي چار ڏينهن بندرگاهه وارو اهڙو ٿڪ رهي ٿو جو هر هڪ ننڊون پوريون ڪرڻ جي چڪر ۾ رهي ٿو ۽ پوءِ جيئن ٿڪ ڀڄي ٿو ته ٻيو بندرگاهه اچيو وڃي ۽ وري ساڳي هل هلان. هر جهازي (جهاز هلائڻ وارو) اهو ئي چاهي ٿو ته هن جو جهاز هر وقت بندرگاهه ۾ رهي ڇو جو سمنڊ تي جهاز هلائڻ جي ڏکي ذميواري واري ۽ جسماني ۽ ذهني طرح پريشان ڪندڙ ڊيوٽي هڪ طرف آهي ته سمنڊ جا لوڏا ۽ سي سڪنيس بيماري ٻي طرف آهي.
الطاف ان معاملي ۾ خوش نصيب نه رهيو جو الطاف شروع وارا سال جنهن به جهاز تي بدلي ٿي ويو ٿي ان جهاز جي ڊگهي روٽ رهي ٿي.... ڪراچي کان لنڊن، ڪراچي کان ڪيوبا، ٽوڪيو کان لاس اينجلس جنهن ۾ هنجي جهاز کي هندي وڏي سمنڊ، ائٽلانٽڪ ۽ پئسفڪ جهڙا وڏا سمنڊ ڪراس ڪرڻا پيا ٿي.... يا وري سندس جهاز روس رومانيا مان سامان کڻي جدي يا دبئي آيو ٿي جيڪو سفر اڄ ڪلهه سئيز ڪئنال کليل هجڻ ڪري هفتي سوا جو آهي پر انهن ڏينهن ۾ يعني سٺ واري ڏهي جي آخري سالن ۽ ستر جي ڏهاڪي جي شروع وارن سالن ۾ سئيز ڪئنال بند هجڻ ڪري الطاف جي جهاز کي سڄي آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪرڻو پيو ٿي ۽ هن کي هر سفر ۾ ٽيهن کان چاليهه ڏينهن سمنڊ تي گذارڻو پيو ٿي. الطاف ٻڌائي ٿو ته: ”بندرگاهه ڇڏڻ بعد پهريان ٻه ٽي ڏينهن ته ٿڪ ڀڃڻ لاءِ هر جهازي ننڊون ڪندو هو پوءِ هر هڪ منجھيل رهيو ٿي ته وقت ڪئين گذارجي. جهاز جا گورا آفيسر جيڪي اسان جا سينيئر هئا انهن جا سمنڊ تي ٻه شوق هئا. هو جهاز هلائڻ بعد واندڪائيءَ ۾ يا پتي راند کيڏندا هئا يا بيئر يا وسڪي پي سمهي رهندا هئا.“
الطاف هڪ هنڌ لکيو آهي ته هو جڏهن مئرين اڪيڊمي چٽگانگ ۾ ڪئڊٽ (شاگرد) هو ۽ بندرگاهه ۾ بيٺل جهاز تي هلندڙ ڪم ڏسڻ لاءِ هنن کي اڪيڊمي طرفان جهازن تي وٺي ويندا هئا ته اتي جي آفيسرن کي ’ٽرپل فائو‘ جي دٻي مان سگريٽ ڪڍي ڇڪيندو ڏسي يا بيئر جي بوتل پيئندو ڏسي دل چوندي هئي ته هو به جهاز جي نوڪري شروع ڪندا ته ائين ڪندا پر الطاف جي جنهن پهرين جهاز تي پوسٽنگ ٿي ان تي گوهر رحمان نالي اليڪٽريڪل انجنيئر هڪ نيڪ انسان اڳهين موجود هو جنهن کيس پهرين ڏينهن ئي نصيحت ڪئي ته ڇا به ٿي پوي ته سگريٽ يا شراب کي هٿ لائڻو نه آهي.
الطاف ٻڌائي ٿو ته ان ڳالهه تان سندس يورپي آفيسرن کي ڏاڍي چڙ ايندي هئي، ايتري قدر جو سمنڊ تي هڪ رات هنن الطاف ۽ گوهر کي هڪ ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو ته صبح تائين هي ٽي چار بوتلون بيئر جون ختم نه ڪندائو ته توهان کي سمنڊ ۾ ڦٽو ڪيو ويندو پر هي پنهنجي عزم تي اٽل رهيا.... ۽ نيٺ گورن آفيسرن هنن کي ڇڏي ڏنو.
الطاف ٻڌائي ٿو ته جهاز تي جهازين (جهاز هلائڻ وارن آفيسرن) جي ٻي وندر برج نالي پتي راند هئي جيڪا الطاف کي سمجهه ۾ نٿي آئي جنهن ڪري هن کي ڪنهن به پنهنجو پارٽنر نٿي ڪيو. ٺلهو ڏسڻ لاءِ هو اچي ويٺو ٿي ته ڪنهن سينئر نيويگيشن آفيسر يا انجنيئر کيس بئري کي چانهه آڻن لاءِ ڊوڙايو ٿي يا پنو پين کڻي هنن جي راند ۾ کٽيل Points لکڻ لاءِ چيو ٿي. ان ڪري الطاف انهن ڳالهين کان بيزار ٿي وقت پاس ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪئبن ۾ ويهي ڪتاب پڙهڻ لڳو ۽ بندرگاهن جون ڳالهيون. خطن ذريعي پهرين دوستن کي ۽ پوءِ عبرت اخبار ڏي موڪلڻ لڳو. هو ٻڌائي ٿو ته هن جي پهرين سفر جي خطن جو مجموعو جڏهن ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ نالي ڪتابي صورت ۾ آيو ته ان کي پاڪستان رائيٽرس گلڊ لاهور طرفان Best Book جو ايوارڊ ڏنو ويو. ان وقت هن جي عمر ۲۸ سالَ هئي ۽ هن کي نه فقط ان جي خوشي ٿي پر هن جي همت افزائي به ٿي. پوءِ الطاف لڳاتار لکندو رهيو ۽ سمنڊ تي وقت گذارڻ لاءِ هن ان کي سٺي وندر سمجھيو. اهو ئي سبب آهي جو الطاف کي جڏهن ڪو چوندو آهي ته توهان جا سنڌي ادب تي ٿورا آهن جو توهان ايترو گهڻو لکيو آهي ته هو کلي چوندو آهي ته ”ٿورا ٻورا ڪجهه نه آهن اها منهنجي مجبوري هئي. هيڏن ڊگهن سامونڊي سفرن ۾ جي اهو ڪم نه ڪريان ها ته چريو ٿيان ها يا شرابي موالي.“
سامونڊي نوڪري جي ڪجهه سالن بعد الطاف جي ۱۹۷۱ع ۾ شادي ٿي ۽ انهن ڏينهن ۾ فئملي سان گڏ جهاز تي رهڻ جي اجازت هجڻ ڪري هن جي زال ۽ پوءِ ٻار ٿيڻ تي اهي به لڳاتار ۸ سال جهاز تي رهيا ۽ ساڳي وقت الطاف جن جن جهازن تي بدلي ٿيندو ويو انهن جي روٽ ۾ بندرگاهه گهڻا ۽ سمنڊ وارا ڏينهن گهٽ آيا ٿي پر ته به هو هر صورت ۾ لکڻ لاءِ وقت ڪڍندو رهيو ٿي ۽ اڄ ڏينهن تائين جڏهن ته هو پنهنجي عمر جا ستر سالَ ٽپي چڪو آهي، لڳاتار لکندو اچي. بقول سندس پهرين هن وقت پاس ڪرڻ جي مجبوري کان لکيو ٿي پر هاڻ هو ان ڪري لکي ٿو جو هو ان جو addicted (عادي) ٿي چڪو آهي. هن کي هن عمر ۾ نه ڪنهن سان ملڻ جلڻ وڻي ٿو نه ٽي وي ريڊيو پسند آهي..... ”هر وقت دل چوي ٿي ته ڪجهه لکندو رهان“.
جهاز جي سفرن ۾ الطاف ان خيال کان ڀاڳ وارو رهيو جو هو جنهن به جهاز تي بدلي ٿيو ٿي ان جي روٽ مختلف رهي ٿي ان ڪري هن کي نه فقط ڪيترن ئي ملڪن جي بندرگاهن گهمڻ جو موقعو ملي ويو پر هن کي ڪيترن ئي ڏورانهن ٻيٽن: ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪيپ وردي ۽ لاس پاماس کان ميڊيٽريئين جي مالٽا، سسلي ۽ سائپرس (قبرص) تائين.... پئسفڪ سمنڊ جي فجي، مارشل ۽ هونو لولو کان ڪئريبين سمنڊ جي ڪيوبا، برمودا، ٽرنيڊاڊ ۽ جئمئڪا ٻيٽن تائين هن جو وڃڻ ٿيو ۽ انهن بابت هن ڪيتريون ئي معلوماتي ۽ دلچسپ ڳالهيون لکيون آهن.
الطاف کي سامونڊي زندگي جي شروع وارن ڏينهن ۾ جيتوڻيڪ سي سڪنيس ٿيڻ ڪري مزو نه آيو پر پوءِ جلد ئي هن جي هن زندگيءَ سان اهڙي ته دل لڳي وئي جو هن پاڻ ته جهازن جي نوڪري نٿي ڇڏڻ چاهي پر ٻارن جي وڏو ٿيڻ ۽ اسڪول ۾ داخل ڪرڻ خاطر هن کي پڻ ٻين جهاز هلائڻ وارن وانگر ڪناري جي نوڪري ڏي رخ ڪرڻو پيو. گذريل ڏهاڪو سالن کان نئين قانون موجب پاڻي جي جهازن تي جهاز هلائيندڙن کي لڳاتار جهاز تي رهڻ جي اجازت نٿي ملي پر الطاف جي ڏينهن ۾ جهاز جي سڀني سينئر آفيسرن: ڪئپٽن، چيف انجنيئر، سيڪنڊ انجنيئر ويندي ريڊيو آفيسر کي فئملي سان رهڻ جي موڪل هوندي هئي .... پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪيترين عورتن کان سي سڪنيس برداشت نه ٿيڻ تي سندن مڙسن لاءِ مسئلو ٿي پوندو هو ته هو جهاز کي ڏسن يا زالن جو خيال ڪن. الطاف جي فئملي ساڻس گڏ لڳاتار اٺ سال جهاز تي رهي پر هو ان جهنجهٽ کان بچيل رهيو جو قدرتي هن زال ۽ ٻارن کي ڪڏهن به ’سي سڪنيس‘ نه ٿي. الطاف جي شادي ۲۱ مئي ۱۹۷۱ع تي دادوءَ ۾ پنهنجي ماسات مستوران گهلوءَ سان ٿي.
پاڻي جي جهاز تي سفر ڪرڻ واري هر ماڻهوءَ کي ٿورو يا گهڻو سي سڪنيس جو اثر ٿئي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته هيءَ بيماري ڪن کي قدرتن نٿي ٿئي ۽ ڪيترن کي برداشت ڪرڻ جي همت ٿئي ٿي. سي سڪنيس ۾ دل ڪچي ٿئي ٿي ۽ اٻڙاڪ ۽ الٽيون اينديون رهن ٿيون. ڪا شيءِ کائڻ تي دل نٿي چوي جيتوڻيڪ Sea Sickness جي حالت ۾ پيٽ خالي نه رکڻ کپي توڙي کڻي کاڌل شيءِ ان وقت ئي الٽي ۾ نڪري وڃي. ڇو جو خالي پيٽ تي اٻڙاڪ (الٽيون) محسوس ٿيڻ تي ڪڏهن ڪڏهن رت به اچي ٿو. گهڻو وقت سي سڪنيس ٿيڻ تي.... يعني ڏينهن ٻه هلڻ تي انسان مايوسيءَ جو به شڪار ٿئي ٿو ۽ هو چاهي ٿو ته ان زندگيءَ کان ته موت بهتر آهي.
سي سڪنيس واري حالت سمنڊ تي ڪا روز روز نٿي ٿئي. جڏهن سمنڊ خراب ٿئي ٿو يا طوفاني موسم ٿئي ٿي ته جهاز جي اڳيان پويان يا ساڄي کاٻي لڏڻ ڪري جهاز ۾ سفر ڪندڙ ماڻهن جي اها حالت ٿئي ٿي.... پوءِ اها حالت ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه ڪلاڪن لاءِ رهي ٿي ته ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻه ڏينهن به رهي ٿي جيسين اهو سامونڊي طوفان وڃي ماٺو ٿئي.
سمنڊ جي حالت سڌرڻ سان سي سڪنيس جو شڪار ٿيل ماڻهو ان گهڙي ئي نارمل ٿيو وڃي ڄڻ هن کي ڪجهه نه هو ۽ هو ساڳي صحت ۽ سمنڊ جو سهانو سفر enjoy ڪرڻ لڳي ٿو. الطاف ان عنوان تي به گهڻو ئي لکيو آهي ۽ هو ٻڌائي ٿو ته سمنڊ تي اهڙا ڏکيا ڏينهن ڪڏهن ڪڏهن اچن ٿا. ڪڏهن ته پنج ڇهه مهينن جي ڊگهي سفر ۾ ٽي چار سمنڊ لتاڙڻ دوران هڪ ڏينهن به خراب موسم يا خراب سمنڊ نٿو ملي.
الطاف سامونڊي نوڪري وارن ٻارنهن تيرهن سالن ۾ چڱو خاصو لکيو، پوءِ ڪنهن سفر ۾ گهٽ ته ڪنهن ۾ وڌيڪَ ان جو مدار موسم ۽ سمنڊ جي حالت ۽ جهاز جي ڪارڪردگي تي رهيو. ايم وي چناب ۽ ايم وي پدما جهڙن پراڻن جهازن لاءِ الطاف ٻڌائي ٿو ته انهن جي انجڻين سان هر وقت اهڙو مسئلو لڳل هو جو هڪ ٿي صحيح ڪئيسين ته ٻي ٿي خراب ٿي ۽ سمنڊ تي هر روز جهڙي ايمرجنسي جي حالت لڳل هوندي هئي ۽ هر انجنيئر کي روزانو نارمل اٺن ڪلاڪن کان وڌيڪَ ڪم ڪرڻو پيو ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ته باهه لڳڻ ڪري يا سنگاپور يا جبرالٽر جهڙن سوڙهن سامونڊي لنگهن وٽان گذرڻ وقت (جتي تمام گهڻي ٽرئفڪ رهي ٿي) ستل انجنيئرن ۽ نيويگيشن آفيسرن کي به اٿارڻو پيو ٿي جيئن هو ڊيوٽي تي مقرر جهاز هلائيندڙن جا ٻانهن ٻيلي ٿي هنن جي مدد ڪري سگهن. ساڳي حالت ايم وي شالامار ۽ ايم وي سندر بنس جهڙن نون جهازن تي به ڪنهن ڪنهن سفر ۾ رهي ٿي.... ۽ ڪنهن ڪنهن سفر ۾ جيتوڻيڪ ايم وي پسر ۽ ايم وي رنگامَٽي جهڙا پراڻا جهاز هئا پر موسم ۽ جهاز جون انجڻيون اهڙيون ته پر سڪون رهيون ٿي جو ڪراچي کان لنڊن تائين يا چٽگانگ کان ٽوڪيو تائين هڪ ڏينهن به پريشانيءَ ۾ نه گذريو.... جهاز ڄڻ آرسيءَ مٿان ترڪندو ٿي ويو. اهڙن ڏينهن تي جهاز تي سوار ماڻهن جي ڪيفيت مايوسيءَ ۽ پريشانيءَ بدران ۱۸۰ ڊگريون مخالف طرف يعني پُراميد ۽ خوشحال (Elevated) رهي ٿي ۽ الطاف ٻڌائي ٿو ته هن اهڙن ڏينهن مان ڀرپور فائدو وٺي تمام گهڻو لکيو. انهن سامونڊي سفرن جا گهڻي ڀاڱي ڪتاب تن ڏينهن جي مشهور پبلشر فيروز ميمڻ حيدرآباد مان ’نيو فيلڊس پبليڪيشن‘ طرفان ڇپرايا. جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
وايون وڻجارن جون، سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين، سمونڊ جي سيوين، بندر ديسان ديس، ڇا جو ديس ڇا جو وديس، جاني ته جهاز ۾، دنيا آهي ڪاڪ محل، سانڀاهو سمونڊ جو، دنگي منجهه درياهه وغيره.
الطاف ٻڌائي ٿو ته سندس شروع جي سامونڊي سفرنامن ۾ هن گهڻو ڪري گهمڻ ڦرڻ ۽ موج مزن جون ڳالهيون لکيون جيئن پڙهندڙ اهوئي سمجهي ته سمنڊ جي نوڪريءَ ۾ مزا ئي مزا آهن. ”اهو ان ڪري جيئن اسان جي سنڌ صوبي جا نوجوان جيڪي چوڌاري سمنڊ هجڻ جي باوجود هن فيلڊ ۾ نٿي آيا اهي ڪشش محسوس ڪن ۽ پاڪستان نيوي ۽ مرچنٽ نيوي جهڙن ادارن ۾ اچن“.
الطاف جي اها ڪوشش رائگان نه وئي ۽ تمام گهڻا سنڌي جيڪي طبيعتن ڀر واري ڳوٺ ۾ نوڪري ڪرڻ کان به ڪيٻائيندا هئا سي هن زندگي ۾ آيا ۽ اڄ ڪيترا ئي سنڌي جهازن جا ڪئپٽن ۽ انجنيئر آهن. هونءَ حقيقت اها آهي ته اڄ جا جهاز جيتوڻيڪ تمام گهڻو ماڊرن ٿي ويا آهن. انهن تي رهائش جو به هر سک آهي .... اهي ڄڻ ته فائو اسٽار هوٽلون لڳن ٿيون پر سمنڊ جا سور اڄ به ساڳيا آهن. اڄ به سامونڊي ڪُنن ۽ ڇتين ڇولين جي مقابلي ۾ هي آفت جيڏا لوهي جهاز ڇوڏن مثال آهن ۽ ان کي هلائيندڙ سخت سي سڪنيس محسوس ڪن ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن وچ سمنڊ تي بي يارو مددگار محسوس ڪن ٿا. جهازن جي ٽڪرائڻ ۽ باهين لڳڻ کان علاوه ٻيا به ڪيترا حادثا سامونڊي زندگيءَ ۾ درپيش اچن ٿا جن جو سربستو احوال الطاف سڀ کان پهرين ”موج نه سهي مڪڙي“ ڪتاب ۾ ڏنو آهي. ان کان علاوه سمنڊ جي صعوبتن جا ڪجهه قصا هن پنهنجي سفرنامن: بوتلن جو سفر، هي ٻيٽ هي ڪنارا، وغيره ۾ پڻ ڪيو آهي.
الطاف ڪناري جي نوڪري لاءِ ۱۹۷۵ع ڌاري ڪوشش ڪئي. کيس ڪويت بندرگاهه ۾ چيف انجنيئر جهڙي اعليٰ نوڪري ملي وئي ۽ الطاف پنهنجي ڪمپني PNSC مان سال کن جي موڪل وٺي ڪويت پهتو پر بقول هن جي هن کي عرب دنيا ۾ ڪم ڪرڻ ۾ مزو نه آيو. پنهنجي ڪتاب ’ڪويت ڪنارا‘ ۾ لکي ٿو ته: ”جيتوڻيڪ آئون ڏسي رهيو آهيان ته هتي ڪويت ۾ اسان جا ڪيترائي پاڪستاني ننڍين نوڪرين ۾ به خوش آهن پر اهو شايد ان ڪري جو هو پاڪستان کان سڌو هتي آيا آهن پر آئون جڏهن هتي جي گهٽيل ماحول ۽ عربن جي ڄٽپڻي ۽ اجائي احساس برتري کي جپان، انگلنڊ، آمريڪا جهڙن ملڪن جي کليل ماحول۽ اتي موجود انساني حقن سان ڀيٽيان ٿو ته آئون ڪويت ۾ ذهني طرح پاڻ کي آزاد نٿو محسوس ڪريان.“
الطاف ڪويت ۾ اهي ٽي چار مهينا رهڻ دوران پڻ عبرت اخبار ۾ هفتيوار ڪالم لکندو رهيو جيڪي بعد ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي ورسٽي پبليڪيشن پاران ”ڪويت ڪنارا“ نالي ڪتاب ۾ شامل ڪري ڇپايا ويا. هي ڪتاب الطاف شيخ ڪئڊٽ ڪاليج جي پنهنجي استاد ۽ ائڊجيوٽنٽ ڪئپٽن (هاڻ جنرل جي پوسٽ تان رٽائرڊ ٿيل) عالم جان محسوس کي منسوب ڪيو.
الطاف ٽن چئن مهينن جي نوڪري بعد ڪويت کان موٽي اچي وري پنهنجي ڪمپني جا جهاز هلايا ۱۹۷۹ع ڌاري سندس ڪمپنيءَ جپان کي آٽوميٽڪ جهاز ٺاهڻ جو آرڊر ڏنو ۽ الطاف کي ٽوڪيو (جپان) جي IHI (اشيڪاوا جيما هريما هيوي انڊسٽريز) شپ يارڊ ۾ موڪليو ويو جتي ڪمپني جو پهريون آٽوميٽڪ جهاز ”ايم وي مالا ڪنڊ“ نالي ٺهي رهيو هو. جهاز کي ٺهڻ ۾ ٽي چار مهينا لڳي ويا ان بعد ڪراچيءَ مان جهاز کي هلائڻ لاءِ ٻيو اسٽاف گهرايو ويو ۽ الطاف شيخ ان جهاز کي چيف انجنيئر جي حيثيت سان سال کن هلائيندو رهيو. ان جهاز جي ٺهڻ دوران الطاف جپان جي آئوئي شهر (اوساڪا ڀرسان) مان تيرساڪي ڪمپني طرفان آٽوميشن جو ڊپلوما ڪورس به ڪري ورتو جنهن ڪري هن کي هي جهاز هلائڻ ۾ ڪا خاص دقت پيش نه آئي ۽ بعد ۾ ملائيشيا ۽ پاڪستان جي مئرين اڪيڊمين ۾ نوجوان جهاز هلائيندڙن کي ٻين سبجيڪٽن سان گڏ اهو سبجيڪٽ “Automation & Instrumentation” پڻ پڙهائيندو رهيو.
الطاف جي هر جهاز جي جپان ۾ گهڻي اچ وڃ ڪري هو ڪم هلائڻ جهڙي جپاني سکي ويو. ان کان علاوه هو شروع کان جپان جي نيول آرڪيٽيڪچر سوسائٽي ۽ جپان جي مئرين انجنيئرس انسٽيٽيوٽ جو ميمبر پڻ رهيو. سو ٽوڪيو جي شپ يارڊ (IHI) ۾ پنهنجي ملڪ جي جهاز ٺهڻ تي نگهباني دوران هن کي ان شپ يارڊ ۾ نوڪري جي آفر ڪئي وئي ۽ الطاف پاڻ به اهو چاهيو ٿي ته ”هاڻ سمنڊ تي ڌڪا کائڻ بدران هڪ هنڌ رهي پئجي جيئن صبح جو اک کلي ته ساڳي موسم هجي جيڪا سمهڻ مهل هئي ۽ ٻار ٿيلها ڳچيءَ ۾ وجھي اسڪول وڃن“. پر هن ٻڌايو ته اهو جاب هڪ ته فل ٽائيم ڪناري جو نه هو. ان ۾ پنج ڇهه مهينا ٽوڪيو ۾ رهڻو پيو ٿي جنهن دوران نئون جهاز ٺهي راس ٿيو ٿي ۽ پوءِ سال جا باقي ست مهينا گئرنٽي انجنيئر جي حيثيت سان جهاز تي رهڻو پيو ٿي. ٻي ڳالهه ته هن اهو چاهيو ٿي ته ڪنهن اهڙي ملڪ ۾ رهجي جتي اسلامي طريقي جو (حلال) کاڌو ملي ۽ ٻارن کي اسلامي ماحول ملي سگهي. بهرحال سندس ڪمپني جو جهاز ”مالا ڪنڊ“ جيئن ئي تيار ٿيو ته ان تي هن چيف انجنيئر جي حيثيت سان سال کن Sail ڪيو جنهن ۾ هن کي اهو جهاز ايشيا ۽ يورپ جي ملڪن ۾ وٺي وڃڻو پيو. هيءَ ۱۹۸۰ع جي ڳالهه آهي. هي جهاز جيتوڻيڪ ڏهه پندرهن سالن جي مدي لاءِ ٺاهيو ويو هو پر بهتر رکواليءَ ڪري پاڪستان جا انجنيئر هن کي ۲۵ سال کن هلائيندا رهيا. ان بعد هن جهاز کي اسڪريپ لاءِ ڪراچي آندو ويو. بلوچستان جو سامونڊي علائقو گڊاني جهازن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ان مان لوهه، پتل، ٽامي ۽ ڪاٺ جو سامان الڳ ڪرڻ کان مشهور آهي. اتفاق اهڙو جو جنهن ڏينهن هي جهاز جيڪو الطاف شيخ جي نظر اڳيان Keel (هيٺاهين ۽ پهرين لوهي تختي) کان وٺي سڄو مڪمل تيار ٿيو ۽ پوءِ ان کي هلايو.... ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ لاءِ ڪراچي بندرگاهه کان گڊاني ڏي وڃي رهيو هو. الطاف جي KPT پل وٽان ڪار هلائيندي ان تي نظر پيئي ۽ ان نظاري تي هن بيحد Touchyمضمون ”وري يادين ورايو اسان کي“ انگريزي ۽ سنڌي اخبار ۾ لکيو جيڪو بعد ۾ سندس ڪتاب ”ڏيهه پرڏيهه جو سفر“ ۾ پڻ ڏنو ويو جيڪو ڪتاب ناز سنائيءَ ”سنڌي ساهت گهر“ طرفان حيدرآباد مان ڇپرايو آهي.
الطاف شيخ هونءَ ته جپان بابت احوال پنهنجن ڪيترن ئي سامونڊي سفرنامن ۾ لکندو رهيو پر هن ڀيري ٽوڪيو جي شپ يارڊ ۾ ڊگهو عرصو رهڻ ڪري هن هڪ سڄو ڪتاب ”جپان جن جي جيءَ سان“ نالي جپان بابت لکيو. ان کان علاوه جپاني گيشسا سان هڪ آمريڪن انجنيئر جي عشق جو ناول پڻ ترجمو ڪيو جيڪو بيحد پسند آيو ۽ ان ترجمي جا ڪيترائي ايڊيشن”ٽوڪيو جي گيشا گرل“ ۽ ”مس سدا بهار چنبيلي“ نالن سان ڇپجي چڪا آهن. ان کان علاوه جپاني ادب سان واسطو رکندڙ جپاني افسانن ۽ جپاني ڳالهين جا الطاف جا ٻه ڪتاب: ”جپان رس“ ۽ ”ڳالهيون تنهن جپان جون“ نيو فيلڊ پبليڪيشن ۽ ”نئين روشني“ پبليڪيشن وارن ڇپيا. ان بعد الطاف هڪ ڊگهي عرصي لاءِ جپان نه وڃي سگهيو. هو ملائيشيا ۽ سنگاپور پاسي پڙهائيندو رهيو يا پاڪستان جي مئرين اڪيڊمي يا سئيڊن ۽ ناروي پاسي رهيو. ان بعد الطاف جو هڪ دفعو وري جپان وڃڻ ٿيو جنهن سفر جو احوال هن پنهنجي ڪتاب ”جپان ۲۵ سالن بعد“ ۾ لکيو آهي. الطاف جي وڏي ڌيءَ مريم گذريل ۲۰ ويهن سالن کان اتي رهي ٿي ان ڪري هن جو اڄ تائين هن سان ۽ پنهنجن ڏوهٽن سان ملڻ لاءِ جپان وڃڻ هڪ طرف ٿيندو رهي ٿو ته ٻي طرف هو وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ مئرين انجنيئرنگ ۽ نيول آرڪيٽيڪچر تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ پڻ ويندو رهي ٿو. انهن سفرن دوران هن ٽي کن ٻيا به جپان تي سفرناما لکيا آهن: ”ڪراچي کان ڪوڪورا“، ”گيشائون ڪي ديس مين“ ۽ ”جپان ڪي دن“. جيڪي ’روشني پبليڪيشن‘ حيدرآباد مان، ’ويلڪم بڪ مارٽ‘ ڪراچيءَ مان ۽ ’جهانگير بڪ ڊپو‘ وارن لاهور مان ڇپايا آهن.
مالاڪنڊ جهاز تي سفر دوران هانگ ڪانگ مان نڪرندڙ آمريڪي رسالي ۾ الطاف کي ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ مئرين اڪيڊمي کلڻ جي خبر پيئي جنهن لاءِ مرچنٽ نيوي جي جهازن جي چيف انجنيئرن ۽ ڪئپٽنن جي ضرورت هئي جيڪي ملائيشيا جي نوجوان ڪئڊٽن کي پڙهائين. انهن ئي ڏينهن ۾ ايران وارن به پنهنجي بندرگاهه ”ڇابهار“ ۾ اهڙي اڪيڊمي کولي. الطاف کي ڪناري جي نوڪريءَ جي ضرورت هئي ۽ هن ٽيچنگ جاب شروع کان پسند ڪيو ٿي. هن ٻنهي هنڌن تي apply ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن مان کيس نوڪري جو آفر ليٽر مليو. الطاف ملائيشيا وڃڻ کي ترجيح ڏني جو هو پاڻ ۽ سندس ٻار ملائيشيا جي بندرگاهن ۾ بار بار اچي ملئي زبان کان واقف ٿي ويا هئا. ان کان علاوه انڊونيشيا، برونائي ۽ فلپين ۽ ٿائلنڊ جي ڏکڻ وارن بندرگاهن ۾ به ملئي ٻولي هلي ٿي جتي پڻ هنن جي جهازن جو وڃڻ ٿيندو رهيو ٿي. ان ڪري هن کي ملائيشيا رهڻ وڌيڪ آسان لڳو.
اتفاق اهڙو جو سڄي سامونڊي زندگي ۾ هن جي جهاز جو ڪڏهن به پاڙي واري ملڪ ايران جي ڪنهن به بندرگاهه ۾ وڃڻ نه ٿيو ۽ نه ڪڏهن اسڪول يا ڪاليج ۾ هن فارسي زبان پڙهي هئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ملئي زبان ۾نه برابر لٽريچر آهي ۽ الطاف کي ملائيشيا ۾ رهڻ دوران ان جي کوٽ ضرور محسوس ٿي.... ۽ گهڻو گهڻو پوءِ، رٽائرڊ ٿيڻ بعد هو جڏهن هوائي جهاز رستي پهريون دفعو ايران گهمڻ ويو ته فارسي زبان ۾ بيحد گهڻو ادب ۽ شعر و شاعري ڏسي ۽ اهو پڻ معلوم ڪري ته فارسي زبان ته ڪا اهڙي ڏکي ناهي جو اسان جي سنڌي توڙي اڙدو جا اڌ کان وڌيڪَ لفظ فارسي جا آهن، هن کي افسوس ٿيو ته ملائيشيا بدران ايران ۾ نوڪري ڪريان ها ۽ ملئي بدران فارسي سکجي ها. ان ڳالهه جو اظهار هن پنهنجي سفرنامي ”ايران ڏي اڏام“ ۾ ڪيو آهي جيڪو اردوءَ ۾ پڻ ڇپيو آهي.
هتي اهو به لکندو هلان ته ملائيشيا وارن طرفان الطاف جي چونڊ جيتوڻيڪ ۱۹۸۱ع ۾ ٿي وئي پر بقول الطاف جي هن کي ملائيشيا گهرائيندي گهرائيندي ڏيڍ سال کن لڳي ويو. ان سلسلي ۾ الطاف ٻڌائي ٿو ته: ”ملئي ماڻهو ان معاملي ۾ شروع کان بيحد سست ثابت ٿيا آهن ۽ اڄ جيتوڻيڪ ملائيشيا ٻي ترقيءَ ۾ يورپ ۽ آمريڪا جو مقابلو ٿو ڪري پر ڪنهن به ڳالهه ۾ فيصلو ڪرڻ ۽ ان کي پلاننگ موجب تڪڙو مڪمل ڪرڻ ۾ اڄ به هنن جي اها ئي سست چال آهي. يورپ يا جپان جهڙن ملڪن ۾ توهان نوڪري لاءِ درخواست موڪليندائو ته يڪدم ها يا نه (Regrets) ۾ جواب اچي ويندو پر ملائيشيا جي سرڪاري توڙي ڪنهن خانگي اداري کي خط لکندائو ته توهان کي موٽ ۾ هو اها به ورندي نه ڏيندا ته توهان جو خط مليل آهي اسان ان تي غور ڪري رهيا آهيون. جيڪڏهن هنن کي ڪنهن اداري ۾ ڊاڪٽر يا انجنيئر رکڻ جي ضرورت هوندي آهي ته به ڪو وقت خاموش ويٺا هوندا ۽ پوءِ جڏهن نوڪري جي پڪ (Confirmation) جو خط لکندا ته سگهوئي ٽڪيٽ موڪلي گهرائڻ بدران وري ڊگهي ڪوما ۾ هليا ويندا.... اها ٻي ڳالهه آهي ته ملائيشيا ۾ نوڪري شروع ڪرڻ بعد هنن کي ڪنهن کي نوڪريءَ مان ڪڍڻ ۾ به وقت ٿو لڳي. بهرحال وقت سان گڏ حالتون بدلجي رهيون آهن. ترقي ۽ پئسو اچڻ ڪري ملائيشيا جو ڪلچر ۽ ماڻهپو به بدلجي پهرين کان بهتر ئي رهيو آهي. ۽ ساڳي وقت هنن ۾ مغروري ۽ ملڪ ۾ بد اخلاقي ۽ بد امني وڌي رهي آهي“.
ملائيشيا وڃڻ کان اڳ الطاف پنهنجي جهازران ڪمپني PNSC طرفان کوليل ”PNSC مئرين ڪاليج“ ۾ پڙهايو ۽ ان ڪاليج جو پرنسپال پڻ ٿي رهيو. جهازن جي نوڪريءَ لاءِ ٻن قسمن جي تعليم ۽ ٽريننگ ٿئي ٿي هڪ Pre-Sea جيڪا ”مئرين اڪيڊمين“ ۾ انٽر بعد ملڪ جا چونڊيل نوجوان ڪئڊٽ حاصل ڪن ٿا ۽ ٻي Post Sea ٿئي ٿي جنهن لاءِ جهاز جا آفيسر جهازن تي سامونڊي نوڪري جو مدو پورو ڪري (اهو مدو گهڻو ڪري ۲۱ مهينا سمنڊ جا ٿين) امتحان ڏيڻ کان اڳ مختلف ڪورس ڪن ٿا جن لاءِ اسان جي ملڪ جا جهازي آفيسر هن ڪاليج کلڻ کان اڳ انگلنڊ يا ٻين ملڪن ۾ ويا ٿي پر هاڻ اهي ڪورس ۽ سبجيڪٽ هن ڪاليج ۾ پڙهائڻ جو بندوبست ڪيو ويو هو. الطاف ٻڌائي ٿو ته:
”آئون هن ڪاليج ۾ پڙهائڻ دوران بيحد خوش هوس. ٻارن کي به ڪراچي جي DHA ماڊل اسڪول ۽ بعد ۾ ڪلفٽن واري سينٽ پيٽر اسڪول ۾ داخلا وٺرائي ڏني هيم ۽ ملائيشيا وڃڻ جي ڳالهه ڪڏهوڪو وسري وئي هئي ته اتي هڪ ڏينهن.... اٽڪل سال سوا بعد ملائيشيا مان خط آيو ته ٽڪيٽ موڪلي رهيا آهيون توهان ايندڙ هفتي ئي هليا اچو. مون سان گڏ منهنجي هڪ ٻئي ڪلاس ميٽ دوست مرحوم آصف غيور به اتي جي نوڪري لاءِ apply ڪيو هو جيڪو حاجين جي مشهور جهاز سفينه حجاج جو به چيف انجنيئر رهي چڪو هو. هن به ملائيشيا وڃڻ جي ڳالهه وساري سامونڊي زندگي ڇڏي ڪراچي جي مئرين اڪيڊمي (جتي Pre Sea ٽريننگ ٿي ٿي) ۾ پڙهائڻ شروع ڪري ڇڏيو هو ۽ هو به خوش هو ۽ ڪراچي جي زندگي سان Adjust ٿي چڪو هو. سو ظاهر آهي ملائيشيا پهچڻ جي خط هن کي به منجھائي رکيو. اسان ٻئي ڄڻا ان بابت سوچيندا رهياسين ته هاڻ وري ٻارن کي اسڪولن مان ڪڍرائي، لڏو پٽي ڌارئين ملڪ ۾ ڇا هلي ڪجي..... منهنجي دل سست ٿي رهي هئي پر آصف غيور چيو ته ”جي نه هلبو ته ملائيشيا وارا چوندا ته هي پاڪستاني ڪي وڏا ذليل آهن _ دوکو ڏئي ويا .... هنن کان پنهنجون ڪوتاهيون وسري وينديون، سڄو ڏوهه اسان تي ٿاڦيندا.“
آصف جي ڳالهه سمجهه ۾ ضرور آئي پر تنهن هوندي به مون پنهنجي ڪمپني PNSC جي انتظاميه سان صلاح مشورو ڪيو تن اهو سوچي اسان کي ملائيشيا وڃڻ لاءِ همٿايو ته اسان جي وڃڻ ڪري ٻين پاڪستانين لاءِ به راهون کلي وينديون.... ۽ واقعي اڳتي هلي ائين ئي ٿيو.... نه رڳو ملائيشيا جي تعليمي اداري’مئريٽائيم اڪيڊمي‘ ۾ پر سندن جهازران ڪمپني MISC ۾ به اسان جا ڪيترائي جهازي آفيسر اچڻ شروع ٿي ويا.“
بهرحال ملائيشيا ۾ نو سال کن رهڻ دوران الطاف نه رڳو ملائيشيا تي چار پنج ڪتاب (مڪلي کان ملاڪا، ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه، جت جر وهي ٿو جال، ڳالهيون آهن ڳچ..... وغيره) لکيا پر ڀر وارن ملڪن: سنگاپور ۽ ٿائلنڊ باءِ روڊ ڪيل سفرن تي پڻ ڪجهه ڪتاب (سنگاپور ويندي ويندي، سنگاپور ٿو سڏ ڪري، آل ابائوٽ سنگاپور ۽ اي جرني ٽو ٿائلنڊ) سفرناما لکيا. پاڪستان جي سنڌي اخبارن سان گڏ هو ملائيشيا جي انگريزي اخبار ”نيو اسٽرئٽ ٽائيمس“ ۾ به ڪالم لکڻ لڳو ۽ سندس انهن خدمتن ڪري ۱۹۸۹ع ۾ ملائيشيا جي حڪومت کيس PJK (پنگت جاسا ڪَ بَڪتيئان) ايوارڊ ڏنو.
الطاف شيخ ملائيشيا تي مٿيان ڪتاب لکيا پر جيئن ته هن جو اڄ ڏينهن تائين وزٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ ملائيشيا اچڻ وڃڻ لڳو رهي ٿو سو هن ملائيشيا تي بعد ۾ ڪجهه ٻيا به ڪتاب لکيا آهن جيئن: ”اوهريا جي عميق ڏي“، ”ملائيشيا منهنجي من ۾“، ”ملائيشيا ۱۲ سالن بعد“، ”جت جر وهي ٿو جال“، ”هليو آ هليو آ ملائيشيا“، ”مونکي موهيو ملائيشيا“ ۽ اڙدوءَ ۾ ”ملائيشيا ڪي دن“ وغيرهه.
الطاف ملائيشيا جيڪو وقت رهيو اهو هو پنهنجي جهازران ڪمپني کان اجازت وٺي Lien تي ئي رهيو. ان ڪري ۱۹۹۱ع ۾ هن کي واپس ڪراچي آفيس ۾ رپورٽ ڪرڻي پئي جتي هن کي جهازن جي مشينري مسئلن کي منهن ڏين لاءِ پهرين ڊپٽي مئنيجر ان بعد مئنيجر جي پوسٽ تي رکيو ويو. ان دوران جهازن جي ٻين ڪئپٽنن ۽ چيف انجنيئرن وانگر الطاف شيخ کي بهM.Sc ڪرڻ لاءِ جهازين لاءِ يونائيٽيڊ نئشنز طرفان ٺهيل خاص يونيورسٽي ”ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي“ موڪليو ويو.هيءَ يونيورسٽي UN جي سمنڊ سان واسطو رکندڙ برانچ IMO (انٽرنيشنل ميريٽائيم آرگنائيزيشن) طرفان مالمو سئيڊن ۾ ٺاهي وئي آهي.
الطاف جڏهن جهازن تي هو ته ان وقت به هن جا جهاز نه فقط سئيڊن جي هن ڏاکڻي بندرگاهه مالمو توڙي گادي واري شهر اسٽاڪهوم ۾ ايندا رهيا ٿي پر ڀر وارن ملڪن ناروي، ڊئنمارڪ ۽ فنلئنڊ جي بندرگاهن ۾ به ايندا رهيا ٿي. ۽ هاڻ سئيڊن جي يونيورسٽي طرفان هن کي فيلڊ ورڪ لاءِ انهن ساڳين بندرگاهن ۾ باءِ روڊ يا باءِ ايئر وڃڻو پيو ٿي. الطاف انهن ڏينهن جا قصا بيحد مزاحيه انداز ۾ لکيا آهن جيڪي سندس هنن سفرنامن ۾ ڇپيل آهن:
1.                 اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا.
2.                 ملير کان مالمو
3.                 يورپ جا ڏينهن، يورپ جون راتيون
4.                 جت برف پوي ٿي جام.
5.                 ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن
ڊسمبر ۱۹۹۳ع ۾ مالمو (سئيڊن) مان موٽڻ بعد، الطاف کي سندس ڪمپني PNSC وري درس تدريس جي ڪم تي رکيو. پاڻ به اهوئي چاهيائين ٿي جو بقول هن جي ٽيچنگ جاب ۾ کيس لکڻ پڙهڻ جو شوق پورو ڪرڻ لاءِ ڪافي وقت ملي ويو ٿي. ساڳي وقت پاڪستان جي مئرين اڪيڊمي ۾ پڙهائڻ لاءِ جهازن جي ڪئپٽنن ۽ چيف انجنيئرن جي ضرورت هئي جيڪا کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ وقت بوقت قومي جهازران ڪمپني PNSC پنهنجا آفيسر موڪليا ٿي. الطاف کي ٽيچنگ جو پراڻو تجربو هجڻ ڪري کيس اتي جي مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جو هيڊ مقرر ڪيو ويو.
الطاف شيخ مئرين اڪيڊمي ڪراچي جي هن نوڪري دوران ٽن مهينن جي موڪل تي ۱۹۹۵ع ۾ پنهنجي عرب دوست ۽ سئيڊن يونيورسٽي جي ڪلاس ميٽ حسن الحاربي وٽ سندس ڳوٺ ينبوع ۾ پڻ وڃي رهيو. ينبوع سعودي عرب جو آڳاٽو بندرگاهه آهي .... بلڪه گذريل صديءَ جي شروع وارن سالن تائين جڏهن اڃان جدو صحيح طرح ماڊرن بندرگاهه نه ٿيو هو ته انڊيا جي سورت ۽ ڪلڪتي بندرگاهن کان اسان جي ننڍي کنڊ جا توڙي آفريڪا ۽ ايشيا جي ٻين ملڪن جا حاجي پاڻي جي جهازن ذريعي ينبو بندرگاهه ۾ ايندا هئا جتان مدينو ايترو سڏ پنڌ تي آهي جيترو هاڻ مڪو شريف جدي بندرگاهه کان.
الطاف جي هن عرب دوست کي سئيڊن ۾ گڏ تعليم حاصل ڪرڻ دوران پنهنجي شهر ينبوع ۾ پائيپن جي فئڪٽري لڳرائڻ جو شوق هو. جنهن سلسلي ۾ هن جي ان وقت کان الطاف معرفت جرمني وارن سان ڳالهه ٻولهه جاري هئي. اها هاڻ جرمني کان سعودي عرب پهچي وئي هئي ۽ جيئن ته پاڻ انجنيئر نه پر فائننس جو ماڻهو هو سو ان ڪم ۾ مدد حاصل ڪرڻ لاءِ هن پنهنجي دوست الطاف کي پاڻ وٽ گهرايو. فئڪٽري لڳڻ بعد هن الطاف کي ينبوع ۾ پاڻ وٽ نوڪري ڪرڻ لاءِ ڏاڍو چيو پر الطاف هڪ ته پنهنجي ڪمپني PNSC نٿي ڇڏي ۽ ٻيو ته بقول سندس اتان لکيل اخباري ڪالمن موجب هن کي عربن سان ڪم ڪرڻ تي دل نٿي چاهيو جيتوڻيڪ سندس عرب دوست حسن سندس ايڏو خيال ڪيو جو هن کي پنهنجي گهر ۾ فئملي سان گڏ رهايو هئائين ۽ پگهار به دل وٽان ڏيڻ چاهيس ٿي. ان بابت الطاف جو اهو ئي چوڻ آهي ته جنهن کلئي دماغ ۽ آزادي سان ماڻهو جپان، انگلند، سئيڊن ۽ ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ نوڪري يا ڌنڌو ڪري سگهي ٿو اهو عرب ملڪن ۾ هرگز نه. مجبوري جي ٻي ڳالهه آهي نه ته عرب ملڪن ۾ فقط عبادت لاءِ وڃجي.
الطاف شيخ ينبوع جي هن ٽن مهينن جي رهائش دوران جيڪي سنڌ جي اخبارن ۽ رسالن ڏي ڪالم موڪليا اهي فيروز ميمڻ صاحب پنهنجي اداري ”نيو فيلڊس پبليڪيشن“ طرفان ”اي روڊ ٽو مدينا“ نالي ڪتاب ۾ ڏنا آهن. پاڪستان مئرين اڪيڊمي ۾ نوڪري دوران سن ۲۰۰۰ع ۾ الطاف کي حج ڪرڻ جي سعادت پڻ نصيب ٿي جنهن جو احوال هن ”ڀلي پار تان ڀيرو“ نالي سفرنامي ۾ ڏنو جيڪو ڪتاب ’روشني پبليڪيشن‘ جي علي نواز گهانگهري ۽ بعد ۾ امير ابڙو صاحب ’انڊس پبليڪيشن‘ طرفان ڇپرايو.
سال ۲۰۰۴ع ۾ الطاف صاحب سٺ سالن جي ڄمار تي پهچڻ تي PNSC کان جنرل مئنيجر جي پوسٽ تان رٽائرمينٽ حاصل ڪئي. ياد رهي ته هو PNSC طرفان ڊپوٽيشن تي پاڪستان مئرين اڪيڊمي ۾ هيڊ آف مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جي حيثيت ۾ ڪم ڪري رهيو هو. رٽائرمينٽ کان اڄ تائين ڪڏهن ڪڏهن الطاف شيخ پنهنجي ملڪ ۾ يا ملائيشيا، انڊيا ۽ سنگاپور ۾ وزٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ ويندو رهي ٿو. ليڪچر ڏيڻ کان علاوه هو هڪ دفعي انڊيا پنهنجي ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي اوڏ دوستن جي پٽن جي شادين تي دهلي، آگري، احمد آباد ۽ بڙودا وغيره ۾ اٽڪل ٻه مهينا کن رهيو. ان بعد هو ساڌو واسواڻي جي اداري SVM طرفان پوني ۽ ممبئي يونيورسٽي طرفان ممبئيءَ ۾ هفتو هفتو رهي آيو. انڊيا جي انهن مختلف سفرنامن تي هن جا چار ڪتاب: ”دهليءَ جو درشن“، ”هلي ڏسجي هندستان“، ”بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾“ ۽ ”بنارس کان برمودا“ ڇپجي چڪا آهن. رٽائرڊ ٿيڻ بعد ۲۰۰۵ع ۾ الطاف ڪجهه مهينن لاءِ آمريڪا ۾ پڻ رهيو. هو انهن ساڳين بندرگاهن ۾ ريل ۽ ڪار رستي هليو ويو جتي اڄ کان ۴۵ سال کن اڳ ۱۹۶۸ع کان ۱۹۷۳ع تائين هو پاڻيءَ جي جهازن کي وٺي ويندو هو. ان سفر جو احوال الطاف شيخ ”نيو هالا کان نيويارڪ“ ۽ ”بخشو لغاري کان بالٽيمور“ ڪتابن ۾ لکيو آهي. ان سفر جي باقي حصي جو احوال ”آمريڪا ڙي آمريڪا“ ڪتاب ۾ مڪمل ڪري رهيو آهي.
الطاف جو سامونڊي ۽ ڪناري جي نوڪري دوران ڏور اوڀر جي ملڪن مان سڀ کان گهڻو رهڻ يا اچڻ وڃڻ جپان، ملائيشيا ۽ چين ۾ ٿيو. اها ٻي ڳالهه آهي ته الطاف هانگ ڪانگ بابت گهڻو ئي لکيو آهي، بلڪ هڪ ڪتاب ”وايون وڻجارن جون“ ته سڄو هانگ ڪانگ ۽ سندس ٻئي پاسي ڪولون بابت آهي پر انهن ڏينهن ۾ هانگ ڪانگ ملڪ برطانيه جي حڪومت هيٺ هو. الطاف چين جي سفر تي ايترو گهڻو نه لکيو آهي جيترو جپان ۽ ملائيشيا تي پر هن انهن ٽنهي ملڪن جي ٻولين: جپاني، ملئي ۽ چيني جي پهاڪن جا ٻه ڪتاب: هڪ انگريزيءَ ۾ “Proverbs of Far East” نالي ۽ ٻيو سنڌي ۾ ”رٺي آهي گھوٽ سان“ لکيو آهي. الطاف ٻڌائي ٿو ته هن کي ننڍي هوندي کان پهاڪن پڙهڻ جو شوق هو. هن پهاڪن جو پهريون ڪتاب ”گل شڪر“ پنهنجي والد جي لئبرري مان کڻي تڏهن پڙهيو جڏهن هو پرائمري اسڪول جي چوٿين ڪلاس ۾ هو.
الطاف ٻڌائي ٿو ته هن جو اڙدو ۾ لکڻ به هڪ حادثو هو. اڄ کان ۱۵ سال کن اڳ سن ۲۰۰۰ع ڌاري سندس هڪ سنڌي اخبار جو ڪالم ڪنهن ترجمو ڪري انهن ڏينهن ۾ نئين شايع ٿيندڙ روزنامه اڙدو اخبار ’امت‘ ۾ ڏنو جنهن کي بيحد ساراهيو ويو ۽ الطاف کي ان ئي ڏينهن سندس هيڊ آفيس PNSC مان ڪيترن ئي دوستن جا فون اچي ويا. هي اهي دوست هئا جن کي سنڌي پڙهڻ نٿي آئي ۽ هو هميشه الطاف کان پڇندا رهيا ٿي ته هو ڪهڙي موضوع ۽ مواد بابت سنڌيءَ ۾ ڪالم لکي ٿو. الطاف ان بابت چيو ته: ”اڙدو اخبار ۾ مضمون ڇپجڻ تي مونکي ڏاڍي خوشي ٿي. اخبار وارن منهنجي ڪالم کي ايڊيٽوريل صفحي تي بيحد نمايان نموني سان ڏنو هو.... پر مونکي ائين لڳو ڄڻ مون جيڪي ڳالهيون هن ڪالم ۾ لکيون آهن اهي سڀ اڙدو ۾ ان ڀرپور انداز ۾ ترجمو نه ٿيون هجن. ائين محسوس ٿيو ڄڻ ترجمي واري کي سمنڊ ۽ جهازراني جي معلومات نه هجڻ ڪري هو منهنجيون ڪجهه ڳالهيون صحيح طرح سمجھائي نه سگهيو آهي. بهرحال مون ان اخبار جي ايڊيٽر رفيق افغان صاحب کي فون ڪيو ته مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي جو منهنجو ڪالم اڙدو اخبار ۾ ڇپيو آهي ۽ اڙدو اخبار جي گهڻي ريڊرشپ هجڻ ڪري مونکي اڄوڪي ڏينهن ۾ ئي ڪيترا فون آيا آهن پر.....
”پر ڇا؟ چئو پليز“ رفيق افغان چيو.
” ... اهوئي ته ترجمي واري ڪجهه ڳالهيون رهائي ڇڏيون آهن“
”ته پوءِ ڏسو نه مسٽر الطاف! توهان پاڻ سنئون سڌو کڻي اڙدو ۾ لکو“
”پر آئون ته سنڌي جو اديب آهيان“ مون چيو.
”ڏسو سائين اديب اديب آهي پوءِ هو ڀلي کڻي ڪهڙي ٻوليءَ ۾ به لکي“
”پر آئون اڙدو ۾ ڪمزور آهيان جو ڪاليج ۽ اسڪول ۾ فقط سنڌي ۽ انگريزي پڙهيو آهيان.“
الطاف ٻڌائي ٿو ته ان تي رفيق افغان هن جي همٿ افزائي ڪندي چيو ته هو جيئن ڳالهائي رهيو آهي ائين ڪالم لکي موڪلي درستگيون هو ڪرائيندو.
۽ پوءِ اهڙي طرح الطاف شيخ اڙدو ۾ لکڻ شروع ڪيو ته اڄ ڏينهن تائين لکندو اچي ۽ هن جا ڪالم ۽ مضمون نه فقط امت اخبار ۾ پر اڙدو ڊائجسٽ، سرگزشت ڊائجسٽ، اخبار جهان، پاڪستان پوسٽ، دستڪ ۽ ٻين رسالن ۽ اخبارن ۾ به ايندا رهن ٿا. اڄ به الطاف کِلي چوندو آهي ته ”مونکي سنڌيءَ جو اديب آفريڪا کنڊ جي ڊگهن سامونڊي سفرن ڪيو ۽ اڙدو جو اديب ’اُمت‘ اخبار جي ايڊيٽر رفيق افغان ڪيو“.
الطاف جا هيستائين ڪيترا ئي اڙدو ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جهڙوڪ: سمندر ڪي دن، يورپ ڪي دن، ملائيشيا ڪي دن، ايران ڪي دن، ڪراچي سي ڪوپن هيگن، گيشائون ڪي ديس مين ۽ هاڻ تازو ڪتاب ’مين چلا ممباسا‘، ’جهاز چلاني ڪي دن‘، ’جپان ڪي دن‘ ۽ ’چلو چلين هندوستان‘ وغيرهه ڪراچي جي ويلڪم بڪ پورٽ طرفان ڇپجي چڪا آهن ۽ ٽي ٻيا اڙدو ۾ ۽ چار سنڌيءَ ۾ ڇپجي رهيا آهن. اُنهن مان هڪ ’برونائيءَ کان برازيل‘ خيرپور جي پوپٽ پبليڪيشن طرفان جلد اچڻ وارو آهي.
سنڌي ڪتابن جي تعداد ۾ مرزا قليچ بيگ جا کڻي گهڻا ڪتاب آهن پر بقول امر جليل جي صفحن جو تعداد ٿو ڏسجي ته الطاف شيخ سڀني کان گهڻو، بلڪ تمام گهڻو لکيو آهي.
الطاف شيخ اڄڪلهه سال جو وڏو حصو ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ گذاري ٿو. هو هر وقت واندڪائيءَ جي ڳولا ۾ رهي ٿو جيئن گهڻي کان گهڻو لکي سگهي. لکڻ کان علاوهه هن جو خاص شغل تعليمي ادارن ۾ ليڪچر ڏيڻ آهي.
الطاف شيخ جي هڪ ٻي خوبي آهي فوٽوگرافي هو جتي به ويندو، جنهن سان به ملندو ته سڀ کان اڳ تصوير ڪڍندو ۽ پاڻ به بيهي تصوير ڪڍرائيندو. فيسبوڪ، سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ تي سندس گڏ ڪيل هزارين تصويرون مختلف البمس جي صورت ۾ محفوظ آهن، جنهن تائين هر ڪنهن کي آسان رسائي به حاصل آهي.
الطاف شيخ جا ڇپيل ڪتاب

1.                 اناميڪا
2.                 منهنجو ساگر، منهنجو ساحل
3.                 پيار جي گُهٽَ
4.                 وايون وڻجارن جون
5.                 سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين
6.                 دنيا آهي ڪاڪ محل
7.                 سمونڊ جن ساڻيهه
8.                 بندر بازاريون
9.                 سمونڊ جي سيوين
10.            سي جوڀن ڏينهن
11.            بندر ديسان ديس
12.            خبرون کيڙائن جون
13.            ڪويت ڪنارا
14.            ڇا جو ديس ڇا جو وديس
15.            جاني ته جهاز ۾
16.            جپان جن جي جيءَ ۾
17.            ڳالهيون تنهن جپان جون
18.            خدا ڏي خط
19.            جپان رس
20.            سانڀاهو سمونڊ جو
21.            موج نه سهي مَڪڙي
22.            الطاف شيخ جي نوٽ بڪ تان
23.            بهترين سفرناما
24.            لنڊن تائين لفٽ
25.            ٻارن جون آکاڻيون
26.            ٽوڪيو جي گيشا گرل
27.            مڪليءَ کان ملاڪا تائين
28.            سنگاپور ويندي ويندي
29.            ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه
30.            ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ
31.            دُنگيءَ منجهه درياهه
32.            ڏاهي جهرڪي
33.            جت جر وهي ٿو جال
34.            يادن جي انڊلٺ
35.            ڳالهيون آهن ڳچ
36.            اي جرني ٽو ٿائلينڊ
37.            Proverbs Of Far East
38.            اوهريا جي عميق ڏي
39.            اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا
40.            ملير کان مالمو
41.            جت برف پئي ٿي جام
42.            ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن
43.            ارائونڊ دي ورلڊ
44.            رٺي آهي گهوٽ سان
45.            يورپ جا ڏينهن راتيون
46.            اي روڊ ٽو مدينا
47.            هيلسنڪي جي حسينا
48.            سنگاپور ٿو سڏ ڪري
49.            آل ابائوٽ سنگاپور
50.            ملائيشيا منهنجي من ۾
51.            ڀلي ڀار تان ڀيرو
52.            هي ٻيٽ هي ڪنارا
53.            بوتلن جو سفر
54.            سوزيءَ سان پيار
55.            جل پريون
56.            ملائيشيا ۱۲ سالن بعد
57.            تيستائين گڊ باءِ
58.            جپان پنجويهه ورهين بعد
59.            ڪراچيءَ کان ڪوڪورا
60.            دهليءَ جو درشن
61.            نيو هالا کان نيويارڪ
62.            بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور
63.            ايران ڏي اُڏام
64.            چنڊ چوانءِ سچ
65.            هلي ڏسجي هندستان
66.            پکي اُڏاڻا پنهنجي ديس
67.            ممباسا، شيدي بادشاهه همباشا
68.            ڏيهه پرڏيهه جو سفر
69.            بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾
70.            هليو آ، هليو آ، ملائيشيا
71.            مونکي موهيو ملائيشيا
72.            آمريڪا ڙي آمريڪا
73.            وسي وڏ ڦڙو
74.            نه سي سڙه سُکان
75.            بنارس کان برمودا
اردو میں
76.            سمندر کے دن
77.            ملائیشیا کے دن
78.            یورپ کے دن
79.            کراچی سے کوپن ہیگن
80.            ایران کے دن
81.            گيشائون کے ديس مين
82.            جہاز چلانے کے دن
83.            جپان کے دن
84.            کنارے کے دن
85.            میں چلا ممباسا
86.            چلو چلیں ہندوستان
الطاف شيخ جا ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي مٿي ڏنل لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪرڻ سان گڏ آنلائين به پڙهي سگهجن ٿا.

نوٽ : هي مضمون الطاف شيخ جي ڪالمن، ڪتابن، انٽرويوز ۽ ذاتي طور ساڻس ڪيل ڪيترين ئي ڪچهرين ۾ ڪيل سوالن جوابن ذريعي جوڙيو ويو آهي.






الطاف شيخ
سنڌ جو سيلاني (جنم ڏينهن تي ڀيٽا)
محمد سليمان وساڻ
جڏهن به ڪنهن سفرنامي جو ذڪر نڪرندو آهي ته مونکي الطاف شيخ ياد اچي ويندو آهي. سفرنامي جي صنف جي حوالي سان مشهور ليکڪ، سنڌي اسڪالر، مئرين انجنيئر ۽ استاد (پروفيسر) الطاف شيخ ۱۴ نومبر ۱۹۴۴ ۾ هالا ۾ ڄائو. سندس پورو نالو الطاف احمد شيخ ولد گل محمد شيخ آهي. انٽر ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان ۱۹۶۳ ۾ ڪرڻ کانپوء مئرين انجينئرنگ جي ڊگري چٽگانگ (هاڻي بنگلاديش، ان وقت اوڀر پاڪستان) مان حاسل ڪيائين. ايم ايس سي ان ميرين سيفٽي ايڊمنسٽريشن وري ورلڊ ميريٽائم يونيورسٽي مان ڪيائين. مڪينيڪل انجينئير امتحان انسٽيٽيوٽ آف انجنئير لنڊن، بي اي ايل ايل بي يونيورسٽي آف سنڌ، ڊپلوما ڊجيٽل ڪمپيوٽر ٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ آف ميرن انجنيئرس لنڊن اينڊ انسٽيٽيوٽ آف نيول ارڪيٽيڪٽ انگلينڊ مان ڪيائين. ان کانسواءِ دنيا جي مختلف ملڪن مان انجنيئرنگ سان لاڳاپيل ڪيترا ئي ڪورس ڪيا اٿس.
پاڻ لکڻ جي شروعات ته ۱۳ سالن جي عمر کان ئي گلستان رسالي ۾ لکڻ سان ڪيائين پر باقائدي لکڻ جي شروعات چٽگانگ ۾ مئرين انجنيئرنگ ڪورس دوران هلال پاڪستان لاء لکيل ڪالم “دريائن جي ديس مان” سان ڪيائين. انکانپوء شپنگ ۾ نوڪري دوران هو جنهن به ملڪ ويو، جنهن به شهر ويو ان تي سفرنامو لکي ورتائين. سندس لکڻين خاص ڪري سفرنامن ۾ تفريح سان گڏ انيڪ معلومات پڻ هوندي آهي. دنيا جي ملڪن جي حالتن کي سمجهائڻ لاء هميشه سنڌ جي ڳوٺن، شهرن ۽ بازارن جي ان ملڪ سان ڀيٽ ڪندو آهي ته ملائيشيا جو فلاڻي ڳوٺ جون گهٽيون اسان جي ٽنڊي آدم شهر وانگر پر ويڪريون آهن. سندس لکڻين جو اهو ڏانء کيس ٻين لکندڙن کان الڳ ڪري خاص سڃاڻ بڻجي ويو آهي.
سندس ۷۵ کان مٿي ڪتاب ڇپيا آهن. جن ۾ گهڻوڪري سفرنامه ۽ ٻيون ڪهاڻيون ۽ ترجمه آهن. سندس ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب گهڻو مشهور آهن:
بندر بازاريون ۱۹۷۱، جاني ته جهاز ۾ ۱۹۷۲، پيار جي گهُٽ ۱۹۷۳، دنيا آهي ڪاڪ محل ۱۹۷۵، وايون وڻجارن جون ۱۹۷۶، سي ئي جوڀن ڏينهن ۱۹۷۷، ارائونڊ دي ورلڊ ۱۹۷۹، ڪويت ڪنارا ۱۹۸۰، سانباهو سمونڊ جو ۱۹۸۰، هي بيت هي ڪنارا، ملير کان مالمو تائين، ڇا جو ديس ڇا جو وديس، اڇن جي ديس ۾ اسين ڪارا، ماسٽر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ، دهليء جو درشن، سي ٻيڙيون رکين ٻاجھ سين، منهنجو ساحل منهنجو ساگر، سمنڊ جن ساڻيھ، سي ئي جوڀن ڏينهن، بندر ديسان ديس، خبرون خيرن جون، جاني ته جهاز ۾، جپان جن جي جيءَ سين، ڳالهيون تنهن جپان جون، خدا ڏي خط، جپان رس، موج نه سهي مڪڙي، الطاف شيخ جي نوٽ بوڪ تان، بهترين سفرنامه، لنڊن تائين لفٽ، ٻارن جون آکاڻيون، ٽوڪيو جي گيشا گرل، مڪليءَ کان ملاڪا تائين، سنگاپور ويندي ويندي، ڪوللمپور ڪجهه ڪوھ، دنگي منجھ درياھ، ڏاهي جهرڪي ۽ ٻيون آکاڻيون، جِت جر وهي ٿو جال، يادن جي انڊلٺ، ڳالهيون آهن ڳچ، اي جرني ٽو ٿائيلينڊ، اوهريا جي عميق ڏي، جت برف پئي ٿي جام، ڪراچيء کان ڪوپن هيگن، رُٺي آهي گهوٽ سان، يورپ جا ڏيهن ۽ يورپ جون راتيون، اي روڊ ٽو مدينه، هيلنسڪي جي حسينه، سنگاپور ٿو سڏ ڪري، آل ابائوٽ سنگاپور، ملائيشيا منهنجي مَن ۾، سوزيءَ سان پيار، جل پريون، تيستائين گُڊ باء، جپان پنجويهن ورهين بعد، نيو هالا کان نيو يارڪ، بخشو لغاريء کان بالٽيمور، ايران ڏانهن اڏام، چنڊ چوانءِ سچ، اناميڪا، خدا ڏي خط، مس سدابهار چنبيلي، پکي اڏاڻا پنهنجي ڏيهه، ممباسا شيدي باشا هم باشا، هلي ڏسجي هندستان، بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾، ڀلي پار تان ڀيرو وغيره شامل آهن. ان کان علاوه اردو ۾ به سندس ڪجهه سفرناما ڇپيا آهن جهڙوڪ سمندر ڪي دن سمندر کي راتين، مليشيا ڪي دن، يورپ ڪي دن، ڪراچي سي ڪوپن هيگن، ايران ڪي دن.
ان کان سواءِ الطاف شيخ جا ڪيترن ئي رسالن، اخبارن م آئي ڏينهن سفر جا قصا ، ڪهاڻيون پيون ڇپجن. جيڪڏهن کيس سنڌي سفرنامي جو سنڌ باد سڏجي ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ ڪونهي. الطاف شيخ جي هڪ ٻي خوبي آهي فوٽوگرافي هو جتي به ويندو، جنهن سان به ملندو ته سڀ کان اڳ تصوير ڪڍندو ۽ پاڻ به بيهي تصوير ڪڍرائيندو. فيسبوڪ، سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ تي سندس ڪٺي ڪيل هزارين تصويرون مختلف البمس جي صورت ۾ محفوظ آهن، جنهن تائين هر ڪنهن کي آسان رسائي به حاصل آهي. مان سوچيندو آهيان هي شخص جيڪو گهڻو عرصو يا ته سفر ۾ جهازن تي رهيو، يا ملڪ کان ٻاهر رهيو يا وري گهڻو عرصو لکڻ ۾ گذاريائين ان وٽ پنهنجي علائقن ، ڳوٺن ۽ ماڻهن جي ايتري ڄاڻ ڪٿان آئي؟ ڇو ته سندس سفرنامن ۾ بيان ڪيل پنهنجي ئي سنڌ جي گهڻن ڳالهين کان اسان به واقف ناهيون هوندا.
الطاف شيخ سنڌ جو اهو ليکڪ آهي جنهن کي شايد سڀ کان گهڻو پڙهيو ويندو آهي، سندس سفرنامن جا ڪيترائي ايڊيشن ڇپيا آهن. هو سنڌ جو اهو ليکڪ آهي جيڪو مسلسل لکندو رهي ٿو. الطاف شيخ هڪ سٺي ليکڪ سان گڏ بهترين ۽ ملنسار انسان پڻ آهي. هو جڏهن به ۽ جتي به مليو آهي سدائين حوصلا افزائي ۽ لکڻ جي صلاح ڏيندو رهيو آهي. دعا آهي ته سنڌ جو هي ڏاهو ڏات ڌڻي سدائين خوش رهي، زندگيءَ جون ڪيئي بهارون ڏسي ۽ دنيا گهمندي اسان کي به گهر ويٺي دنيا جو سير ڪرائيندو رهي.
روزانه هلال پاڪستان ۱۴ نومبر ۲۰۱۲



الطاف شيخ
سنڌين جي پهرين انٽرنيٽ
رکيل مورائي
نيڪ خواهشون انهن هٿن لاءِ جيڪي هڪ وقت دعا لاءِ کڄندا آهن ۽ ٻئي وقت لکڻ لاءِ اڄ ان شخص/ ليکڪ جو جنم ڏينهن آهي، جيڪو پنهنجو مثال پاڻ آهي. شايد دنيا جي ادب ۾ اهڙو ٻيو مثال اڄ جي تاريخ تائين ملي نه سگهي، ڇاڪاڻ ته ادب ۾ اڄ جنهن تيزيءَ سان واڌارو آيو آهي، اوترو ئي تيزيءَ سان سائنس جي نين ايجادن پڻ انسان کي معلومات ميسر ڪرڻ شروع ڪئي آهي. اڄ هڪ منٽ جي سٺ سيڪنڊن ۾ اسين سٺ ملڪن بابت معلومات حاصل ڪري سگهون ٿا، پر هڪ اهڙو زمانو به هئو، جنهن کي جديد زمانو ته ڪوٺي سگهجي ٿو پر ان کي ڪمپيوٽر جو زمانو ڪوٺي نه سگهبو، ان زماني ۾ معلومات ايتري تيزيءَ سان نه پهچندي هئي، جيتري اڄ ملي رهي آهي.
ها ان دور ۾ دنيا جي معلومات هن جي سفر نامن مان ملندي هئي، اهي سفرناما پڙهي، اسان انهن ملڪن جي ڄاڻ حاصل ڪندا هئاسين جن ملڪن ۾ هو موجود هوندو هئو. اڄ سندس سفرنامن جو انگ هڪ سئو کان ڪجهه گهٽ هوندو ۽ ايترو انگ دنيا جي ڪنهن به ليکڪ جي سفرنامن جو شايد ئي هجي، سنڌ جي آڳاٽي معلومات اسان کي، ابن بطوطا سميت دنيا جي ٻين ڪيترن ئي سياحن جي سفرنامن مان حاصل ٿيندي هئي، ايئن دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن بابت معلومات اسان کي هن جي سفر نامن مان حاصل ٿيندي هئي.
اڄ محسوس ٿي رهيو آهي ته ان دور ۾ جيڪو چاليهه سال کن اڳ جو آهي، جڏهن به ڪو سنڌي نوجوانن ٻاهر وڃڻ چاهيندو هئو ته اهو سندس سفرنامن مان گهربل معلومات حاصل ڪندو هئو، بلڪل ايئن جيئن اڄڪلهه گوگل ۽ ٻين ويب سائيٽس تان معلومات حاصل ڪجي ٿي، خود هو به چاهيندو هئو ته سندس سفرنامن ۾ ڏنل معلومات مان سنڌي گهڻي گهڻي معلومات حاصل ڪن، ان ڪري، هو اهڙي ئي نموني تفصيل ڏيندو هئو، ان شخص ليکڪ جو نالو لکڻ لاءِ مان نهايت ادب سان ۽ قلم کي اکين سان لڳائي لکڻ چاهيان ٿو جيڪو آهي، الطاف شيخ!
سنڌ شايد خوش نصيب آهي ۽ سنڌي ادب ڀاڳ وارو آهي، جنهن کي شاهه کان پوءِ ٻه شيخ مليا ۽  ٻئي اهڙا آهن جن جي نالي سان ڪنهن مثال، تشبيهه ۽ تمثيل جي گهرج نه آهي. هڪ شيخ اياز آهي ۽ هڪ الطاف شيخ آهي.
شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ جي معرفت جيڪو سنڌي ادب کي سُڪار بخشيو آهي اهو پنهنجو مٽ پاڻ آهي ۽ الطاف شيخ پنهنجي نثر، خاص طور سفري نثر معرفت سنڌي ادب کي جيڪا خوشحالي ڏني اها به پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هن ادبي طور سنڌي نثري ادب کي ته مالامال ڪيو ئي آهي پر ان ادب ۾ هن سنڌي پڙهندڙ کي جيڪا ڄاڻ ڏني آهي اها ايتري گهڻي آهي جو اها اڄ لکت ۾ شال ماپي سگهي.
ڪنهن به ادب ۾ ڪي صنفون جڏهن ايجاد ٿينديون آهن ته انهن کي وڌڻ ويجهڻ ۾ چڱو وقت لڳندو آهي، پر سنڌي ادب ۾ سفر نامي کي هڪ صنف طور الطاف شيخ ايترو تيزيءَ سان مٿي کڻي آيو، جنهن جو به شايد مثال ادب ۾ ٻيو نه ملي سگهي. سفر نامو ڇاکي چئجي ٿو. اهو الطاف شيخ جي سفرنامن کي پڙهي سمجهي سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ سفرنامن سان گڏ، اڻ سڌي نموني يا سڌي نموني، هن پنهنجون يادگيريون به ڏنيون آهن ته پنهنجا تجربا به، ساڳئي وقت هن جن ملڪن ۾ ڪجهه وقت گذاريو آهي، انهن ملڪن جي ادب/لوڪ ادب/چوڻين ۽ پهاڪن وغيره کي به نه صرف پڙهيو ۽ پروڙيو آهي، پر انهن جي ڄاڻ به سنڌي ماڻهن کي ڏني آهي.
ان کان سواءِ سندس ٻيو هڪ ڪم اهو به آهي ته دنيا ۾ رهندڙ ۽ کيس موهيندڙ اديبن جي لکڻين کي ترجمو ڪري اسان کي انهن جي ادب ۽ مزاج کان به واقف ڪيو ۽ اهو سڀ جنهن وقت هن ڪيو، ان وقت اسان وٽ ٻاهران جو ايترو ادب ترجمو نه ٿيندو هئو. معلومات جا وسيلا به بنهه گهٽ هئا. ان وقت الطاف شيخ پنهنجي سفر نامن ۾ اهو به ٻڌايو ته هو جنهن ملڪ ۾ آهي ان ۽ سنڌ ۾ مختلف حوالن سان ڪهڙيون هڪ جهڙايون آهن ۽ ڪهڙيون انفراديتون آهن. جنهن مان ايئن لڳندو هئو ته هن دنيا جي ڪنهن ڪنڊ ۾ هوندي به سنڌ، سنڌي ادب ۾ سنڌي ماڻهن کي نه وساريو آهي. دنيا جي ماڻهن جي خوشحالي ۽ ڏکن سکن سان سنڌ کي ڀيٽيو ۽ ڪي نتيجا سامهون آندا آهن، جن مان سنڌي ماڻهن گهڻو ئي پرايو.
ها! مٿيون سڀ ماضي هئو، جنهن جو ذڪر مان ڪري رهيو هوس، ڪڏهن ڪڏهن ماضي فخر لائق هوندو آهي، حال هيڻو هوندو آهي، قومون يا ته ماضيءَ ۾ جيئنديون آهن يا مستقبل جي خوابن ۾! ايئن شخص سان به ٿيندو آهي، پر هيءُ شخص/ليکڪ الطاف شيخ انهن شخصن/ليکڪن مان آهي جنهن ماضيءَ، حال ۽ مستقبل کي ڳنڍي رکيو آهي، هو پاڻ جڏهن کان لکڻ لڳو آهي، جيڪو اسان جو ماضي آهي، اڄ تائين اسان جي حال تائين لڳاتار لکي رهيو آهي.
هاڻ هو پنهنجي اڇي سونهاريءَ ۾ نماز جي پنجن وقتن وانگر، لکڻ کي عبادت سمجهي ٿو. هو لکڻ جي معاملي ۾ سچل وانگر جو دم غافل سو دم ڪافر ٿيڻ کان ڪوهين ڏور آهي، ۽ جنهن شخص/ليکڪ لاءِ لکڻ عبادت هجي، ان کان سندس آخري ساهه تائين قلم نٿو ڇڏائجي سگهي.
هونئن به اسلام ۾ واهه کوٽائڻ، وڻ پوکائڻ ۽ ڪتاب لکڻ صدقه جاريه آهي ۽ الطاف شيخ پنهنجي حصي کان وڌيڪ ڪتاب لکي پنهنجي ان عبادت کي به دوامُ بخشيو آهي،
اڄ سندس جنم ڏينهن آهي ۽ جڏهن ماڻهن جي اڪثريت دعائن مان ويساهه وڃائي ويٺي آهي، ان وقت آئون سندس صحت ۽ عمردرازيءَ لاءِ دعاگو آهيان، خاص طور انهن هٿن جي سلامتيءَ لاءِ جيڪي هڪ وقت دعائن لاءِ کڄندا آهن ۽ ٻئي وقت لکڻ لاءِ تيار ٿيندا آهن. اڻ ميون نيڪ خواهشون سندس جنم ڏينهن تي،کيس مبارڪن سان گڏ ڪجهه لفظن جي ڀيٽا، اميد اٿم ته سندس بارگارهه ۾ قبول پوندي.



الطاف شيخ
سنڌ جو ڪولمبس
ابراهيم لاشاري
الطاف شيخ صاحب سنڌ جي سياسي، ثقافتي، سهڻي شهر هالا (مرتضي آباد) جي معزز شخصيت گل محمد شيخ جي گهر منجهه ۱۴ نومبر اڱاري ڏينهن سال ۱۹۴۴ع ۾ پهريون ساهه کڻي جنم ورتو الطاف شيخ صاحب جڏهن پڙهڻ جي عمر جو مس ٿيو ته والدين سندس ڦرهي هٿ منجهه ڏئي کيس اسڪول موڪليو، هن گورنمينٽ پرائمري اسڪول هالا منجهان پرائمري حاصل ڪئي. بعد ۾ هالا اسڪول جي مخدوم غلام حيدر اسڪول منجهان نصابي تعليم ورتائين هالن جي اسڪول ۾ صرف (ٽي درجا) انگريزي تعليم پڙهي ڪيڊٽ ڪاليج ۾ پڙهڻ جو شوق جاڳيس جتان مئٽرڪ ۽ انٽر جا امتحان نهايت هوشياري سان پاس ڪيائين تنهن بعد سونهاري سنڌ جو واحد سنڌي شاگرد هو جيڪو مئرين انجيئيرنگ جي تعليم پرائڻ لاءِ اوڀر پاڪستان هاڻوڪي ملڪ بنگلاديش جي (مئرين اڪيڊمي چٽگانگ) منجهان سند حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. جلدي ئي ان زماني منجهه جهازراني (پاڻي وارن جهازن) جي انجنيئير واري عهدي تي وڃي پهتو.
هن نوجوان الطاف شيخ صاحب جو ان زماني ۾ شوق ويو وڌندو مئرين جي وڌيڪ علم ، تعليم حاصل ڪرڻ لاءِميريٽائيم يونيورسٽي مالمو (سويڊن ) منجهان ميريٽائيم ايڊمنسٽريشن انجنيئرنگ ۾ پوسٽ گريجوئيٽ جي ڊگري حاصل ڪيائين بس پوءِ الطاف شيخ صاحب مئرين اڪيڊمي ۾ ملائيشيا جي نوجوانن کي جهاز هلائڻ جا سڀ فن مهارت سان پيو سيکاريندو هو بس پوءِ اتي سکيا کان علاوهه انجنيئرنگ جي مختلف شعبن ۾ مختلف سبجيڪٽن جا درس پيو ڏيندو هو سنڌ جو اديب ۽ سياح صفت سال ۱۹۶۸ع کان وٺي دنيا جي ڪيترن وڏن وڏن سمنڊن ۾ جهاز هلائيندي ملائيشيا، جپان وڃي ڌنگ ڪيائين ۽ سڄي دنيا جي سمنڊن جي ڪنارن جا ديدار پسايا اٿائين، هن سونهن ڀري ڪائنات جي هر خطي کي سياحت ڪندي ڪندي ڏسڻ جو زبردست شرف حاصل آهي.
الطاف شيخ کي رب سائين اهڙي ته ڏات سان نوازيو آهي جو هو دنيا جي جنهن به ملڪ ۾ سياحت ڪندي گهميو ان جا نظارا اکين سان ڏٺا آهن هن پنهنجي ڏات ۾ اضافو ڪندي قلم کنيو آهي الطاف شيخ صاحب هر ملڪ جي اتان جي سياسي، سماجي، ثقافتي، زندگي جو گهرائي سان مشاهدو ڪري جيجل سنڌ ڌرتي جي سماجي، سياسي، ثقافتي ڳالهين سان ڀيٽ ڪري سفر ناما لکيا آهن کيس پنهنجي ڌرتي سهڻي نظر اچي ٿي کيس پنهنجي ڌرتي جي ٽقافتي ورثي تي فخر محسوس ٿئي ٿو الطاف شيخ صاحب جي لکڻين سفرنامن جي تحريرن منجهان اها ڳالهه نمايا نظر ٿي اچي ته هو سنڌ جي معاشري کي دنيا جي ٻين معاشرن سان ڀيٽيندو نظر اچي ٿو انهي ڪري هن ملڪ جا ڏات ڌڻي کيس سفرنامن لکڻ جي عيوض کيس سنڌ جو ڪولمبس، سنڌ جو ابن بطوطه ۽ سفرنامن جو بادشاهه جهڙن خطابن سان ياد ڪن ٿا.
سنڌ جو هي ڏاهو سياح سنڌي ادب ۾ پهرين تحرير ڪهاڻي جي صورت ۾ ارڙهن ۱۸سالن  جي وهي ۾ لکي داخل ٿيو  جڏهن هو چٽگانگ اڪيڊمي ۾ تعليم پرائيندو هو، سندس ڪهاڻين جي مجموعي جو نالو (اناميڪا) هو، الطاف شيخ صاحب ٻاهرين ٻولين جي ادب منجهان چونڊ ڪهاڻين جا پنهنجي سنڌي ٻولي ۾ ترجما پڻ ڪيا جن منجهه ڪهاڻي لنڊن تائين لفٽ، سوزي سان پيار، شامل آهن  الطاف شيخ صاحب ادبي شروعات ته ڪهاڻيون لکي ڪئي مگر اڳتي هلي هي سهڻو ڏاهو اديب سفرنامي واري صنف جو بادشاهه بڻجي ويو ۽ پنهنجو نالو ڏيهان ڏيهه مشهور ڪرايائين، سندس سفرنامن لکڻ لاءِ هن جي قلم کي ڪڏهن به ننڊ ناهي آئي سنڌي ادب لاءِ سفرناما لکندي لکندي سنڌي ادب جي سونهن ۽ آسودگي ۾ هميشه اضافو ڪندي  الطاف شيخ صاحب لڳ ڀڳ ۵۰ کان مٿي ڪتاب سنڌي ادب جي جهول ۾ ڏنا آهن جن منجهان ۴۰ کن ڪتاب سفرنامن سان سرشار لڳا پيا آهن، الطاف شيخ  صاحب کي سفرنامن لکڻ جو ڪوڏيو ليکڪ مڃيو وڃي ٿو سندس  لکڻي ۾ سلاست ۽ واهه جي بلاغت ۽ روانگي تمام سهڻي ۽ سهنجي لڳي ٿي، الطاف شيخ صاحب پنهنجي لکڻين ۾ نهايت دلفريب ڳالهيون بيان ڪري ٿو ٻين ملڪن جي تاريخ، جاگرافي، ثقافتي، تهذيبي، رنگ،  ڳالهين جي نهايت آسان نموني سان بهترين ۽ شاندار ڄاڻ ڏئي ٿو.
هن دنيا گهمندي گهمندي دنيا جون مختلف زبانن (ٻولين) جي مهارت رکي ٿو هن ڪيتريون زبانيون سکي اتان جي ملڪن جا دوست ٺاهي انهن سان سندن ئي زبان سان ڳالهائي رلي ملي وڃي ڄاڻ حاصل ڪري سنڌي ادب جي سفرنامي جي صنف کي آسودو ڪري ٿو الطاف شيخ صاحب کي اهو اعزاز پڻ حاصل آهي ته هو چيني، جپاني، ملئي، بنگالي، اردو، انگريزي ۽ سنڌي زبان ماهران طور آساني ڳالها ئي ٿو سندس ۽ دلي لڳاءُ سان سير سفر ڪري سفرنامن ذريعي پنهنجي لکڻين ۾ ڏات ڀري اسان پڙهندڙن کي پاڻ سان گڏ سير ڪرائي ٿو.
الطاف شيخ صاحب جي سفرنامن جو پهريون مجھموعو سال ۱۹۷۱ع ڌاري (منهنجو ساگر منهنجو ساحل) نالي سان ڇپجي مارڪيٽ جي سونهن بڻيو تنهن بعد هن جي سفرنامن ڇپجڻ جي برسات وسي پئي، جهڙي طرح سفرنامن ۾ (بندر بازاريون سال ۱۹۷۱) جاني ته جهاز ۾سال ۱۹۷۲ع، پيار جي گهٽ سال ۱۹۷۳ع، دنيا آهي ڪاڪ محل سال ۱۹۷۵ع، سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين سال ۱۹۷۶ع، وايون وڻجارن جون سال ۱۹۷۶ع، سي ئي جوڀن ڏينهن سال ۱۹۷۷ع، ارائونڊ دي ورلڊ سال ۱۹۷۹ع، ڪويت ڪنارا سال ۱۹۹۸ع، سانبا هو سمونڊ جو سال ۱۹۸۰ع، ڳالهيون تنهن جپان جون سال ۱۹۸۲ع، موج نه سهي مڪڙي سال ۱۹۸۴ع، سينگارپور ويندي ويندي سال ۱۹۸۶ع، دنگيءَ منجهه درياهه سال ۱۹۸۷ع، مڪليءَ کان ملاڪا تائين سال ۱۹۸۷ع، جت جر وهي ٿو جال سال ۱۹۸۸ع، ڳالهيون آهن ڳچ سال ۱۹۸۹ع، سينگارپور ٿو سڏ ڪري، ملائيشيا منهنجي من ۾، اي جرني ٽو ٿائلينڊ، اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا، ڀلي پار تان ڀيرو، رٺي آهي گهوٽ سان (اوڀر جي ملڪن جا پھاڪا ۽ چوڻيون)، يورپ جون راتيون، اي روڊ ٽو مدينه، ڪوالالپور ڪجهه ڪوهه تي، ايران ڏي اڏام، ملائيشيا ڪي دن، سمندر ڪي دن سمندر ڪي راتين، شامل آهن.
الطاف شيخ صاحب جي ادبي پورهيي کي سنڌي ادب ۾ تمام گهڻو ساراهيو ويو آهي سندس سفرنامن کي پڙهندڙن جو تعداد به تمام گهڻو آهي الطاف شيخ لاءِ سنڌ جي ڏاهي اديب سان مدد علي سنڌي صاحب پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي لکي ٿو ته سنڌي ٻولي ۾ سفرنامن جي صنف تي جڏهن به تاريخ لکي ويندي ته مورخ جو قلم يقينن الطاف شيخ جي نانءَ تي اچي بيهي رهندو، الطاف شيخ صاحب اهو اڪيلو ليکڪ آهي جنهن سفرنامن ذريعي سنڌي ٻولي کي تمام گهڻو خزانو ڏنو آهي، سنڌ جو هي بهترين سياح هن وقت رٽائرمينٽ واري زندگي پنهنجي گهر وارن سان ڪراچي منجهه گذاري ٿو سندس ادبي قلم سفرنامن لکڻ کان رڪيو ناهي سندس اهو سلسلو اڃان تائين جاري ساري آهي سفرنامن جو هي بادشاهه ۱۴ نومبر ۲۰۱۷ع اڱاري ڏينهن پنهنجي زندگي جو ۷۳هون جنم ڏينهن ملهائي سالگرهه جو  ڪيڪ ڪاٽيندو سندس ادبي لڏي جا سڀئي ساٿي کيس جنم ڏڻ جون مبارڪون پڻ چوندا منهنجي هن ڏاهي سياح اديب لاءِ رب سائين جي بارگاهه منجهه دعائون آهن ته هو وڏي ڄمار سان گڏ سٺي صحت ماڻي ته جيئين پنهنجي ادبي ڪرت سان سنڌي اديب کي آسودو ڪندو رهي.



الطاف شيخ
سفرنامن جو بادشاهه
نسرين الطاف
الله تعاليٰ دنيا ۾ جڏهن به ڪنهن انسان کي موڪلي ٿو ته ان جي ذمي ڪو نه ڪو ڪم ضرور رکي موڪلي ٿو. وقت سان گڏ اهي خوبيون ان ماڻهوءَ ۾ ظاهر ٿينديون آهن ۽ الله تعاليٰ بهتر ڄاڻي ٿو ته سندس اهو بشر ضرور سندس اميدن تي پورو لهندو. سچ ته انسان کي خدا تعاليٰ عقل ۽ دانش ڏنو ئي ان لاءِ ته هو هن دنيا جي ڳجهن، ڪائنات جي رنگن کي پسي. انسانن جي ڏکن سکن کي محسوس ڪري. ماڻهو جي دل ۾ سچائي همدرديءَ ۽ محبت جو گهر اڏيل هجي، جنهن مان هو محبتون ميڙي ڪائنات جي هر بشر ۾ ورهائي. خدا تعاليٰ عروج ۽ زوال ٻئي بڻايا آهن. عروج ملڻ تي انسان ۾ تڪبر ٿو اچي يا انڪساري؟ ۽ جنهن انسان ۾ عاجز و نياز نوڙت ۽ انڪساري آهي سچ ته اهو ماڻهو عظيم بڻجي وڃي ٿو. ڪم ڪرڻ پنهنجو پاڻ مڃائڻ انسان جي جبلت ۾ موجود آهي. انهن ماڻهن مان ڪجهه ماڻهو پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ڪندي پنهنجي سماج ۽ معاشري ۾ بهتر نموني حصو وجهندا آهن ۽ هميشه لاءِ امر بڻجي ويندا آهن. انهن امر ڪردارن مان الطاف شيخ به هڪ آهي. پنهنجي سڄي زندگي سمنڊ جا سفر ڪندي گذاريندڙ الطاف شيخ هڪ مشهور اسڪالر، پروفيسر ۽ بهترين سفرناما لکندڙ آهي. الطاف شيخ ۱۴ نومبر ۱۹۴۴ ۾ هالا شهر ۾ ڄائو. هالا جي اوڀر ۾ شهدادپور شهر آهي. پاڙيسري هجڻ جي ناتي ۽ بهترين سفرناما لکڻ ڪري الطاف شيخ سان هميشه روحاني محبت ۽ ويجهڙائپ رهي آهي. پيٽارو مان تعليم حاصل ڪندڙ الطاف شيخ هميشه سمنڊ جي لهرن ۽ موجن ۾ رهيو آهي. سندس دل به سچ ته محبتن جو سمنڊ آهي، جنهن ۾ سنڌ ۽ سنڌي ماڻهوءَ لاءِ محبت سمايل آهي. سندس ۷۰ کان وڌيڪ سفرنامن کي پڙهڻ سان ڄڻ ته پڙهندڙ پاڻ کي ان سفر جو حصو ٿو سمجهي. بهترين طريقي سان سفر جون سڀئي دلچسپيون، ڏکيائيون سکيائون لفظن وسيلي سفرنامن ۾ سهيڙڻ جو فن الطاف شيخ کي تمام دلفريب ۽ دل لڀائيندڙ انداز ۾ بيان ڪرڻ اچي ٿو. سمنڊ جهاڳي جهاز هلائڻ ته سندس پيشو هو، سندس روزي هئي ۽ سخت نوڪري هئڻ باوجود سندس لکڻيون گهٽيون نه بلڪه وڌيون. سندس چوڻ آهي ته جيئن ڪو نشئي ماڻهو نشي بنا نٿو رهي سگهي، تيئن منهنجي دل هر وقت لکڻ پڙهڻ تي چوندي آهي. الطاف شيخ هڪ سائنسي سوچ رکندڙ ۽ جديد دنيا جي سڀني پئمانن کي پنهنجي سمنڊ جهڙي وسيع دل ۾ سمجهڻ ۽ قبول ڪري دنيا جي کوج ڪرڻ، ان جون جاگرافيائي حالتون پرکي پوءِ ان کي لفظن جو روپ ڏئي سفرنامن ۾ سهيڙي قاريءَ تائين پهچائڻ سندس مقصد رهيو آهي. ان سامونڊي وڻجاري ۾ سگهه آهي جيڪا تخليق جو سفر ڪري واقعن ۽ سفري حالتن جي زنجير ٺاهي خوبصورت لفظن ۽ خيالن جي ماڻڪ موتين جي مالها ۾ پروئي پڙهندڙن تائين پهچائي انهن کي فيضياب ڪري ٿو. ان ڄاڻ کان، انهن حالتن کان جن کي هو محسوس ڪري ٿو. شاهه جي سر سامونڊيءَ ۾ به ته شاهه سائين اهڙن ئي سامونڊين جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪي سمنڊ جي خطرناڪ لهرن سان جان جوکي ۾ وجهي وڙهن ٿا. الطاف شيخ به سمنڊ جا سفر اجايا نه ڪيا، بلڪه انهن کي تخليقي روپ ڏئي سجايو ڪيو.
کاري کيڙائُو، مَٿي مِٺي موٽيا؛
سَودو ڪَنِ نه سونَ جو، وَڏا وِهائُو؛
موتِي جي مَهراڻَ جا، تِن جا طاماعُو؛
سامُونڊِي سائُو، لَنڪا لوپي آئِيا.
الطاف شيخ پنهنجن سفرنامن ۾ سنڌ جي ماڻهن کي سڄي دنيا جي تڏهن ڄاڻ ڏيندو هو، جڏهن انٽرنيٽ ۽ گوگل جو ڪو وجود ۽ تصور نه هو. سمنڊ جو هي وڻجارو پنهنجي طريقي سان سنڌين لاءِ عالمي ڄاڻ جي گهري سمنڊ ۾ ڄاڻ جو خزانو رکندڙ هڪ بهترين ليکڪ آهي. جنهن جي سفرنامن ۾ مثبت ۽ انداز ۾ سندس هر دليل جي شروعات ۾ ئي سنڌ ۽ دنيا جي ڀيٽ ڪيل آهي. جيئن ڪنهن به ملڪ جي لباس، کاڌي يا آبهوا جي ڳالهه ڪيل هوندي. ان جي ڀيٽ سنڌ جي انهن شين سان ڪيل هوندي، جيڪي سنڌ جي ثقافت، حالتن جي نشاندهي هوندي.
الطاف شيخ جي سفرنامن جو پهريون پهلو عالمي ڄاڻ، ٻيو پهلو سنڌ سان ڀيٽ، ٽيون پهلو وري ذات نسل رنگ قوم مذهب ۽ هر قسم جي سماجي هيٺائين مٿاهين کي ڇڏي انسانيت تي اڏول رهڻ، سندس سامونڊي سفر جا تجربا سنڌ جي سامونڊي ڪنارن تي اثرانداز ٿين ٿا. سندس لکڻ جي مهارت وقت سان گڏ تمام پختي ۽ مستند آهي. الطاف شيخ جي سفرنامن کي پڙهندي سيلاني ماڻهوءَ جي تشنگي وڌي ٿي. هر ماڻهوءَ جي اندر ۾ گهمڻ ڦرڻ ۽ دنيا جا دلفريب نظارا پسڻ جي خواهش ضرور هوندي آهي پر سڄي دنيا ڏسڻ ۽ پسڻ ان جي وس ۾ نه هوندي آهي. پر الطاف شيخ جا سفرناما سڄي دنيا پسرائين ٿا. يا سفر سان چاهه ۽ نوان ماڳ مڪان ڏسڻ جو اتساهه ۽ شوق پيدا ڪن ٿا.
بحري ۽ هوائي جهازن تي نوڪريون ته ڪيترا ئي ماڻهو ٿا ڪن ۽ دنيا به گهمن ٿا پر پنهنجن تجربن ۽ مشاهدن کي بيان ڪرڻ جي ڏات ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه هوندي آهي. لڳ ڀڳ پوري دنيا گهمندڙ، بن بند جهاڳيندڙ، ان جهانگيئڙي نه رڳو پنهنجن تجزين ۽ مشاهدن کي قلمبند ڪيو آهي پر سفرنامن ۾ سنڌ جي ماڻهوءَ لاءِ کوڙ نصيحتون به ڪيون آهن. الطاف شيخ جي سفرنامن جي هڪ خاص ڳالهه ته ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ وارن جو اونو، اڄ جو اونو مستقبل جو اونو، سندس سوچ ۾ اها ڳالهه ۽ جيڪو ان ملڪ ۾ آهي، سو منهنجي سنڌ ۾ ڇو نه آهي، سندس اکين ۾ اهو خواب هوندو آهي ته منهنجي سنڌ به ايئن شاد آباد هجي جيئن هيءَ سرزمين آهي. منهنجي سنڌ جي تعليم، صحت ۽ ادارن جو نظام ايئن هجي جيئن دنيا جي ٻين اسرندڙ ملڪن ۾ آهي. دنيا جو نوجوان نسل اڳتي وڌي پيو ته سنڌ جو نوجوان احساسِ محرومي ۽ بيروزگاريءَ جو شڪار ڇو؟ دنيا جا ماڳ مڪان سياحت جو سياحن لاءِ مرڪز ته پوءِ سنڌ جا ماڳ مڪان جيڪي تمام گهڻي اهميت وارا آهن سي لاوارث ڇو؟ انهن جي وارثي ڇونه آهي. سندس سفرنامن ۾ اهي سڀ بي چينيون محسوس ٿين ٿيون، جيڪي سوال پڻ ڪن ٿيون. سچ ته ان سامونڊيءَ جي دل ۾ هر وقت سنڌ وسيل آهي. سنڌ ان سامونڊيءَ جو مرڪزي نگاهه آهي. هو سنڌ سان بيحد محبت ڪري ٿو. سنڌ سندس مقصد جي حاصلات آهي. هو پنهنجي سفرنامن کي پنهنجي ڌرتي پنهنجي جنم ڀومي جي پيرائن ۽ ڀوڳنائن کي محسوس ڪندي ٻاهرين سماج ۾ فرق ۽ تضاد بابت ڄاڻ ۽ باخبر ڪيو، نه رڳو انهن اوڻائين جي نشاندهي ڪئي، جيڪي سنڌ جو ماڻهو ڀوڳي ٿو پر ان ڄاڻ جي آڌار تي انساني تبديلي ۽ نوان رستا ٺاهڻ جي واٽ به ڏسي ٿو. سنڌي ٻولي ۾ لکڻ ۽ سنڌي ادب کي هڪ نئين صنف ڏيڻ تي الطاف شيخ جس لهڻي.
الطاف شيخ جا سڀئي سفرناما منهنجي لائبريريءَ ۾ موجود آهن. جيئن ته مان طبيعتن گهمڻ ڦرڻ جي شوقين آهيان پر مونکي خبر آهي مان دنيا نٿي گهمي سگهان پر الطاف شيخ جا سفرناما پڙهي ڄڻ ته دنيا گهمي ورتي آهي. سندس لفاظي ۽ منظرڪشي سچ ته مونکي انهن ماڳ مڪانن جي تصوراتي دنيا ڏانهن وٺي ٿي وڃي. دعا ته شال الله سائين الطاف شيخ کي همٿ، صحت ۽ تندرستي ڏئي ته هو سنڌ واسين لاءِ اهڙا ڪيترا ئي سفرناما لکي.




الطاف شيخ
سفرنامن جو برک ليکڪ
ڊاڪٽر رابيعه چانڊيو
جڏهن کان هي ڌرتي وجود ۾ آئي آهي، تڏهن کان هن ڌرتي جي ڇاتيءَ تي ڪي اهڙا انساني ضرور پيدا ٿيا آهن، جن هن ڌرتيءَ کي سنواريو آهي ۽ تاريخ جو اهم حصو بڻيا آهن. ڪي ماڻهو به گلن وانگر هجن ٿا، جيڪي پنهنجي خوبصورت ڪردار، صلاحيتن، ڏات ۽ ڏانءُ جي خوشبوء سان هن ڌرتيءَ کي مهڪايو آهي؛ جن کي تاريخ ۾سنهري لفظن سان لکيو وڃي ٿو. بيشڪ الطاف شيخ به انهن انمول هيرن مان هڪ آهي، جيڪو پنهنجي خوبصورت ڪردار ۽ جدوجهد سان ٻين لاءِ اتساهه بڻيل آهي.
الطاف شيخ هڪ مشهور اسڪالر، وزٽنگ پروفيسر، ميرين انجنيئر، ۽ سفرنامن جو برک ليکڪ آهي. جيڪو ۱۹۴۴ع ۾ پيدا ٿيو ۽ بنيادي تعليم هالا مان ۽ پوءِ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو مان حاصل ڪئي. جنهن بعد ميرين انجنئرنگ جي سکيا ورتي، هي سدا سيلاني مختلف سامونڊي جهازن جو چيف انجنئر رهيو آهي. ان کان علاوه ادب جي دنيا ۾ ۸۰ کن ڪتاب لکيا آهن، جن ۾ سفرناما شامل آهن. الطاف شيخ هر ڪم سان سچو ۽ ڪميٽڊ رهي ٿو. سندس لکيل سفرنامن ۾ مختلف ملڪن جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، جڳھيون، رنگ روپ، ٻولي، ثقافت بيان ڪئي آهي ۽ انهن سفرنامن ۾ اهڙي ته خوبصورتي سان منظرنگاري ٿيل آهي جو ڪو به پڙهندڙ ان سفرنامي ۾ بلڪل سمائجي وڃي ٿو ۽ ايئن محسوس ڪري ٿو جيئن واقعي هو اُن ملڪ جو سير ڪندو هجي.
ڪجهه به لکڻ لاءِ ڏات ۽ ڏانءُ جي ضرورت هوندي آهي، جنهن کي ڪنهن به پڙهندڙ جي دل ۾ اتساهه ۽ ڪجهه ڪرڻ جو جوش پيدا ٿئي. اهو ڏات ۽ ڏانءُ الطاف شيخ ۾ موجود آهي، سندس لکيل سفرناما وڏي چاهه منجهان پڙهيا وڃن ٿا. بزرگ توڙي نوجوان وڏي شوق سان سفرناما خريد ڪن ۽ پڙهن ٿا. ويندي اُنهن فردن تائين جيڪي پنهنجي گهرن تائين محدود آهن ۽ جيڪي ڪيترن ئي پريشانين ۽ مايوسين کي منهن ڏين ٿا، سي به الطاف شيخ جا سفرناما پڙهي راحت محسوس ڪن ٿا ۽ ڪجهه ٽائيم لاءِ رليڪس محسوس ڪن ٿا. الطاف شيخ اهڙين خوبصورت لکڻين سان نه صرف سنڌي ادب کي سونهن بخشي آهي، بلڪه تمام وڏو احسان به ڪيو آهي. هن نئين ٽهي کي به ايترو سٺو لکڻ لاءِ همٿ افزائي ڪئي آهي. الطاف شيخ جڏهن به پرڏيهه مان ڏيهه ايندو آهي، تڏهن سنڌ جي يونيورسٽين ۾ ليڪچر ڏيندو آهي، جنهن ۾ هو شاگردن کي مسئلن جو حل ٻڌائيندي وڌ کان وڌ تعليم حاصل ڪرڻ جي نصيحت ڪندو آهي. بقول الطاف شيخ جي، تعليم ئي هر مسئلي جو حل آهي. جيڪي به قومون ڪامياب ۽ اڳيان آهن، سي سڀئي تعليم ۾ اڳيان هجڻ جي ڪري ئي ڪامياب آهن. سندس نصيحتن ۾ اها نصيحت به شامل هوندي آهي ته نوجوانن کي ملڪ کان ٻاهر جي دنيا به ڏسڻ کپي. اتان جي خوبصورتين کان واقف ٿيڻ کپي. اهڙي طرح الطاف شيخ نوجوانن جي همت افزائي ڪري خوشحال زندگي گذارڻ جا درس ڏيندو آهي. هونئن ته سنڌي ادب ۾ ڪيترائي سٺي شخصيت رکندڙ اديب آهن پر الطاف شيخ سڀن کان الڳ ۽ منفرد شخصيت جو مالڪ آهي. الطاف شيخ انيڪ ملڪن ۾ سڃاتو وڃي ٿو، سندس هزارين مداح آهن، جيڪي هن سان ملڻ لاءِ منتظر هوندا آهن ۽ نوجوانن جي لاءِ رول ماڊل آهي پر هن انسان ۾ ڪنهن به قسم جي وڏائي يا غرور ناهي. هي بلڪل سادو ۽ فقيراڻي طبعيت جو مالڪ آهي، هو هر وزٽ تي پنهنجي مداحن سان گڏجي وڏي دلچسپي سان فوٽو ڪڍرائيندو آهي. مان سمجهان ٿي ته اها اسان نوجوانن جي لاءِ خوشقسمتيءَ جي ڳالهه آهي ته اسان الطاف شيخ جهڙي شخصيت جي دور ۾ پيدا ٿياسين ۽ ساڻس ملياسين به. تنهن ڪري اسان نوجوانن کي گهرجي ته سندس ڏسيل صلاحن تي عمل ڪريون، وڌ کان وڌ تعليم حاصل ڪري نه رڳو پنهنجي زندگي خوشحال بڻايون بلڪ پنهنجي سماج ۾ موجود هر فرد لاءِ ڪارائتا ثابت ٿيون.



الطاف شيخ
نيڪ خواهشون انهن هٿن لاءِ جيڪي هڪ وقت دعا لاءِ کڄندا آهن ۽ ٻئي وقت لکڻ لاءِ
رکيل مورائي
اڄ ان شخص/ ليکڪ جو جنم ڏينهن آهي، جيڪو پنهنجو مثال پاڻ آهي. شايد دنيا جي ادب ۾ اهڙو ٻيو مثال اڄ جي تاريخ تائين ملي نه سگهي، ڇاڪاڻ ته ادب ۾ اڄ جنهن تيزيءَ سان واڌارو آيو آهي، اوترو ئي تيزيءَ سان سائنس جي نين ايجادن پڻ انسان کي معلومات ميسر ڪرڻ شروع ڪئي آهي. اڄ هڪ منٽ جي سٺ سيڪنڊن ۾ اسين سٺ ملڪن بابت معلومات حاصل ڪري سگهون ٿا، پر هڪ اهڙو زمانو به هئو، جنهن کي جديد زمانو ته ڪوٺي سگهجي ٿو پر ان کي ڪمپيوٽر جو زمانو ڪوٺي نه سگهبو، ان زماني ۾ معلومات ايتري تيزيءَ سان نه پهچندي هئي، جيتري اڄ ملي رهي آهي.
ها ان دور ۾ دنيا جي معلومات هن جي سفر نامن مان ملندي هئي، اهي سفرناما پڙهي، اسان انهن ملڪن جي ڄاڻ حاصل ڪندا هئاسين جن ملڪن ۾ هو موجود هوندو هئو. اڄ سندس سفرنامن جو انگ هڪ سئو کان ڪجهه گهٽ هوندو ۽ ايترو انگ دنيا جي ڪنهن به ليکڪ جي سفرنامن جو شايد ئي هجي، سنڌ جي آڳاٽي معلومات اسان کي، ابن بطوطا سميت دنيا جي ٻين ڪيترن ئي سياحن جي سفرنامن مان حاصل ٿيندي هئي، ايئن دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن بابت معلومات اسان کي هن جي سفر نامن مان حاصل ٿيندي هئي، اڄ محسوس ٿي رهيو آهي ته ان دور ۾ جيڪو چاليهه سال کن اڳ جو آهي، جڏهن به ڪو سنڌي نوجوانن ٻاهر وڃڻ چاهيندو هئو ته اهو سندس سفرنامن مان گهربل معلومات حاصل ڪندو هئو، بلڪل ايئن جيئن اڄڪلهه گوگل ۽ ٻين ويب سائيٽس تان معلومات حاصل ڪجي ٿي، خود هو به چاهيندو هئو ته سندس سفرنامن ۾ ڏنل معلومات مان سنڌي گهڻي گهڻي معلومات حاصل ڪن، ان ڪري، هو اهڙي ئي نموني تفصيل ڏيندو هئو، ان شخص ليکڪ جو نالو لکڻ لاءِ مان نهايت ادب سان ۽ قلم کي اکين سان لڳائي لکڻ چاهيان ٿو جيڪو آهي، الطاف شيخ!
سنڌ شايد خوش نصيب آهي ۽ سنڌي ادب ڀاڳ وارو آهي، جنهن کي شاهه کان پوءِ ٻه شيخ مليا ۽  ٻئي اهڙا آهن جن جي نالي سان ڪنهن مثال، تشبيهه ۽ تميل جي گهرج نه آهي. هڪ شيخ اياز آهي ۽ هڪ الطاف شيخ آهي.
شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ جي معرفت جيڪو سنڌي ادب کي سُڪار بخشيو آهي اهو پنهنجو مٽ پاڻ آهي ۽ الطاف شيخ پنهنجي نثر، خاص طور سفري نثر معرفت سنڌي ادب کي جيڪا خوشحالي ڏني اها پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هن ادبي طور سنڌي نثري ادب کي ته مالامال ڪيو ئي آهي پر ان ادب ۾ هن سنڌي پڙهندڙ کي جيڪا ڄاڻ ڏني آهي اها ايتري گهڻي آهي جو اها اڄ لکت ۾ شال ماپي سگهي.
ڪنهن به ادب ۾ ڪي صنفون جڏهن ايجاد ٿينديون آهن ته انهن کي وڌڻ ويجهڻ ۾ چڱو وقت لڳندو آهي، پر سنڌي ادب ۾ سفر نامي کي هڪ صنف طور الطاف شيخ ايترو تيزيءَ سان مٿي کڻي آيو، جنهن جو به شايد مثال ادب ۾ ٻيو نه ملي سگهي. سفر نامو ڇاکي چئجي ٿو. اهو الطاف شيخ جي سفرنامن کي پڙهي سمجهي سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ سفرنامن سان گڏ، اڻ سڌي نموني يا سڌي نموني، هن پنهنجون يادگيريون به ڏنيون آهن ته پنهنجا تجربا به، ساڳئي وقت هن جن ملڪن ۾ ڪجهه وقت گذاريو آهي، انهن ملڪن جي ادب/لوڪ ادب/چوڻين ۽ پهاڪن وغيره کي به نه صرف پڙهيو ۽ پروڙيو آهي، پر انهن جي ڄاڻ به سنڌي ماڻهن کي ڏني آهي، ان کان سواءِ سندس بيو هڪ ڪم اهو به آهي ته دنيا ۾ رهندڙ ۽ کيس موهيندڙ اديبن جي لکڻين کي ترجمو ڪري اسان کي انهن جي ادب ۽ مزاج کان به واقف ڪيو ۽ اهو سڀ جنهن وقت هن ڪيو، ان وقت اسان وٽ ٻاهران جو ايترو ادب ترجمو نه ٿيندو هئو. معلومات جا وسيلا به بنهه گهٽ هئا. ان وقت الطاف شيخ پنهنجي سفر نامن ۾ اهو به ٻڌايو ته هو جنهن ملڪ ۾ آهي ان ۽ سنڌ ۾ مختلف حوالن سان ڪهڙيون هڪ جهڙايون آهن ۽ ڪهڙيون انفرادتيون آهن. جنهن مان ايئن لڳندو هئو ته هن دنيا جي ڪنهن ڪنڊ ۾ هوندي به سنڌ، سنڌي ادب ۾ سنڌي ماڻهن کي نه وساريو. دنيا جي ماڻهن جي خوشحالي ۽ ڏکن سکن سان سنڌ کي ڀيٽيو ۽ ڪي نتيجا سامهون آندا، جن مان سنڌي ماڻهن گهڻو ئي پرايو.
ها! مٿيون سڀ ماضي هئو، جنهن جو ذڪر مان ڪري رهيو هوس، ڪڏهن ڪڏهن ماضي فخر لائق هوندو آهي، حال هيڻو هوندو آهي، قومون يا ته ماضيءَ ۾ جيئنديون آهن يا مستقبل جي خوابن ۾! ايئن شخص سان به ٿيندو آهي، پر هيءُ شخص/ليکڪ الطاف شيخ انهن شخصن/ليکڪن مان آهي جنهن ماضيءَ، حال ۽ مستقبل کي ڳنڍي رکيو آهي، هو پاڻ جڏهن کان لکڻ لڳو آهي، جيڪو اسان جو ماضي آهي، اڄ تائين اسان جي حال تائين لڳاتار لکي رهيو آهي، هاڻ هو پنهنجي اڇي سونهاريءَ ۾ نماز جي پنجن وقتن وانگر، لکڻ کي عبادت سمجهي ٿو. هو لکڻ جي معاملي ۾ سچل وانگر جو دم غافل سو دم ڪافر ٿيڻ کان ڪوهين ڏور آهي، ۽ جنهن شخص/ليکڪ لاءِ لکڻ عبادت هجي، ان کان سندس آخري ساهه تائين قلم نٿو ڇڏائجي سگهي. هونئن به اسلام ۾ واهه کوٽائڻ، وڻ پوکائڻ ۽ ڪتاب لکڻ صدقه جاريه آهي ۽ الطاف شيخ پنهنجي حصي کان وڌيڪ ڪتاب لکي پنهنجي ان عبادت کي دوامُ بخشيو آهي، اڄ سندس جنم ڏينهن آهي ۽ جڏهن ماڻهن جي اڪثريت دعائن مان ويساهه وڃائي ويٺي آهي، ان وقت آئون سندس صحت ۽ عمردرازيءَ لاءِ دعاگو آهيان، خاص طور انهن هٿن جي سلامتيءَ لاءِ جيڪي هڪ وقت دعائن لاءِ کڄندا آهن ۽ ٻئي وقت لکڻ لاءِ تيار ٿيندا آهن. اڻ ميون نيڪ خواهشون سندس جنم ڏينهن تي،کيس مبارڪن سان گڏ ڪجهه لفظن جي ڀيٽا، اميد اٿم ته سندس بارگارهه ۾ قبول پوندي.



الطاف شيخ
دنيا جو وڻجارو
اڄ سنڌ جي سپوت، سنڌين کي سڄي جڳ کان سنڌيءَ ۾ واقف ڪرائيندڙ، پاڪستان جي پهرين خودڪار جهاز کي هلائيندڙ مئرين انجنيئر، مليشيا، جپان ۽ ٻين ملڪن ۾ پڙهائيندڙ مانواري الطاف شيخ جو جنم ڏينهن آهي. پنهنجي ذاتي حوالي سان هن سان گڏ سندس وني ۽ ٻه نياڻيون آهن پر قوم کي هن ۷۰ ورهين ۾ ۷۸ ڪتاب ڏئي جيڪو ڪم ڪيو آهي، اهو بي مثل آهي. ان جي پوروڇوٽ ٻيو ڪير به ڪونهي.
سنڌ ۾ جڏهن گليور، مارڪو پولو، ابنِ بطوطه، ابن انشا، جي الانا ۽ ٻين جي سفرنامن جي هاڪ هئي، سنڌ دنيا کي انهن سفرناما لکندڙن جي اکين سان پئي ڏٺو، تڏهن حيدرآباد جي پسگردائي جي سڀ کان مشهور شهر ”هالا نوان“ ۾ الطاف شيخ جهڙو املهه ماڻڪ پيدا ٿيو هيو جنهن ”بندر ديسان ديس“ کان پنهنجي جهازي سفر کي شروع ڪري، سنڌ کي پنهنجي دل جي محراب ۾ رکي، انسانيت ۽ فضيلت کي ساڻ کڻي محنت ۽ اورچائي سان دنيا جي گهاٽ گهاٽ جا پاڻي پي اتي جي انسانن، شهر، ماڳن ۽ مڪانن، علم ۽ صحت ۽ ڪهاڻين توڙي چوڻين ۽ سفر جي تڪليفن ۽ لذتن جي باري ۾ لکڻ شروع ڪيو هيو.
سنڌ جي نوجوانن ۾ ۷۰ ۽ ۸۰ جي ڏهاڪن ۾ غيرسياسي ادب ۾ فڪشن ۾ جيڪو ڪم امر جليل ۽ نجم عباسي جو سامهون آيو، ٻهراڙي جي ٺيٺ روايتن ۽ سماج کي جنهن نموني نسيم کرل لکيو، استاد بخاري جي عوامي اظهار جا نوان نوان مظهر سامهون آيا هيا، تيئن الطاف شيخ پنهنجي مسلسل محنت سان هڪ وڻجاري، هڪ سائل، هڪ سيکڙاٽ، هڪ چاهيندڙ، هڪ ٻاڏائيندڙ مسافر جيئان در در وڃي، وطن وطن جي ولين جا واس وٺي، سٺي ۽ خراب کي جيئن ڏٺو تيئن قلمبند ڪري ڇڏيو.
سفرناما لکندڙ جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جو ايجنٽ يا عيوضي ناهي ته پوءِ هو جيڪي ڪجهه ڏسي ٿو، ان جي ”ايئن هجڻ“ جا سبب ڳولڻ بدران جيڪي ڪجهه نظر اچي ٿو، اهو لکي ٿو. مسٽر الطاف شيخ کي پڻ اها سهولت ميسر رهي آهي ته هو پاڪستان مئرين انجنيئر جي حيثيت سان سڄي دنيا ۾ ويو، دنيا کي ڏٺو، گهميو ڦريو، ماڻهن سان رلي ملي ويو. سڄي دنيا جي تهذيبن جي چڱاين جو عرق پنهنجي دماغ ۾ اوتي، ان جو تولو ساڻ کڻي، ان جي خوشبو جا وڻ سنڌين کي سونگهايا، ڏيکاريا ۽ ٻڌايا. هو سياح وانگر سياحت ڪندڙ به آهي ۽ سفر ڪندڙ جيئان مسافر به آهي. هن اها ڳالهه برمودا جي ٽڪنڊي تي به ڪانه ڏٺي هئي ته سندس ڇا ٿيندو ۽ هن آفريقا ۽ آمريڪا ۾ وڃي به نه ڏٺو هيو ته هو ڪٿي پهتو آهي.
سڄي دنيا جا عالم ان ڳالهه تي سهمت آهن ته گڏ رهڻ، ساڻ گهمڻ، ڪتاب پڙهڻ سان انساني قدرن جي پروڙ به پئي ٿي ۽ انهن مان جيڪي بهتر آهن سي پاڻ تي لاڳو ڪرڻ جي عادت به پئي ٿي. الطاف شيخ سنڌين کي رڳو دنيا نه ڏيکاري آهي، رڳو دنيا جا قدر نه ڏيکاريا آهن، رڳو دنيا جي عوامن جي محنت باري ۾ نه ٻڌايو آهي، رڳو جپان، چين، مليشيا جي محنتي عوام بابت ئي نه ٻڌايو آهي پر انهن محنتي قومن جي ملڪن وٽ پاڻ کي پڻ مڃايو آهي. هو سنڌ جو اهو سفرناما لکندڙ ۽ مئرين انجنيئر آهي جيڪو ۷۰ ورهين ۾ ڪنهن وقت به جپان طلب ڪيو وڃي ٿو ته ”اسان کي اچي پڙهاءِ“ ۽ اهڙا سڏ پڙاڏا کيس مليشيا ۽ چين مان به اچي سندس ڪنن تي ٻُرن ٿا.
انگريز چون ٿا ته ”جيڪو گهمي نه ٿو سگهي اهو سکي نه ٿو سگهي“. چين ۾ چوندا آهن ته ”سفر جون ڏنگايون ۽ چڱايون گهر واپس اچڻ تي پراڻي وهاڻي تي ٽيڪ ڏيڻ واري گهڙيءَ وڌيڪ فرحت بخشين ٿيون“ آمريڪي چون ٿا ته ”جنهن بهتر ملڪ گهميا ته اهو بهتر سکندو پر جنهن جي ڀاڳ ۾ خراب ملڪ گهمڻ ۾ اچي ويا ته مسافر انهن مان لطف وٺي سگهن ٿا.“ جرمني ۾ چوندا آهن ته ”دنيا ۾ پنهنجي وطن کان پري، اڻ واقف شهر ۾ صبح جو اڪيلو اٿڻ جهڙو مزو، ٻيو ڪٿي به ڪونهي.“
الطاف شيخ پنهنجي سڄي ڄمار جيئرو رهڻ جو انتظار ڪرڻ بدران زندگيءَ جي هر گهڙيءَ، هر لحظي ۽ هر لمحي مان مزو به ورتو آهي ۽ جيڪي سکي سگهيو آهي، اهو سنڌين کي لکي ڏنو آهي. هن کي اها خبر آهي ته ويهه ورهيه ڪجهه نه ڪرڻ ۽ ويهه ورهيه پوءِ ان تي پڇتائڻ بدران سڀ ڪجهه اڄ کان ئي شروع ڪرڻو آهي.
سنڌ لاءِ الطاف شيخ ”دنيا جو سونهون آهي.“ سنڌي ادب ۾ هو ”سفرنامن جو قليچ بيگ“ آهي. هن ڏيهه ڏيهه جي وڻ وڻ منجهان واسُ وٺي سنڌ کي عطا ڪيو آهي. غربت ماري سنڌ جي زمين جا لکين پڙهيل سندس ٿورائتا آهن، جنهن جي لکڻين جي ڪري اهي نوجوان ۽ هر عمر جا انسان دنيا جي باري ۾ ڄاڻ رکن ٿا. سنڌ، الطاف شيخ جي ڪري اڻ ڄاتي دنيا کي ڄاڻڻ شروع ڪيو آهي. هن جي ڪيل لکين ميلن جي مسافري ۽ سندس هٿن سان لکيل لکين اکرن جا ڪتاب سندس محنت ۽ عظمت جي جيئري گواهي آهن.
روزاني ”عوامي آواز“ پاران سنڌ جي سرجڻهار، سامونڊي انجنيئر، پروفيسر، ۷۸ سنڌي، اردو ۽ انگريزي سفرنامن لکندڙ مانواري الطاف شيخ جي ۷۰ سال شروع ٿيڻ تي، سندس جيئري ڀيٽا پيش ڪندي سندس جنم ڏينهن تي لک لک واڌايون ڏيندي پاڻ کي وڌيڪ باعزت سمجهئون ٿا. شال سدا خوش ۽ آباد هجي.
ايڊيٽوريل؛ روزاني ”عوامي آواز“ خميس ۱۴ نومبر ۲۰۱۳ع / ۹ محرم ۱۴۳۵ھ



الطاف شيخَ کان انٽرويو
پروفيسر ڪوثر ميمڻ
پاڻي جا جهاز هلائيندڙ ۽ سفرناما لکندڙ مـشهور شخصيت الطاف شيخ هڪ ٽيچر پڻ آهي. هن نوڪريءَ جا آخري ويهه سالَ باقاعدگي سان پڙهايو ۽ مختلف نيول اڪيڊمين ۾ ”مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ“ جو هيڊ ٿي رهيو. رٽائرمينٽ کانپوءِ به هو اڄ تائين وزٽنگ پروفيسر جي حيثيت سان دنيا جي مختلف يونيورسٽين ۽ تعليمي ادارن ۾ نه فقط جهاز سازي تي پر سنڌي سفرنامي تي به ليڪچر ڏيندو رهي ٿو.
الطاف شيخ ۱۴ نومبر ۱۹۴۴ع تي هالا ۾ ڄائو. مئٽرڪ ۽ انٽر ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان ڪرڻ بعد هن مئرين انجنيئرنگ (جهازن جي انجنيري) چٽاگانگ، بنگلاديش (ان وقت مشرقي پاڪستان) مان ڪئي ۽ پوءِ پوسٽ گرئجوئيشن WMU يونيورسٽي، مالمو (سئيڊن) مان ڪئي. ۱۵ سال کن لڳاتار دنيا جي سمنڊن تي، مختلف قسمن جا جهاز هلائڻ بعد هن ملائيشيا ۾ ڪناري جي نوڪري اختيار ڪئي. پاڻ ۷۵ کان مٿي ڪتابن جو مصنف آهي سندس ڪالم پاڪستان ملائيشيا ۽ جپان جي اخبارن ۾ ايندا رهن ٿا. سندس زال مستوران گهلو دادو جي آهي ۽ کين ٻه ٻار مريم (جيجل) ۽ مارئي آهن. هتي گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج نواب شاهه جي ليڪچرر مئڊم ڪوثر ميمڻ جي ڪراچيءَ ۾ساڻن ٿيل ڳالهه ٻولهه جو احوال ڏجي  ٿو. (ادارو)

ڪوثر:- ڇوڪرين جي تعليم بابت توهان جا ڇا ويچار آهن؟
الطاف:- تعليم هر انسان لاءِ ضروري آهي. تعليم يافته ڇوڪري سٺي ماءُ  ٿي ٻارن جي صحت، اخلاق ۽ تعليم جو خيال ڪري ٿي، سٺي زال بنجي مڙس جي ڪمائيءَ موجب سٺي نموني گهر هلائي ٿي ۽ گهر جي ماحول کي خوشگوار بنائي ٿي. ۽ منهنجي تعليم مان اها مراد هرگز نه آهي ته نه ڪاليج اٽينڊ ڪجي نه يونيورسٽي وڃجي، رڳو ڪاپي ڪري ڊگري حاصل ڪجي... جيڪا ڳالهه اسان وٽ عام ٿي پئي آهي.

ڪوثر:- ڇا  ڇوڪرين کي نوڪري ڪرڻ کپي؟
الطاف:- ضرور ڪرڻ کپي. ان سان هن ۾ اعتماد به اچي ٿو. هن مهانگائيءَ جي دؤر ۾ هوءَ پئسي ڏوڪڙ جي معاملي ۾ به مڙس جي مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي ۽ نوڪري ڪندڙ عورت جي، گهر ۾ توڙي ٻاهر عزت رهي ٿي. پر اسان وٽ اها افسوس جي ڳالهه آهي ته ڪيترون ڇوڪريون ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٿيڻ بعد به نوڪري نٿيون ڪن. هو پنهنجو به نقصان ڪن ٿيون ته غريبن سان به ظلم ڪن ٿيون. اهو هن ريت جو ان کان بهتر هو ته ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ کي پڙهڻ ڏين ها جيڪا ڊاڪٽر يا انجنيئر ٿي ملڪ  جي خدمت ڪري ها.

ڪوثر:- ڪيتريون ڇوڪريون پاڻ ته نوڪري ڪرڻ چاهين ٿيون پر سندن مڱيندا يا مڙس کين نوڪري ڪرڻ کان جھلين  ٿا.
الطاف:- آئون اهو هرگز نه چوندس ته پنهنجي مڙس جي ڳالهه نه مڃجي يا ان سان ضد ڪجي. پر ايترو آهي ته هو پاڻ يا خاندان جي ڪنهن سلجھيل فرد معرفت هن کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿي. ڪيترا اهڙا قصا به عام آهن ته شاديءَ مهل مڙس وڏا قرب جتائي زال کي چوندو آهي ته تون گهر ۾ راڻي ٿي رهه ۽ توکي نوڪري ڪرڻ جا ڪا ضرورت ناهي. پوءِ اهو ئي مڙس ڪجهه سالن بعد زال کي ڀنگياڻي به نه سمجھندو آهي. ۽ پوءِ زال پنهنجي ۽ پنهنجي ٻارن جي جياپي لاءِ دربدر ٿيو وڃي. پنج ڇهه سالن جي Gap ڪري کيس نوڪري به نٿي ملي جيڪا هڪ فريش گرئجوئيٽ کي ته سولائيءَ سان مليو وڃي.

ڪوثر:- بيروزگاري جو زمانو آهي اسان وٽ ته نوڪري به ڏکي ٿي ملي؟
الطاف:- بلڪل صحيح ٿا چئو. نه رڳو پنهنجي ملڪ ۾ پر ٻاهر ولايت ۾ به اهو حال آهي. جپان، ڪوريا، ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ به انهن جا پنهنجا نوجوان نوڪرين خاطر واجھائيندا وتن. ان هوندي به آئون ڏسان پيو ته اسان جي ملڪ جا پڙهيل ڳڙهيل ولائت ۾ به سٺين سٺين نوڪرين ۾ آهن. انڊيا ۽ بنگلاديش جون ته ڪيتريون ئي ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا ملائيشيا، جپان سنگاپور ويندي عرب ملڪن ۽ آمريڪا ۽ يورپ ۾ سٺن Jobs ۾ آهن.

ڪوثر:- ڇو ڀلا اسان جي گرئجوئيٽ کي سٺي ۽ سولائيءَ سان نوڪري نٿي ملي؟
الطاف:- اهو ان ڪري جو اسان جي اسٽوڊنٽ وٽ ڊگري جو ڪاڳر ته آهي پر هن کي ان سبجيڪٽ ۾ نه دسترس آهي ۽ نه تجربو ۽ ڄاڻ. مونکي ياد آهي ته اسي واري ڏهي ۾ جڏهن آئون ملائيشيا ۾ هوس ۽ ملائيشيا تيزي سان وڌي رهيو هو ته هنن ڪيترن ئي اسان جي ڊاڪٽرن کي نوڪريون ڏنيون پر نوي فيصد کان به مٿي موٽي آيا جو هنن کان ڳوٺن ۾ رهي اڪيلي سر ڪم نٿي پڳو. ڊاڪٽري جي ڊگري ۽ هائوس جاب ڪرڻ جو سرٽيفڪيٽ هجڻ جي باوجود هنن کي ڊاڪٽري جي صحيح ڄاڻ نه هئي. نتيجي ۾ هو پاڻ ئي ڀڄي ويا. سندن ان ڪوتاهيءَ ڪري اڄ به ڪيترن ملڪن ۾ رهندڙ اسان جي ملڪ جا بزنيس مان ۽ ڪارخانن جا مالڪ پنهنجن هم وطنين کي نوڪري نٿا ڏين. هو انهن کان وڌيڪ بنگلاديش، انڊيا، سري لنڪا، فلپين ۽ ڪوريا وغيره جي نوجوانن کي ترجيح ڏين ٿا، جيڪي پنهنجي پنهنجي فيلڊ جا ڄاڻو آهن، گهٽ پگهار تي به راضي رهن ٿا، محنتي آهن ۽ ڳالهه ڳالهه تي ڦڏو يا موڪل نٿا ڪن. جنهن ڪري کين نوڪري ڏيڻ وارو مالڪ يا ادارو به خوش ۽ سُڪون ۾ رهي ٿو.

ڪوثر:- پنهنجي فيلڊ ۾ سٺو ٿيڻ لاءِ هڪ شاگرد کي ڇا ڪرڻ کپي؟
الطاف:- هن کي پنهنجي پنهنجي سبجيڪٽ ڊاڪٽري، انجنيري، سائنس، I.T، مئٿس يا جيڪو به هجي ان جي تات هجڻ کپي. ان ۾ ماهر ٿيڻ کپي. رڳو ڊاڪٽري يا انجينري پاس ڪرڻ ۽ ڊگري حاصل ڪرڻ ضروري ناهي پر مٿانهين پوزيشن حاصل ڪرڻ اهم آهي. ان لاءِ هن کي سال جو هڪ هڪ ڏينهن محنت ڪرڻ کپي. هڪ مثال ٿو ياد اچيم: ملائيشيا ۾ نوڪرين جي چونـڊ لاءِ اتي جي مڪاني ملئي آفيسرن سان گڏ ڪجهه سال آئون به انٽرويو جي پئنل تي رهيس. ڊاڪٽري ۽ انجنيئري جي نوڪري لاءِ اسان جي ملڪ جا آيل ڪجهه اهڙا به اميدوار ڏٺم جن وٽ ڊاڪٽري يا انجنيئري جي ڊگري ته هئي پر ان سان گڏ M.A انگريزي، هسٽري يا ايڪانامڪس جي ڊگري به هئي.... سا به ساڳي سال ۾ حاصل ڪيل! مون سان گڏ منهنجا ملئي آفيسر دوست به ان ڳالهه تي تعجب کائيندا هئا. مزي جي ڳالهه ته هنن کان کڻي ڊاڪٽري يا انجنيري جو سوال ڪر ته ان جو به بهتر جواب نه ڏئي سگهن! پڇ کڻي هسٽري، انگريزي يا ايڪانامڪس بابت ته ان کان به هو اڻ ڄاڻ. هنن جو سڄو زور حاصل ڪيل ڊگرين جا ڪاڳر ڏيکارڻ تي رهيو ٿي. ياد رکو ته اڄ ڪلهه ڪو به ٺلهين ڊگرين تي نوڪري نٿو ڏئي، هو دلي جي خريدار وانگر ٺوڪي ٺوڪي پوءِ پنهنجي اداري يا ڪارخاني ۾ نوڪري ڏئي ٿو. مالڪ اهو ئي ڏسي ٿو ته فلاڻي يا فلاڻي ماڻهوءَ کي رکڻ سان هو مونکي ڪيترو ڪمائي ڏيندو؟ هن کي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت به آهي يا نه؟

ڪوثر:- تنهنجي معنيٰ ته ڪا ڇوڪري ڊاڪٽري پڙهي رهي آهي ته هوءَ فقط ان سان تعلق رکندڙ ڪتابن کي پڙهي؟
الطاف:- بلڪل صحيح ٿيون چئو. مونکي LUMS جي هڪ شاگرد، غلط سلط انگريزيءَ ۾ اي ميل ڪيو ته؛ ”سائين توهان کي خوشي ٿيندي ته آئون توهان جو فئن (پرستار) آهيان ۽ مون توهان جا سڀ ڪتاب پڙهيا آهن.“ جواب ۾ لکيومانس ته پُٽ مونکي خوشيءَ بدران افسوس ٿيو آهي. منهنجي ڪتابن پڙهڻ پٺيان وقت وڃائڻ بدران پنهنجا ميڊيڪل جا ڪتاب پڙهه ۽ انهن ۾ ڀڙ ٿي ته اها سٺي ڳالهه آهي. فائنل ييئر تائين پهچي ويو آهين پر انگريزيءَ جون ٽي سٽون به صحيح نٿو لکي سگهين.

ڪوثر:- دراصل اهو به پرابلم آهي ته اسان وٽ هر ڳالهه انگريزيءَ ۾ هلي  ٿي.
الطاف:- نه رڳو اسان وٽ پر جتي ڪٿي انگريزي هلي ٿي. ترڪيءَ کان وٺي جپان تائين انگريزيءَ کي مانُ ڏنو وڃي ٿو. اسان اجايو سنڌي سنڌي يا اڙدو اڙدو جي تسبيح پڙهون ٿا. اهي زبانون ته هونءَ به هر ڪو سکيو وڃي. حقيقت اها آهي ته اڄ به ڪورٽ ۾ درخواست ڏيڻي هجي يا ايئر لائن جي هوسٽس يا اسٽيورڊ جو انٽرويو... هر ڪارروائي انگريزيءَ ۾ٿئي ٿي. ڪجهه سالَ اڳ ملائيشيا وارن اسڪولن ۾ پڙهائي جو ميڊيم ملئي زبان ڪيو. ٻن سالن بعد توبهه ڪري وري انگلش ڪيائون ته اها بين الاقوامي زبان آهي. ان جي ڄاڻ ڪري ته ملائيشيا جا ماڻهو دنيا ۾نوڪري ۽ تعليم وٺن ۽ ڏين ٿا نه ته انڊونيشيا به ساڳيو ملڪ آهي جتي انگريزي بدران ڊچ آهي ته هو فقط ۽ فقط هالنڊ وڃي سگهن ٿا جتي ڊچ ڳالهائي وڃي ٿي.

ڪوثر:- توهانجو مطلب آهي ته اسان وٽ هر اسٽوڊنٽ کي چاهي هو ميڊيڪل جو هجي يا انجنيئرنگ جو ته پنهنجي بهتر مستقبل لاءِ انگريزي سڌارڻ  کپي.
الطاف:- جي ها! ڇو جو انٽرويو وٺڻ دوران مون ڪيترا پنهنجي وطن جا اميدوار ڏٺا جيڪي هوشيار هوندي به اها نوڪري حاصل ڪري نه سگهيا جو انٽرويو ۾ پڇيل سوالن جا ڦڙ ڦڙ (Fluent) انگريزي ۾ جواب نه ڏيڻ ڪري انٽرويو وٺندڙن کي متاثر نه ڪري سگهيا. ساڳي وقت سٺي انگريزيءَ ڪري ڪڏهن ڪڏهن بيوقوف ۽ ڇسا فلپيني ۽ سري لنڪن به چونڊجي ويا ٿي. هونءَ اڄ جي اسٽوڊنٽ کي آئون اها نصيحت ڪندس ته ڪمپيوٽر تي وقت نه وڃائين.

ڪوثر:- پر  ڪمپيوٽر ته اڄ جي دؤر جي اهم شيءِ آهي.
الطاف:- بلڪل اهم ۽ ضروري  شيءِ آهي جيڪا هر هڪ کي اسڪول جي ڏينهن کان ئي سکڻ کپي. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ ڪمپيوٽر جي معنيٰ چئٽ ۽ معاشقو ڪرڻ ٿي پئي آهي، فيس بڪ کولي  وهڻ يا خراب ويب سائيٽون ڏسي پنهنجو اخلاق برباد ڪرڻ عام ڳالهه ٿي پيو آهي. رحم جوڳي ڳالهه اها آهي ته اسان وٽ والدين کي نه وقت آهي نه ڪمپيوٽرن جي سٺاين خرابين جي ڄاڻ... ۽ نه پنهنجي اولاد کي Monitor ڪرڻ جي توفيقَ ته هو ڪمپيوٽر کولي ڇا ويٺو ڪري. ڳوٺن ۾ جنهن گهر ويندو آهيان ته گهر جي وڏڙي وڏي فخر سان ٻڌائيندي آهي ته هن جي ٻارن کي ڪمپيوٽر هلائڻ اچي ٿو ۽ پوءِ ويب سائيٽ هسٽري کي Check ڪري ڏسندو آهيان ته شرم ايندو آهي. ٻين ملڪن ۾، ويندي انڊيا ۾ اسان کان وڌيڪ Awareness آهي. اتي جي ٻارن حوالي به ڪمپيوٽر آهن پر ان تي هو تعليمي ۽ ڪم جون ويب سائيٽ ڏي ڌيان ڏين ٿا، فوٽو شآپ جهڙا مختلف پروگرام سکن ٿا، جيئن اهي سندن روزگار جا به ذريعا ثابت ٿي سگهن. محنت ڪري ڏهن ئي آڱرين سان ٽائيپنگ سکن ٿا. سري لنڪا ۽ بنگلاديش ۾ ته ڪيتريون ئي ڇوڪريون اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن لاءِ گهر ويٺي، روزانو ڪيترا ئي صفحا ڪمپوز ڪري گهر جو يا پنهنجي پڙهائيءَ جو خرچ ڪڍن ٿيون.

ڪوثر:- توهان جو درس تدريس سان وڏو عرصو واسطو رهيو آهي. توهان جي خيال ۾ سٺي شاگرد لاءِ ڇا ضروري آهي؟
الطاف:- سڀ کان اهم شيءِ آهي ڪلاس ۾ ڌيان سان ليڪچر ٻڌڻ ۽ پوءِ گهر ۾ صحيح وقت تي ان کي پڙهڻ يا ياد رکڻ ۽ اهو ڪم روز جو روز هجڻ کپي. پر اسان وٽ ائين ناهي. ڪيترا ئي اسٽوڊنٽس سڄو سالُ وقت برباد ڪندا رهندا ۽ پوءِ امتحانن کان مهينو اڌ اڳ هڻ وٺ ڪندا. تازو هڪ گهر ۾ وڃڻ ٿيو. امتحان ۾ فيل ٿيندڙ ڇوڪريءَ لاءِ مائٽن کي چيم ته هن پڙهيو نه هوندو. ان تي ڇوڪريءَ جي ڏاڏيءَ امتحان وٺندڙن کي پِٽون ڏيندي ٻڌايو ته امتحانن جي ڏينهن ۾ هوءَ سڄي سڄي رات ويهي پڙهندي هُئي. ”آئون جنهن وقت فجر نماز لاءِ اٿندي هيس ته ان وقت هوءَ ڪتاب ٺپي سمهڻ ويندي هئي.“
 هاڻ ان قسم جي اسٽوڊنٽس کي ڪير سمجھائي ته سڄي رات جاڳي پڙهڻ کان بهتر آهي ته سوير سمهي رهجي ۽ فجر مهل اٿي فريش دماغ سان پڙهجي ته بهتر آهي. آئون پنهنجن نيوي جي شاگردن کي هميشه طوطي جو مثال ڏيندو آهيان ته ان کي ڪجهه ياد ڪرائڻ لاءِ فجر مهل پڙهايو ويندو آهي ۽ ٻي ڳالهه ته هن جي دماغ ۾ ڳالهه تڏهن ويهندي آهي جڏهن سندس پيٽ خالي هوندو آهي. هڪ دفعي ڄام شوري ڦاٽڪ واري هوٽل تي رات جي وقت ڪجهه شاگردن کي اڦراٽا تيار ڪرائي کائيندو ڏٺم، هنن ٻڌايو ته ”امتحان جا ڏينهن ويجھا آهن سو هو رات جو دير تائين پڙهن ٿا ۽ بک لڳڻ تي ماني کائڻ اچن ٿا.“ هاڻ ههـڙي ڳري ماني کائڻ وارا ڇا پڙهندا! هو رڳو مائٽن کي دوکو ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا ته هو وڏي محنت پيا ڪن. هوشيار ۽ نمبر کڻڻ وارا شاگرد امتحانن جي ڏينهن ۾ آرام ڪن ٿا باقي سڄو سال مقرر وقت روزانو پڙهن ٿا. ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ ته روزانو شام جو ساڍي ستين کان ٽي وي تي پَٽي هلائي ويندي آهي ته رات جا اٺ ٿيڻ وارا آهن ٻارن کي سمهاري ڇڏيو. ملائيشيا ۾ هر هنڌ صبح جو ستين بجي اسڪول کلن ٿا ۽ ٻار سج اڀرڻ کان اڳ ننڊ مان سجاڳ ٿين ٿا. جپان ۾ وڏن شهرن ۾ به رهائشي علائقن جي گهٽين جون بتيون نائين بجي بند ٿيو وڃن ۽ ٻار ان کان اڳ سمهيو رهن. هو نه فقط سڄو هفتو سج اڀرڻ کان اڳ اٿن پر آچر ڏينهن ۽ موڪلن ۾ به سوير اٿن ۽ گهٽيءَ ۾ بيهي ڏهن منٽن لاءِ PT ڪن ۽ پنهنجي ڊائري تي گهٽي جي انچارج کان صحيح وٺن ته هو سوير ئي اٿيا. پر اسان مسلمانن جي گهرن ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ سج مٿي چڙهي ايندو، مکيون پيون پٽينديون پر ٻار موالين وانگر سُتا پيا هوندا. اسڪول وارن ڏينهن ۾ به مائرون رات جو دير تائين ٽي وي ڏسنديون. ٻارن کي به جاڳائي رکنديون، ۽ پوءِ ننڊ پوري نه ٿيڻ ڪري ٻار صبح جو اوٻاسيون ڏيندا اسڪول ويندا آهن ۽ جھوٽا کائيندا گهر موٽندا آهن. هاڻ ٻڌايو ته اهڙين حالتن ۾ هو موڳا نه ٿيندا ته ٻيو ڇا ٿيندا؟ ۽ اهڙين ڳالهين ڏي ڌيان ڌرڻ مائرن جو ڪم آهي. پر هر ماءُ ٻارن جي نڪمي پڻي جو ڏوهه اڪثر مسين (ماسترياڻين) تي ٿاڦيندي نظر اينديون آهن.

الطاف شيخَ جي ڳالهين  مان ورتل ڪجهه وڌيڪ ٽڪرا، جيڪي اسان جي ملڪ جي مائرن لاءِ سوچڻ جي خوراڪ مهيا ڪن ٿا.

·      اسان وٽ مائرون ٻارن جي تعليم ۽ سڌاري تي نه ڌيان ڏين ٿيون نه محنت ڪن ٿيون. هنن جي هر وقت اها ڪوشش رهي ٿي ته هوم ورڪ به آفيس مان موٽڻ تي پيءُ اچي ڪرائي. ڪيترن گهرن جا ٻار ٽيوشن لاءِ ماسترياڻيءَ وٽ وڃن ٿا جيڪا اڪثر سندن اسڪول جي مِس هوندي آهي. ٽيوشن تي ٻارن کي سمجھائڻ بدران هنن کي سوالن جا جواب (خاص ڪري مئٿس ۽ سائنس جا) ٻڌائي هوم ورڪ جي آنگ لاٿي ويندي آهي.

·      اسان وٽ مائرن جو زور رڳو ٻارن کي اوچا ڪپڙا پهرڻ تي آهي. ڪيترن جي گهرن ۾ ويندو آهيان ته حيرت ٿيندي آهي ته مائرون وڏي خرچ تي ورتل اوچا ”برانڊيڊ“ ڪپڙا ٻارن کي پارائي، گد گد پيون ٿينديون آهن ته هنن جا ٻار ڪيڏا ته سهڻا ۽ سمارٽ پيا لڳن! اڙي بابا هنن کي لکڻ پڙهڻ ته سيکاريو. ڪلاس ٽو يا ٿري تائين پهچي ويا آهن پر p کي q پيا لکن... ننڍيون دعائون يا قرآن جون سُورتون به ياد نه اٿن... اها فضيلت نه اٿن ته ويهي کائجي... آرام سان پاڻي پيئجي ۽ وڏن سان ڪيئن ڳالهائجي! ٻار جي سنگهه وهي وات ۾ پئي ويندي، وڏن سان تون تون ڪري پيو ڳالهائيندو پر ان تي مائرون نه ڌيان ڏينديون، نه محنت ڪنديون! باقي رڳو زور جاگر جوتا ۽ اوچا ولائتي ڪپڙا پهرائڻ تي.. ڇو جو انهن ڳالهين تي کين محنت نٿي ڪرڻي پوي، جو مڙس جي حرام جي ڪمائيءَ مان هر شيءِ اچيو وڃي.

·      اسان وٽ عورتن کي ڪچهري ۽ پرائي پچارن کان فرصت ئي نٿي ملي جو ٻارن کي پاڻ وٽ ويهاري اسڪول ۾ پڙهيل سبق کي ڀيرو ڏيارين ۽ لکرائين، جيئن هنن جي هئنڊ رائيٽنگ به سٺي ٿئي. بلڪ ٻارن کي دڙڪو ڏئي ٻاهر ڪڍي ڇڏينديون ته وڃي گهٽي ۾ ٻين ٻارن سان راند ڪريو. ۽ پوءِ ٻار ٻاهر وڃي ڪنهن ڪوچ جي نظر هيٺ ڪرڪيٽ، والي بال يا ڪا اسپورٽ ڪونه ٿا سکن پر هڪ ٻئي کان گنديون ڳالهيون ۽ گاريون ٿا سکن. سڌريل ملڪن ۾ توهان کي ائين گهٽين ۾ ٻار نظر نه ايندا. هو موڪل واري ڏينهن تي مائرن سان گڏ گڏ نظر ايندا جيڪي هنن کي قدم قدم تي معلومات جون ڳالهيون ٻڌائيندي نظر اينديون.

·      اسان وٽ جنهن به گهر  ۾ وڃ ته مهمان  جي آڌر ڀاءَ ڪوڪا ڪولا، پيپسي يا ڪنهن ٻئي ايئريٽيڊ مشروب سان ڪئي وڃي ٿي. خبر ناهي هيءَ وبا سنڌ ۾ ڪيئن  آئي. گهر گهر ۾ ڊاڪٽر ٿي ويا آهن پر ڪنهن کي به اهو هوش ناهي ته هي مشروب ڪيڏو خطرناڪ آهي جنهن ۾ هيڪاندي شگر آهي ۽ جنهن جا ٻيا ڪيميڪل انسان جي جسم جو ڪئلشيم ڳاريو ڇڏين. وڏا ته وڏا ننڍا به سڄي سڄي بوتل چٽ ڪريو وڃن. ڪوڪا ڪولا جو يهودي مالڪ سئيڊن جو آهي پر سئيڊن ۾ ان جي قيمت سڀ کان گهڻي رکي وئي آهي جيئن ماڻهو گهٽ واپرائين. سئيڊن جي ماڻهن کان پڇندائو ته هو اهو ئي ٻڌائيندا ته هو سال ۾ هڪ يا ٻه دفعا ٿا پين. آئون جنهن اداري سان سئيڊن ۾ وابسته هوس اتي جي ميس ۾ فقط ڪرسمس ڊي تي ڊنر تي منو گلاس ڪوڪا ڪولا يا سيون اپ جو Serve ٿيندو هو!

·      پڙهڻ ۾ رڌل رهڻ سان منهنجو مطلب اهو هرگز ناهي ته شاگرد هر وقت ڪتاب کڻيو ويٺا هجن. هنن لاءِ صحتمند راند روند ۽ جسماني ورزش به ضروري آهي پوءِ کڻي اها ڊگهي واڪ هجي يا جاگنگ. ڇوڪريون اها کوٽ گهر ۾ ڪم ڪار ڪري پوري ڪري سگهن ٿيون. ملائيشيا ۾ اسان جي ڳوٺ جي هڪ ڊاڪٽرياڻيءَ کي تمام سٺي نوڪري ملي پر هوءَ جلدي ئي واپس موٽِي آئي!
ڇو؟ 
ڇو جو هن کي ماني پچائڻ نٿي آئي ۽ ملائيشيا جي حڪومت هن کي بورچياڻي آڻڻ جي ويزا نٿي ڏئي سگهي! ڪيڏي حيرت جي ڳالهه آهي! ٻيا ملڪ ته ڇڏيو پر سئيڊن، ناروي، ڊئنمارڪ جهڙن ملڪن جون وڏن عهدن تي فائز عورتون به رڌ پچاءُ پاڻ پيون ڪن. دادو شهر جي هڪ گهر ۾ ويس. ماءُ ۽ پوڙهي ڏاڏي منهنجي اچڻ جي خوشيءَ ۾ ڪڏهن پڪوڙا پيون ٺاهين ته ڪڏهن چانهه وغيره. ۽ سندن فرسٽ ايئر جي ڇوڪري صوفي تي اڌ گابرو ليٽي، لڳاتار ڪنهن کي SMS ڪري رهي هئي ۽ آيل جواب پڙهي خوش ٿي رهي هئي.
مون ڇوڪريءَ جو نالو وٺي هن جي ماءُ کي چيو توهان ڇو پيون تڪليف ڪريو پنهنجي ڌيءَ کي اٿاريو ته اٿي چانهه ٺاهي ۽ پاڻي پياري.
”نه سائين اسان نٿا چاهيون ته هن جو پڙهائيءَ کانسواءِ ڪنهن ٻي ڳالهه تي وقت ضايع ٿئي.“ هن وراڻيو.
”ٺهيو! اڄ ڪلهه دنيا جي ملڪن جا ڇوڪرا به پيا رڌ پچاءُ سکن، جو خبر ناهي ته ڪٿي نوڪري ڪرڻي پوي ۽ ڇا حالتون هجن!“ مون دل ئي دل ۾ سوچيو. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اسانجي ڇوڪرين کي ڪو هنر سکڻ يا سخت جان ٿيڻ کان روڪيو پيو وڃي! ۽ اسانجي ڇوڪرن جي وري ڪهڙي ڳالهه ڪجي! اهي ته وري اتر ٿا لهن. هنن کان ڇوڪرين جيتري به پڙهائي نٿي پڄي. نه وري ٿا ڪا ذميواري محسوس ڪن. هنن جو هر وقت ڌيان اوچي موبائيل فون رکڻ ۽ ڪَلفُ لڳل ڪپڙا پائي خوابن جي دنيا ۾ رهڻ تي آهي. ڪاش اسانجا اسٽوڊنٽس ترقي يافته ملڪن جپان وغيره، يا ترقي ڪندڙ ملڪن ملائيشيا وغيره، يا ويندي ايران ۽ انڊيا جي ئي شاگردن کي ڏسي ڪجهه سکي سگهن ۽ هو اهو محسوس ڪن ته مقابلي جو دؤر آهي جنهن ۾ ڪاميابي فقط اهي ماڻي سگهندا جيڪي صحيح معنيٰ ۾ تعليم حاصل ڪري امتحان پاس ڪندا سو به مٿانهين پوزيشن ۾، ۽ زندگي ۾ درپيش ايندڙ Challenges کي منهن ڏئي سگهندا.



الطاف شيخ جو انٽرويو
ڪاوش اخبار طرفان
انٽرويو وٺندڙ: رشيد ميمڻ
بتاريخ ۲۱ جون ۲۰۱۲ع
ادب، تاريخ، ثقافت ۽ تهذيب جي حوالي سان دنيا ۾ سڃاتي ويندڙ سنڌ ڪن اهڙن شخصيتن کي به جنم ڏنو آهي، جن پنهنجي فن، لکڻين، ادب ۽ ڏات ذريعي پوري دنيا ۾ پنهنجو نالو منورڪيو آهي. اهڙين ئي شخصيتن مان هڪ نالو الطاف شيخ جو به آهي، جيڪو سنڌي ٻولي جو سڀ کان وڌيڪ سفر ناما لکندڙ ۽ سنڌ جو درد رکندڙ آهي.
ڪاوش اخبار کي انٽرويو ڏيندي هن چيو آهي ته سنڌ ۾ تعليم جو معيار ڏينهون ڏينهن ڪِري رهيو آهي، نوجوانن کي صحيح تعليم ئي نٿي ملي، ان ڪري سنڌ سميت سڄي ملڪ جي نوجوانن جي اهليت ۽ قابيلت تمام گهٽ آهي. ملائيشيا ۾ سنڌ کان به گهڻي وڏيراشاهي هوندي به اُهو ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي، ڇو جو اتي جو هر وڏيرو پنهنجي ڳوٺ ۾ تعليم ۽ صحت جو اعليٰ معيار قائم رکڻ کي پنهنجو شانُ ۽ مانُ سمجهي ٿو، هو پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن کي خوشحال ڏسڻ چاهي ٿو پر هتي اسان وٽ سنڌ ۾  ائين نه آهي.
ڪاوش پاران پڇيل سوال ته توهان ڇا ٿا سمجهو ته سنڌ جي نوجوانن ۾ ادب يا لکڻ سان اهو چاهه آهي جيڪو هئڻ گهرجي؟ جي جواب ۾ هن چيو ته بلڪل ناهي، اها ٻي  ڳالهه آهي ته اڄ تمام گهڻا ئي سٺا اديب، شاعر، صحافي ۽ پڙهيل ڳڙهيل نظر اچن ٿا پر جيڪا اڄ سنڌ جي آدمشماري آهي ۽ جيترا تعليمي ادارا آهن، ان جي مقابلي ۾ اهو تعداد بنهه گهٽ آهي. اسان جي گهڻي ڀاڱي نوجوان کي لکڻ ته ڇا پر پڙهڻ جو به شوق ناهي، هن کي صحيح تعليم ئي ڪانه پئي ملي ۽ نه ڪو صحيح پڙهڻ جو ماحول اٿن. نه استادن کي احساس آهي ۽ نه مائٽن کي الڪو آهي.
 اهو ڀلا ڪيئن؟ جي جواب ۾ هن چيو ته ٻين ملڪن کي ته ڇڏيو توهان رڳو ممبئي يونيورسٽي ۾ هفتو کن رهي ڏسو ته احساس ٿيندو ته اتي جي شاگردن ۽ تعليمي ماحول ۽ اسان ۾ ڪيڏو فرق آهي. اسان وٽ به ڪنهن زماني ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ اهو ماحول هو، جيڪو مون ۶۰ع جي شروع وارن سالن ۾ به ڏٺو، جڏهن منهنجا ڪلاس ميٽ پيٽارو مان انٽر ڪري سنڌ يونيورسٽي ۾ آيا هئا. آئون دنيا جي مخلتف ملڪن ۾ پڙهائڻ لاءِ ويندو رهان ٿو. ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچر ڏيڻ دوران منهنجي دل ۾ هميشه اها خواهش پيدا ٿيندي آهي ته ٻين ملڪن ۾ وڃڻ ۽ رهڻ ته مهانگو آهي پر ڪاش هر مهيني سنڌ يونيورسٽي جي ڪجهه استادن ۽ شاگردن کي هفتي جي ٻن ٽن ڏينهن لاءِ ممبئي يونيورسٽي ۾ مهمان طور رهايو وڃي جيئن هو ڏسي سگهن ته اتي ڪيئن پڙهائي ٿي رهي آهي، صبح شام ڪلاس پيا هلن، ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون رات جو ڏهين تائين لائبريري ۾ ويٺا آهن، ڪو هنگامو ناهي، ڪو جهيڙو ناهي... ته جيئن اسان کي پنهنجين ڪوتاهين جو احساس ٿئي. کوکرا پار کان ممبئي پهچڻ ۽ ممبئي يونيورسٽي جي گيسٽ هائوس ۾ رهڻ جو ڪو خاص خرچ به نه آهي.
سفر ناما لکڻ جو شوق توهان کي ڪيئن ۽ ڪڏهن ٿيو، توهان ڪهڙي شيءِ کي ڏسي ان جي شروعات ڪئي؟ واري سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سفرنامن لکڻ کان اڳ مون کي ڪهاڻيون، افسانا ۽ مضمون لکڻ جو شوق هو. ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ جيتوڻيڪ انگريزي ۾ تعليم ڏني ٿي وئي پر ٻين وانگر آئون به اٺين ڪلاس کان انگريزي ناولن ۽ رسالن سان گڏ اڙدو ۽ سنڌي به تمام گهڻا پڙهندو هئس ۽ ڪجهه ڪجهه لکندو به هئس. جهاز جي نوڪري شروع ڪرڻ بعد مون  وڌيڪ لکڻ شروع ڪيو، جو انهن ڏينهن ۾ سوئيز ڪئنال بند هو. انگلينڊ، يورپ، آمريڪا يا ڪئناڊا پهچڻ لاءِ اسان کي جهاز کي آفريڪا کنڊ جي چوڌاري ڦيرائي وٺي وڃڻو پيو ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٽيهه چاليهه ڏينهن به سمنڊ تي هلڻو پيو ٿي. وقت پاس ڪرڻ لاءِ مون پڙهڻ ۽ لکڻ تي زور ڏنو ۽ سمنڊ ۽ بندرگاهه تي جيڪي ڳالهيون ٻڌڻ ۽ ڏسڻ لڳس انهن جو احوال لکڻ لڳس.
توهان سنڌ جي تاريخي ماڳن، تاريخ جي مسئلن تي ڪهڙي طرح پنهنجي سفرنامن ۾ لکيو آهي يا نه؟ سوال جي جواب ۾ الطاف شيخ چيو ته افسوس جو مون سنڌ جي تاريخي ماڳن، تاريخ يا مسئلن تي نه لکيو آهي، ان ڪري جو مون تعليم به سنڌ کان ٻاهر بنگال ۽ سئيڊن ۾ ورتي ۽ نوڪري به ٻاهر ڪئي، هاڻ جڏهن پوڙهو ٿيو آهيان ته سنڌ جا تاريخي ماڳ ڏسڻ جو شوق ٿيو آهي. جواني جي ڏينهن ۾ جيتوڻيڪ منهنجو خيرپور، سکر، لاڙڪاڻي وغيره تمام گهڻو وڃڻ ٿيو ٿي پر ان وقت ڪوٽڏيجي قلعو، معصوم شاهه جو منارو يا موهن جو دڙو ڏسڻ بدران اتي پنهنجن ڪلاس ميٽن؛ شوڪت جماڻي، نجم قاضي، عاشق شاهه، اختر عباسي وغيره جن سان ملڻ، ڪچهري ڪرڻ يا ڪرڪيٽ کيڏڻ هوندو هو.
توهان کي سفرناما لکڻ ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون پريشانيون پيش آيون يا اچن ٿيون؟ جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته هڪ ليکڪ ۽ خاص ڪري هڪ فوٽو جرنلسٽ  جي حيثيت ۾ آئون تڏهن ئي صحيح ۽ بهتر لکي ۽ ڄاڻ مهيا ڪري سگهان ٿو جڏهن آئون هر قسم جي ماڻهن ۽ ماڳن تي وڃي پاڻ مشاهدو ڪريان. مون کي سفرنامو لکڻ لاءِ نه فقط مولوين ۽ عالمن سان ملڻو پوي ٿو ۽ نه فقط مسجدون ۽ يونيورسٽيون ڏسڻيون پون ٿيون پر چورن، ڌاڙيلن، سياستدانن، ٻاون، پنڊتن، سدا سهاڳڻين، گيشائن ۽ ماماسانن سان به ملڻو پوي ٿو ۽ پوءِ ڪنهن سدا سهاڳڻ جي ڳالهه ٻڌي ماڻهو مون کي Play Boy سمجهن ٿا. سنڌي ادبي بورڊ وارا  ته منهنجو اهڙو سڄو پئراگراف ئي ڪٽيو ڇڏين، جنهن ۾ لفظ سدا سهاڳڻ ٿو اچي ۽ پوءِ ڀلي کڻي ان جي ڪا نصيحت واري ڳالهه هجي. پير پاڳاري سان ملڻ تي ماڻهن کي اهو اعترض ٿيندو هو ته آئون هالا جي مخدومن بدران پير پاڳاري جو مريد ٿيو آهيان. ايران وڃي سفرنامو لکڻ تي ڳوٺ جي هڪ مولوي مون لاءِ اهو مشهور ڪيو ته آئون شيعو ٿيو آهيان ۽ متعي جي شادي کي Justify پيو ڪريان. مون جڏهن کانئس پڇيو ته ڇا هن منهنجي ڪتاب ”ايران ڏي اڏام“ ۾ اهو مضمون ”متعي جي شادي“ پڙهيو آهي ته هن وراڻيو ته ”نه! ڳوٺ جا ماڻهو ٿا چون“.
 سو بهرحال اسان جهڙو ملڪ جنهن ۾ رڳو نفرتون ئي نفرتون آهن، جتي تعليم ۽ سهپ گهٽ آهي، اتي هر لکڻي تي ڪونه ڪو ناراض ٿئي ٿو ۽ لکندڙ جي پريشاني جو سبب بڻجي ٿو. هڪ پڙهندڙ چيو ته تون جماعت اسلامي جو ماڻهو آهين. وراڻيومانس ته منهنجو ته ڪنهن به سياسي پارٽي سان تعلق ناهي ۽ نه ئي هڪ ليکڪ يا صحافي کي واسطو رکڻ کپي، توهان کي ڪيئن لڳو ته آئون جماعت اسلامي جو ماڻهو آهيان؟ جنهن تي هن چيو ته توهان انهن جي اخبار ۾ لکو ٿا. وراڻيومانس ته آئون پڙهندڙن لاءِ لکان ٿو، ان کان وڌيڪ هلندڙ ڪا اخبار مضمون ڇپي ته آئون ان ۾ به ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.
 ڪاوش طرفان پڇيل سوال ته سنڌي نوجوانن جي اهليت ۽ قابليت جي ٻين ملڪن جي نوجوانن سان ڀيٽ ڪيئن ٿا ڪريو؟ جي جواب ۾ الطاف شيخ چيو ته سچي ڳالهه اها آهي ته اسان جي سنڌي نوجوانن جي اهليت ۽ قابليت تمام گهٽ آهي. نه صرف سنڌ جي پر اسان جي سڄي ملڪ جي نوجوانن جو اهو حال آهي. ان جي خبر ٻاهرين ملڪن ۾ اچي پوي ٿي، جتي اسان جو نوجوان سريلنڪا ۽ بنگلاديش جي نوجوان کان تعليمي مقابلي ۾ ته هيٺانهون شمار ڪيو وڃي ٿو پر جسماني پورهئي ۾ به سست قرار ڏنو وڃي ٿو. اسان وٽ اڻپڙهيلن ۽ ڪاپي ڪري مٿانهون مارڪون کڻڻ وارن کي نوڪري ملڻ ۽ No Work  ڪلچر هجڻ ڪري، اسان جو نوجوان ٻين ملڪن جي نوجوانن جو مقابلو ڪري نٿو  سگهي. اهو ئي سبب آهي جو ٻين ملڪن ۾ جيڪي پاڪستانين جا ڪارخانا ۽ فيڪٽريون آهن يا جهاز ران ڪمپنيون آهن، انهن جا مالڪ ۾ به بنگالين ۽ ڀارتين کي ته شوق سان رکن ٿا پر پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي نوڪري ڏيڻ ۾ گريز ڪن ٿا. بهرحال پنج ئي آڱريون برابر به نه آهن. ڪيترائي اسان جا ماڻهو ولايت ۾ سٺين نوڪرين ۾ به آهن ۽ هنن نالو روشن ڪيو آهي پر اهڙن ماڻهن جو تعداد اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. ان کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ اسان جي نوجوان کي کپي ته يونيورسٽي جون فقط ڊگريون حاصل ڪرڻ بدران صحيح طرح تعليم حاصل ڪن ۽ پاڻ ۾ محنت جي پڻ عادت وجهن. جاپان جهڙن ملڪن ۾ ته فقط صبح جو آفيس ۾ وڃڻ جو ٽائيم مقرر آهي ۽ موڪل تڏهن ٿي ٿئي جڏهن ڪم پورو ٿئي ٿو ۽ ڪيترا دفعا گهر ايندي رات ٿيو وڃي.
 سنڌ ۾ تعليم جو معيار ڏينهون ڏينهن ڪِري رهيو آهي، ان کي ڪيئن بهتر ٿو ڪري سگهجي؟ واري سوال جي جواب ۾ الطاف چيو ته اها ڳالهه توهان ائين ڪري رهيا آهيو جيئن جهازن جو مالڪ ڪنهن جهاز تي هڪ ڄٽ ۽ شرابي ڪئپٽن رکي، پوءِ اُهو يا جهاز جا مسافر چون  ته جهاز منزل کان ڇو ڀٽڪي رهيو آهي؟ جهاز جي ٻُڏڻ جا ڇو آثار آهن؟ منهنجي خيال ۾ تعليم جو معيار بهتر ڪرڻ لاءِ هر تعليمي اداري جو ڪئپٽن يعني ”سربراهه“ (هيڊ ماستر، پرنسپال، وائيس چانسلر، سيڪريٽري يا وزير تعليم) اهو مقرر ڪيو وڃي، جيڪو تعليمي ماهر، محنتي، ڊسيپلين رکڻ وارو ۽ پنهنجي وطن جي نوجوانن جوهڏڏوکي هجي.
سنڌ ۽ ٻي دنيا جي تعليم جي معيار ۾ ڪهڙو فرق آهي، جي جواب ۾ هن چيو ته ڇا توهان سمجهو ٿا ته سنڌ ۾ ڪو تعليم جو معيار آهي؟ هن ڪمپيوٽر ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي دور ۾ ڪنهن کي خبر ناهي ته اسان جي ملڪ جي تعليم جو معيار ڇا وڃي رهيو آهي، خاص ڪري اندروني سنڌ ۾ جتي ڳوٺن جي اسڪولن ۾ گڏهه ۽ ڪتا ٻڌا پيا آهن، جتي کلئي عام ڪاپي پئي ٿئي، جتي جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ شاگرد رڳو داخلا وٺن ٿا پر باقاعدگي سان ڪلاس نٿا هلن، جتي جي يونيورسٽين ۾ جهيڙن جهٽن ڪري خوف ۽ هراس هجي ٿو! ان سلسلي ۾ الطاف صاحب ٻڌايو: ممبئي يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ وارن ”سنڌي سوسائٽي“ تي مون کي جنهن ڏينهن ليڪچر ڏيڻ لاءِ گهرايو هو، ان ڏينهن اتي جي مرهٺي ۽ انگريزي اخبار ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪنهن ٽيچر جي قتل جي خبر ڏنل هئي. ليڪچر بعد سوال جواب واري ڪلاڪ  ۾ آئون هر وقت اهو سوچيندو رهيس ته ڪو شاگرد مون کان سنڌ يونيورسٽي بابت سوال نه ڪري ته اها يونيورسٽي جنهن جو وائيس چانسلر سنڌي آهي، انتظاميا سنڌي آهي، پڙهائڻ وارن ۽ شاگردن جي اڪثريت به سنڌي آهي، اتي ڇو هر وقت مار ماران ۽ بدامني لڳي پئي آهي؟ انگريزي اخبار ۾ ڏنل خبر جو هڪ جملو جيڪو هن وقت به منهنجي دل ۾ چڀي رهيو آهي جيڪو هنگامن بابت ۽ يونيورسٽي کي في الحال بند رکڻ بابت هو ته It is nothing uncommon with this university?  
ڪاوش طرفان پڇيل سوال ته ”هڪ ليکڪ نوجوانن جي يا معاشري جي ڪيئن رهنمائي ڪري ٿو سگهي” جي جواب ۾ الطاف شيخ چيو ته هڪ ليکڪ معاشري ۾ موجود خرابين بابت نشاندهي ئي ڪري سگهي ٿو، باقي ان کي صحيح ڪرڻ لاءِ ته هن وٽ ڪو پوليس فورس ناهي.
سنڌ ۾ سفرناما نگار نه هئڻ برابر آهي، ان جو سبب ڇا آهي؟ جي جواب ۾ هن چيو ته  سنڌ جي ڪيترن ئي نوجوانن سفرناما لکيا آهن پر اسان وٽ ڇپائڻ جو بندوبست نه هجڻ ڪري ڪيترائي سفرناما اڻڇپيل حالت ۾ آهن. اهو ان ڪري چئي رهيو آهيان، جو مهاڳ ۽ پيش لفظ لکڻ لاءِ ڪيترائي سفرناما منهنجين نظرن مان نڪتا آهن. سفرنامن يا لکڻ ذريعي ڇا مسئلن کي اجاگر ڪري سگهجي ٿو؟ جي جواب ۾ هن چيو ته بلڪل ڪري سگهجي ٿو. ڪاوش طرفان پڇيل ان سوال ته توهان جي نظر ۾ سنڌ جا اهم مسئلا ڪهڙا ڪهڙا آهن؟ جي  جواب ۾ هن چيو ته سنڌ جا مسئلا ڪيترائي آهن ۽ تمام ڳنڀير قسم جا آهن پر جي توهان فقط ٻه چار اهم مسئلا پڇڻ ٿا چاهيو ته منهنجي نظر ۾ تعليم، عدل انصاف، امن امان ۽ روزگار آهن.
سنڌ ۾ هينئر بلوچستان جهڙي صورتحال پيدا ٿي رهي آهي، ان کي توهان ڪيئن ٿا ڏسو ۽ ان جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا؟ جي جواب ۾ هن چيو ته افسوس جو مون کي گهڻي  سياسي ڄاڻ نه آهي، ان بابت ڪو سلجهيل سياستدان ئي ٻڌائي سگهي، اسان جي ڄاڻ ٽي وي جي خبرن تائين محدود آهي. ڪراچي جون حالتون بار بار خراب ڇو ٿيون ٿين، جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت جي چاهي ته ان لاءِ امن امان قائم رکڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي. سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي، ان کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ جي جواب ۾ هن چيو ته منهنجي خيال ۾ اهو اسان جي چونڊيل نمائندن تي Depend ٿو ڪري ته هنن کي سنڌ ۽ عوام لاءِ ڪيترو درد آهي ۽ سنڌي ماڻهن جي جذبن جو ڪيڏو خيال آهي. اسان جي پڇيل سوال ته سنڌ جا وڏا وڏا آرٽسٽ يا اديب بيماري ۾ بيوس ڇو ٿي وڃن ٿا؟ حڪومت توڙي معاشرو سندن ڪا مدد نٿو ڪري. ڇو؟ الطاف وراڻيو؛ آئون ان خيال جو آهيان ته نه رڳو  وڏن آرٽسٽن ۽ فنڪارن جي پر حڪومت کي اهڙو بندو بست ڪرڻ کپي جو هر غريب غربي جي بيماري جو  علاج ٿي سگهي جيئن ٻين فلاحي رياستن ۾ ٿئي ٿو.
سنڌ جي تاريخ تي تحقيق نٿي ٿئي، ان ۾ تضاد ڇو آهي؟ جي جواب ۾ هن چيو ته اهڙن سوالن جا جواب ته پروفيسر مبارڪ ۽ ڊاڪٽر الانا ئي ٻڌائي سگهندو، آئون ته فقط جهازن ۽ سمنڊ بابت ٻڌائي سگهان ٿو. ڪاوش طرفان پڇيل سوال ته ڇا توهان پوري دنيا گهمي ڏٺي آهي يا ڪو ملڪ رهيل آهي، جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته اسان لاءِ دنيا گهمڻ ائين آهي جيئن  هڪ ٽرڪ ڊرائيور لاءِ جيڪو سڄو ڏينهن پيو ٽرڪ هلائي، هن لاءِ ڇا حيدرآباد، سکر يا ڇا ملتان لاهور! اهڙي طرح اسان به ۱۵ سال کن دنيا جي مختلف سمنڊن تي مخلتف جهاز، ڏينهن رات هلائيندا رهياسين. ڪن بندرگاهن ۾ ته هفتن جا هفتا گهمندا رهياسين، ڪن ۾ ته سستي، ٿڪ ۽ بيزاري ڪري جهاز تان هيٺ لهي بندرگاهه جي جيٽي تي واڪ به نه ڪيوسين. ملائيشيا ملڪ سڀ ۾ گهڻو ان ڪري پسند آيو جو اتي سنڌ کان گهڻي وڏيراشاهي هوندي به ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي.
 ان جو سبب؟ جي جواب ۾ الطاف چيو ته ڇو جو اتي جي هر ڳوٺ جو وڏيرو پنهنجي ڳوٺ ۾ تعليم ۽ صحت جو اعليٰ معيار قائم رکڻ ۾ پنهنجو شان ۽ مان سمجهي ٿو. هو پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪارخانا ۽ فيڪٽريون هڻي پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن لاءِ روزگار مهيا ڪري ٿو ۽ هو پنهنجي ڳوٺ جي ماڻهن کي امير ۽ خوشحال ڏسڻ چاهي ٿو. ملائيشيا جو هر سياستدان عام سرڪاري بسن ۾ سواري ڪري ٿو، ولايت وڃڻ بدران ڳوٺ جي اسپتال مان علاج ڪرائي ٿو، نتيجي ۾ ملائيشيا جون بسون ۽ اسپتالون بهتر کان بهتر ٿينديون وڃن.
 دنيا ۽ ملڪ ۾ سڀ کان  سٺا سفرناما نگار توهان جي نظر ۾ ڪير آهن؟ جي جواب ۾ الطاف چيو ته مون کي ڪيترائي پسند آهن. پنهنجن مان آغا سليم، تنوير عباسي، بيگم اختر رياض الدين، ابن انشا، اختر ممونڪا وغيره ۽ ڌارين ۾ جيمس مچنر، طاهر شاهه، وڪرم سيٺ، پال ٿيروڪس، يوني نو گچي، مڪيرو ساساڪي وغيره آهن. توهان سنڌ جي ماڻهن سان ايڏو ڪٽيل ڇو آهيو، تقريبن ۾ نٿا اچو ۽ نه ئي پاڻ ڪو پروگرام ڪرايو ٿا؟ جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کان آئون ڪٽيل هرگز نه آهيان، خط و ڪتابت، اي ميل ۽ فيس بڪ ذريعي منهنجو جيترن سان رابطو رهي ٿو، اوترو شايد ئي ڪنهن جو هجي، هر مهيني اٽڪل ڏهه هزار پڙهندڙن سان منهنجي لفظن جي ڏي وٺ رهي ٿي، جنهن ۾ منهنجا سنڌي ۽ اردو ڪالم پڙهڻ وارن سان گڏِ ملائيشيا ۽ سنگاپور جا دوست، شاگرد ۽ پڙهندڙ پڻ اچي وڃن ٿا، جيڪي منهنجا انگريزي مضمون اتي جي اخبار ۾ پڙهن ٿا. باقي فنڪشن يا شادين مرادين ۾ گهٽ پير ڀريان ٿو، جو هڪ ته ان کي وقت جو زيان سمجهان ٿو ۽ ٻيو ڪجهه سست به آهيان. هونءَ به مون کي تنهائي وڌيڪ پسند آهي. موڊي ماڻهو آهيان، ڪچهري ۱۵ منٽ به مشڪل سان ڪري سگهندس، باقي لکڻ پڙهڻ جو ڪم فقط چانهه جي ڪوپ تي لڳاتار ۱۵ ڪلاڪ به ڪري ويندس. بهرحال اهي منهنجون مجبوريون آهن، آئون اهو نٿو چوان ته اهي ڪي سٺيون ڳالهيون آهن. ڪيترن عالمن جو اِهو رايو آهي ته ڪتاب پڙهڻ کان بهتر ڪچهري آهي. بهرحال ڇا سٺي ڳالهه آهي ڇا خراب، هاڻ ستر ورهين جي ڄمار ۾ آئون پنهنجيون عادتون بدلائي نٿو سگهان.
 توهان کي متاثر ڪندڙ شخصيتون ڪهڙيون آهن، جي جواب ۾ هن چيو ته ڪيترين ئي شخصيتن سان ملاقات ٿي جن بيحد متاثر ڪيو ۽ منهنجا سفرناما ۽ انهن جا انتساب اهڙن ماڻهن سان ڀريا پيا آهن. توهان کي پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪهڙا ڪهڙا وڏا چئلينج درپيش آيا آهن، جي جواب ۾ هن چيو ته منهنجو جيڪو ڪيريئر آهي يعني سمنڊ تي جهاز هلائڻ هميشهه چئلينجن سان ڀريل رهي ٿو. هر وقت مصيبتن  ۽ مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جن جو ڪجهه تفصيل سان احوال ”موج نه سهي مڪڙي“ ۽ اردو ڪتاب ”سمندر ڪي دن“ ۾ ڏئي چڪو آهيان.
 اسان جا اديب يا ليکڪ سنڌ جي حقن لاءِ ڪو خاص ڪردار ڇو ادا نٿا ڪن؟ جي جواب ۾  الطاف چيو ته ماڻهن جي حقن جو بار نمائندن يعني سياستدانن تي هوندو آهي، اسان وٽ خبر ناهي ڇو هر ڳالهه ۾ اديب ۽ شاعر کي سوگهو ڪيو وڃي ٿو.  توهان ادبي سنگت جي ڪردار کي ڪيئن ٿا ڏسو؟ واري سوال جي جواب ۾ الطاف شيخ چيو ته ادا مون کي ڪا ادبي سنگت جي ڪردار جي ڄاڻ نه آهي، منهنجي ته زندگي جو وڏو حصو سمنڊ تي گذري ويو. اڄ کان ۴۵ سال کن اڳ امرجليل ۽ قمر شهباز  سان گڏ سائين نوردين سرڪي وڪيل صاحب جي آفيس ۾ سنڌي ادبي سنگت جون ٻه ٽي ادبي ميٽنگون اٽينڊ ڪيون هئم، هاڻ ان جي آڌار تي موجوده سنڌي ادبي سنگت جو ڪاروبار هلائيندڙ ميمبرن تي ويهي ٽيڪا ٽپڻي ڪريان ته اها هڪ چريائپ ٿيندي.



الطاف شيخ جو انٽرويو
انٽرويو: ڊاڪٽر رام جواهراڻي
رام جواهراڻي: توهانجو سنڌ جي ڪهڙي ڳوٺ سان واسطو آهي؟
الطاف شيخ: منهنجو مٽياري ضلعي جي ڳوٺ هالا نوان ۾ ۱۴ نومبر ۱۹۴۴ع تي جنم ٿيو جِتي منهنجو والد ۽ ڏاڏو پڻ ڄائو. هالا نوان جيڪو هاڻ هڪ شهر جي حيثيت رکي ٿو حيدرآباد کان ۶۵ کن ڪلوميٽر اتر ۾ نئشنل هاءِ وي تي آهي. سندس اولهه ۾ ۳ ڪلوميٽر پري سنڌو ندي جي ڪناري تي هالا پراڻا آهي.

رام جواهراڻي: منهنجي خيال ۾ توهان جو ڳوٺ هالانوان ٽوئرزم ۽ تعليمي ادارن کان مشهور آهي.
الطاف شيخ: جي ها. صحيح ٿا چئو. هالا تاريخي شهر آهي جِتي سنڌ جي مشهور بزرگ ۽ شاعر مخدوم نوح عليه جي درگاهه آهي. هالا دلڪش جنڊي، سوسي، ڀرت ۽ هٿ جي ٺهيل ڪپڙي کان به مشهور آهي. سنڌ جو هي واحد شهر آهي جِتي انگريزن جي ڏينهن کان خانگي هاءِ اسڪول شروع ٿيو. ان ڪري هن شهر ۾ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جو تعداد تمام گهڻو آهي.

رام جواهراڻي: پوءِ توهان جي ڪراچيءَ ۾ ڪيئن رهائش ٿي؟
الطاف شيخ: دراصل آئون ڪراچيءَ گهڻو گهڻو پوءِ اچي رهيس. تيرهن سالن جو هوس ته مون تعليم لاءِ هالا ڇڏيو ۽ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان انٽر ڪري چٽگانگ مشرقي پاڪستان (هاڻ بنگلاديش) پهتس جِتي مئرين انجنيئرنگ (پاڻي جا جهاز هلائڻ جي انجنيئري) پڙهي. ان بعد دنيا جي سمنڊن تي مختلف جهاز هلائيندو رهيس. ان دوران ڪڏهن ڪڏهن جهاز ڪراچي ايندو هو ته به منهنجي رهائش جهاز تي هوندي هئي. بعد ۾ سامونڊي نوڪري ڇڏڻ بعد جڏهن مونکي پاڪستان مئرين اڪيڊمي ۾ رکيو ويو ته منهنجي رهائش ڪراچيءَ ۾ ٿي.

رام جواهراڻي: توهان بنيادي تعليم هالا بدران ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان ڇو ورتي؟
الطاف شيخ: انهن ڏينهن ۾ ۱۹۵۰ع واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ هي پنهنجي نوعيت جو ڪاليج سنڌ ۾ کليو هو جِتي عام تعليم سان گڏ فوجي سکيا، گهوڙي سواري، ترڻ، باڪسنگ، رانديون ۽ تقريرن جو پڻ بندوبست هو. هنن هر سال سڄي پاڪستان مان ۳۰ ڪئڊٽ چونڊيا ٿي. مون به ٽيسٽ ۽ انٽرويو ڏنو ۽ چونڊجي ويس. ۱۹۵۸ع کان ۱۹۶۳ع تائين آئون پيٽارو ۾ پڙهيس.

رام جواهراڻي: ان وقت جا ڪجهه ساٿي جيڪي نامور ٿيا؟
الطاف شيخ: لياقت جتوئي سنڌ جو وزير اعليٰ ۽ فيڊرل منسٽر، ايس پي شاهد فوجي جنرل، فاروق رشيد، اظهر حسين، انيس الرحمان سڀ ائڊمرل ٿيا، انبن جو شهنشاهه رفيع ڪاڇيلو، پيٽرول پمپن جو بادشاهه شوڪت جماڻي، ماڊرن ائگريڪلچر رسالي جو ايڊيٽر نور احمد نظاماڻي، مشهور ڊراما ائڪٽر اورنگزيب لغاري ۽ اڪبر بگٽي جيڪو انڪم ٽئڪس ڪمشنر به رهيو، ڪولوراڊو يونيورسٽي جو ڊين ڊاڪٽر رامچند اوڏ وغيره وغيره منهنجا ڪلاس ميٽ هئا يا سال ٻه جونئر.

رام جواهراڻي: توهان ڇا ۾ گرئجوئيشن ڪئي؟
الطاف شيخ: منهنجو اهم ۽ پروفيشنل سبجيڪٽ مئرين انجنيئرنگ هو جنهن ۾ چٽگانگ مان گرئجوئيشن ڪرڻ بعد ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي، مالمو (سئيڊن) مان پوسٽ گرئجوئيشن ڪئي. ان کان علاوه سنڌ يونيورسٽي مان ايم اي سنڌي ۾ ۽ LL.B پڻ ڪئي.

رام جواهراڻي: توهان مئرين انجيئرنگ جي چونڊ ڇو ڪئي؟
الطاف شيخ: ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو جي ڏينهن ۾ اسان کي موڪلن ۾ ڪياماڙي ۽ منهوڙو گهمائڻ وٺي ويندا هئا. ڪياماڙي ڪراچي جي، بلڪه سڄي پاڪستان جي آخري ڪنڊ آهي. ان بعد عربي سمنڊ شروع ٿئي ٿو. منهوڙو ڪياماڙيءَ کي ٽي چار ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ ٻيٽ آهي. اتي بيٺل دنيا جا سهڻن رنگن وارا جهاز ۽ انهن تي موجود سفيد يونيفارم ۾ سمارٽ نيويگيٽر ۽ مئرين انجنيئر ڏسي آئون بيحد متاثر ٿيس ۽ دنيا ڏسڻ جي شوق ۾ مئرين انجنيئرنگ ۾ آيس. انهن ڏينهن ۾ (۱۹۶۳ع) ۾ چٽگانگ ۾ ممبئي جي ڊفرن مئريٽائيم اڪيڊمي جي طرز جي اڪيڊمي کلي هئي. برٽش راڄ ۾ بمبئي ۾ ڊفرن اڪيڊمي ۱۹۲۷ع ۾ کلي هئي جيڪا پوءِ ۱۹۷۲ع ۾ راجندر جهاز تي شفٽ ڪئي وئي ۽ هاڻ ۱۹۹۳ع کان انڊيا وارن هڪ ٻيو وڏو جهاز ”ٽي ايس ڇناڪيا“ کي ڪناري تي هميشه لاءِ رکي ان تي اها اڪيڊمي قائم ڪئي آهي. اهو ممبئي جي بيچ روڊ وٽ آهي. جڏهن آئون چٽگانگ ۾ پڙهندو هوس ته منهنجا ان وقت جا سڀ پاڪستاني نيول آفيسر ڊفرن اڪيڊمي جا پڙهيل هئا جِتان هنن پاڪستان ٿيڻ کان اڳ گرئجوئيشن ڪئي هئي. هِتي اهو به ٻڌائيندو هلان ته ڊفرن اڪيڊمي کان اڳ انڊيا جا نوجوان جهازراني ۽ جهاز سازي جي سکيا ۽ تعليم لاءِ انگلنڊ ويندا هئا. پوءِ هڪ عظيم انڊين دور انديش سر پي. ايس (Pazhamaneri Sundaram) سواسوامي جي ڪوشش سان ممبئي ۾ اها ڊفرن اڪيڊمي کولي وئي. سر سواسوامي ۱۸۶۴ع ۾ ڄائو. هو هڪ ناليرو وڪيل، ائڊمنسٽريٽر ۽ Statesman هو جيڪو ۱۹۰۷ع کان ۱۹۱۱ع تائين مدراس پريزيڊنسي جو ”ائڊوڪيٽ جنرل“ ٿي رهيو.

رام جواهراڻي: پنهنجي پهرين نوڪري بابت ٻڌائجو.
الطاف شيخ: ۱۹۶۸ع ۾ گرئجوئيشن مڪمل ڪرڻ بعد مونکي پنهنجي ملڪ جي جهازران ڪمپني ”پاڪستان نئشنل شپنگ ڪارپوريشن“ ۾ نوڪري ملي. ان وقت هن ڪمپنيءَ کي ويهارو کن جهاز هئا. مونکي ۴۰۰ رپيا ماهوار پگهار تي ايم. وي اباسين نالي جهاز تي ”ففٿ انجنيئر“ طور رکيو ويو. رهائش ۽ کاڌو پيتو هر جهاز تي مفت آهي ان ڪري منهنجي لاءِ اهو پگهار تمام گهڻو هو جڏهن ته ان وقت سون جو اگهه هڪ هزار رپيا تولو هو ۽ ڊالر جو اگهه چار رپيا هو. هر جهاز تي ”ڊيوٽي فري شاپ“ هو جنهن دڪان تي ڪيتريون ئي شيون: سگريٽ، چاڪليٽ، عطر، بسڪيٽ ۽ هر قسم جي ڊرنڪ فئڪٽري جي اگهه تي ملي ٿي. انهن ڏينهن ۾ ڪوڪ ۽ پيپسي جا دٻا نڪتا هئا جن جو هڪ درجن وارو پئڪ ساڍي ڇهين رپئي (ڏيڍ ڊالر) ۾ مليو ٿي ۽ ڏهين رپئي ۾ بيئر جو ڪريٽ يعني ۲۴ بوتلون هونديون هيون. ۸ رپئي (ٻن ڊالرن) جي بليڪ ليبل وسڪي جي بوتل هئي.

رام جواهراڻي: پر مونکي خبر آهي ته توهان ڪنهن به قسم جي شراب کي هٿ نٿا لاهيو. هڪ Sailor لاءِ اها ڳالهه حيرت انگيز نه آهي؟
الطاف شيخ: سائين بلڪل صحيح ٿا چئو. انهن ڏينهن ۾ هن نوڪريءَ ۾ ماڻهو ورلڊ (دنيا گهمڻ) کان وڌيڪَ سستي وائين (شراب) لاءِ آيا ٿي. تعليم دوران جڏهن هر هفتي ڇنڇر ڏينهن چٽگانگ جي بندرگاهه ۾ بيٺل ڪنهن جهاز جي Visit تي ويندا هئاسين ته ان جهاز جي آفيسرن کي ڏسي اسان به دل ئي دل ۾ سَڌون ڪندا هئاسين ته اسان به هنن وانگر ٽرپل فائو سگريٽن جو گول دٻو هٿ ۾ کڻي جهاز جي اَنديءَ (Gunwale) تي بيهي سگريٽ جا ڪش هڻنداسين، يا جهاز جي ڊرائنگ روم ۾ ويهي ٿڌي بيئر جون چشڪيون ڀرينداسين. پر تعليم بعد پهرين ئي جهاز تي منهنجا جيڪي ٻه ڪئبن ميٽ مونکان هڪ سال سينيئر ففٿ انجنيئر هئا اهي صوفي قسم جا هئا. انهن اجائي سجائي چانهه پيئڻ کان به گريز ڪئي ٿي. منهنجي دلچسپي ڏيکارڻ تي هنن مونکي سمجھايو ته سگريٽ ڇڪڻ توڙي ڪنهن قسم جو شراب پيئڻ ۾ نقصان گهڻا آهن ۽ اهي شيون صحت ۽ اخلاق لاءِ هاڃيڪار آهن. دنيا جي ڪا به سڌريل سوسائٽي ان کي سٺو نٿي سمجھي .... وغيره. پهرين ته مونکي سندن ڳالهيون عجيب لڳيون ۽ اهو ئي دماغ ۾ آيو ته پوءِ ماڻهو سامونڊي نوڪري ۾ اچن ئي ڇو ٿا! پر پوءِ آهستي آهستي مونکي هنن جي ليڪچرن ۾ Sense نظر آيو. بهرحال هِتي ڪو آئون Preacher بنجڻ جي ڪوشش نٿو ڪريان ته نشي جي شين کان پري رهو ۽ شراب جهڙين شين کي هٿ نه لايو. اهو هر هڪ جو پنهنجو عمل آهي جنهن لاءِ هو آزاد آهي ته جنهن کي جيڪي بهتر لڳي اهو ڪري. هڪ خوبصورت شعر ياد اچي رهيو آهي:

کون ہے جس نے مئہ نہیں چھوئی
کون جھوٹی قسم اٹھاتا ہے
مئخانے سے جو بچ نکلتا ہے
تیری آنکھوں میں ڈوب جاتا ہے

رام جواهراڻي: ڀلا لکڻ پڙهڻ جي ”ڪِينئين“ توهان کي ڪيئن ڏنگيو جنهن جي نتيجي ۾ توهان هيڏا ويهي سفرناما لکيا آهن؟
الطاف شيخ: مطالعي جو مونکي ننڍپڻ کان شوق هو. منهنجي ماءُ پي کي به ڪِتابن رسالن پڙهڻ جي عادت هئي ۽ هو مون تي پڙهڻ لاءِ زور ڀريندا رهندا هئا. منهنجو پيءُ جنهن پوني (انڊيا) جي ائگريڪلچر ڪاليج (هاڻ يونيورسٽي) مان B.Sc ڪئي ۽ اٿاڪا (نيويارڪ) جي ڪارنيل يونيورسٽي مان M.Sc ڪئي ۽ جنهن جو ائنٿراپالاجي ۽ Insects دلپسند سبجيڪٽ هئو، اهو پڻ ڪجهه ڪِتابن جو مصنف هو، جهڙوڪ: ماکيءَ جي مک، ماڪوڙي، ڪوريئڙو وغيره. ان کان علاوه هڪ مزاحيه ڪتاب ”گڏهه“ پاڻ ۽ سندس ٽن دوستن: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سيد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ جلباڻي صاحب گڏجي لکيو هو. منهنجو والد مونکي هر وقت سمجھائيندو هو ته: ”فرصت جون گهڙيون لکڻ پڙهڻ ۾ لڳائجن ۽ ان جهڙي ٻي بهتر هابي (وندر) آهي ئي ڪونه.“ سچ اهو آهي ته انهن ڏينهن ۱۹۴۰، ۵۰ ۽ ويندي ۶۰ واري ڏهاڪي ۾، نه هيون ٽي ويون ۽ نه ڪمپيوٽر. اسانجي سڄي شهر ۾ فقط هڪ مهاڻن جي گهٽيءَ ۾ خدا ڏني ميربحر جو ٻيڙيون ٻڌڻ جو دڪان هوندو هو جنهن تي پهريون دفعو چاٻيءَ تي هلندڙ ”فونو“ (گرامو فون) ڏٺوسين جنهن تي اڪثر چندر، جيوڻي ٻائي، الهڏني نوناري، ڀڳت ڪنور رام ۽ ڀڳت جاڙو مل جا رڪارڊ پيا هلندا هئا. پوءِ جڏهن آئون ٻارهن کن سالن جو ٿيس ته اسانجي گهر ۾ ريڊيو آيو جيڪو ڪار جي بيٽري تي هليو ٿي. منهنجو هي سڀ ٻڌائڻ جو مطلب اهو آهي ته اسان جي ننڍپڻ جي ڏينهن ۾ ٻارن جو وقت ڪِتاب ۽ رسالا پڙهڻ ۾ گذريو ٿي.

رام جواهراڻي: پوءِ ڀلا توهان لکڻ ڪڏهن کان شروع ڪيو؟
الطاف شيخ: ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ جڏهن آئون مئٽرڪ ۾ پهتس ته پنهنجي ڪاليج جي مئگزين ۽ سنڌي اخبارن جي ٻارن جي صفحي ۽ حيدرآباد مان مقبول ڀٽيءَ جي رسالي ”گلستان“ ۾ ننڍا ننڍا مضمون لکڻ لڳس. انٽر ۾ پهچي آئون پنهنجي ڪاليج جي مئگزين جو ايڊيٽر به ٿيس. سچي ڳالهه اها آهي ته اسانجي ڪاليج جي پرنسپال جو به ان ۾ وڏو هٿ هو. هو (ڪرنل J.H.H ڪومبس) برٽش آرمي جو رٽائرڊ ڪرنل ۽ ٻي جنگ عظيم جو جپاني قيدي (P.O.W) رهيو هو. هو اسان کي هر وقت اها ئي نصيحت ڪندو هو، بلڪه سختيءَ سان ان تي عمل ڪرائيندو هو ته اسان گهڻي کان گهڻا ڪِتابَ پڙهون. هو چوندو هو ته: ”مطالعو ئي هڪ اهڙي هابي آهي جيڪا ماڻهو پيريءَ ۾ به قائم رکي ٿو.“ هو اهو به چوندو هو ته جنهن ماڻهوءَ کي پڙهڻ سان چاهه آهي اهو جنگل ۾ به اڪيلو محسوس نه ڪندو Books are best companions”.

رام جواهراڻي: ڀلا اهو ته ٻڌايو ته توهانکي جهاز تي لکڻ لاءِ وقت ڪيئن مليو؟
الطاف شيخ: توهان بلڪل صحيح ٿا چئو. جهاز تي واندڪائي ملڻ ڏاڍو مشڪل آهي ۽ نه وري لڳاتار سڪون جي زندگي ملي ٿي. روز هڪ جهڙي زندگي ۽ روٽين هجڻ بدران ڪڏهن ماڻهو سمنڊ تي جهاز جي انجڻين جي جهنجھٽن ۾ ورتل رهي ٿو ته ڪڏهن ڪناري جي رونقن ۽ پُر سحر نظارن ۾ ڦاٿل رهي ٿو. بندرگاهه جي مشغول زندگي بعد سمنڊ تي اڃان ٻه چار ڏينهن ٿڪ ٿو ڀڃجي ته ٻيو بندرگاهه اچيو وڃي. مونکي سامونڊي نوڪري ۾ لکڻ جو ڪو ارادو نه هو پر مونسان مختلف ڳالهه درپيش آئي. مون جڏهن سامونڊي نوڪري جي شروعات ڪئي ته منهنجي ڪلاس ميٽ ساٿين کي ته ”گلف“ ۽ ”ڏور اوڀر“ جي روٽ جا جهاز مليا جن ۾ بندرگاهه سگها سگها اچن ٿا .... ٻن ٽن ڏينهن ۾. مثال طور ڪراچي کان ڪوريا وڃڻ دوران ڏيڍ ڏينهن بعد ممبئي ٿو اچي پر جي ممبئي ناهي وڃڻو ته وڌ ۾ وڌ ٽن ڏينهن بعد ڪولمبو (سري لنڪا جو بندرگاهه) اچيو ٿو وڃي. ۽ پوءِ اهڙن ٽن ڏينهن بعد ڪولڪتا يا چٽگانگ ، ۽ پوءِ ٽن چئن ڏينهن بعد پينانگ. ان بعد هڪ ڏيڍ ڏينهن بعد پورٽ ڪلانگ (ڪوالالمپور) ۽ اهڙن ٻن ڏينهن بعد سنگاپور .... پوءِ هڪ ٻئي پويان بئنڪاڪ، هانگ ڪانگ، شنگھائي، دائرين (چين)، ٽوڪيو، نگويا ۽ ڪوريا جا بندرگاهه: پوسان ۽ سيول وغيره. پر شروع وارا سال مونکي U.K ۽ يورپ روٽ تي رکيو ويو ٿي يا USA ڪئناڊا روٽ تي .... اهي ٻئي ڊگهن سامونڊي سفرن واريون routes آهن. ويتر انهن ڏينهن ۾ سئيز ڪئنال (جنهن اسان جي ايشيائي سمنڊ بحر احمر (Red Sea) کي يورپ جي ڀؤنچ سمنڊ (Mediterranean Sea) سان ڳنڍيو ٿي، اهو ڪئنال) اسرائيل ۽ مصرين جي لڙائيءَ ڪري پاڻي جي جهازن لاءِ بند ڪيو ويو هو. ۽ اسان کي ڪراچيءَ مان يورپ يا آمريڪا ڏي هلڻ لاءِ سڄي آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪرڻو پيو ٿي. ان ۾ اسان کي ۱۵ ڏينهن کن وڌيڪَ سامونڊي سفر ڪرڻ ۾ لڳي ويا ٿي. يعني ڪراچي کان ڪوپن هيگن ۾ ۳۰ کن ته ڪراچي کان ڪئناڊا ۴۰ ڏينهن راتيون سمنڊ تي جهاز هلائڻو پيو ٿي.
جهاز تي وقت پاس ڪرڻ لاءِ مون به ٻين ساٿين سان برج پتي راند کيڏڻ شروع ڪئي پر جيئن ته آئون ان ۾ هوشيار نه هوس ان ڪري ڪو به مونکي پنهنجو پارٽنر ٺاهڻ لاءِ راضي نٿي ٿيو. سو جهاز هلائڻ بعد مون پنهنجو پاڻ کي پنهنجي ڪئبن تائين محدود رکيو ۽ وقت پاس ڪرڻ لاءِ ناول پڙهڻ لڳس يا پنهنجن دوستن کي پنهنجي ۽ ٻين جي سفر جا مشاهدا ۽ تجربا لکڻ لڳس. منهنجو پهريون سفرنامو ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ اهڙن خطن جو مجموعو آهي جيڪو ان ئي سال ۱۹۶۹ع ۾ پاڪستان جي رائيٽرس گلڊ طرفان “Best Book of the year” قرار ڏنو ويو. ان ايوارڊ ۽ عبرت اخبار ۾ ڇپجندڙ ڪالمن جي موٽ ۾ ايندڙ خطن مونکي وڌيڪَ لکڻ لاءِ همٿايو ۽ سمنڊ جي ڊگهن سفرن دوران وقت پاس ڪرڻ لا ءِ اها منهنجي مجبوري به هئي.

رام جواهراڻي: ۽ پوءِ ڪجهه سالن بعد توهانکي ڏور اوڀر ۽ گلف جي route تي رکيو ويو. ان بعد ڪناري جي نوڪري شروع ڪيانوَ ته به توهان لکندا رهيائو.
الطاف شيخ: دراصل ڪيترائي سال ڏينهن رات لڳاتار لکڻ مونکي لکڻ جو عادي بڻائي ڇڏيو. آمريڪا روٽ تي وقت پاس ڪرڻ خاطر لکڻ منهنجي مجبوري هئي. جپان روٽ تي مشغول هجڻ ۽ وقت جي کوٽ باوجود لکڻ عادت کان مجبوري هئي جو بنا لکڻ جي مزو نٿي آيو. جپان، چين، ڪوريا، سنگاپور، ٿائلنڊ پاسي قصا ڪهاڻيون به کوڙ هيون جن مان ڪجهه جيستائين لکيم نٿي تيستائين مزو نٿي آيو. لکڻ لاءِ وقت نٿي مليو ته گهٽ سمهي به لکڻ جي هابي پوري ڪيم ٿي. ۽ هاڻ ته لکڻ جي عادت اهڙو اونهو گهر ڪري وئي آهي جو جيئن ڪو موالي بنا نشي جي رهي نه سگهي تيئن اسان بنا لکڻ جي رهي نٿا سگهون. اڄ جڏهن آئون ستر سالن جو ڏاڪو به ٽپي ويو آهيان ته به لکڻ خاطر وقت ڪڍڻ لاءِ ماڻهن سان ملڻ جلڻ، دعوتون اٽينڊ ڪرڻ ۽ ٽي وي ڏسڻ جهڙا ڪم به ڇڏي ڏنا اٿم.

رام جواهراڻي: توهان جا دلپسند ليکڪ ڪير آهن؟
الطاف شيخ: مختلف دورن ۾ مختلف ليکڪ فئوريٽ رهيا آهن. ڪاليج وارن ڏينهن ۾ ۽ سامونڊي نوڪري دوران سمنڊ تي مونکي گهڻي کان گهڻا ڪِتاب پڙهڻ جو موقعو مليو ۽ ڪيترن اديبن جا ته مون سمورا سيٽ پڙهيا. جيئن ته: رچرڊ گارڊن (ڊاڪٽر سيريز)، ارنيسٽ هيمنگوي، سمرسيٽ ماهم، گرهام گريني، وي ايس. نائپال، جان اپڊائيڪ، البرٽ ڪاموز، وغيره وغيره.

رام جواهراڻي: ڪو اهڙو ڪتاب جنهن جون يادگيريون توهانجي دماغ ۾ اڄ به تازيون هجن؟
الطاف شيخ: اوه! رام ڪيترائي ڪِتاب ..... جيڪي مون شاگردي جي ڏينهن ۾ پڙهيا انهن جي سڳنڌ مون کي اڄ به محسوس ٿئي ٿي. دل چوندي آهي ته انهن کي هڪ دفعو وري پڙهان. دل چوندي آهي ته اڄ جا شاگرد يا مطالعي جا شوقين اهي ڪتاب ضرور پڙهن ..... خبر ناهي انهن کي به ايترو مزو ايندو يا نه. انهن ڪتابن مان ڪجهه هن ريت آهن: پرلس ايس بڪ جو Good Earth، والاد مير نبوڪو جو Lolita، بورس پاسٽرناڪ جو ”ڊاڪٽر زهواگو“، ايملي برونٽي جو ”ودرنگ هائيٽس“، هرمن جو ”موبي ڊِڪ“، چارلس ڊڪنس جو ”گريٽ ايڪس پيڪٽيشن“، جين آسٽين جو ”پرائيڊ ائنڊ پريجوڊائس“، ايرڪا جونگ جو Fear of Flight، ۽ خاص ڪري ”باواني جنڪشن“ جيڪو ۱۹۵۴ع ۾ جان ماسٽرس لکيو جنهن جي بنياد تي ۱۹۵۶ع ۾ ڪامياب فلم ٺهي. اها فلم ان هنگاما خيز دور ۾ ٺهي جڏهن انگريز ننڍي کنڊ کي ڇڏي رهيا هئا. ان ۾ يوريشين (Anglo – Indians) جي پريشاني قابلِ ديد آهي. انهن جون وفاداريون هڪ طرف ڇڏي ويندڙ انگريز سان هيون ته ٻئي طرف انڊيا جي اڪثريت آدم شماري سان هيون. فلم ۾ ان وقت جي مشهور ائڪٽريس ”ائوا گارڊنر“ ائنگلو انڊين عورت ”وڪٽوريا“ ٿي آهي جيڪا انڊين آرمي ۾ نوڪري ڪري رهي هئي ۽ فلم ائڪٽر ”اسٽيو وارٽ گرانگر“ ڪرنل روڊني ٿيو آهي. هن فلم جي ڪجهه حصي جي شوٽنگ لاهور ۾ به ٿي هئي جِتي جي هڪ ٻارهن سالن جي ڇوڪريءَ پڻ ان فلم ۾ حصو ورتو هو. بعد ۾ اها ڇوڪري پاڪستان فلم انڊسٽري جي ”نِيلو“ نالي مشهور فلم ائڪٽريس ٿي. نيلو جو اصل نالو ”سنٿيا“ هو جنهن بعد ۾ هڪ پاڪستاني فلمون ٺاهيندڙ ۽ جرنلسٽ رياض شاهد سان شادي ڪئي ۽ پنهنجو اسلامي نالو ”عابده رياض“ رکرايو.
۱۹۶۵ع جي ڳالهه آهي ته شهنشاهه ايران جي پاڪستان ۾ وزٽ تي ان وقت جي مغربي پاڪستان جي گورنر امير محمد خان نيلو کي خاص مهمان اڳيان ڊانس ڪرڻ لاءِ گهرايو. نيلو جي انڪار تي هن کي threat ڏئي ڊيڄاريو ويو ۽ کيس گورنر هائوس ۾ پهچائڻ دوران هن رستي تي خوش ڪشي جي ڪوشش ڪئي ۽ کيس يڪدم اسپتال آندو ويو جِتي ڊاڪٽرن هن جي جان بچائي ورتي. کاٻي ڌر جي مشهور شاعر حبيب جالب ان ظلم تي پنهنجي غم ۽ غصي جو اظهار هن شعر ذريعي ڪيو:

تو کہ نا واقفِ آدابِ غلامی ہے ابھی
رقص زنجیر پہن کر بھی کیا جاتا ہے
بعد ۾ هن جو هي شعر ڪجهه معمولي تبديلين سان فلم ”زرقا“ ۾ استعمال ڪيو ويو.

رام جواهراڻي: ڀلا انهن انڊين ليکڪن بابت ٻڌايو جيڪي انگريزيءَ ۾ لکن ٿا؟ توهان کي ڪهڙو پسند آهي؟
الطاف شيخ: حقيقت اها آهي ته ڪاليج جي ڏينهن کان وٺي اڄ تائين مون لاءِ بهترين افسانوي يا غير افسانوي انگريزي ناول اهي آهن جيڪي ننڍي کنڊ جي ماڻهن لکيا آهن يا انهن انگريزن جيڪي انڊيا ۾ ڄاوا يا اتي وڏو عرصو گذاريائون. جيئن ته E.M Foster (ايڊورڊ مورگن فاسٽر) جنهن جو ناول A Passage to India آهي، يا رڊيارڊ ڪپلنگ آهي جنهن جا ڪتاب. منڊالي، ڪِم، گنگادين ۽ Plain Tales from the hill آهن.... جان ماسٽرس جو ڀاواني جنڪشن، وئلري جو ”زميندار“ يا J.G Farrell جو The Siege of Krishanapur آهي.
انڊيا جي رهاڪن مان ڪجهه جن جا ناول مونکي تمام گهڻا وڻيا، هن ريت آهن: انيتا ڊيسائي ۽ سندس ڌيءَ ڪرن ڊيسائي، وڪرم سيٺ (A Suitable Boy)، روهنٽن مستري (ٽيلس فرام فيروز شاهه باغ) ۽ (Such a Long Journey) ان کان علاوه ارونڌاتي راءِ جنهن جا سنڌي ترجما سنڌ ۾ تمام مشهور آهن.... مون سندس فقط هڪ ڪتاب The God of Small Things پڙهيو آهي، آر. ڪي ناراين ـــ منهنجو تمام گهڻو دلپسند ليکڪ آهي جنهن جو ڏکڻ هندستان جي شهر ”مال گودي“ جي پس منظر ۾ ناول بيحد مشهور آهي.... نراد چوڌري جنهن جي لکيل هڪ اڻ ڄاتل انڊين جي آتم ڪهاڻي the Autobiography of an Unknown Indian جنهن ۾ دراصل سندس ذات جا ئي تجربا ۽ مشاهدا آهن.

رام جواهراڻي: ڀلا انڊين انگريزي شاعرن بابت ڇا خيال آهي؟
الطاف شيخ: منهنجي شاعريءَ ۾ شروع کان ڪا گهڻي دلچسپي نه رهي آهي. بس ڪڏهن ڪڏهن، خاص ڪري سمنڊ تي جڏهن مون وٽ پڙهڻ لاءِ ٻيو ڪجهه نه هوندو هو ته پوءِ شاعري تي به نظر ڦيريندو رهيس ٿي ..... ڪجهه انڊين شاعر جن جي مون انگريزي شاعري پڙهي ۽ ٿوري سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي هن ريت آهن: آرون ڪولاتڪار، Nissim Ezekiel، ڪملا داس، دليپ چتري ۽ انهن ۾ توهان رابندر ناٿ ٽئگور کي به شامل ڪري سگهو ٿا.

رام جواهراڻي: منهنجي خيال ۾ توهان ملئي ۽ جپاني ادب به ڪافي پڙهيو آهي.
الطاف شيخ: آئون ملائيشيا ۾ تمام وڏو عرصو رهيو آهيان پر افسوس جو ملئي ادب انگريزي، اڙدو يا فارسي وانگر ڪو مالا مال ناهي. ملئي شاعريPantuns  پڙهڻ جوڳيون آهن. ۽ جيڪڏهن توهان ملئي ٻولي کان واقف آهيو ته وڌيڪَ Enjoy ڪري سگهو ٿا. پنتون ملئي شاعريءَ جو قسم آهي جيئن رباعي يا چؤسٽو. هن ۾ چار سٽون ٿين ٿيون جن جو رديف قافيوabab  فارم ۾ ٿئي ٿو. مثال طور
Singapura negri baharu,
Tuan Raffles menjadi raja,
Bunga melur, Cempaka biru,
Kembang sekuntum di mulult naga.
سنگاپور هڪ نئون ملڪ آهي
جنهن جو حاڪم جناب رئفلز بڻيو
جاسمين جو گل ۽ فرنگي پاني
ازدها جي منهن ۾ مکڙي مان گل ٿيو.

رام جواهراڻي: ۽ جپاني ادب بابت ڇا خيال آهي؟
الطاف شيخ: جي ها. جپاني ٻولي ادب ۾ تمام امير آهي. جپان سان واسطو قائم ٿيڻ کان پهرين آئون اهو ئي سمجھندو هوس ته جپاني ماڻهو Robots وانگر آهن جيڪي فقط ڪَلَ جو سامان ٺاهي سگهن ٿا. هنن کي ڪي به لطيف جذبات يا احساسات نه آهن. پر هاڻ آئون ادب جي شاگردن کي اها ئي صلاح ڏيندو رهان ٿو ته هو جپاني نثر توڙي نظمَ جا ترجما پڙهن. مون پهرين جپاني ناول جو انگريزي ترجمو “A Sailor who fell from Grace with the Sea” پڙهيو هو. مشيما يوڪيو جي هن ناول منهنجي اندر ۾ سندس ۽ ٻين جپاني ليکڪن جي ڪِتاب پڙهڻ جي تانگهه پئدا ڪئي.

رام جواهراڻي: توهان جا favorite جپاني ليکڪ ڪير آهن جن لاـءِ ٻين کي به پڙهڻ لاءِ Suggest ڪندائو؟
الطاف شيخ: ”مشيما يوڪيو“ سميت منهنجا ڪيترائي دلپسند جپاني ليکڪ آهن. مشيما جا ڪجهه ٻيا انگريزيءَ ۾ ٽاپ ڪلاس ناول آهن: فاربڊن ڪلرس، “The Temple of the Golden Pavilion”، دي سائونڊ ويوز وغيره. اهڙي طرح نتسومي سوسيڪي (۱۸۶۸-۱۹۱۲) به جپان جو بهترين ناول نِگار آهي جنهن جا ناول ”ڪوڪورو“ (Heart)، ڪُوساما ڪُورا (Three Cornered wall) ۽ خاص ڪري ۹۰۰ کن صفحن جو ناول واگاهائي وا نيڪو دي اَرُو (I am a Cat) جپاني سوسائٽي تي طنز وارو ناول پڙهڻ وٽان آهي.
ڪجهه ٻين جپاني ليکڪن جا انگريزي ۾ ترجما ٿيل ناول جن کي پڙهڻ جي صلاح ڏيندس، هن ريت آهن جپان جي نوبل پرائيز جيتڻ واري ياسوناري ڪواباتا ليکڪ جا ناول: سين با زورو (Thousand Cranes)، ياما نو اوتو (The Sound of the Mountain)، ڪيوٽو (The Old Capital)، جوني چيرو تاني زاڪي ليکڪ جا ڪِتاب:The Key ۽ Diary of Old Man ، تيتسو مِي يورا جا ڪِتابَ: Kafka on Shore، نارويجن ووڊ، اي وائلڊ شيپ چيس، The Elephant Vanishes...... وغيره وغيره.

رام جواهراڻي: ۽ جپاني شاعري بابت ڇا خيالُ آهي؟
الطاف شيخ: جپاني شاعري وري به مونکي پسند آهي خاص ڪري ”هائيڪو“. هائيڪو (haiku)جپاني شاعريءَ جو مختصر فارم آهي جيڪو اسانجي ٽيڙو يا ٽه سٽو جيئن ٽن سٽن جو ٿئي ٿو پر هائيڪو ۾ مقرر ۱۷ ماترائون ٿين ٿيون. پهرين سِٽَ ۾ ۵، ٻيءَ ۾ ۷ ۽ ٽينءَ ۾ ۵. مثال طور ماتسو باشو جو هڪ مشهور هائيڪو آهي ته:
Furuike Ya (فُو ـــ رُو ـــ اِي ـــ ڪي ـــ يا) = ۵
Kawazu tobi Komu (ڪا ـــ وا ـــ زو ـــ تو ـــ بي ـــ ڪو ـــ مو) =۷
Mizu no oto (مي ـــ زو ـــ نو ـــ او ـــ تو) = ۵ ماترائون
(هڪ جھونو حوض
هڪ ڏيڏر ان ۾ ٽٻي ٿو هڻي
پاڻيءَ جي ڇلڪڻ جو آوازُ)

رام جواهراڻي: ڪجهه اهم جپاني شاعر جن جي شاعري انگريزيءَ ۾ به ترجمو ٿي هُجي؟
الطاف شيخ: توهان کي ڪيترن ئي شاعرن جا ترجما ملندا. متسو باشو، ڪوباياشي اِسما ۽ يوسا بُوسن .... اهي ٽي جيڪي ايڊو دور جا شاعر آهن بيحد مشهور آهن. انهن جي شاعري اسان وٽ سنڌي ۽ اڙدو ۾ به ترجمو ٿي آهي ۽ انڊيا ۾ ته ڪيترن ئي ٻولين ۾. انهن کان علاوه ڪجهه ٻيا جپاني شاعر جن جو مون انگريزي ترجمو پڙهيو آهي، هن ريت آهي: فُوڪُودا چِيو ني ـــ هائيڪو جي مشهور شاعره تاڪاموري اتسو ـــ هيءَ خاتون شاعره سان گڏ ترقي پسند ليکڪا، تاريخدان ۽ عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪندڙ به آهي. سائيگيو هوشي، مورا ڪامي ڪيجو ۽ هڪ عورت شاعره جنهن کي جپاني توڙي ڌاريان تمام گهڻو پسند ڪن ٿا اها آهي ”اونو نو ڪوماچي“. مون پنهنجن جپان جي سفرنامن ۾ ڪوماچي ۽ ان جي شاعريءَ بابت تمام گهڻو لکيو آهي. هوءَ ”وَڪا“ جي شاعره هئي. وَڪا (Waka)سيدوڪا، تانڪا، چوڪا، ڪاتا اوتا جپاني شاعري جا قسم آهن جيئن اسان وٽ بيت، ٽيڙو، غزل، ڪافي، رباعي وغيره. وَڪا شعر ۾ ۵ سٽون ٿين ٿيون. جن ۾ ۵،۷،۵،۷ ۽ ۷ ماترائون (Syllables) ٿين. مثال طور:
Omoitsutse هن جو ئي سوچي رهي آهيان.
Nureba Ya Hito no هن سان ملڻ ڪارڻ، مون ننڊ ڪئي.
Meitsuramu هو منهنجي اڳيان ظاهر ٿيو.
Yume to Shiriseba منهنجي ڌيان مان نڪري ويو ته اهو خوابُ آهي.
Samezara mashi wo نه ته آئون ننڊ مان هرگز سجاڳ نه ٿيان ها....

جپاني معاشرو مائي ڪوماچي جي محبت جي قصن سان ڀريو پيو آهي. سڀ کان عام قصو سندس فوڪا ڪوسا نالي هڪ شهنشاهي درٻار جي ڪاموري سان عشق جو آهي. ڪوماچيءَ هن سان وعدو ڪيو ته جيڪڏهن هو ساڻس لڳاتار سؤ راتين تائين هم بستري جاري رکندو ته پوءِ هوءَ هن کي سچو عاشق مڃيندي. فوڪا ڪوسو هن وٽ باقاعدگيءَ سان هر رات ايندو رهيو پر اچي اچي آخري راتين ۾ همت هاري ويٺو. ان جي ڏک ۾ هو اهـڙو بيمار ٿيو جو وڃي کٽ تي داخل ٿيو ۽ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. هن جي جواني جي موت تي، چون ٿا ته ڪوماچيءَ به ٽي ڏينهن کن سوڳ ملهايو ۽ اهي ٽي ڏينهن هن ٻي ڪنهن مرد جي ويجھو وڃڻ کان گريز ڪئي.
ڪوماچيءَ جو شاعريءَ جي دنيا ۾ وڏو مقام آهي ۽ کيس عزت بخشڻ لاءِ جپاني حڪومت جپاني چانورن جي هڪ خاص جنس جو نالو سندس نالي پٺيان ”اڪيٽا ڪوماچي“ رکيو آهي. ساڳي وقت جپان جي اڪيٽا شنڪانسين (بليٽ ٽرين) کي پڻ پيار مان ”ڪوماچي“ سڏيو وڃي ٿو.

رام جواهراڻي: انڊو پاڪ کان علاوه توهان ٻيا ڪهڙا ملڪ ڏٺا آهن.
الطاف شيخ: اڄ ڪلهه جهاز هلائيندڙن کي بندرگاهه ۾ رهڻ جا تمام گهٽ موقعا ملن ٿا. اهو ان ڪري جو جتي جهاز ماڊرن ٿي ويا آهن اتي بندرگاهن ۾ ڪارگو لاهڻ ۽ چاڙهڻ جو طور طريقا به ايڏو تيز رفتار ۽ ماڊرن ٿي ويا آهن جو سڄي ڀريل جهاز کي هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ خالي ڪريو وٺن ۽ جهاز اهو بندرگاهه ڇڏي ٻي منزل ڏي روانو ٿيو وڃي. ان نتيجي ۾ جهاز هلائڻ وارن کي بندرگاهه گهمڻ جو موقعو ئي نٿو ملي. اسان جي ڏينهن ۾ يعني ۱۹۶۰ع ۽ ۱۹۷۰ع وارن ڏهاڪن تائين جهاز ته ماڊرن ٿي چڪا هئا پر بندرگاهن جا حالَ پورا سارا هئا. ڪنٽينر سروس شروع ٿي رهي هئي پر جِتي ڪٿي خاص ڪري آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ ڊاڪ لئبر (مزدور) ان جي مخالفت ڪري رهيا هئا جو ٽرڪن مان سامان لاهڻ چاڙهڻ ۾ هنن کي ڏينهن ٿي لڳا ۽ اوور ٽائيم ٺهيو ٿي. ان کان علاوه هنن کاڌي پيتي جي شين جي چوري الڳ ڪئي ٿي. ڪنٽينر بند بند هجڻ ڪري سامان جي چوري نٿي ٿئي ۽ جهاز تي جلد ئي چڙهيو وڃن. سو اسان جي ڏينهن ۾ جهاز کي بندرگاهن ۾ هفتا ڇا ڪڏهن ته جدي، ڊڪار، دبئي، لاگوس جهڙن بندرگاهن ۾ مهينو ڏيڍ به لڳي ويو ٿي ۽ اسان جهاز هلائڻ وارن کي اهو بندرگاهه وارو شهر ۽ ڀر وارا شهر گهمڻ لاءِ ملي ويا ٿي. جيئن جهاز يوڪوهاما ۾ بيٺو هوندو هو ته باءِ بس يا ٽرين ٽوڪيو هليا ويندا هئاسين. يا ڪوبي ۾ هوندو هو ته ٽرين ذريعي اوساڪا ۽ ڪيوٽو به پهچي ويندا هئاسين. سو اسان جهاز هلائڻ وارن کي انهن ڏينهن ۾ گهمڻ ڦرڻ جا خوب مزا هئا ۽ اها چوڻي صحيح ثابت ٿيندي هئي ته Join the Navy, See the World. آئون ان معاملي ۾ به خوش نصيب رهيس جو مون سڄي نوڪري هڪ روٽ تي نه گذاري. سال ٻه آمريڪا ڪئناڊا روٽ تي هوس ته سال ٻه يورپ ۽ يوڪي روٽ تي. ڪڏهن گلف مڊل ايسٽ ۽ آفريڪا روٽ تي ته ڪڏهن پئسفڪ ۽ فار ايسٽ (جپان، چين، ڪوريا، فلپين ملائيشيا وغيره) تي. اهڙي طرح مونکي هر سمنڊ جا گهڻي کان گهڻا بندرگاهه ڏسڻ جو موقعو مليو ۽ ان سان گڏ ننڍڙا ننڍڙا ٻيٽ پڻ، جيئن ته برمودا، بهاما، مالديپ، ٽرنيڊاڊ، توباگو، ڪيپ وردي، لاس پاماس (ڪَناري) وغيره. اهڙي ريت مونکي لکڻ لاءِ گهڻي کان گهڻو مواد ملندو رهيو.

رام جواهراڻي: اڄ تائين توهان ڪيترا سفرناما لکيا هوندا؟
الطاف شيخ: هيستائين منهنجا ۸۲ ڪِتابَ ڇپجي چڪا آهن جن مان ۷۰ کن سفرناما آهن باقي مضمون ۽ ترجما آهن. ٻه ڪِتابَ پهاڪن جا آهن. هڪ انگريزي ۾ Proverbs of Far –East ۽ ٻيو سنڌيءَ ۾ ”رٺي آهي گھوٽَ سان“ انهن ۾ سنڌ ۾ استعمال ٿيندڙ پهاڪن سان گڏ ملئي، چيني ۽ جپاني ٻولين جا به پهاڪا آهن. انهن ٻولين وارا ملڪ: ملائيشيا، چين، هانگ ڪانگ ۽ جپان اهي آهن جِتي منهنجو تمام گهڻو وڃڻ ٿيو.

رام جواهراڻي: توهان جي نظرن ۾ توهان جو سڀ کان بهترين ڪِتاب ڪهڙو آهي ۽ ڇو؟
الطاف شيخ: هر ليکڪ کي پنهنجا سڀ ڪِتابَ پنهنجي ٻارن وانگر سٺا لڳن ٿا. پر منهنجي خيالَ ۾ ايران جو سفرنامو، سعودي عرب جا ٻه سفرناما (”اي روڊ ٽه مدينه“ ۽ ”ڀلي پار تان ڀيرو“) ۽ انڊيا جا ٽي سفرناما (”دهلي جو درشن“، ”هلي ڏسجي هندستان“ ۽ ”بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾“) شايد بهترين هجن جو انهن جا ڪيترائي ڇاپا اچي چڪا آهن. مون ملائيشيا ۽ جپان تي به ڪيترائي سفرناما لکيا آهن... گهٽ ۾ گهٽ پنج پنج هر ملڪ تي .... اهي شايد ان ڪري پسند ڪيا وڃن ٿا جو اسانجي ماڻهن جو انهن ملڪن ڏي وڃڻ جو گهڻو رجحان آهي. منهنجي ڪجهه ڪِتابن جون گهڻيون ايڊيشنون شايد ان ڪري به نڪرن ٿيون جو اهي مختلف يونيورسٽين جي B.A ۽ M.A ڪورسن لاءِ رکيل آهن. جيئن ته ”دنگي منجهه درياهه“ ڪراچي يونيورسٽي ۾، ”هي ٻيٽ هي ڪنارا“ سنڌ يونيورسٽي ۾ ۽ ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل“ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾. منهنجو ڪِتاب ”موج نه سهي مڪڙي“ انهن سامونڊي سفرن جو آهي جن ۾ طوفان آيا، خراب سمنڊ مليو، جهازن جا حادثا ٿيا، راهه ڀٽڪي وياسين ۽ ٻيون Tragedies آهن. ٻه سفرناما جن تي مونکي ڪافي محنت ڪرڻي پئي اهي آمريڪا جا آهن: ”نيو هالا کان نيويارڪ“ ۽ ”بخشو لغاري کان بالٽيمور“. هنن ۾ مون انهن بندرگاهن ۽ شهرن جو احوال لکيو آهي جن ۾ ۳۵ سال اڳ آئون جهاز ذريعي ايندو هوس. هنن سفرنامن ۾ ماضي جي حالتن ۽ ماڻهن سان حال جي ڀيٽ ڪئي اٿم.

رام جواهراڻي: انهن مهماتي حادثن بابت ٻڌايو جيڪي توهان کي سامونڊي زندگي ۾ پيش آيا.
الطاف شيخ: سامونڊي زندگي اڄ به گلن جي سيڄ ناهي. جهاز کڻي ڪهڙا به ماڊرن ٿي ويا آهن پر ته به سامونڊي طوفانن ۽ حادثن جي سَٽ نٿا جھليو سگهن. ۽ جڏهن توهان ڏينهن رات لڳاتار ٻارهن سال دنيا جي مختلف سمنڊن تي جهاز هلائيندا رهو ۽ اهو ئي سوچيو ته توهان کي هر وقت Smooth Sailing ملندي، نا ممڪن ڳالهه آهي. سمنڊ تي جِتي بَهاري وارا ڏينهن ملن ٿا ۽ دل باغ باغ ٿيو وڃي اتي سخت ڏکيا ڏينهن ۽ مايوسيءَ واريون حالتون به اچن ٿيون. ڏٺو وڃي ته اسانکي پگهار اهڙن مشڪلن کي دليري، عقلمندي ۽ تجربي جي آڌار تي منهن ڏيڻ جو ئي ملي ٿو. منهنجا سڀ سفرناما اهڙن کٽن مٺن تجربن جو مجموعو آهن. هاڻ جيتوڻيڪ آئون رٽائرڊ زندگي گذاري رهيو آهيان ۽ جهاز هلائڻ ڇڏي ڏنو اٿم پر پراڻن ڏينهن جون ڳالهيون هر وقت ياد اينديون رهن ٿيون جن کي مختلف رسالن ۽ اخبارن لاءِ لکندو رهان ٿو.

رام جواهراڻي: انسانيت جي لحاظ کان توهان کي ڪهڙي ملڪ جا ماڻهو بهترين لڳا؟
الطاف شيخ: هون! ترسو ته ان بابت سوچيان! دراصل اسان ايشين، خاص ڪري ننڍي کنڊ جا رهاڪو هر ڳالهه ۾ بيحد حساس آهيون .... هر ڳالهه ۾ اسان پنهنجو پاڻ کي اعليٰ سمجھون ٿا. اسان کي بنا ڪنهن سبب جي هروڀرو مغرب وارن سان ساڙ ۽ چڙ آهي. هر وقت هنن تي ڏمريا وتون. پر منهنجي خيال ۾ سچائي اها آهي ته مغرب جا گهڻا ماڻهو بهترين آهن. ٻئي جو خيال ڪرڻ ۽ انسان ذات لاءِ عزت ڪرڻ هنن جي اولين ترجيح آهي. ايترقدر جو اسان جهڙا ايشيائي يا آفريڪن ملڪن جا سياح يا پناهه گزين مغرب جي ملڪن ۾ پاڻ کي با حفاظت ۽ آزاد سمجھن ٿا. انهن ملڪن جي امن امان جي حالت توڙي انصاف هر هڪ لاءِ آهي ... ويندي جانورن لاءِ به آهي. ڌارين ملڪن ۾ رهائش دوران سئيڊن، ناروي، ڊئنمارڪ، فنلنڊ .... ۽ ويندي انگلنڊ، هالنڊ ۽ بيلجم جهڙن ملڪن ۾، مون بيحد گهڻو سڪون ۽ شانتي محسوس ڪئي. ان خيال کان اسانجو ايشيائي ملڪ ”جپان“ به هڪ بهترين ملڪ آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته اڄ ڪلهه نسل پرستي جو ڀوت جِتي ڪٿي پنهنجو ڳاٽ مٿي ڪري رهيو آهي. پر ان ۾ به آئون ڏسان پيو ته اسان ايشين ۽ آفريڪن جو ڏوهه آهي جنهن ڪري مڪاني ماڻهو اسان سان نفرت ڪن ٿا. اسان جي غير قانوني حرڪتن ۽ منفي سوچن ميزبان ملڪن کي ڊسٽرب ڪري رکيو آهي. اسان جڏهن مغرب جي ملڪن ۾ رهڻ لاءِ پهچون ٿا ته ان وقت اهو ئي بهانو ڪريون ٿا ته اسان پنهنجي ملڪ جي سسٽم ۽ ڪلچر مان خوش نه آهيون .... ٻئي جي ملڪ ۾ رهائش حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترا ته ويندي پنهنجي دين ڌرم جي به شڪايت ڪن ٿا پر پوءِ ڌارئين ملڪ جي شهريت/پاسپورٽ ۽ بنيادي حق حاصل ڪرڻ بعد اسان پنهنجو ڪلچر، رسم و رواج ۽ سوچون مقامي ماڻهن تي ٿاڦڻ شروع ڪريون ٿا.

رام جواهراڻي: هڪ دفعي توهان اسپين جي هڪ سنڌي دڪاندار جو احوال لکيو هو ته هن ڪيئن توهان کي بيوقوف ٿي بڻايو. اها ڳالهه وري ٻڌائجو.
الطاف شيخ: منهنجي خيال ۾ اهو ڪَناري (Canary) ٻيٽن جي هڪ مشهور ٻيٽ لاس پاماس (Las Palmas)جو واقعو هو. اسپين ۽ پورچوگال بعد اتر ائٽلانٽڪ سمنڊ شروع ٿئي ٿو جيڪو نيويارڪ ۽ ڪئناڊا تائين هليو وڃي ٿو. ڪَناري ٻيٽن جو جھڳٽو هن سمنڊ ۾ آهي جِتي جي سٺي موسم ۽ هر شيءِ ٽئڪس فري هجڻ ڪري ٻارهوئي سياح (ٽوئرسٽ) ايندا رهن ٿا .... خاص ڪري لاس پاماس ٻيٽ تي جيڪو سڀ ۾ وڏو ٻيٽ ۽ بندرگاهه پڻ آهي. اسان به يورپ کان واپس ڪراچي ايندي يا اڳتي آمريڪا ۽ ڪئناڊا ڏي ويندي سفر جو سيڌو سامان ۽ جهاز لاءِ تيل ۽ پاڻي وٺڻ لاءِ پنهنجي جهاز کي لاس پاماس ۾ ضرور لنگر انداز ڪندا آهيون. هن پاسي اچڻ کان اسان پنهنجن سينئر جهازين کان هن بندرگاهه بابت ٻڌو هو ته لاس پاماس خريدارن لاءِ جنت آهي جيئن ڪنهن زماني ۾ (جڏهن اسان اسٽوڊنٽ هئاسين) ته يمن جي بندرگاهه عدن لاءِ اهي جملا ٻڌبا هئا.
لاس پاماس گهمڻ مهل مون ۽ منهنجي دوستن سڀ کان پهريون ڪپڙو خريد ڪرڻ ٿي چاهيو. Esclaeritas ايوينيو تي ”ڪُئين وڪٽوريا“ اسپتال جي ڀرسان جيڪو پهريون وڏو دڪان هو ان ۾ گهڙياسين. دڪاندار اسان کي دڪان ۾ ويلڪم ڪندي پڇيو ته آيا اسين ٽوئرسٽ آهيون ياSailor (جهازي)؟ هن اسان کي اسٽولن تي وهاري ڪول ڊرنڪ آفر ڪئي جيئن اسان آرام سان ويهي ڪپڙي جي چونڊ ڪريون. اسان جي گفتگو انگريزي ۾ هلي رهي هئي ۽ اسان ٿڌي ٿڌي ڪولڊ ڊرنڪ ۽ دڪندار جون مٺيون مٺيون ڳالهيون ٻڌي ٺري رهيا هئاسين. ائين ٿي لڳو ته دنيا جي تختي تي هن جهڙو ڪو ٻيو اسان جو همدرد ٿي نٿو سگهي. اسان ڪجهه ساڙهين ۽ ڪچي ڪپڙي جي چونڊ ڪئي ۽ هاڻ جڏهن اسان اگهه کي فائنل ٿي ڪيو ته دڪان جو مالڪ جيڪو اسان کي منهن ڏئي رهيو هو, ٽيليفون جي گهنٽي وڄڻ تي ڪائونٽر تي رکيل فون کي کڻڻ لاءِ اٿيو. ان دوران هن پنهنجي هڪ سيلز مئن کي اشارو ڪيو ته اسان کي ڏسي ۽ پاڻ اسپيني زبان ۾ فون تي پنهنجي ڪنهن پراڻي دوست سان ڪچهريءَ ۾ مَحو ٿي ويو. اسان کي دل ۾ اهو ئي آيو ته هن سيلز مئن کي اسان سان ڪهڙي همدردي .... اهو ته مالڪ هئو جيڪو اسان سان مِٺو مِٺو ڳالهائي رهيو هو ۽ اسان کي اميد هئي ته هو اسان کي ضرور ڊسڪائونٽ اگهه تي بل ڏيندو. اسان هن سيلز مئن مان بلڪل غير مطمئن هئاسين ۽ اسان مان هڪ دوست ته رڙ ڪري باس کي چيو ته “It will be nice if you let us know the final price” (بهتر اهو ٿيندو جي آخري اگهه جو تون ئي فيصلو ڪر.) اها اسان لاءِ بلڪه فقط مون لاءِ بيحد حيرت انگيز ڳالهه ٿي جڏهن دڪان جو مالڪ جيڪو اسان سان صاف انگريزي لهجي ۾ ڳالهائي رهيو هو ۽ پنهنجي دوست يا ساهيڙيءَ سان فون تي اسپيني ۾ گفتگو ڪري رهيو هو تنهن فون تي هٿ رکي اسان جي خذمت ۾ بيٺل سيلز مئن کي نج سنڌيءَ ۾ چيو: ”اڙي لڇو! هي چريا سيلر (Sailors) اٿئي. پئسو جام هوندن ٻه چار پسيتا (اسپيني رپيا) وڌيڪَ ئي هڻجان.“ پنهنجي سيلزمئن کي اهو چوڻ بعد اسان کي انگريزيءَ ۾ چيو:
Sir you don’t worry. I have instructed my man to charge you the lowest possible.
هن جي اهو چوڻ تي مونکان ٽهڪ نڪري ويو ۽ کيس سنڌيءَ ۾ چيم ته ”سرڪار مون توهان جا راز وارا ڳجھا انسٽرڪشن decipher ڪري ورتا.“
اهو ٻڌي هو تمام گهڻو پريشان ٿي ويو. آخر منٿون ميڙيون ۽ بهانا گهڙي معافيون وٺي اسان کي جنهن آخري اگهه تي وڪيائين اهو واقعي discount اگهه هو. ساڳي وقت هن پنهنجي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ته آئون سنڌ کان آيو آهيان. هو ڪا دير مونکان پنهنجي ڏاڏاڻي ڏيهه سکر ۽ شڪارپور جون خبرون پڇندو رهيو. هن ٻڌايو ته هي پهريون دفعو آهي جو هن جي ڪنهن سنڌي جهازي آفيسر سان ملاقات ٿي آهي. دراصل اها مون لاءِ به خوشگوار حيرت هئي ته سنڌ جا ماڻهو واپار خاطر ڏورانهن ڏيهن کان اچي نڪتا آهن. لاس پاماس جهڙي هڪ ڏورانهين ٻيٽ تي پنهنجو ڌنڌو ڄمائڻ ڪا سولي ڳالهه ته نه آهي.
بعد ۾ ان ساڳي سفر (Sea Voyage) جي واپسي تي ائٽلانٽڪ سمنڊ جي هڪ ٻئي ڏورانهين ٻيٽ ”ڪيپ وردي“ تي پڻ منهنجي هڪ سنڌي دڪاندار سان ملاقات ٿي. هي هڪ پورچو گالي ٻيٽ آهي يعني پورچوگال جي قبضي ۾ آهي جيڪو ائٽلانٽڪ سمنڊ جي بالڪل خطرناڪ هنڌ تي آهي جنهن جي ائپروچ به ڏکي آهي يعني بندرگاهه ۾ گهڙڻ واري هنڌ تي سمنڊ اندر ٽڪريون آهن جن سان بيخياليءَ ۾ جهاز ٽڪرائي پرزا پرزا ٿي سگهي ٿو. اسان به امرجنسي جي حالت ۾ هن ٻيٽ ۾ اچي لنگر انداز ٿياسين. اتي جي هڪ سنڌي دڪاندار کان اهو ٻڌي حيرت ٿي ته هن جا وڏا ۱۹۳۰ع ڌاري هن ٻيٽ تي اچي رهيا. انهن ڏينهن ۾ ڪاٺ جي ٻيڙن ۾ هن هنڌ تي پهچڻ وڏي دل گردي جي ڳالهه آهي .... ڇو جو هتي پهچڻ اڄ به خطرناڪ ۽ جوکم جو ڪم سمجھيو وڃي ٿو.
بهرحال مٿيان ٻئي ٻيٽ لاس پاماس ۽ ڪيپ وردي وري به يورپ جي ويجھو آهن. انگريزن جي انڊيا تي حڪومت هجڻ ڪري انگلينڊ ۽ يورپ ڏي جهازراني عام هئي. پر حيرت ٿي ٿئي ته ان دور ۾ ڪيترا سنڌي هندو دڪاندار بزنيس خاطر سڄو ائٽلانٽڪ سمنڊ لتاڙي آمريڪا ۽ ڪئريبين سمنڊ جي ٻيٽن تي اچي نڪتا هئا. ان ساڳي سفر دوران نيو اورلينس (آمريڪا) کان برازيل ڏي ويندي اسانجو جهاز برمودا واري ٽڪنڊي ۾ خراب ٿي پيو ۽ اسان ان کي برمودا ٻيٽ جي بندرگاهه هئملٽن ۾ وٺي ويا هئاسين. اتي هڪ سنڌي فئملي سان ملاقات ٿيڻ تي مون اچرج جو اظهار ڪيو ته هو واپار خاطر ڪيترو ته پري کان اچي نڪتا آهن. بصرو ۽ بخارا ته وري به ويجھا آهن پر برمودا ۽ بهاما جهڙا ٻيٽ ته ڄڻ دنيا جي ٻي ڪنڊ تي ٿيا! ان تي هن فئملي جي ڪراڙي چيو ته: ”بابا! سنڌي هندو واپاري توهانکي جتي ڪٿي ملندا. هو سمنڊ جي ڇولين ۽ طوفانن کان نٿا ڊڄن.“.
۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪجهه سالن اندر مختلف جهازن ۽ مختلف سمنڊن تي رهڻ بعد مون ڏٺو ته ڪولمبو، هانگ ڪانگ، پينانگ ۽ سنگاپور ۾ ڪراچيءَ کان به وڌيڪَ سنڌي دڪاندار نظر آيا. سامونڊي نوڪري دوران منهنجي ڪيترن ئي وڏن وڏن واپارين: هردراني، قيمتراءِ، پوهومل برادرس، چوٽڙمل، چيلارام، واتو مل ۽ ٻين سان جاوا، جپان، جبرالٽر، سوٽا، قبرص، فجي، بالي ۽ برما ۾ ملاقاتون ٿيون.

رام جواهراڻي: توهان ان وقت جي اهم سنڌي واپارين جا انٽرويو نه ورتا؟
الطاف شيخ: نه ان وقت اهڙي ڳالهه ڌيان ۾ نه آئي. هينئر توهانجو سنڌي اهم شخصيتن جي انٽرويوئن جو ڪتاب Global Sindhisپڙهي سوچيان پيو ته ان وقت جي همت ڪري ويهه پنجويهه اهم واپارين جا انٽرويو وٺان ها ته اڄ اها Collection بيحد دلچسيپ ۽ تاريخي ثابت ٿئي ها. بهرحال ائين مختلف سفرنامن ۾ ڪجهه جو احوال ضرور اچي ويو آهي جيئن هانگ ڪانگ جي ”ڪي ـــ سيتل“ ۽ ”هري نارومل هريليلا“ جو، ملاڪا جي ”پارواڻي“ ۽ ڪوالالمپور جي ”تان سري ڪِشو“ جو، سنگاپور جي ”هرڪشن ڀوڄواڻي“ ۽ يوڪوهاما (جپان) جي ڪپڙي جي واپاري ”پمو مل“ جو.

رام جواهراڻي: توهانجا ڪيترائي دوست مختلف ملڪن ۾ سفير ٿي رهيا آهن. ڇا توهان کي ڪڏهن اهو شوق نه ٿيو ته توهان به مختلف ملڪن ۾ سفير ٿي رهو ها.
الطاف شيخ: نه آئون اڄ به Sailor جي حيثيت ۾ دنيا جا ملڪ گهمڻ کي ترجيح ڏيان ٿو. اهو ان ڪري جو سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهمڻ ڦرڻ ۽ لکڻ جي آزادي نٿي رهي. اڳتي هلي مون ٽيچنگ اختيار ڪئي .... ان ۾ ته مونکي لکڻ پڙهڻ لاءِ اڃان به وڌيڪ وقت ۽ موقعا مليا.

رام جواهراڻي: توهان جڏهن به سفر تي نڪرو ٿا ته سفرنامو لکڻ تي محنت ڪريو ٿو. ڪڏهن توهان سفر دوران آرام ۽ Enjoy ڪرڻ لاءِ به وقت ڪڍيو؟
الطاف شيخ: سچ پڇو ته سفر دوران مون لاءِ اها ئي مزيدار ڳالهه آهي ۽ ان کي enjoyment ٿو سمجھان ته مختلف ماڻهن کان خبر چار پڇندو رهان، تاريخي جاين ۽ مقامي ڪلچر بابت ڄاڻ وٺندو رهان جيئن وطن پهچي سفرنامو لکڻ لاءِ مون وٽ گهڻي کان گهڻو مواد هجي. هڪ دفعي آئون بيمار ٿي پيس ته ڊاڪٽر مونکي مڪمل آرام ڪرڻ لاءِ چيو .... ايتريقدر جو هن مونکي لکڻ پڙهڻ کان به منع ڪئي. پر پوءِ مون ڏٺو ته ائين ڪرڻ سان مونکي وڌيڪَ تڪليف ۽ بيچيني محسوس ٿيڻ لڳي. سو لکڻ پڙهڻ مون لاءِ سزا نه پر خوشي ۽ فرحت آهي.

رام جواهراڻي: توهانجي خيالَ ۾ دنيا جا ڪهڙا ملڪ آهن جيڪي رهائش لاءِ بهترين آهن؟
الطاف شيخ: ۱۹۶۳ع ۾ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان انٽر ڪرڻ بعد مون پنهنجو سنڌ صوبو ڇڏيو ته اڄ تائين آئون مختلف ملڪن ۾ رهندو اچان يا گهمڻ لاءِ ويندو رهان ٿو. منهنجي تجربي ۽ سوچ مطابق اُهي ملڪ بهترين آهن جِتي قانون جي بالادستي آهي جِتي هڪ امير توڙي غريب کي انصاف يڪدم مليو وڃي. ڪئناڊا، آمريڪا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾، خاص ڪري Scandinavian ملڪن: جهڙوڪ ناروي، سئيڊن، ڊئنمارڪ ۾ رهندڙ، اسانجي ايشيائي ملڪن جا رهاڪو immigrants توڙي کڻي هنن جو ڪهڙي به مذهب، ٻولي يا ڪلچر سان واسطو هجي، هو پنهنجي ملڪ کان وڌيڪَ پُرسڪون زندگي گذارين ٿا. هو آزاد محسوس ڪن ٿا. ائين ته ڏٺو وڃي ته سخت قانونن ڪري ڪيترن ئي عرب ملڪن جهڙوڪ دبئي، سعودي عرب، ڪويت وغيره ۾ اسان جا ماڻهو خوف بنا زندگي بسر ڪن ٿا. رستي هلندي ڪو هنن جو پرس نٿو ڦري، رات جو ڪو ڀت ٽپي گهر کي صاف نٿو ڪري، اغوائن ۽ قتلن جون وارداتون ائين عام نه آهن جيئن اسان وٽ آهن .... ان ڪري اسانجي ملڪ جو پورهيت توڙي واپاري پنهنجي ملڪ کان وڌيڪَ عرب ملڪن ۾ سڪون محسوس ڪري ٿو. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اعليٰ قسمَ جو انصاف نه آهي. عرب ملڪن ۾ اسان جا ايشيائي ماڻهو ..... خاص ڪري ننڍي کنڊ جا مقامي عربن کان نيچ سمجھيا وڃن ٿا. عربن لاءِ اڇي کل وارا يورپي، انگريز، آمريڪن وري به اتم آهن .... بلڪه ڪجهه زياده ئي اتم آهن.
ايشيا جا ٻيا ملڪ: جپان، ملائيشيا، سنگاپور ۽ وڌيڪَ ڏکڻ ۾ آسٽريليا ۽ نيوزيلئنڊ رهائش لاءِ بهتر ملڪ آهن. پر اڄ ڪلهه جِتي ڪٿي وڌندڙ دهشتگردي بيروزگاري، مهانگائي ۽ ثقافتي تعصب ڪري هنن ملڪن ۾ نسل پرستي ڪَرَ کڻي رهي آهي ۽ ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي گهٽ سَٺو وڃي ٿو.
اڄ کان اڌ صدي اڳ ڪيترن ئي يورپي ملڪن ويندي آمريڪا ۽ انگلنڊ ۾ هميشه لاءِ رهائش اختيار ڪرڻ پاڪستان ۽ هندوستان جي ماڻهن لاءِ آسان ڪم هو. پر هاڻ ته اسان جي ماڻهن کي بنگلاديش ۽ نيپال وارا به رهڻ نٿا ڏين. گهمڻ لاءِ به اڳواٽ ويزا وٺڻي پوي ٿي. ڪيترا ملڪ ته اها به تڏهن ڏين ٿا جڏهن هنن جو پنهنجو ماڻهو اسانکي اسپانسر ڪري .... يعني ذمو کڻي ته هو اسانجي هر ڳالهه لاءِ جوابدار رهندو. هونءَ اسان ماڻهن لاءِ گهمڻ توڙي بزنيس لاءِ وري به ايران ۽ ڪجهه حد تائين انڊيا بهترين ۽ سستا ملڪ آهن. انهن ملڪن ۾ تعليم ۽ ميڊيڪل جو معيار به تمام اتاهون آهي. کاڌي پيتي ۽ سواريءَ جا اگهه به تمام گهٽ آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انڊيا ۾ ڪجهه علائقا آهن جِتي بدامني آهي ۽ هندو مسلم فسادن جون خبرون اچن ٿيون، سرڪاري ڪامورا خاص ڪري پوليس رشوت به وٺي ٿي پر گذريل ڪجهه سالن کان هندستان جي حڪومت انهن براين کي گهٽائڻ جي ڪوشش ۾ لڳل آهي ۽ ڪافي حد تائين ڪاميابي به حاصل ڪئي آهي. مون جهڙو هڪڙو سياح ان جي شاهدي ڏئي سگهي ٿو ته انڊيا گذريل ڏهاڪي اندر تمام گهڻي معاشي ۽ سماجي ترقي ڪئي آهي. دهلي، ممبئي، بنارس، آگره، لکنؤ، امرتسر، پوني ۽ بڙودا جهڙن شهرن ۾ ان ترقي ۽ جديدپڻي جي جھلڪ صاف نظر اچي ٿي.

رام جواهراڻي: توهان ويجھڙائيءَ ۾ پوني ۽ ممبئي ۾ رهي چڪا آهيو. توهان جو ان بابت ڇا تجربو آهي؟
الطاف شيخ: آئون پوني واري ٽرپ ڪڏهن به وساري نه سگهندس. ننڍپڻ کان وٺي اسان هن شهر (پوني) جو نالو پنهنجي ڏاڏيءَ کان ٻڌوسين جنهن پنهنجو اڪيلو پٽ (منهنجو والد گل محمد شيخ) پوني جي ائگريڪلچر ڪاليج (هاڻ يونيورسٽي) مانB.Sc ڪرڻ لاءِ موڪليو هو. مونکي خوشي آهي ته مونکي پوني جهڙو تاريخي ۽ تعليمي شهر ڏسڻ جو موقعو مليو .... ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پوني کي Oxford of the East يا ”آڪسفورڊ آف انڊيا“ سڏجي ٿو ڇو جو هِتي تمام گهڻا تعليمي ادارا آهن جن جو تعليمي معيار تمام بلند آهي. آٽو موبائيل ڪارخانن ڪري هي شهر (پوني) Detroit of India پڻ سڏجي ٿو. ۽ هاڻ وڌندڙ انفارميشن ٽيڪنالاجي ڪري پوني شهر کيQueen of Deccan  به سڏجي ٿو.
منهنجي لاءِ اها به خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته پوني شهر ۾ دادا جشن جو مهمان ٿي رهيس جنهن جا ليڪچر آئون اڪثر سوني T.V تان ٻڌندو آهيان. انهن ڏينهن ۾ پوني ۾ ”صوفي ازم“ تي سيمينار هلي رهيو هو جنهن جي صدارت لاءِ مونکي عزت بخشي وئي. هي پهريون موقعو هو جِتي منهنجي گهڻي کان گهڻن سنڌي اديبن ۽ شاعرن سان ملاقات ٿي جيڪي انڊيا ۾ رهن ٿا ..... جيئن ته: مئڊم ريٽا شاهاڻي، ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي، نند ڇڳاڻي، تارا ميراچنداڻي، مڌن جماڻي، ڪملا بوٽاڻي، ڪيولرام گلراجاڻي، وينا شرنگي، اندرا شبنم، نند لال خوبچنداڻي، ڀڳوان بابلاڻي، هري پنکج، گوبند خوشحالاڻي، ڊاڪٽر نارائڻ ڀارتي، دادي ساوتري آڏواڻي (مشهور وڪيل هوتچند آڏواڻي جي زال)، ٽيڪچند مست، پروفيسر ايشوري جوتاڻي، ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻي .... ويندي رام ڄيٺملاڻي صاحب سان ملاقات ٿي.
ممبئي ۾ هفتو کن رهڻ دوران آئون پروفيسر ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي ۽ جئه موتياڻي طرفان وڏي دل سان پيش ڪيل ميزباني وساري نٿو سگهان. ممبئي يونيورسٽي ۾ هڪ ڏينهن منهنجو ”گلوبل سوسائٽي ائنڊ سنڌي“ عنوان تي ليڪچر جو پڻ بندوبست ڪيو ويو هو.
ممبئي ۾ رهڻ دوران مونکي ڪيتريون تاريخي جايون ڏسڻ جو موقعو مليو جيئن ته گيٽ وي آف انڊيا، چرچ گيٽ ريلوي اسٽيسن ڀرسان ڪرافرڊ مارڪيٽ، مٽن روڊ تي شافي مسجد جي سامهون هِتي جي مشهور ”چور بازار“، جُوهو ۽ مئرين ڊرائيو چوپاٽي جا سامونڊي ڪناراBeaches ، مهالڪشمي ڌوٻي گھاٽ، داٻا والا (جيڪي هزارين ماڻهن کي آفيسن ۾ سندن گهران آندل لنچ پهچائين ٿا)، وورلي ڪوسٽ تي حاجي علي جي درگاهه، ايليفنٽا ٻيٽ، فلورا ڦوهارو (دادا ڀائي نائوروجي روڊ تي)، راجا ٻائي ڪلاڪ ٽاور ۽ ڪجهه ٻيون انگريزن جي دور جون آڳاٽيون ۽ تاريخي عمارتون جيئن ته پرنس آف ويلس ميوزيم، ساسون لئبرري، مشهور وڪٽوريا ٽرمينس (V.T) جيڪو اڄ ڪلهه CST يعني چتراپتي شيواجي ٽرمينس سڏجي ٿو، بمبئي هاءِ ڪورٽ وغيره. هي اهي عمارتون، جايون ۽ روڊ رستا آهن جن جا نالا آئون هميشه انگريزي ناولن ۾ پڙهندو هوس يا اڄ به بالي وڊ جي فلمن ۾ ٻڌجن ٿا. منهنجا انڊيا جي سفر تي تازا لکيل ٻه ڪِتاب: ”هلي ڏسجي هندوستان“ ۽ ”بمبئي منهنجي ڀاڪُرَ ۾“ اهڙين جاين بابت تفصيلي احوال آهن.

رام جواهراڻي: سنڌ اندر جيڪو وڏيرا راڄ هو، ان ۾ پاڪستان ٿيڻ بعد ڪا تبديلي آئي آهي؟
الطاف شيخ: آئون نٿو سمجھان ته ڪا بهتري آئي آهي. اڄ به عام ماڻهو سورن ۾ آهي ۽ وڏيرن جي رحم ڪرم تي آهي .... ويتر وڏيرا شاهي پهرين کان مضبوط ۽ هاڃيڪار ٿي پئي آهي. هونءَ ته وڏيرا شاهي ايڏو خراب شيءِ به نه آهي .... آخر جپان ۽ ملائيشيا جهڙن ملڪن ۾ به فيوڊلز آهي .... اسان کان به وڌيڪَ .... پر اتي جا وڏيرا پنهنجي ڳوٺ ۽ پنهنجي ماڻهن جو خيال ڪن ٿا. سندن ٻار اعليٰ تعليم يافته ٿين ٿا ۽ هو عوام جي به تعليم، صحت، امن امان جو خيال رکن ٿا. اسيمبلين جا ميمبر وڏيرا پنهنجي تر جي ماڻهن جي سک ۽ سهولت لاءِ هر وقت آواز اٿاريندا رهن ٿا. پر هيڏانهن اسان وٽ سنڌ ۾ اسان جي بدنصيبي آهي جو اسان جي لالچي وڏيرن کي فقط پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جو فڪر رهي ٿو. هو هر سک پنهنجي لاءِ چاهين ٿا. هو اهو ئي چاهين ٿا ته سندن ٻار بنا ڪلاس اٽينڊ ڪرڻ جي يونيورسٽين جون ڊگريون حاصل ڪن، هو اهو چاهين ٿا ته هنن جا ٻار بنا قابليت جي اعليٰ نوڪريون حاصل ڪن .... ۽ ڪامورا شاهي ۾ به سندن ٻار هجن، اسيمبلين جا ميمبر به اهي هجن، ڪارخانن جا مالڪ به اهي هجن باقي عوام ڀلي بکيو، بيروزگار ۽ بيمار پيو هلي .... هو ڏينهون ڏينهن غربت جي گھاڻي ۾ پيو پيڙهجي .... اهو ئي سبب آهي جو اڄ سنڌ جهڙي جاهليت، غربت ۽ بدحالي آفريڪا جي گئمبيا، ڪانگو، ملاوي ۽ برقينا فاسو جهڙن ملڪن ۾ به نه هوندي.

رام جواهراڻي: انگريز راڄ ۾ سنڌ جي سرڪاري ٻولي سنڌي هئي. ورهاڱي بعد اڙدو ٿاڦي وئي آهي. ڇا ان خلاف سنڌين ڪا مخافت ڪئي؟
الطاف شيخ: اڙدو پاڪستان جي سڀني صوبن جي ڪامن ٻولي آهي ويندي چترال، اسڪردو يا گلگت ۾ ڪو پٺاڻ ۽ هزاروي ملي ٿو ته هڪ ٻئي سان اڙدو ۾ گفتگو ڪن ٿا. بلڪه اڙدو جيڪا انڊيا ۾ هندي سڏي وڃي ٿي سڄي ننڍي کنڊ بنگال کان راجستان تائين ۽ تامل نادو کان ڪشمير تائين ته عام طرح ڳالهائي وڃي ٿي پر دبئي، ايران جي ڪنارن وارن شهرن، مالديپ ۽ نيپال ۾ به ڳالهائي وڃي ٿي. سنڌي سنڌ صوبي جي صوبائي ٻولي ليکي وڃي ٿي ۽ اسان وٽ نه رڳو توهان کان پر اسانجي باقي صوبن جي ٻين ٻولين پنجابي، پشتو ۽ بلوچي کان به وڌيڪَ سنڌيءَ ترقي ڪئي آهي جنهن جي Idea سنڌ مان شايع ٿيندڙ سنڌي رسالن، ڪِتابن ۽ ٽي وي چئنلن مان لڳائي سگهجي ٿي. ڪجهه سال اڳ تائين سنڌ ۾ اڙدو ۽ سنڌي جي وچ ۾ رساڪشي لڳي رهي ٿي ته اسڪولن ۾ فقط سنڌي پڙهائي وڃي يا اڙدو پڙهائي وڃي جيئن گذريل صديءَ جي سٺ واري ڏهاڪي ۾ سنگاپور ۾ رهندڙ ملئي، تامل ۽ چيني وڙهندا رهيا ٿي ته سنگاپور جي اسڪولن ۾ فقط ملئي پڙهائي وڃي.... تامل پڙهائي وڃي.... چيني پڙهائي وڃي.... وغيره. پوءِ سنگاپور جي وزير اعظم ’لي ڪُئان يُو‘ چيو ته توهان سڀني جون ڳالهيون اکين تي چيني، ملئي، تامل ۽ انگريزي ميڊيم جا اسڪول کوليا وڃن جنهن کي جيڪا ٻولي وڻي پنهنجي ٻارن کي ان اسڪول ۾ داخل ڪري ..... ۽ پوءِ ڏٺو ويو ته هر هڪ کي پياري ته پنهنجي مادري زبان هئي پر ان کان وڌيڪَ هنن کي پنهنجي ٻارن جو مستقبل هو. انگريزي ٻوليءَ جي اهميت سمجهي هنن سڀني پنهنجن ٻارن کي کڻي انگريزي اسڪولن ۾ داخل ڪرايو .... ويندي انهن تاملن ۽ چينين جيڪي ٻهراڙي ۽ جنگلن ۾ رهيا ٿي .... انهن ڏٺو ته پنهنجي ملڪ توڙي دنيا ۾ نوڪريون يا پورهيا انهن کي ٿا ملن جن کي انگريزي جي ڄاڻَ آهي. سو اڄ ڪلهه آئون ڏسان پيو ته سنڌ جي ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ به مينهن جي کنڀين وانگر جِتي ڪٿي ٽاين وارا (يعني انگريزي) اسڪول اڀري پيا آهن ۽ هرڪو غريب غربو اهو ٿو چاهي ته هن جا ٻار به اهـڙن اسڪولن مان پڙهي پروفيشنل ڪاليجن ۾ داخلا وٺي سگهن .... ولايت ۾ نوڪريون حاصل ڪري سگهن.

رام جواهراڻي: جي ايم سيد جي تحريڪ آزادي بابت ڇا چوندائو؟
الطاف شيخ: افسوس جو مون ’جي ايم سيد‘ بابت گهڻو نه پڙهيو آهي ۽ نه هن جون تقريرون ۽ جلسا اٽينڊ ڪيا آهن. مون مئٽرڪ ۽ انٽر ۱۹۶۳ع ۾ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان ڪري سنڌ ڇڏي. وچ ۾ هڪ دفعو ۱۹۸۷ع ۾ ٽن مهينن جي موڪل تي سنڌ آيو هوس ته ٻين سياستدانن، اديبن شاعرن ۽ اهم ماڻهن کان انٽرويو وٺڻ لاءِ مليو هوس ته سائينءَ سان به ملاقات ڪيم. پر خبر ناهي ڇو آئون گهڻو متاثر نه ٿي سگهيس .... يا شايد منهنجي expectation گهڻي هئي. اسان سڪرنڊ موري پاسي کان درياهه ٽپي سائينءَ جي ڳوٺ سَن پهتاسين. سن پهچڻ کان اڳ منهنجي دماغَ ۾ اهو هو ته جيئن ته سائين هڪ طاقتور پير جو درجو رکي ٿو، باعزت ۽ اعليٰ ذات مان آهي، تر جو وڏو ۽ پئسي وارو زميندار آهي، سياست ۾ سندن درجو مٿڀرو آهي ۽ ملڪ جا اهم ماڻهو سياستدانن کان فوجين تائين، سرڪاري ڪامورن کان ڪارخانيدارن تائين سندن عزت ڪن ٿا سو سندن ڳوٺ ”سن“ هڪ مثالي ۽ خوشحال هوندو جِتي گهڙڻ سان انگلنڊ جي شهر مانچسٽر يا ملائيشيا جي شهر ملاڪا وانگر ڪارخانن جون چمنيون نظر اينديون جن مان ڪارو دونهون نڪري رهيو هوندو. ملائيشيا جي وڏيرن وانگر سيد صاحب جي هن ڳوٺ ۾ به اسڪولن، ڪاليجن ۽ اسپتالن جون عمارتون هونديون. ماڻهن جي چهرن تي مرڪ هوندي. پر مونکي اهو ڏسي ڏک ٿيو ته ويجھڙائيءَ ۾ گهمي آيل غريب آفريڪي ملڪن: سوماليا، جبوتي، لائبيريا جهڙي اداسي ۽ لاچاري هئي .... آئون اهو ئي سوچيندو رهيس ته جڏهن اسان جي صوبي جو ڳوٺ سَن ئي اهو اوج نه ماڻي سگهيو آهي ته ٻين ڳوٺن جو ڇا حال هوندو جن جا وڏيرا ۽ ڪرتا ڌرتا ظالم ۽ جاهل آهن. مون ان جو اظهار سائينءَ سان به ڪيو. هن دل ۾ ڪرڻ بدران وڏي دل سان منهنجيون ڳالهيون ٻڌيون. هو مونکي بيحد سخي انسان ۽ عوام لاءِ درد رکندڙ لڳو. ٻين وڏيرن ۽ سردارن وانگر سخت مزاج نه پر بيحد سافٽ اسپوڪن هو.

رام جواهراڻي: سنڌ ۾ ايتري بدامني ڇو آهي؟ جو ڪو عزت وارو ماڻهو رات جو اڪيلو گهمڻ لاءِ نٿو نڪري سگهي. هر وقت ڦر ۽ اغوا ٿيڻ جو خوف رهي ٿو.
الطاف شيخ: بدامني جو اهو ئي سبب آهي جو قانون جي بالادستي ناهي ۽ ڪجهه حڪومت جي خراب governance ڪري به آهي. سنڌ جي مقابلي ۾ پنجاب صوبي ۾ حالتون بهتر آهن. اتي آئون ڏسان پيو ته ٽوئرسٽ رات جو به لاهور، اسلام آباد، ڪوهه مري، راولپنڊي، فيصل آباد ۾ هلن چلن پيا جيئن انڊيا ۾ ممبئي، دهلي، لکنؤ، آگرو، پوني مدراس آهي. باقي اسان وٽ گھوٽڪي، قمبر، شهدادڪوٽ، ڪشمور، جيڪب آباد ائين آهن جيئن توهان وٽ منيپور، ميزورام، ميگھاليا ۽ ناگا لئنڊ _ جيڏانهن ورلي ڪو ٽوئرسٽ رخ ڪري ٿو.

رام جواهراڻي: وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏينهن کان شاگرد امتحان ڪاپي ڪري پاس ڪن ٿا. ڇا اها ڳالهه ملڪ ۽ قوم لاءِ نقصانڪار نه آهي؟
الطاف شيخ: بلڪل صحيح ٿا چئو. هڪ ٽيچر جي حيثيت ۾ ته آئون ان کي اڃان به وڌيڪَ خراب ٿو سمجان جو ان ڪري سٺا شاگرد به دلشڪستا ٿيو پون ۽ محنت ڪرڻ ڇڏيو ڏين. ان کان علاوه اسان جي شاگرد کي هر ڪو شڪ جي نِگاهه سان ڏسي ٿوته هن ڪاپي ڪري ڊگري حاصل ڪئي آهي. ان ئي سبب ڪري اسان جي گرئجوئيٽ کي ولايت ۾ نوڪري به ڏکي ملي ٿي.

رام جواهراڻي: انڊيا ۽ پاڪستان جا تعلق سڌارڻ لاءِ توهان ڇا suggest ڪندائو؟
الطاف شيخ : اسان ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي حق ۾ بهتري ان ڳالهه ۾ آهي ته اسان جا پاڻ ۾ سٺا تعلق رهن. ناروي ۽ سئيڊن يا اسپين ۽ پورچوگال وانگر انڊيا ۽ پاڪستان جي ماڻهن ۾ ڪيتريون ئي ساڳيون ڳالهيون آهن، کاڌو پيتو، ڪپڙو لٽو، ٻولي ۽ ڪلچر وغيره. ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته ولايت ۾ پاڪستاني ماڻهو جيترو انڊيا جي ماڻهن سان ويجھڙائي محسوس ڪري ٿو اهڙي هو عربن ۽ ايرانين سان به نٿو ڪري. ٻنهي ملڪن جي حڪومتن کي کپي ته هو تعلقات سڌارڻ جي ڪوشش ڪن ۽ هڪ ٻئي جي ماڻهن کي اچڻ وڃڻ جون سهولتون مهيا ڪن جيئن ٻنهي ملڪن جي ماڻهن کي گهمڻ ۽ واپار جي سهوليت سان گڏ تعليم ۽ صحت جو به فائدو رسي سگهي.

رام جواهراڻي: توهان انڊيا ڪيترائي دفعا آيا آهيو. سياسي ۽ سماجي طرح توهان کي انڊيا ڪيئن ٿو لڳي؟
الطاف شيخ: گذريل ڏهن سالن اندر انڊيا ۾ وڏي تبديلي آئي آهي. انڊيا سماجي ۽ معاشي طرح تيزيءَ سان ترقي ڪري رهيو آهي .... گهٽ ۾ گهٽ اسانجي ملڪ کان ته گهڻو اڳتي نڪري ويو آهي .... نه ته سالن تائين پاڪستاني ۽ انڊين رپيو برابر هو. اڄ انڊيا جو رپيو مضبوط نظر اچي ٿو. جِتي اسانکي هڪ ڊالر خريد ڪرڻ لاءِ ۱۰۳ رپيا ڏيڻا پون ٿا اتي انڊيا وارا اڄ به ۶۰ رپين ۾ ڊالر خريد ڪن ٿا. انڊيا جون يونيورسٽيون ۽ اسپتالون ڏينهون ڏينهن اعليٰ معيار جون ٿينديون وڃن. ايتريقدر جو يورپين ملڪن ۾ رهندڙ انڊين توڙي ايران ۽ ملائيشيا جهڙن بهتر ملڪن جا ماڻهو به پنهنجا ٻار اعليٰ تعليم لاءِ انڊيا موڪلين ٿا. ڪيترا عرب ۽ يورپي علاج لاءِ انڊيا اچن ٿا. امن امان جي حالت به ڏينهون ڏينهن بهتر نظر اچي رهي آهي ۽ ويندي جپاني ٽوئرسٽ، جيڪي تمام گهڻو خبرداريءَ کان ڪم وٺن ٿا اهي به انڊيا ۾ نظر اچن ٿا. منهنجي خيال ۾ ان معاملي ۾ اسانجي ملڪ پاڪستان کي انڊيا کي فالو ڪرڻ کپي ته هو ڪيئن تعليم ۽ علاج جو معيار وڌائي رهيا آهن .... جيئن ۲۰ سال کن اڳ ملائيشيا وارن سنگاپور کي فالو ڪري پنهنجو معيار وڌايو.

رام جواهراڻي: اڄ ڪلهه ڀلا ڪهڙو ڪتاب پڙهي رهيا آهيو؟
الطاف شيخ: اڄڪلهه آئون جپاني ليکڪ ”هائوڪي مُوراڪامي“ جي ناولNoruwei no Mori  جو انگريزي ترجموNorweigian Wood  پڙهي رهيو آهيان. مون هن ليکڪ جا ڪيترا ئي ناول پڙهيا آهن جن مان هڪ يا ٻن کن سنڌي ۽ اڙدو ۾ ترجمو ڪرڻ جو سوچي رهيو آهيان جيئن اُهي ماڻهو جيڪي جپاني ۽ انگريزي ٻولين کان اڻواقف آهن اهي جپاني ادب جي سونهن ۽ اونهائي کان واقف ٿي سگهن. خاص ڪري هن ليکڪ مُوراڪامي جي لکڻين کان، جنهن جا ڪتاب لکن جي تعداد ۾ ڇپجن ٿا ۽ تامل ۽ عربي ٻولين سميت پنجاهه ٻولين ۾ ترجمو ٿين ٿا. ۱۹۸۰ع تائين به اسانکي هن جپاني اديب جي تخليق ۽ ڏات جو ڪو اهڙو قدر نه هو. ۱۹۷۰ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن آئون جهازن تي هوس ته هن همراهه سان ڪوبي ۽ اوساڪا ۾ ٿيندڙ ”يوٿ لٽرري گئدرنگ“ ۾ ڪيترا ئي دفعا ملاقات ٿي. ان بعد ٽوڪيو ۾ جڏهن هن ”ڪَوڪو بُنجي“ علائقي ۾ Peter Cat نالي ڪافي شاپ کوليو ته اتي پڻ عليڪ سليڪ ٿيندي رهي ٿي. انهن ڏينهن ۾(۱۹۷۹ع ۽ ۱۹۸۰ع واري عرصي ۾) آئون به ٽوڪيو ۾ رهيل هوس جِتي مونکي IHI شپ يارڊ ۾ اسانجي جهازران ڪمپني جي نئين ٺهندڙ جهاز جي نگهباني ۽ بعد ۾ ان کي چيف انجنيئر جي حيثيت سان هلائڻ جي ڪم تي رکيو ويو هو. هي شپ يارڊ ٽوڪيو جي بلڪل صدر واري علائقي گنزا ۾ آهي. هروڪي ماروڪامي عمر ۾ مون کان ٻه سال ننڍو آهي. هو جيتوڻيڪ ڪيوٽو ۾ ڄائو پر هن زندگيءَ جو وڏو عرصو اوساڪا ۾ گذريو جِتي هن جو نانو واپاري هو. هن جا والدين .... ماءُ ۽ پيءُ ٻئي پروفيسر هئا جن ”جپاني ادب“ پڙهايو ٿي. هن جو پاڻ به ٽوڪيو جي وسيدا يونيورسٽي ۾ ”ڊراما“ ميجر سبجيڪٽ هو. تعليم دوران هن جي ملاقات مس يوڪو سان ٿي ۽ گرئجوئيشن کان اڳ شادي ڪئي ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ هنن زال مڙسن مٿيون ڪافي شاپ کوليو .... پر پوءِ ۱۹۸۱ع ڌاري هو آمريڪا لڏي ويا.
دراصل هن جپاني اديب مُوراڪامي کي جنهن ڪتاب رات اندر سُپر اسٽار بنائي ڇڏيو اهو هي ڪتاب ”نارويجن ووڊ“ هو. ويجھڙائيءَ ۾ مون هن ناول تي ٺهيل فلم ڪوالالمپور (ملائيشيا) ۾ ڏٺي. اها ۲۰۱۰ع ۾ رليز ٿي هئي جنهن جي ڊئريڪشن فرانس ۾ رهندڙ هڪ ويٽنامي ”ٽران آح هنگ“ ڏني. مُوراڪاميءَ جو پهريون جپاني ناول “Kaze no Uta O Kike” سال ۱۹۷۹ع ۾ ۽ انگريزي ترجمو “Hear the Wind Song” سال ۱۹۸۷ع ۾ ڇپيو. موراڪامي جا ناول جپان توڙي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ Best Sellers هوندا آهن. ۱۹۷۰ع واري ڏهاڪي جي شروع وارن سالن ۾ منهنجي هن سان پهرين ملاقات ٿي ته هي به مون وانگر جپاني ليکڪ ”مشيما يوڪيو“ جو پرستار هو. مشيما يوڪيو جنهن ننڍي عمر ۾ هاراڪِري ڪئي (پيٽ چيري) پنهنجو انت آندو ان وقت تائين جپاني ادب ۾ مشيما يوڪيو جوئي وڏو نالو هو. ڪنهن ٿي ڄاتو ته ڏهه ٻارهن سالن بعد مشيما جو هي عاشق ڇوڪرو موراڪامي ايڏو ته مشهور ٿي ويندو جو مشيما به پٺتي رهجي ويندو.

رام جواهراڻي: آخر ۾ هي انٽرويو ٻڌندڙن ۽ پڙهندڙن لاءِ ڪو نياپو؟
الطاف شيخ: منهنجي خيال ۾ ته اسان کي پنهنجن ٻارن ۾ ڪِتاب پڙهڻ جي عادت وجھڻ کپي. مطالعو هڪ اهڙي هابي آهي جيڪا اسان پيريءَ ۾ به enjoy ڪري سگهون ٿا. ڪِتاب اسان جا سٺا ساٿي آهن.





الطاف شيخ
هڪ ڌرتي سونهون وڻجارو ۽ وايون تنهن وڻجاري جون
سائينءَ جي سالگرهه لاءِ بيشمار محبتن جي هڪ ننڍڙي موٽ خاص
آصف رضا موريو
الطاف شيخ موجودهه دور ۾ دنيا جو مشاق ميرين انجنيئر آهي پر سندس سڃاڻپ دنيا جي هڪ وڻجاري مسافر جي آهي جنهن دنيا جو هر ديس پرديس گهمي مختلف ملڪن جي بندرگاهن، سمنڊن، ٻيٽن جو پاڻي، واري ۽ مٽي جهاڳي اتان جي ماڻهن سان رلي ملي، گهٽي گهٽي، گهاٽ گهاٽ، سماجن، تهذيبن، تمدنن جي مٽي ڳوهي اسان ۽ اسان جي ايندڙ پيڙهين لاءِ ڪتابن جا بيشمار اهڙا مجسما جوڙيا جن سنڌ جي ادبي کيتر کي گهڻو مالامال ڪيو آهي. جيڪڏهن ڳالهه سندس بهادري، ترقي ۽ اورچائي جي ڪجي ته سنڌ جي هن سٻاجهي همراهه جا حوصلا دنيا جو ڪوبه دهشتناڪ درياهه هيڻا ڪري ڪونه سگهيو بلڪ ڌرتيءَ جي هر مهاساگر هن جو صبر، هنر ۽ همتون ڏسي جهيڙي جي سٽ نه سهندي کيس پنهنجي سيني مان پيچرا ڏنا.
ميرين انجنيئر هئڻ سان گڏ الطاف شيخ هڪ لکاري، استاد، سفرنامه نگار، نقشه نويس، فوٽوگرافر، سماج سڌارڪ وغيره به آهي. سندس شخصيت جي جنهن رخ ۽ رنگ کي غور سان ڏسبو ته هو بنيادي طور تي سڀ ڪجهه نظر ايندو. کيس ڪنهن هڪ طرف بيهاري اسان سندس قد ڪاٺ کي گهٽائڻ جي ڪوشش ئي ڪنداسين نه ته هو گهڻ رخو، گهڻ پاسو،اڻ ميو ۽ هڪ انتهائي وڏو ماڻهو آهي. بيشمار دوست پنهنجي لکڻين ۾ کيس ابن بطوطه، مارڪوپولو. ابو بن اڌم، ميگيسٿينز، فاهيان ۽ سنڌباد سيلاني وغيره ڪوٺيندا رهن ٿا پر الطاف شيخ گهڻي لحاظ کان دنيا جي انهن سڀني آبي ۽ زميني آفتن کان نه رڳو مٿاهون آهي پر هن عملي طور تي به انهن سڀني کان گهڻي دنيا جهاڳي آهي، گهڻا جهاز هلايا آهن ۽ انهن مڙني کان گهڻا ڪتاب پڻ لکيا آهن.
الطاف شيخ پنهنجي سفرنامن ۾ زندگي ڀر جي تجربن ۽ مشاهدن جو نچوڙ پيش ڪندو آهي سندس قلم مان نڪتل ڳالهيون انتهائي پر اثر هونديون آهن جن جو مقصد ماڻهن تائين نه رڳو معلومات پهچائڻ هوندو آهي پر پڙهندڙن کي هو پنهنجي سادي سليس لهجي ۾ مختلف ڪردارن ۽ واقعن ذريعي لڀائيندو ۽ پڙهائيندو به نظر ايندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس لکيل سفرناما تاريخي ڪتاب به هوندا آهن ته سياسي، جيولوجي، اوشنولوجي، جاگرافيائي، سماجي ۽ تهذيبي معلومات سان لبريز ادبي فن پارا به جن سان پڙهندڙن جي دل ۾ اهي ملڪ، ماڳ ۽ وستيون گهمڻ جو شوق ڪر کڻي اٿڻ سان گڏ انهن جي دلين ۾ الطاف شيخ جهڙو ٿيڻ جو اتساهه پڻ جنم وٺندو آهي. سندس لکيل سفرنامن جي وڏي ۾ وڏي خوبي انهن جو معلوماتي ۽ تفريحي هئڻ آهي.
الطاف احمد شيخ جو جنم ۽ خاندان
الطاف شيخ جو جنم ۱۴ نومبر ۱۹۴۴ع ڌاري ڳوٺ نئين هالا ۾ ٿيو جيڪو حيدرآباد شهر کان سٺ ڪلوميٽر پري ۽ سنڌو ندي کان ۳ ڪلوميٽر دور اولهه ۾ واقع آهي. سندس والد جو نالو گل محمد شيخ ۽ والده جو نالو مسمات شريفان هيو. سندس والد شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪري هاءِ اسڪول نورمحمد مان ميٽرڪ جو امتحان ڏئي انٽر سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي مان پاس ڪيو. تنهن کان پوءِ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ مهاراشٽر جي پونا يونيورسٽي مان ايگريڪلچرل سائنس ۾ بي ايس سي ڪري امريڪا جي ڪارنيل يونيورسٽي اٿيڪا مان پوسٽ گريجويشن ڪئي. ان سان گڏ هن مسلم لا ڪاليج ڪراچي مان ايل ايل بي جي ڊگري پرائي ڪجهه عرصو ڪراچي ۾ وڪالت ڪئي ۽ پاڪستان سول سروس جو امتحان ڏئي مختيارڪار مقرر ٿيو. تعليم سان دلچسپي سبب ڪامورڪي نوڪري ۾ دل ڪونه لڳس تنهن ڪري ۱۹۵۵ع ڌاري ٽنڊوڄام ۾ وليج ايڊ ڪاليج جو پرنسيپل مقرر ٿيو جيڪو امريڪا جي سهائتا قائم ڪيو ويو هيو پر ڪجهه عرصي کان پوءِ اهو ڪاليج بند ڪيو ويو ته گل محمد شيخ پنهنجي پراڻي مختيارڪار واري نوڪري جي سنڀال ڪئي جتي ترقي ڪندي ڊپٽي ڪمشنر جي عهدي تي پڳو. الطاف شيخ جو والد انتهائي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو هيو جنهن نه رڳو پاڻ سموري عمر علم سان دل لڳائي پر پنهنجي اولاد جي تعليمي تربيت جو گهڻو اونو هئڻ سبب کين بهتر کان بهتر تعليم ڏياري. هو مختلف اخبارن ۾ ڪالم به لکندو رهندو هيو ۽ ڪجهه ڪتاب جهڙوڪ ماکيءَ جي مک، ماڪوڙي، ڪوڙيئڙو ۽ گڏهه وغيرهه پڻ لکيائين.
الطاف شيخ جي تعليم
الطاف شيخ پرائمري تعليم جا چار درجا هالا جي سرڪاري اسڪول ۾ پڙهيا جتي صبح شام پڙهڻ وڃڻو پوندو هيو يعني صبح اٺين کان ٻارهن وڳي تائين. تنهن کانپوءِ ٻه ڪلاڪ موڪل هوندي هئي ۽ وري ٻه وڳي کان پنج وڳي تائين ڪلاس هلندا هيا. پرائمري چار درجا پاس ڪري الطاف شيخ هالا جي اسڪول مخدوم غلام حيدر هاءِ اسڪول ۾ پهرئين انگريزي درجي ۾ داخلا ورتي. ان دور ۾ هاءِ اسڪول مان انگريزي جا ست درجا پڙهي ميٽرڪ ڪبي هئي. الطاف شيخ اڃان انگريزي جي ٻئي درجي ۾ پڙهي رهيو هيو ته نئين کلندڙ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو (پيٽيارو) ۾ چوٿين درجي ۾ داخلا لاءِ اخبارن ۾ اشتهار ڏناويا. الطاف شيخ هڪ سال بعد ٽيون درجو پاس ڪري چوٿين درجي لاءِ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ داخلا ورتي. ان دور ۾ ڪيڊٽ ڪاليج جي شروعاتي عمارت ميرپورخاص جي شاه لطيف ڪاليج جي ڪجهه حصي ۾ واقع هوندي هئي جيڪا بعد ازان پيٽارو ۾ ڪاليج جي موجودهه عمارت ٺهڻ کان پوءِ ايڏانهن تبديل ڪئي وئي.
پيٽارو ڪيڊٽ ڪاليج ۾ الطاف شيخ کي داخلا وقت لياقت هائوس ۾ ڪٽ نمبر ۴۷ ملي هئي جتان هن ۱۹۶۰ع ۾ ميٽرڪ ۽ ۱۹۶۳ع ۾ انٽر جو امتحان پاس ڪيو. ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ درسي تعليم سان گڏ فوجي تعليم پڻ ڏيندا هيا جنهن ۾ مختلف رانديون، گهوڙي سواري ۽ ترڻ خاص طور تي شامل هوندو هيو. الطاف شيخ جي دلپسند راند باسڪيٽ بال رهي جنهن جو هو ڪاليج ٽيم جو ڪئپٽن به ٿي رهيو. پيٽارو مان انٽر ڪرڻ بعد الطاف شيخ مرچنٽ نيويءَ لاءِ ان وقت چٽگانگ ۾ پاڪستان مئرين اڪيڊميءَ ۾ داخلا ورتي جتان ۱۹۶۸ع ۾ هن گريجويشن ڪئي. جهازن جو چيف انجنيئر ٿيڻ بعد هن ۱۹۹۳ع ۾ سئيڊن جي ”ورلڊ ميريٽائيم يونيورسٽي مالمو“ مان پوسٽ گريجويشن ڪئي.
مئرين انجنيئرنگ جو سڌو سنئون واسطو جهازسازي ۽ جهاز تي ڪم ايندڙ مشينن جي ٺاهڻ، سار سنڀال لهڻ ۽ مرمت سان هوندو آهي. مئرين انجنيئرنگ جي پڙهائيءَ دوران الطاف شيخ جي اڪيڊمڪ سبجيڪٽن ۾ فزڪس، ڪيمسٽري ۽ ميٿميٽڪس سان گڏ نيول آرڪيٽيڪچر، شپ ڪنسٽرڪشن، ايئرڪنڊيشنگ ۽ ريفريجريشن، انسٽرومينٽيشن، بوالرس، اليڪٽروٽيڪنالاجي، فيول ٽيڪنالاجي، آٽوميشن، هِيٽ، هِيٽ انجنس، سروائيول ايٽ سي، ٽربائين، ڊيزل انجن ۽ فائر فائيٽنگ وغيره خاص هيا.
چٽگانگ ۾ پڙهائيءَ واري دور ۾ اتان جو موسم ۽ ماحول انتهائي خوبصورت هوندو هيو، چوڌاري چهچ ساوڪ ۽ وڻڪاري جا انيڪ سلسلا، جهڙ ۽ مينهوڳي ڄڻ ته روز جو معمول، درياهه ۽ نهرون چوڌاري نظر ڦير ته اکين اڳيان جن ۾ هلندڙ آگبوٽ ۽ ٻيڙيون ترندي طلسمي ماحول پيدا ڪنديون هيون. الطاف شيخ جهڙي ماڻهو لاءِ اهي منظر من ڀائڻا هيا تنهن ڪري هو شهرن، ڳوٺن، گهٽين ۽ روڊن تي نڪري ويندو هيو ڪجهه لکڻ جهڙو مواد ۽ موضوع ڳولڻ ۽ واپس وري اهي دلچسپ تجربا پراثر انداز ۾ “دريائن جي ديس مان” جي عنوان سان هر هفتي روزاني سنڌي اخبار “مهراڻ” ۽ “هلال پاڪستان” رسالي ڏي موڪليندو رهندو هيو جتي ڇپجڻ بعد سندس مضمون نهايت دلچسپي سان پڙهيا ويندا هيا.
الطاف شيخ وٽ سامونڊي نوڪري لاءِ اتساهه
الطاف شيخ کي نوجواني واري ڏينهن ۾ ئي سمنڊ جو نيرڙو پاڻي، لامحدود دنيا ۽ ويڪري سيني تي آبي پکين جيان ترندڙ مختلف ملڪن جا خوبصورت ۽ دلآويز جهاز تمام گهڻا وڻندا هيا. مٿان وري جهازن تي ڪم ڪندڙ آفيسرن جون سفيد جرڪندڙ ورديون سندس لاءِ تمام گهڻي ڪشش جو باعث هونديون هيون. ان لاءِ کيس جڏهن به سمنڊ ڏسڻ جو موقعو مليو ته هو ان ۾ ڪوتاهي ڪونه ڪندو هيو جتان واپسي تي کليل اکين سان جهازرانن جي اڇي وردي جا خواب ڏسندو رهندو هيو. ڪيڊيٽ ڪاليج پيٽارو ۾ انٽر ڪرڻ تائين ان شوق سندس من ۾ وڌيڪ پر پکيڙيا جتي معياري پڙهائي سان گڏ والدين جي سرپرستي، استادن، ساٿين ۽ ڪتابن جي سنگت الطاف شيخ کي عمر کان وڌيڪ ميچوئر بڻائي ڇڏيو جنهن سان کيس پنهنجي ايندڙ زندگي جا فيصلا ڪرڻ ۾ آساني ٿي. تنهن ڪري هن فيصلو ڪري پنهنجي خواب جي ساڀيان لاءِ ميرين انجنيرنگ جي شعبي ڏانهن وک وڌائي.
الطاف شيخ بنگلاديش جي چٽگانگ ميرين اڪيڊمي مان ميرين انجنيرنگ جي تربيت وٺڻ کان پوءِ ۱۹۶۸ع ڌاري پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن ۾ جونيئر ميرين انجنيئر (ففٿ انجنيئر) طور ڀرتي ٿيو ۽ پوءِ ۱۹۷۶ع ۾ چيف انجنيئر ٿيڻ تائين پاڪستان جا مختلف جهاز هلائڻ جا فرض نڀائيندو رهيو. پي اين ايس سي وٽ ان دور ۾ صرف ويهه ٻيڙا هوندا هيا. الطاف شيخ کي شروعاتي ڏينهن ۾ ۴۰۰ روپيا پي اسڪيل واري پگهار ملندي هئي جڏهن ته جهازن تي اسٽاف جو رهڻ کائڻ مفت هوندو هيو. ان دور ۾ اها تمام وڏي پگهار هوندي هئي جو سون جو تولو ان وقت هڪ هزار روپئي کان به گهٽ ۾ ملندو هيو. سَٺ جي ڏهاڪي واري جنهن دور ۾ الطاف شيخ جهازراني اختيار ڪئي ان دور ۾ سامونڊي نوڪريءَ ۾ سنڌي آفيسر هوندا ئي ڪونه هيا بلڪه ايشيائي به گهٽ هوندا هيا ڇڙو يورپي ملڪن جي گوري آفيسرن جي جهازن جي دنيا تي حڪمراني هوندي هئي جيڪي جهاز هلائڻ کان علاوه ٻه ڪم ٻيا ڪندا هيا. هو تاس راند کيڏندا رهندا هيا يا شراب پي غش ٿي ويندا هيا.
الطاف شيخ جي شادي
نوڪري ملڻ کان ٽي چار سال پوءِ الطاف شيخ جي شادي ۲۲ مئي ۱۹۷۱ع ڌاري دادوءَ ۾ رهندڙ پنهنجي ماسات مستوران گهلوءَ سان ٿي جنهن مان کيس ٻه نياڻيون مريم جيجل ۽ ماروي عطيه ٿيون. شادي کان پوءِ قريبن اٺن سالن تائين جهازي ۽ سامونڊي زندگي ۾ الطاف شيخ سان سندس گهرڀاتي به جهازن تي گڏ رهندا آيا. ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن هن ڏٺو ته سندس نياڻيون وڏيون ٿي رهيون هيون جن جي تعليم، ذاتي زندگي ۽ مستقبل پنهنجي نوڪري جي ور چڙهندي ڏسي هن پنهنجي محبوب نوڪري کي الوداع چيو. الطاف شيخ پنهنجي نياڻين کي ٻه ٽي سال ڪراچي جي DHA ماڊل اسڪول ۽ بعد ۾ ڪلفٽن واري سينٽ پيٽر اسڪول ۾ پڙهايو، ان بعد ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾، جتي هن کي ڪناري جي نوڪري ملي هئي.
الطاف شيخ جي سامونڊي نوڪري
ميرين انجنيرنگ جي نوڪري دوران هن دنيا جو هر ملڪ هر بحر و بر گهميو. هو ٻارن جي تعليم خاطر ڪناري جي نوڪري جي ڳولا ڪئي. ۱۹۸۰ع ۾ سامونڊي نوڪري ڇڏي ۱۹۹۰ع تائين مئريٽائيم اڪيڊمي ملائيشيا ۾ مئرين انجنيرنگ پڙهائيندو رهيو. تنهن کان پوءِ وري واپس پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن ۾ مئنيجر ٿي رهيو، جتان کيس پاڪستان ميرين اڪيڊمي ماڙيپور ڪراچي ۾ ميرين انجنيرنگ کاتي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو. الطاف شيخ پاڪستان جو پهريون چيف انجنيئر آهي جنهن مالا ڪنڊ نالي پاڪستان جو پهريون آٽوميٽڪ جهاز هلايو. واضع رهي ته جهاز جي ڪئپٽن ۽ چيف انجنيئر جي نه رڳو يونيفارم چئن پٽين واري هڪ جهڙي ٿيندي آهي پر سندن پگهار جو اسڪيل به ساڳو هوندو آهي.
الطاف شيخ پاڪستان مئرين انجنيرنگ واري شعبي جو ٻن ڏهائين تائين هيڊ رهيو ۽ ان کان اڳ پندرهن سالن تائين سمنڊ جي وشال سينن تي انيڪ قديم و جديد جهاز هلائيندو رهيو آهي. الطاف شيخ ۱۹۷۵ع وارا ڪجهه مهينا ڪويت جي بندرگاهه جو چيف انجنيئر به رهيو پر کيس عربن جي نوڪري ڪونه وڻي ان لاءِ هو چار مهينن کان وڌيڪ اتي ڪم ڪري ڪونه سگهيو ۽ واپس موٽي وري پي اين ايس سي واري پنهنجي پوسٽ سنڀالي. ميرين انجنيرنگ ۾ الطاف شيخ جي خاصيت شپ چيف انجنيئر ۽ ميرين انجنيرنگ ڊيپارٽمنٽ ميرين اڪيڊمي ملائيشيا جو هيڊ رهي. هن پروفيسر ٿي پڻ پڙهايو ۽ ۳۶ سال دنيا ڀر جي تمام سمنڊن، دريائن، آبي رستن جو پاڻي ڪڇيندي ۽ درس تدريس جو ڪم ڪندي هن ۲۰۰۴ع ۾ سٺ سالن جي عمر تي رسي PNSC مان جنرل مئنيجر طور رٽائرمينٽ ورتي. ان بعد هو مختلف ملڪن جي مئرين اڪيڊمين ۽ انجنيرنگ يونيورسٽين ۾ وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ ليڪچر ڏيندو رهي ٿو. گهڻي کان گهڻا سفرناما لکڻ ڪري هن کي سنڌ يونيورسٽي، ڪراچي يونيويسٽي ۽ ممبئي يونيورسٽي جا سنڌي ڊپارٽمينٽ پڻ ليڪچر لاءِ گهرائيندا رهن ٿا.
نوڪري دوران الطاف شيخ کي جهازن جي محدود دنيا ۽ بي انت سامونڊي سفر تمام گهڻا وڻندا هئا جو واندڪائي هئڻ ڪري لکي پڙهي به جام وٺندو هيو ته انهن ڊگهي سفرن دوران ننڊون به گهڻيون ڪيائين. ميرين انجنيرنگ جي نوڪري وارا شروعاتي سال الطاف شيخ اهڙن جهازن تي رهيو جن جا تمام ڊگها سامونڊي روٽ رهيا ان لاءِ مهينن جا مهينا هل هلان هوندي هئي. ڪيترائي ڀيرا ته پنج ڇهه مهينن جي ڊگهي ۽ اڙانگي سفر ۾ سندس جهاز ٽي چار سمنڊ لتاڙي ويندو هيو. ڪراچي کان چٽگانگ، پينانگ، ڪولمبو، پورٽ ڪلانگ، سنگاپور، ٽوڪيو، بئنڪاڪ، هانگ ڪانگ، يوڪوهاما، نگويا، اوساڪا، پوسان، سيول ۽ سيئول تائين ۽ ٻئي طرف ڪراچي کان عدن، دوحا، بندر عباس، دبئي، ڪويت، جدو، لنڊن، هئمبرگ بندرگاهه وغيره جا سفر سندس لاءِ روز جا قصا هوندا هيا.
الطاف شيخ پنهنجا جهاز سئيڊن جي ڏاکڻي بندرگاهه مالمو توڙي گادي واري شهر اسٽاڪ هوم تائين هلائيندو رهيو ته ڀر وارن ملڪن ناروي، ڊنمارڪ ۽ فن لينڊ جي بندرگاهن تي به سندس جهازن جي اچ وڃ جام هوندي هئي. ان سان گڏ ڪراچي کان لنڊن يا ڪيوبا ۽ ٽوڪيو کان لاس اينجلس واري ڊگهي سفر ۾ سندس جهاز هندي وڏي سمنڊ، ائٽلانٽڪ ۽ پئسفڪ جهڙن وشال بحرن کي پوئتي ڌڪيندا نڪرندا هيا. سٺ ستر واري ڏهاڪي ۾ سندس جهاز جڏهن روسي رومانيا مان سامان کڻي جدي يا دبئي ايندو هيو ته انهن ڏينهن ۾ سئيز ڪئنال وارو روٽ بند هئڻ ڪري جهازن کي سموري آفريڪا کنڊ جو چڪر هڻي ڦرڻو پوندو هيو جنهن ۾ ٽيهه چاليهه ڏينهن لڳي ويندا هيا پر هاڻي سئيز ڪئنال کلڻ ڪري اهو سفر هفتي کن ۾ نپٽجي ويندو آهي.
جهازي نوڪري دوران الطاف شيخ کي نه رڳو بيشمار ملڪن جون سوين بندرگاهون گهمڻ جو موقعو مليو پر هن کي ڪيترن ئي ڏورانهن ٻيٽن جهڙوڪ ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪيپ وردي ۽ لاس پاماس يا ميڊيٽريئين جا مالٽا، سسلي ۽ سائپرس، پئسفڪ سمنڊ جا فجي، مارشل ۽ هونولولو يا ڪئريبين سمنڊ جا ڪيوبا ۽ جميڪا ٻيٽن تائين پنهنجا جهاز هلايا ته دنيا جي تمام ننڍن ۽ گمنام جزيرن جهڙوڪ ٽرنيڊڊ، برمودا ۽ ٽوباگو وغيره تان به ڀيرا ڀري آيو.
الطاف شيخ جهڙي هيڏي وڏي پروفائيل واري ماڻهو جي شخصي ڪردار متعلق هيءَ حقيقت نه مڃڻ جهڙي آهي ته هو اخلاقي اعتبار کان به انتهائي معتبر ۽ معصوم رهيو آهي. منهنجا کوڙ سارا دوست جهازن تي نوڪريون ڪندا آهن انهن مان گهڻا تڻا بيشمار علتن ۾ عليل آهن شراب سگريٽ، پتي بازي ته انهن لاءِ بنيادي حق جيان هوندي آهي جو سامونڊي جهاز جي نوڪري گهروارن، دوستن يارن، پنهنجي تر، ڳوٺ ۽ بيشمار شهري آسائشن کان پري هئڻ ڪري سماجي ۽ نفسياتي طور تي تمام ڏکي، الجهيل ۽ اذيتناڪ ٿئي ٿي تنهن ڪري جهازي آفيسر، نوڪر ۽ ڪارندا ڪنهن نه ڪنهن علت يا کوڙ ساري علتن ۾ پنهنجي اڪيلائين جو تحفظ تلاش ڪندا رهندا آهن پر حيرت انگيز ڳالهه آهي جو پنهنجي سموري عمر سامونڊي جهازن، جهازي بندرگاهن، ماڻهن ۽ ماڳن کي ارپيندڙ الطاف شيخ شباب، ڪباب، شراب، گٽڪي، پان ٻيڙي کان به پري رهيوآهي. ڀلي کيس گوهر رحمان ۽ متين ظفر جهڙا انجنيئر ڪيترو به سمجهائين ته اهي شيون خراب آهن. اسان کي هر روز ڪيترائي ماڻهو ڪيترين ئي ڳالهين کان روڪيندا آهن ۽ ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ ليڪچر ڏيندا رهندا آهن ته ڇا اسان اهي چڱيون ڳالهيون واپرائيندا آهيون. بنهه نه مان پنهنجي بيشمار دوستن کي شراب ۽ سگريٽ ڇڏڻ لاءِ ڪيترن ئي سالن کان سمجهائيندو رهندو آهيان پر مجال آهي جو هو ان کان مڙن ۽ منهنجي ڳالهه مڃن. حقيقت اها آهي ته الطاف شيخ ذاتي طور تي پاڻ انهن شين کي دلئون برو سمجهي پيو ۽ ٻيو ته ڊگهي سامونڊي مسافرين ۾ هن وٽ شراب سگريٽ کان وڌيڪ مڌوان شي ڪتاب، قلم ۽ ڪجهه اڃان بهتر ڪرڻ جو جذبو هوندو هيو تنهن پڻ کيس انهن علتن کان پري رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
الطاف شيخ جو ننڍپڻ کان پڙهائي سان لڳاءَ جو سبب
الطاف شيخ جو سمورو خاندان پيڙهين کان پڙهائي جي معاملي ۾ پنهنجي علائقي ۾ اڳڀرو رهندو پئي آيو سندس والد پنهنجي اولاد کي تمام سٺي تعليم ڏياري. توڙي جو سندس شهر ۾ اردو زبان جي تعليم ڪونه هوندي هئي تنهن هوندي به سندس والد ننڍڙي الطاف جي اردو پڙهڻ جو خانگي طور بندو بست ڪيو. سندس والد مختلف ڪتاب خريد ڪري کين پڙهڻ لاءِ ڏيندو رهندو هيو ته جيئن منجهن ڪتابن سان دلچسپي پيدا ٿئي. ايتري تائين جو مختلف شهرن ۾ پوسٽنگ دوران به سندس والد گل محمد ٻارڙن جي دلچسپي ۽ ڪهاڻين جا ڪتاب وٺي کين وي پي پي ذريعي ڳوٺ جي ايڊريس تي موڪليندو رهندو هيو. الطاف شيخ کي پهاڪا پڙهڻ جو ننڍي هوندي کان شوق هوندو هيو. پرائمري چوٿين ڪلاس ۾ پڙهڻ دوران هن پهاڪن جو پهريون ڪتاب “گل شڪر” پنهنجي والد جي لئبرري مان کڻي پڙهيو هيو جيڪا سندس گهر ۾ هوندي هئي.
ان دور ۾ هالا ننڍڙو ڳوٺ هوندو هيو جتي نه سئنيما هوندي هئي نه ان دور ۾ ٽي وي يا ڪمپيوٽر هوندو هيو. ننڍڻ مان اسرندڙ الطاف شيخ کي ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺ ۾ هڪ پان ٻيڙيءَ جي مانڊڙي جي سامهون گذرندي گراموفون تي جيوڻي ٻائي ۽ ماسٽر چندڙ وغيره جا گانا ٻڌڻ ۾ ايندا هيا جيڪو مانڊڙي جو شوقين مالڪ هلائيندو رهندو هيو. الطاف شيخ جڏهن ڏهن سالن جو ٿيو ته سندس والد ريڊيو خريد ڪري آيو هيو. الطاف شيخ جو نانو سيٺ محمد حسن سومرو حيدرآباد ۾ سنڌ زميندار هوٽل هلائيندو هيو پر کيس علم و ادب سان به گهڻو لڳائو هوندو هيو تنهن ڪري هن پنهنجي پٽن، پوٽن ۽ ڏوهٽن لاءِ گهر ۾ هڪ ننڍڙي لائيبرري جوڙي هئي جتي هو پاڻ به پڙهندو هيو ته پنهنجي خاندان جي تمام ٻارڙن کي ڪتاب پڙهڻ لاءِ اتساهيندو رهندو هيو. حليم بروهيءَ جهڙو مزاحيه اديب ۽ عرض محمد شيخ جهڙو شاندار انجنيئر، آرٽسٽ، سندس ناني جي وڏي ڀينرن فاطمه ۽ زينت جا پٽ هيا جن سان ٿيندڙ ڪچهرين پڻ ننڍڙي الطاف شيخ جي دل کي ادبي دنيا سان متعارف ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
الطاف شيخ کي پڙهڻ سان ننڍي هوندي کان جيڪا دلچسپي هوندي هئي سا ڪيڊٽ ڪاليج پٽارو ۾ پهچي بالغ ٿي جتي ڪاليج جو انگريز پرنسيپل ڪرنل ڪومبس ۽ ائڊجيوٽنٽ ڪئپٽن عالم جان محسود ۽ ڪمانڊر اسرارالله وغيره پڻ سڀني شاگردن کي ڪِتاب پڙهڻ لاءِ اتساهيندا رهندا هئا. الطاف شيخ استادن جي ان سهولت ۽ محبت مان تمام گهڻو فائدو وٺي پڙهڻ سان گڏ لکڻ به شروع ڪيو. پيٽارو ۾ ئي ميٽرڪ پڙهڻ دوران هو ننڍڙا ننڍڙا مضمون ۽ ڪهاڻيون لکي سنڌي اخبارن ۽ رسالن جهڙوڪ هلال پاڪستان، گلستان، بادل، ڳوٺ سڌار وغيره جي ٻاراڻي صفحن ڏانهن موڪليندو رهندو هيو. ميٽرڪ ۾ پڙهڻ دوران سندس لکڻ جي لياقت ڏسي استادن کيس پيٽارو ڪاليج جي مئگزين جي سنڌي سيڪشن جو ايڊيٽر ڪيوويو.
پيٽارو ڪاليج مان الطاف شيخ تمام گهڻو پرايو جتي نه رڳو سندس مطالعو وسيع ٿيو پر هڪ ميگزين جي ايڊيٽر هئڻ ناطي لفظن جي ادبي ۽ هنري ڪاريگري سان به متعارف ٿيو. انٽر پاس ڪري جڏهن هو بنگلاديش پڙهڻ ويو ته ”دريائن جي ديس مان“ جي عنوان تحت اتان جي ماڻهن، سماج، تهذيب، موسم ۽ شهرن تي سفرنامي جي انداز ۾ مضمون لکندو رهيو جيڪي بعد ازان حيدرآباد جي سنڌي عبرت ميگزين، اخبار، بادل، سهڻي ۽ روح رهاڻ وغيره ۾ ڇپجڻ لڳا ته پڙهندڙن کان کيس تمام گهڻي موٽ ملي جنهن ڪري هن ڪهاڻي افساني جي دنيا کان پاسيرو ٿيندي صرف سفرنامي کي لکڻ لاءِ اظهار جو ذريعو بڻايو. ارڙهن سالن جي عمر ۾ سندس پهريون ڪتاب اناميڪا نالي بنگالي ڪهاڻين جو ترجمو تڏهن ڇپيو جڏهن هو مئرين انجنيئرنگ جي ورڪ شاپ ٽريننگ ڪراچي شپ يارڊ ۾ وٺي رهيو هو.
ان دور ۾ ئي الطاف شيخ دوستن احبابن کي به خطن ذريعي پنهنجي سامونڊي سفر جي تجربن، مشاهدن ۽ حادثن متعلق سفرنامي جي طرز تي خط لکندو رهندو هيو جن مان ڪجهه روزاني سنڌي اخبار عبرت ۾ ڇپجڻ لڳا. انهن ڪالمن کي ترتيب ڏئي الطاف شيخ پبلشر جي تعاون سان سهڻي پرنٽنگ پريس مان “منهنجو ساگر منهنجو ساحل” نالي سان ڪتاب ڇپرايو جنهن کي ۱۹۶۹ع ۾ پاڪستان رائيٽرس گلڊ لاهور طرفان سال جي بهترين ڪتاب جو ايوارڊ مليو. اٺاويهن سالن جي ڦوهه جوانيءَ ۾ مليل مقبوليت، شهرت ۽ ماڻهن جي سندس لکڻين ۾ دلچسپي آهستي آهستي الطاف شيخ جو حوصلو به وڌائيندي رهي .
جهازن تي ڊگهن سفرن دوران به وقت گذارڻ لاءِ سندس بهترين وندر ڪِتاب پڙهڻ ۽ لکڻ هوندي هئي. هن جو جهاز جنهن ساحل تي ترسندو هيو ته اتان ڪجهه ڪِتاب، رسالا يا اخبارون وغيره هٿ ڪري من جي اساٽ جو بندوبست ڪري. ڪڏهن ڪڏهن سامونڊي سفر ايترا ته ڊگها ٿي ويندا هيا جو هن وٽ ڪتابن جو ذخيرو ختم ٿي ويندو هيو. هاڻي جڏهن پڙهڻ لاءِ ڪا شي نه هئي ته پوءِ هن سمنڊ، سامونڊي دنيا، ساحلي معاملن، منظرن، ماڻهن، تهذيبن، شهرن، ماڳن وغيره تي لکڻ شروع ڪيو جيڪا عادت وقت سان گڏ پڙهڻ واري شوق تي به غالب پوندي وئي.
لکڻ جي شروعات
الطاف شيخ سنڌي ۾ لکڻ جي شروعات سنڌي اخبار عبرت کان ڪئي. ان کان علاوه امرتا، هلالِ پاڪستان، سهڻي ميگزين ۾ به ڇپندو رهندو هيو. هن وقت هو دنيا جي مختلف اخبارن، رسالن ۽ ڊائجسٽن ۾ سنڌي کان علاوه اردو، انگريزي ۽ ملئي ٻولي ۾ به مضمون لکندو رهي ٿو. سندس اردو مضمون اردو روزنامي امت اخبار، اڙدو ڊائجسٽ، سرگزشت ڊائجسٽ، اخبارِ جهان، پاڪستان پوسٽ، دستڪ ۽ ٻين رسالن ۽ اخبارن ۾ به ڇپجندا رهن ٿا. الطاف شيخ ملائيشيا ۽ جاپان جي مختلف انگريزي اخبارن ۽ رسالن ۾ پڻ باقاعدگي سان لکندو رهندو آهي. الطاف شيخ سنڌي، اردو، انگريزي، ملائي، جاپاني ۽ بنگالي ٻوليون آساني سان ڳالهائي، لکي ۽ پڙهي سگهي ٿو. الطاف شيخ جو مڃڻ آهي ته “مونکي سنڌي زبان جو اديب آفريڪا کنڊ جي ڊگهن سامونڊي سفرن ڪيو ۽ اڙدو جو اديب روزاني اردو اخبار امت جي چيف ايڊيٽر رفيق افغان ڪيو”.
الطاف شيخ بطور ترجمه نگار
دنيا جي ادبي وايومنڊل ۾ ترجمه نگاري هڪ تمام انوکي تخليقڪاري ليکي ويندي آهي. ترجمي جي افاديت اها پڻ ٿئي ٿي ته ان لاءِ دنيا جي بهترين ادب مان اهڙي خوبين وارا ڪتاب چونڊيا ويندا آهن جن پنهنجي ماحول سان گڏ سماجي ۽ معاشي قدرن ۽ نظامن تي ڪي مثبت اثر ڇڏيا هجن. الطاف شيخ دنيا جي بيشمار ٻولين جو ڄاڻونگر آهي جنهن سموري زندگي مختلف ملڪن ۾ ايندي ويندي اتان جو ادب پڙهيو، لکيو ۽ واپرايو. ان سلسلي ۾ هن مختلف ملڪن جي بهترين ڪهاڻين، قصن، داستانن ۽ ناولن کي پڻ پنهنجي ٻوليءَ ۽ پنهنجي ماڻهن ۾ متعارف ڪرايو. اها ٻي ڳالهه آهي ته جاپاني ٻولي ۽ لوڪ ادب سندس رڳ رڳ ۾ سمايل ملي ٿي.
الطاف شيخ کي مليل ايوارڊ
الطاف شيخ گذريل چار پنج ڏهائين کان دنيا ڀر جي سنڌي، اردو، انگريزيءَ، جاپاني، ملئي وغيره ۾ ڇپجندڙ بيشمار اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪالم لکندو رهي ٿو. سندس ڪارائتي ڪم جي مڃتا طور کيس مختلف طريقن سان سراهيو ويندو آهي ته ايوارڊ به ڏنا ويندا آهن. پاڪستان حڪومت طرفان کيس ادبي خدمتن جي موٽ ۾ تمغه امتياز ڏنو ويو آهي. ثقافت کاتو سنڌ پاران کيس لائيف اچيوميٽ ايوارڊ مليو. حيدرآباد ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران به الطاف شيخ کي لائيف اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو ويو. پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد، رائيٽرس گلڊ، سوجهرو پبليڪيشن پاران به کيس ڪئي دفعا ايوارڊ ڏنا ويا آهن ته سگا وارن به کيس سگا گولڊ ميڊل ايوارڊ ڏنو آهي. سندس ادبي خدمتن جي موٽ طور متحده ميمن جماعت پڻ ايوارڊ ڏنو آهي. ان کان علاوه به الطاف شيخ بيشمار ايوارڊ ماڻيا آهن جهڙوڪ شاهه عبدالطيف ڀٽائي لٽرري ايوارڊ ۽ ڪينجهر ايوارڊ. کيس پٽاريئن ايسوسيئيشن طرفان لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ پڻ مليو آهي کيس بيشمار ٻين ملڪن طرفان به کيس وقتن فوقتن اعزاز ۽ ايوارڊ ملندا رهندا آهن جن مان خاص ملائيشيا حڪومت طرفان اتان جو وڏي ۾ وڏو سولين ايوارڊ PJK (پنگت جاسا ڪَ بَڪتيئان) جيڪو کيس ملائيشيا جي انگريزي اخبار ”نيو اسٽرئٽ ٽائيمس“ ۾ ڪالم لکڻ جي ادبي خدمتن ڪري ۱۹۸۹ع ڌاري ڏنو ويو.
الطاف شيخ جاپان جي ميرين انجنيرنگ سوسائٽي، جاپان جي سوسائٽي آف نيول آرڪيٽيڪچرس، ڪينيڊيئن انسٽيٽيوٽ آف ميرين انجنيئرس، سنگاپور جي سوسائٽي آف نيول آرڪيٽيڪٽس اينڊ ميرين انجنيئرس، برطانيه جي انسٽيٽيوٽ آف ميرين انجنيئرس لنڊن، سنگاپور جي انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ ٽيڪنولوجسٽس، سنگاپور جي چارٽرڊ انسٽيٽيوٽ آف ٽرانسپورٽ ۽ ملائيشيا جي انسٽيٽيوٽ ڪيلائوٽن ميرينرس وغيره جو ميمبر آهي.
الطاف شيخ بحري سائنس جي ادارن ۾استاد
جهازن جي نوڪري ڇڏي الطاف شيخ پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن ميرين ڪاليج ۾ ليڪچرار ٿيو جتي بعد ۾ پنهنجي قابليت سان پرنسيپل مقرر ٿيو. ٻن سالن کانپوءِ ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ قائم Akademi Laut ميرين اڪيڊمي هن جون خدمتون حاصل ڪيون جتي اٺن سالن تائين هيڊ آف ميرين انجنيرنگ ڊيپارٽمنٽ رهيو. تنهن کان پوءِ واپس ڪراچي آيو جتي هو پاڪستان ميريٽائيم اڪيڊمي ۾ پروفيسر ۽ بعد ازان هيڊ آف ميرين انجنيرنگ ڊيپارٽمنٽ مقرر ٿيو جتي ۲۰۰۴ع ۾ پنهنجي ريٽائرمنٽ تائين ڪم ڪندو رهيو.
دنيا ڀر جي آبي دنيائن سان سلهاڙيل ادارا، يونيورسٽيون ۽ ڪاليج سندس قابليت مان لاڀ حاصل ڪرڻ لاءِ اڄ به الطاف شيخ کي ليڪچر ڏيڻ لاءِ گهرائيندا رهندا آهن خاص طور تي سري لنڪا، ملائيشيا، ممبئي، جاپان ۽ چين جي مئيرين ادارن جو ته الطاف شيخ پسنديده استاد ڀانئيو ويندو آهي جتي هوگذريل ٻن ڏهائين کان وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ مئرين انجنيئرنگ ۽ نيول آرڪيٽيڪچر جي سبجيڪٽس تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ ويندو رهي ٿو. الطاف شيخ ايران جي يونيورسٽين ۾ به وزيٽنگ پروفيسر طور پڙهائيندو رهيو آهي.
ان کان علاوه دنيا جو هي انتهائي مصروف رهندڙ ماڻهو وقت ڪڍي پاڪستان ۾ به مختلف سرڪاري نيم سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن، ڪاليجن ۽ مختلف ادارن ۾ ملڪ جي معمارن کي پنهنجي تجربن اڌارت ليڪچر ڏيندو رهندو آهي. کيس ڪراچي يونيورسٽي ۽ سنڌ يونيورسٽي انتظاميه به ليڪچر ڏيڻ لاءِ اڪثر گھرائيندي رهندي آهي. ڪجهه عرصو اڳ ممبئي يونيورسٽي، سنڌي ڊپارٽمينٽ جي چيئرمئن ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ به هفتي کن لاءِ ممبئي گھُرايو هو جتي هن سنڌي، گجراتي، پالي ۽ ڪنهڙ زبانن جي شاگردن کي انگريزيءَ ۾ليڪچر ڏنا هئا.
پسنديده ملڪ ۽ اديب
جيڪڏهن ملڪن جي ڳالهه ڪجي ته الطاف شيخ کي جاپان، ملائيشيا، ۽ سئيڊن تمام گهڻو وڻندا آهن. ان کان علاوه ٿائيلينڊ، سنگاپور، ڪوريا، هانگ ڪانگ به سندس پسنديدهه علائقا آهن. انهن تمام ملڪن ۾ قائدو قانون، امن امان، انساني حقن جي صورتحال، صحت، وڻج واپار، انڊسٽري، تعليم تمام بهتر ۽ قدرتي نظارا واهه جا آهن. اتان جا ماڻهو به ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڪجهه گهڻا مهذب آهن.
جيئن ته الطاف شيخ پاڻ اديب ۽ سفرناما لکندڙ آهي ان لاءِ کيس سفرنامي طرز جون ڪهاڻيون، ناول ۽ آتم ڪهاڻيون گهڻيون وڻنديون آهن. سنڌي لکارين ۾ کيس امر جليل، قمر شهباز، انيتا شاهه، اعجاز منگي، جنت منگهاڻي، حسن مجتبى، آغا شهاب الدين، امرسنڌو، جاويد قاضي، منير ڀرڳڙي ۽ فياض سومرو وغيره تمام گهڻو پسند آهن. الطاف شيخ کي مزاحيه اديبن جا ڪتاب به تمام گهڻا وڻندا آهن جڏهن ته کيس امر جليل، حليم بروهي، قمر شهباز ۽ ڊاڪٽر مستوئي جون مزاحيه لکڻيون تمام گهڻو مزو ڏينديون آهن.
اڙدو اديبن ۾ کيس ابنِ انشا، بيگم اختر رياض دين ۽ اختر ممونڪا تمام گهڻو پسند آهن. مزاحيه لکڻين ۾ ڊاڪٽر يونس بٽ ۽ مشتاق يوسفي جو لکتون کيس موهينديون آهن. الطاف شيخ رچرڊ گورڊن، ارنيسٽ هيمنگوي، سمرسٽ ماهم ۽ گراهم جي ڪتابن جو تمام گهڻو شيدائي آهي. اهڙي ريت انگريز مزاحيه ليکڪ جارج ميڪش جو طرز بيان کيس گهڻو پسند آهي. افغان لکاري طاهر شاهه جا انگريزي ۾ لکيل سفرناما کيس وڻندا آهن. امريڪي ليکڪن ڪال ٿيروڪس ۽ جيمس البرٽ مچنز جا سفرناما پڻ الطاف شيخ لاءِ اتساهه جو باعث هوندا آهن. ڀارتي لکاري وڪرم سيٺ جو سفرنامو، ٽريولس ٿرو سنڪيانگ اينڊ تبت به کيس سٺو لڳو.
الطاف شيخ پنهنجو پاڻ کي جاپاني ادب جو عاشق سڏائيندو آهي شايد اهو ئي سبب آهي جو هن جاپاني ادب مان بهتريون ئي بهترين ڪهاڻيون ۽ ناول سنڌي زبان ۾ ترجما ڪيا آهن. الطاف شيخ جو پسنديدهه جاپاني ليکڪ ماتسوئو باشو ۽ مشيما يوڪيو آهي جڏهن ته هو جاپاني لکاري عورت يوني نوگوچي جا لکيل سفرناما ۽ ڪتاب به شوق سان پڙهندو آهي. جپاني ليکڪ مڪيرو ساساڪي جا لکيل سفرناما ۽ ڪيل شاعري پڻ الطاف شيخ کي تمام گهڻي وڻندي آهي. ننڍپڻ کان وٺي جواني تائين، اسڪول کان ڪاليج تائين ڪتابن جو مطالعو الطاف شيخ جي زندگي ۽ معمولات جو جز رهيو سو جهازن جي نوڪري جي ٽريننگ دوران به همراهي رهيو ته سمنڊ جي سيني کي زندگي جا بيشمار دور ارپيندي به ساٿاري رهيو. وشال ساگر جي دنيائن کي وداع ڪندي جڏهن ڪناري جي زندگي ۾ داخل ٿيو ته به نه ڪتابن هن جو ساٿ ڇڏيو نه ئي قلم.
الطاف شيخ سنڌ کي ڪوڙهه جيان ورائيندڙ بيشمار بيمارين جهڙوڪ وڏيرا شاهي، پير پرستي، جاگيرداري ۽ گندي سياست جو سخت مخالف آهي ۽ پنهنجي هر ملاقاتي کي ٿڌا ساهه ڀريندي ملائيشيا، سنگاپور ۽ ٿائيلينڊ وغيره جهڙن ملڪن جا حوالا ڏيندو آهي جيڪي ڪنهن وقت ترقي جي ڊڪ ۾ اسان کان گهڻو پوئتي پيل ۽ بيڪار ڀائنيا ويندا هيا پر اڄ اهي ملڪ سائنسي، سماجي ۽ سياسي ڊوڙ ۾ يورپي ملڪن جا ڏند کٽا ڪري رهيا آهن.
الطاف شيخ هڪ شخص هوندي به هڪ انجمن، هڪ ادارو، هڪ تحريڪ ۽ هڪ ماحول آهي. هيڏي ساري نام مقام جي حاصلات ماڻيندي هاڻي هو هڪ فرد نه پر هيڪاندو ۽ اڏول وجود ماڻيندڙ اتهاس بڻجي پوري دنيا ۾ سنڌ ۽ سنڌين جي سڃاڻپ واري علامت بڻجي چڪو آهي جيڪو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وسندڙ سنڌين کي ڳولي ڦولي سارون لهندو نظر اچي ٿو. سندس لاءِ اهو مرتبو ڪيترو نه عظيم آهي دنيا جي هن ڪنڊ کان ٻئي ڪنڊ تائين رهندڙ ساڃاهوند سنڌي کيس نه رڳو سڃاڻن ٿا پر محبت واري ديوتا طور کيس پيار ڪن، پڏائن، پڙهن ۽ ڳالهين تي عمل ڪن ٿا. مان ڀانئيان ٿو ته دنيا ڀر ۾ جيترا دوست الطاف شيخ جا آهن اوترا ڪنهن ٻئي ماڻهو جا مشڪل سان هوندا. ان سان گڏ هيءَ پڻ حقيقت آهي ته سنڌي اديبن متعلق پڙهندڙن جو جيترو وسيع حلقو الطاف شيخ جي حصي ۾ آيو آهي اوترو ڪنهن ٻئي سنڌي اديب وٽ ورلي سان هوندو. هر چوٿين پنجين مهيني سنڌي ادب کي هڪ شاندار ڪتاب ارپيندڙ الطاف شيخ پنهنجي ڪمن جي آئيني ۾ دنيا جو مصروف ترين اديب لڳندو آهي. اعجازمنگي چواڻي ته “الطاف شيخ پنهنجي قلم سان هر ان شهر کي محفوظ ڪيو آهي جنهن ۾ هن ڪجهه ڏينهن يا ڪجهه پل گذاريا. جنهن شهر کيس پناهه ڏني ۽ پيار ڏنو الطاف شيخ ان جو احسان لاهڻ جي ڀرپور ۽ ڪامياب ڪوشش ڪئي ۽ رڳو هر شهر کي نه پر ان شهر ۾ ملڻ واري هر ماڻهو کي هن پنهنجي يادن جي تحريري البم ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.”
سنڌي ادب جو جهول سفرنامي جي صنف متعلق الطاف شيخ جي فنپارن کان اڳ فقير جي ڪستي جيان خالي نظر اچي ٿو شايد تنهن ڪري ئي ان کي هن وقت تائين صنف جو درجو ڪونه ڏنو ويو هيو. الطاف شيخ هڪ اهڙو وڻجارو آهي جنهن وٽ گهمڻ جو ڍنگ آهي ته لکڻ ۽ بيان ڪرڻ جو ڏانوءُ به. هو پنهنجي ڪلهي ۾ لڙڪيل ڪيميرا جهڙو ئي سچو ۽ کرو آهي جو کيس جيڪو ڪجهه جيئن آهي يا جيئن نظر اچي ٿو پاڻ ان کي اهڙي ريت لکي ۽ ڏيکاري ٿو. سندس لکڻ ۽ ڪتابن ڇپجڻ جي رفتار تمام گهڻي تيز آهي جنهن ۾ عمر سان گڏ سستي بجاءِ چستي محسوس ڪئي وئي آهي. مان سمجهان ٿو ته پاڪستان ته ڇا پر دنيا ڀر ۾ اهڙو ڪو وڻجارو، اهڙو ڪو اديب، اهڙو ڪو مئرين انجنير، اهڙو ڪو سياح مشڪل سان هجي جنهن ايترا سفرناما لکيا هجن. بقول مستنصر تاررڙ جي، جنهن جو الطاف شيخ دلپسند ليکڪ آهي ته “الطاف شيخ اسان سڀني کان گهڻا ڪتاب لکيا آهن پر گمنام زندگي گذارڻ ڪري ۽ پاڻ کيLow Profile رکڻ ڪري الطاف شيخ کان ايترا ماڻهو واقف نه آهن جيترا هئڻ کپن.” ۽ بقول امر جليل جي “ڪتابن جو نمبر کڻي مرزا قليچ بيگ جو وڏو هجي پر لفظن ۽ صفحن جو حساب ساربو ته الطاف شيخ جو ٽيڻو چئوڻو ٿيندو ۽ هن جيترو ڪنهن به سنڌيءَ ۾ نه لکيو آهي”.
واندڪائي جي وندر مان لکڻ جي شروعات ڪندي پنهنجي مسلسل جدوجهد سان ڪتابن جي هڪ سينچري مڪمل ڪرڻ ڪناري پڄائڻ واري الطاف شيخ جهدِ مسلسل سان پنهنجي اتساهه جي ٻيڙي اهڙيءَ ڪنڌي لاٿي آهي جتي سندس سامهون پڙهندڙ چاهيندڙن جون بيڪران محبتون، شهرتون، عزتون ۽ بيشمار زندگين ڀري هڪ اهڙي منزل آهي جنهن کي ڏسندي مان هن دور کي سنڌي سفرنامي جي نسبت سان الطاف شيخ جو دور سڏيان ته بيجا ڪونه ٿيندو. سندس سفرناما سنڌي نوجوانن ۾ ايترا ته مقبول رهيا جو بقول امراقبال “الطاف شيخ جي سفرنامن کي پڙهي پڙهي سنڌ جي نوجوانن دنيا جي گولي کي پنهنجي آڱر تي ڦيرائڻ شروع ڪيو”.
الطاف شيخ کي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري ملڻ گهرجي
دنيا ڀر جي يونيورسٽين مان پنهنجي نامور، مدبر، مفسر ۽ شاندار لکارين کي انهن جي وشال ادبي پورهئي جي مڃتا طور کين ڊاڪٽريٽ جون اعزازي ڊگريون ڏنيون وينديون آهن. ان پسمنظر ۾ الطاف شيخ جي ادبي، تعليمي ۽ سماجي خدمتن ۾ اڃان ڪهڙي کوٽ آهي جو کيس هن وقت تائين ان اعزاز کان محروم رکيو ويو آهي. يا ائين کڻي چئجي ته اسان جي ادارن ۾ اهڙا نڪما، نابين ۽ بي قدرا ماڻهو سيٽن تي ويٺا آهن جن جي نظر اڃان تائين الطاف شيخ جي شاندار ڪرداري شخصيت، ڪئي ڊزن ڪتابن، لکين ميلن جي مسافرين، دنيا ڀر جي تهذيبن، ملڪن، ماڻهن، ادارن، ماڳن، بحرن، ساحلن وغيره کي پنهنجي قلم سان سنڌين ۾ روشناس ڪرائيندڙ ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سنڌ ۽ سنڌين کي متعارف ڪرائيندڙ هن اتهاسي اديب جي کوجي قلم جي روشنائي کين نظر ئي ڪونه ٿي اچي. مان خاص طور تي سنڌ يونيورسٽي جي وي سي فتح محمد برفت ۽ ڊاڪٽر امير علي ابڙو کي گذارش ٿو ڪيان ته جناب الطاف شيخ کي سندس شاندار ادبي خدمتن جي مڃتا طور ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ڏني وڃي جيڪو عمل سندس يونيورسٽي لاءِ به باعث عزت ۽ تقريم ٿيندو.
الطاف شيخ جا لکيل ڪتاب
۱. اناميڪا
۲. منهنجو ساگر، منهنجو ساحل
۳. پيار جي گُهٽَ
۴. وايون وڻجارن جون
۵. سي ٻيڙيون رکين ٻاجهه سين
۶. دنيا آهي ڪاڪ محل
۷. سمونڊ جن ساڻيهه
۸. بندر بازاريون
۹. سمونڊ جي سيوين
۱۰. سي جوڀن ڏينهن
۱۱. بندر ديسان ديس
۱۲. خبرون کيڙائن جون
۱۳. ڪويت ڪنارا
۱۴. ڇا جو ديس ڇا جو وديس
۱۵. جاني ته جهاز ۾
۱۶. جپان جن جي جيءَ ۾
۱۷. ڳالهيون تنهن جپان جون
۱۸. خدا ڏي خط
۱۹. جپان رس
۲۰. سانڀاهو سمونڊ جو
۲۱. موج نه سهي مَڪڙي
۲۲. الطاف شيخ جي نوٽ بڪ تان
۲۳. بهترين سفرناما
۲۴. لنڊن تائين لفٽ
۲۵. ٻارن جون آکاڻيون
۲۶. ٽوڪيو جي گيشا گرل
۲۷. مڪليءَ کان ملاڪا تائين
۲۸. سنگاپور ويندي ويندي
۲۹. ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه
۳۰. ماستر هريام جو بئنڪاڪ وڃڻ
۳۱. دُنگي منجهه درياهه
۳۲. ڏاهي جهرڪي
۳۳. جت جر وهي ٿو جال
۳۴. يادن جي انڊلٺ
۳۵. ڳالهيون آهن ڳچ
۳۶. اي جرني ٽو ٿائلينڊ
۳۷. Proverbs Of Far East
۳۸. اوهريا جي عميق ڏي
۳۹. اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا
۴۰. ملير کان مالمو
۴۱. جت برف پئي ٿي جام
۴۲. ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن
۴۳. ارائونڊ دي ورلڊ
۴۴. رٺي آهي گهوٽ سان
۴۵. يورپ جا ڏينهن راتيون
۴۶. اي روڊ ٽو مدينا
۴۷. هيلسنڪي جي حسينا
۴۸. سنگاپور ٿو سڏ ڪري
۴۹. آل ابائوٽ سنگاپور
۵۰. ملائيشيا منهنجي من ۾
۵۱. ڀلي ڀار تان ڀيرو
۵۲. هي ٻيٽ هي ڪنارا
۵۳. بوتلن جو سفر
۵۴. سوزيءَ سان پيار
۵۵. جل پريون
۵۶. ملائيشيا ۱۲ سالن بعد
۵۷. تيستائين گڊ باءِ
۵۸. جپان پنجويهه ورهين بعد
۵۹. ڪراچيءَ کان ڪوڪورا
۶۰. دهليءَ جو درشن
۶۱. نيو هالا کان نيويارڪ
۶۲. بخشو لغاريءَ کان بالٽيمور
۶۳. ايران ڏي اُڏام
۶۴. چنڊ چوانءِ سچ
۶۵. هلي ڏسجي هندستان
۶۶. پکي اُڏاڻا پنهنجي ديس
۶۷. ممباسا، شيدي بادشاهه همباشا
۶۸. ڏيهه پرڏيهه جو سفر
۶۹. بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾
۷۰. هليو آ، هليو آ، ملائيشيا
۷۱. مونکي موهيو ملائيشيا
۷۲. آمريڪا ڙي آمريڪا
۷۳. وسي وڏ ڦڙو
۷۴. نه سي سڙه سُکان
۷۵. بنارس کان برمودا
۷۶. برونائيءَ کان برازيل
۷۷. گهاتو گهر نه آيا
۷۸. جل پريءَ جي اڳڪٿي
۷۹. ڪئمپس جا ڏينهڙا
۸۰. تاريخ جو سفر
۸۱. جيءَ اندر جهاتيون
۸۲. واٽ ويندي..
۸۳. ڳوٺ جروار کان جپان
۸۴. جپان جپان آهي
۸۵.
الطاف شیخ کی اردو کتابیں
۸۶. ملائیشیا کے دن
۸۷. یورپ کے دن
۸۸. کراچی سے کوپن هیگن
۸۹. ایران کے دن
۹۰. گيشائون کے ديس مين
۹۱. جهاز چلانے کے دن
۹۲. جپان کے دن
۹۳. کنارے کے دن
۹۴. میں چلا ممباسا
۹۵. چلو چلیں هندوستان
۹۶. سمندر کے دن


الطاف شيخ
هاڻي سنڌ جو سفرنامو غير سنڌين کي پڙهايو
امام راشدي
سنڌ، سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي خوش نصيب آهي جو الطاف شيخ جهڙو برجستو ليکڪ موجود آهي. الطاف شيخ گهـُمڻ، لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ ڪڏهن به ٿَڪو ناهي. هِن جو ڪم اهو هرگز ناهي رهيو ته، ”رِلي ڪـُلهي تي ۽ ماني راڄ تي“ هجي. پر هي سراپا عمل ۽ کوجنا وارو ماڻهو رهيو آهي. هن زندگيءَ ۾ جو ڪجهه ڏٺو، جو ڪجهه پڙهيو ۽ جيئن محسوس ڪيو آهي ان کي لفظن جي پوشاڪ پهرائي ڪاغذ تي قلمبند ڪندو رهندو آهي ۽ پوءِ اهي ڪاغذ تاريخ جا ورق بڻجي پَون ٿا ۽ اهڙي طرح دنيا جي تاريخ جـُڙندي رهي ٿي.
الطاف شيخ سنڌ جو ورثو آهي. هي دنيا جهان گهُمي ڦِري آيو آهي. هڪ طرف هر خطي جي ماڻهن سان ملي ٿو ۽ هر خطي جي تاريخي، تهذيبي ۽ ثقافتي پاسن سان گڏ اتان جي ماڻهن جي مزاج، طور طريقن ۽ ريتن رسمن جو گهرو مشاهدو رکي ٿو ۽ ٻئي طرف وري سنڌ جي قديم تهذيبي، تاريخي ۽ ثقافتي پهلوئن کي دنيا ۾ روشناس ڪرائيندو رهي ٿو. سندس لکيل ڪتابن مان ملڪن قومن جي ڀرپور ۽ حيرت انگيز معلومات ميّسر ٿئي ٿي.
الطاف شيخ دنيا جا مشهور ميوزم، علمي ادبي ادارا، لائبريريون، تاريخي ماڳ مڪان، يونيورسٽيون به ڏٺيون آهن ته عالمن، اديبن، شاعرن، مذهبي پيشوائن ۽ عام ماڻهن سان به مليو آهي. قديم آثار، ڪليسائون، گِرجا گهر، مسجدون، مندر ۽ مقبرن سان گڏ قومن جي عـُروج ۽ زوال جا داستان ٻڌائڻ سان گڏ انهن جي ترقيءَ ۽ تعمير جا راز پڻ ٻڌائي ٿو.
الطاف شيخ جا ڪتاب محض سفر ناما يا رپورٽون ناهن بلڪه مختلف قومن جي نسلن جي آگاهي ڏني وئي آهي. الطاف  صاحب قومن جي ترقي تعليم سان وابسته ڄاڻائي ٿو ۽ سنڌ جي ترقيءَ کي به جديد تعليم جي تناظر ۾ ڏسي ٿو. الطاف شيخ هڪ سنڌي اديب جي حيثيت ۾ سياح طور سـُڃاتو وڃي ٿو، پر حقيقت ۾ هِن جي حيثيت تاريخدان ۽ دانشور واري به آهي. پاڻ سنڌي نوجوانن جي سـُنهري ۽ بلند و بالا مقام حاصل ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هـُو سنڌي قوم کي اتساهه بخشي ٿو ته اها جديد دنيا جي ترقي يافته قوم بڻجي! سچ اهو آهي ته سنڌ لاءِ الطاف شيخ اتساهه جي علامت بڻجي چڪو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هِن سان سنڌ تمام گهڻو پيار ڪري ٿي. انهيءَ پيار جي بدولت الطاف شيخ مسلسل لکندو رهي ٿو ۽ هاڻي ته الطاف شيخ جي ذڪر کانسواءِ  سفرنامن جي تاريخ اڻپوري آهي.
الطاف شيخ هينئر سفر نامن جي تحريڪ بڻجي چـُڪو آهي. دنيا جي چَپو چَپو گهمندڙ هِن ماڻهوءَ جو قلم ڪڏهن به ٿـَڪو ناهي. هن پنهنجي قلم جو تقدس برقرار رکيو آهي ۽ انهيءَ قلم سان سنڌ جي نئين نسل جي ذهنن جي آبياري ڪندو رهي ٿو. نئين نسل سان هِن جي محبت ڏسي چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جي مستقبل مان مايوس ناهي ٿيو. هِي نوَن ذهنن ۾ مستقبل جي چئلينجز کي مـُنهن ڏيڻ لاءِ تيار رهڻ جا اطلاع ڏيندو رهي ٿو.
الطاف شيخ سڄي دنيا جو سير ڪيو آهي تنهن ڪري پاڻ هر ملڪ جي سيرت ۽ صورت کي خوبصورت انداز ۾ بيان ڪندو رهي ٿو. ان لاءِ هن پنهنجي سفر نامن ۾ سنڌ جي ثقافت، تهذيب ۽ تاريخ کي هرگز ناهي وساريو. ڇاڪاڻ ته هي سنڌ کان جدا ناهي ۽ سنڌ هن کان جدا ناهي. الطاف شيخ سنڌ جو عاشق به آهي ته سنڌي قوم جو معشوق به آهي. هـُو دنيا به گهُـميو آهي ته سنڌ جو چَپو چَپو پڻ ڏسي چڪو آهي تنهن ڪري سنڌ جو مٿس حق بڻجي ٿو ته هـُو سنڌ جو هڪ اهڙو سفر نامو لکي جنهن کي دنيا وارن سان گڏ سنڌ وارا به پڙهن ۽ مجبور ٿي سنڌ ڏسن ۽ سنڌ سان پيار ڪن. اهو الطاف شيخ تي سنڌ جو قرض به رهي ٿو ته فرض پڻ بڻجي ٿو.



الطاف شيخ جو جنم ڏينهن

رکيل مورائي

نيڪ خواهشون انهن هٿن لاءِ جيڪي هڪ وقت دعا لاءِ کڄندا آهن ۽ ٻئي وقت لکڻ لاءِ.

اڄ ان شخص/ ليکڪ جو جنم ڏينهن آهي، جيڪو پنهنجو مثال پاڻ آهي. شايد دنيا جي ادب ۾ اهڙو ٻيو مثال اڄ جي تاريخ تائين ملي نه سگهي، ڇاڪاڻ ته ادب ۾ اڄ جنهن تيزيءَ سان واڌارو آيو آهي، اوترو ئي تيزيءَ سان سائنس جي نين ايجادن پڻ انسان کي معلومات ميسر ڪرڻ شروع ڪئي آهي. اڄ هڪ منٽ جي سٺ سيڪنڊن ۾ اسين سٺ ملڪن بابت معلومات حاصل ڪري سگهون ٿا، پر هڪ اهڙو زمانو به هئو، جنهن کي جديد زمانو ته ڪوٺي سگهجي ٿو پر ان کي ڪمپيوٽر جو زمانو ڪوٺي نه سگهبو، ان زماني ۾ معلومات ايتري تيزيءَ سان نه پهچندي هئي، جيتري اڄ ملي رهي آهي.

ها! ان دور ۾ دنيا جي معلومات هن جي سفر نامن مان ملندي هئي، اهي سفرناما پڙهي، اسان انهن ملڪن جي ڄاڻ حاصل ڪندا هئاسين جن ملڪن ۾ هو موجود هوندو هئو. اڄ سندس سفرنامن جو انگ هڪ سئو کان ڪجهه گهٽ هوندو ۽ ايترو انگ دنيا جي ڪنهن به ليکڪ جي سفرنامن جو شايد ئي هجي، سنڌ جي آڳاٽي معلومات اسان کي، ابن بطوطا سميت دنيا جي ٻين ڪيترن ئي سياحن جي سفرنامن مان حاصل ٿيندي هئي، ايئن دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن بابت معلومات اسان کي هن جي سفر نامن مان حاصل ٿيندي هئي،

اڄ محسوس ٿي رهيو آهي ته ان دور ۾ جيڪو اڌ صدي کن اڳ جو آهي، جڏهن به ڪو سنڌي نوجوان ٻاهر وڃڻ چاهيندو هئو ته اهو سندس سفرنامن مان گهربل معلومات حاصل ڪندو هئو، بلڪل ايئن جيئن اڄڪلهه گوگل ۽ ٻين ويب سائيٽس تان معلومات حاصل ڪجي ٿي، خود هو به چاهيندو هئو ته سندس سفرنامن ۾ ڏنل معلومات مان سنڌي گهڻي گهڻي معلومات حاصل ڪن، ان ڪري، هو اهڙي ئي نموني تفصيل ڏيندو هئو، ان شخص/ ليکڪ جو نالو مان نهايت ادب سان ۽ قلم کي اکين سان لڳائي چُمي پوءِ  لکڻ چاهيان ٿو جيڪو آهي، الطاف شيخ صاحب!

سنڌ شايد خوش نصيب آهي ۽ سنڌي ادب ڀاڳ وارو آهي، جنهن کي شاهه کان پوءِ ٻه شيخ صاحب مليا ۽  ٻئي اهڙا آهن جن جي نالي سان ڪنهن به مثال، تشبيهه ۽ تمثيل جي گهرج نه آهي. هڪ شيخ صاحب اياز آهي ۽ هڪ الطاف شيخ صاحب آهي.

شيخ اياز صاحب پنهنجي شاعريءَ جي معرفت جيڪو سنڌي ادب کي سُڪار بخشيو آهي اهو پنهنجو مٽ پاڻ آهي ۽ الطاف شيخ صاحب پنهنجي نثر، خاص طور سفري نثر معرفت سنڌي ادب کي جيڪا خوشحالي ڏني اها پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هن ادبي طور سنڌي نثري ادب کي ته مالامال ڪيو ئي آهي پر ان ادب ۾ هن سنڌي پڙهندڙ کي جيڪا ڄاڻ ڏني آهي اها ايتري گهڻي آهي جو اها اڄ لکت ۾ شال ماپي سگهي.

ڪنهن به ادب ۾ ڪي صنفون جڏهن ايجاد ٿينديون آهن ته انهن کي وڌڻ ويجهڻ ۾ چڱو وقت لڳندو آهي، پر سنڌي ادب ۾ سفر نامي کي هڪ صنف طور الطاف شيخ صاحب ايترو تيزيءَ سان مٿي کڻي آيو، جنهن جو به شايد مثال ادب ۾ ٻيو نه ملي سگهي. سفر نامو ڇاکي چئجي ٿو. اهو الطاف شيخ صاحب جي سفرنامن کي پڙهي سمجهي سگهجي ٿو.

جيتوڻيڪ سفرنامن سان گڏ، اڻ سڌي نموني يا سڌي نموني، هن پنهنجون يادگيريون به ڏنيون آهن ته پنهنجا تجربا به، ساڳئي وقت هن جن ملڪن ۾ ڪجهه وقت گذاريو آهي، انهن ملڪن جي ادب/لوڪ ادب/چوڻين ۽ پهاڪن وغيره کي به نه صرف پڙهيو ۽ پروڙيو آهي، پر انهن جي ڄاڻ به سنڌي ماڻهن کي ڏني آهي، ان کان سواءِ سندس ٻيو هڪ ڪم اهو به آهي ته دنيا ۾ رهندڙ ۽ کيس موهيندڙ اديبن جي لکڻين کي ترجمو ڪري اسان کي انهن جي ادب ۽ مزاج کان به واقف ڪيو ۽ اهو سڀ جنهن وقت هن ڪيو، ان وقت اسان وٽ ٻاهران جو ايترو ادب ترجمو نه ٿيندو هئو. معلومات جا وسيلا به بنهه گهٽ هئا. ان وقت الطاف شيخ صاحب پنهنجي سفر نامن ۾ اهو به ٻڌايو ته هو جنهن ملڪ ۾ آهي ان ۽ سنڌ ۾ مختلف حوالن سان ڪهڙيون هڪ جهڙايون آهن ۽ ڪهڙيون انفرادتون آهن. جنهن مان ايئن لڳندو هئو ته هن دنيا جي ڪنهن ڪنڊ ۾ هوندي به سنڌ، سنڌي ادب ۾ سنڌي ماڻهن کي نه وساريو. دنيا جي ماڻهن جي خوشحالي ۽ ڏکن سکن سان سنڌ کي ڀيٽيو ۽ ڪي نتيجا سامهون آندا، جن مان سنڌي ماڻهن گهڻو ئي پرايو.

ها! مٿيون سڀ ماضي هئو، جنهن جو ذڪر مان ڪري رهيو هوس، ڪڏهن ڪڏهن ماضي فخر لائق هوندو آهي، حال هيڻو هوندو آهي، قومون يا ته ماضيءَ ۾ جيئنديون آهن يا مستقبل جي خوابن ۾! ايئن شخص سان به ٿيندو آهي، پر هيءُ شخص/ليکڪ الطاف شيخ صاحب انهن شخصن/ليکڪن مان آهي جنهن ماضيءَ، حال ۽ مستقبل کي ڳنڍي رکيو آهي، هو پاڻ جڏهن کان لکڻ لڳو آهي، جيڪو اسان جو ماضي آهي، اڄ تائين اسان جي حال تائين لڳاتار لکي رهيو آهي،

هاڻ هو پنهنجي اڇي سونهاريءَ ۾ نماز جي پنجن وقتن وانگر، لکڻ کي به عبادت سمجهي ٿو. هو لکڻ جي معاملي ۾ سچل وانگر جو دم غافل سو دم ڪافر ٿيڻ کان ڪوهين ڏور آهي، ۽ جنهن شخص/ليکڪ لاءِ لکڻ عبادت هجي، ان کان سندس آخري ساهه تائين قلم نٿو ڇڏائجي سگهي. هونئن به اسلام ۾ واهه کوٽائڻ، وڻ پوکائڻ ۽ ڪتاب لکڻ صدقه جاريه آهي ۽ الطاف شيخ صاحب پنهنجي حصي کان وڌيڪ ڪتاب لکي پنهنجي ان عبادت کي دوامُ بخشيو آهي،

اڄ سندس جنم ڏينهن آهي ۽ جڏهن ماڻهن جي اڪثريت دعائن مان ويساهه وڃائي ويٺي آهي، ان وقت آئون سندس صحت ۽ عمردرازيءَ لاءِ دعاگو آهيان، خاص طور انهن هٿن جي سلامتيءَ لاءِ جيڪي هڪ وقت دعائن لاءِ کڄندا آهن ۽ ٻئي وقت لکڻ لاءِ تيار ٿيندا آهن. اڻ ميون نيڪ خواهشون سندس جنم ڏينهن تي،کيس مبارڪن سان گڏ ڪجهه لفظن جي ڀيٽا، اميد اٿم ته سندس بارگارهه ۾ قبول پوندي.


الطاف شيخ کي ڪتابن لکڻ جي سينچري مبارڪ هجي

سنڌي ادب جي تاريخ کي سئو ڪتاب لکي ڏيڻ جي سينچري تي اسان سينئر ليکڪ ۽ سنڌي سفرنامن جي بادشاهه الطاف شيخ کي گھڻيون واڌايون ڏيون ٿا.

الطاف شيخ جي سفرنامن جي حيثيت اسان سنڌين لاءِ لکت ۾ پهرين انٽرنيٽ واري هئي. جڏهن انٽرنيٽ نه هوندي هئي تڏهن سنڌ واسي الطاف شيخ جي سفرنامن تي ٻڌل ڪتاب پڙهي سڄي دنيا جا ملڪ نه رڳو گھمي وٺندا هئا پر انهن متعلق تاريخي، سياسي، سماجي، علمي، ثقافتي، تمدني، مطلب ته روز مرهه جي قيمتي معلومات مان ئي فيضياب ٿيندا هيا. انهن سفرنامن جي اها معلومات هر دور جي شاگردن کي سي ايس ايس جي امتحانن ۾ به ڪم ايندي رهي آهي. سندن تحريرن جي به ڇا ڳالهه ڪجي. پڙهندي ايئن ڀائنبو آهي ڄڻ ماڻهو پاڻ ان دنيا، ان ملڪ ۽ ان جاءِ تي موجود آهي . ڪنهن به لکڻيءَ جي ان کان وڏي ڪاميابي ڀلا ڪهڙي ٻي ليکبي جو اُها تحرير فلم بڻجي اکين آڏو اچي وڃي.

اسان الطاف شيخ جي ان قلمي خدمت جو هونئن ئي متعرف رهيا آهيون پر ڪتابن لکڻ جي سينچري ڪرڻ تي اسان جو مٿس فخر ٻيڻو، ٽيڻو ۽ چئوڻو ٿي وڃي ٿو. سؤ ڪتاب لکڻ کي اسان هڪ تاريخي ۽ يادگار واقعو سمجهون ٿا ۽ ان واقعي کي ملهائڻ چاهيون ٿا .ان ڏس ۾ اسان سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ڀٽائي آباد شاخ کي به مبارڪباد ڏيڻ چاهينداسين جن سڀ کان اڳ ۾ الطاف شيخ صاحب کي ڪتابن جي سينچري ڪرڻ تي آجيان ڏيندي، خاص مڃتا پروگرام ڪيو. اسان سنڌي جيڪي ڪڏهن ڪڏهن زنده ۽ مهذب قومن وارا ڪم ڪندا آهيون تن لاءِ اهو پروگرام به آهي جيڪو الطاف شيخ صاحب لاءِ ڪتابن جي سينچري ڪرڻ تي ڪيو ويو.

اها تمام سٺي ۽ اتساهيندڙ روايت آهي. اهڙي نوعيت جو هڪ پروگرام سنڌ ثقافت کاتي امر جليل لاءِ به ڪيو هو جڏهن هن جا ادب کي ڏنل پنجاهه سال مڪمل ٿيا هيا ته ان موقعي تي انتهائي وڏي پئماني تي يادگار ۽ شاندار گولڊن جوبلي ملهائي وئي هئي. جنهن تي امر جليل صاحب پڻ خوشگوار حيرت جو اظهار ڪندي چيو هو ته ”اهڙا پروگرام ته اسان اديبن جي مرڻ پڄاڻان ڪندا آهيون سو هن پروگرام کي ڏسندي مونکي ايئن پيو محسوس ٿئي ڄڻ منهنجي ورسي جو ڪو پروگرام هجي“ . سو اسان هاڻي واقعي به مرده پرست هئڻ وارو ليبل پاڻ مٿان لاهي ڇڏيو آهي، هاڻي جيئري مڃتا ڏيڻ جي روايت پئجي چڪي آهي، جنهن تي اسان خوشي ۽ اطمينان جو اظهار ڪيون ٿا .

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن شاخ ڀٽائي آباد طرفان الطاف شيخ جي مانَ ۾ ڏنل تقريب کي خطاب ڪندي پ پ اڳواڻ پير مظهر الحق تجويز ڏني ته الطاف شيخ جي ڪتابن جي سينچري واري مڃتا ۾ سنڌ اسيمبليءَ کي ٺهراءُ پاس ڪرڻ گھرجي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته اها سٺي ۽ اتساهيندڙ تجويز آهي جنهن سان سنڌ اسيمبلي جي پنهنجي عزت ۾ اضافو ٿيندو پر الطاف شيخ، سنڌ اسيمبلي جي ان ٺهراءُ کان به مٿانهون آهي. الطاف شيخ جون سنڌ اسيمبليءَ کان وڌيڪ سنڌ لاءِ خدمتون آهن .

الطاف شيخ صاحب سنڌ جي انهن ليکڪن مان هڪ رهيو آهي جن سڄي ڄمار پئي لکيو آهي، جڏهن کان قلم هٿ ۾ کنيو آهي ته وري رکيو ناهي. لکڻ جي اها اسٽيمنا ۽ ثابت قدمي انهن ليکڪن ۾ ملندي آهي جن مقصد طور قلم هٿ ۾ کنيو آهي جن پنهنجي نالي يا پذيرائي، يا ان مان زماني جا فائدا وٺڻ لاءِ ناهي لکيو. انهن بنا پان پڏائڻ ۽ بنا جتائڻ جي پئي لکيو آهي، جيڪي لکڻ سان جيئندا آهن ۽ لکڻ لاءِ ئي جيئندا آهن. جيڪي لکڻ کي لازمي ڪم سمجهندا آهن ۽ لکڻ لاءِ غير ضروري سرگرمين کان پاسيرو رهندا آهن جيڪي وقت ضايع ڪرڻ جا قائل نه هوندا آهن ۽ جيڪي هر ڳالهه، هر شئي کي ان احساس وچان قلمبند ڪندا آهن ته اهي تاريخ کي قلمبند ڪري رهيا آهن. اهڙا ليکڪ ۽ اديب ئي ڪتابن جون سينچريون مڪمل ڪرڻ جو ڪارنامو سر انجام ڏئي سگهن ٿا.

الطاف شيخ صاحب کي ذاتي طور تي اهڙن مڃتا پروگرامن جي ضرورت ناهي، اُهي ته اهڙن تعريفي پروگرامن کان لهرائيندا آهن، منع ڪندا رهندا آهن پر اهڙين روايتن جي سنڌي سماج کي ضرورت آهي. جيئن مٿي لکي آيا آهيون ته اهي مهذب ۽ زنده قومن جون روايتون هونديون آهن. سو اسان کي اهو ڏسي خوشي محسوس ڪرڻ گھرجي ته اسين به هاڻي مُهذب ۽ زنده قومن وارا زنده دليءَ جا ڪم ڪرڻ لڳا آهيون جيڪو انتهائي ساراهڻ جهڙو لاڙو آهي.

ان لاڙي کي بلڪل همٿائڻ گھرجي، ان سان نئين نسل کي جيڪو صحتمند ادبي، علمي، تاريخي، سياسي ۽ سماجي ماحول ملندو تنهن سان نه رڳو نئين نسل پر خود سنڌ کي به وڏو فائدو رسندو. سنڌي ٻولي، سنڌي ادب، سنڌي ثقافت ۽ سنڌ جي قومي وجود کي نوان جنم ملندا. سنڌ جو ادبي، علمي، سياسي، تاريخي خزانو هر دور جي نئين نسل ڏانهن منتقل ٿيندو رهندو، نه رڳو منتقل ٿيندو رهندو پر نئون نسل اهو به ڏسندو ته ماضيءَ ۾ اسان جي وڏڙن جيڪي فخر جوڳيون روايتون قائم ڪيون آهن تن کي برقرار رکڻ جو اتساهه به وٺندو.

اسان سنڌ جي مستقبل کي ڇا ڏئي رهيا آهيون، ڇا ڏيڻ گھرجي ان تي انتهائي سنجيدگي ۽ ذميواريءَ سان سوچڻ گھرجي. اهڙي سنجيدگي ۽ ذميواري جو هڪ وڙ الطاف شيخ صاحب کي سندس ڪتابن جي سينچري مڪمل ڪرڻ تي مڃتا ڏيڻ به آهي. اِهو وڙ اسان هڪ اهڙي دور ۾ ڏيکاري رهيا آهيون جنهن ۾ ڪو ڪرڪيٽ جو بيٽسمين رنسن جي سينچري ڪندو آهي ته ٽي وي چينل ان خبر کي ”بريڪنگ نيوز“ طور ڏيندا آهن پر جن ڪتاب لکڻ جي سينچري مڪمل ڪئي آهي ان خبر کي ڪنهن به ٽي وي چينل ”بريڪنگ نيوز“ طور ناهي ڏنو پر جيڪڏهن اهڙن مڃتا پروگرامن جي روايت برقرار رهي ته پڪ سان اهڙو ڏينهن به ايندو ۽ ضرور ايندو.

 

(ڏيھاڙي عوامي آواز، ۱۱ جنوري ۲۰۲۰ع تان کنيل)


الطاف شيخ جا سفرناما يا ڏيھ پرڏيھ جي تاريخ

طارق عزيز شيخ

سفرنامن جي تاريخ ۾ وڏو نالو ابن بطوطه جو آهي، جنهن ھڪڙو سفرنامو لکيو پر ان سفرنامي سان گڏ مختلف ملڪن جي تاريخ قلمبند ٿي وئي. ابن بطوطه مراڪش ۾ پيدا ٿيو. ادب، مذهب، تاريخ ۽ جاگرافي جي تعليم پرائڻ بعد سياحت تي نڪري ويو. هو عربستان، ترڪي، شام، ايران، فلسطين، افريقه، افغانستان، روس، چين ۽ هندستان مان ٿيندو سنڌ کان واپس وريو. هن ۷۵ هزار ميل سفر ڪري پنهنجو سفرنامو “عجائب السفارتي غرائب الديار” لکيو، جنهن کي لڳ ڀڳ سڄي دنيا جي ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو، ٻي صورت ۾ پنهنجي پنهنجي ملڪ سان لاڳاپيل تاريخ کي ابن بطوطه جي سفرنامي کان کنيو ويو.

سنڌ جو ابن بطوطه، الطاف شيخ جو لقب آهي، جنهن سڄي دنيا جو سفر ڪري سنڌي ٻوليءَ کي هر ملڪ جي تهذيب، تمدن، ماحول، موسم ۽ ماڻهن جي مزاج کان واقف ڪرايو.

سنڌ جي نامياري شاعر ۽ اديب ڊاڪٽر نواز علي شوق موجب: “اسان کي جنهن شاگرد کي ادب ڏانهن دلچسپي وٺرائڻي هوندي آهي، ان کي الطاف شيخ جا سفرناما پڙهائي مطالعي جو شوق ڏياريندا آهيون.”

الطاف شيخ سوء کان وڌيڪ سنڌي ۽ اردو ٻولين ۾ سفرناما لکيا آهن. هي سنڌ جو وڏي ۾ وڏو سفرنامن جو ليکڪ آهي. دنيا جي مختلف ٻولين ۾ شايد ئي ڪو ايڏو وڏو سفرنامن جو ليکڪ هجي. سنڌي ادب جو اهو اعزاز آهي ته الطاف شيخ هن ادبي صنف کي هٿي وٺرائي نه ته اڱرين تي ڳڻڻ جيترا سفرناما ملن ها.

الطاف شيخ اصل هالا جو ويٺل آهي، هو ۱۹۴۴ع ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم هالا مان پرائڻ بعد انٽرميڊيٽ ڪيڊٽ ڪاليج مان پاس ڪيائين ۽ مئرين انجينئرنگ چٽاگانگ مان ڪيائين، جڏهن ته ورلڊ ميري ٽائيم يونيورسٽي سوئيڊن مان پوسٽ گريجوئيشن ڪيائين.

الطاف شيخ سفرناما لکڻ جو سلسلو ۱۹۶۸ع کان شروع ڪيو. سندس پهريون سفرنامو”منهنجو ساگر منهنجو ساحل” نالي سان آيو، جيڪو خطن جي روپ ۾ لکيل سفرنامو آهي. الطاف شيخ جو هي سفر يوگوسلاويا ويندي لکيو هو. هي سفرنامو سهڻي پبليڪيشن حيدرآباد پاران ۱۹۶۹ع ۾ ڇپايو ويو. “بندر بازاريون” ۱۹۷۴ع ۾ سفرنامو ٿائيلينڊ، سنگاپور ۽ ملائيشيا بابت آهي. “جاني ته جهاز ۾” ۱۹۷۲ع جي شروعاتي سفرن تي لکيل آهي. “پيار جي گهُٽ” آفريقه ڏانهن ڪيل سفر جي ڪٿا ۽ ڪهاڻين جي شڪل ۾ ۱۹۷۱ع ۾ ڪتاب آيو. “وايون وڻجارن جون” ۱۹۷۰ع کان ۱۹۷۳ع تائين چين ۽ هانگ ڪانگ جو سفرنامو آهي. “نيو هالا کان نيويارڪ” سندس آمريڪا، ڪئنيڊا ۽ ويسٽ انڊيز جي سياحت تي ٻڌل سفرنامو آهي جيڪو هن ۱۹۶۸ع کان ۱۹۷۲ع تائين لکيو. “بندر ديسان ديس” لطاف شيخ جي ابتدائي سفرنامن مان هڪ آهي جيڪو جپان، ڪوريا، هانگ ڪانگ، چين، ٿائيلينڊ ۽ ملائيشيا جي ملڪن جو سفرنامو آهي. “مڪليءَ کان ملاڪا تائين” الطاف شيخ جو ملائيشا جو سفرنامو آهي. “سي ئي جوڀن ڏينهن” الطاف شيخ جو ۱۹۷۷ع ۾ سريلنڪا جو لکيل سفرنامو آهي. “جت جر وهي ٿو جال” ملائشيا جو سفرنامو آهي. “ملائشيا ۱۲ سال بعد” ملائشيا جو سفرنامو آهي. “ڪولالمپور ڪجهه ڪوهه” به ملائشيا جوسفر نامو آهي.”نه سي سڙهه سکاڻ” هندستان ۽ روس جو سفرنامو آهي. “ملير کان مالمو تائين” سئيڊن بابت سفرنامو آهي.

“ڇاجو ديس ڇاجو وديس” مختلف ملڪن ۽ شهرن جو ذڪر آهي. “ڏيهه پرڏيهه جو سفر” ڊينمارڪ جو سفرنامو آهي. “وسي ٿو وڏڦڙو” مختلف مضمونن ۽ سفرنامن جو ڪتاب آهي. “هي دو ٻيٽ هيءَ ڪنارا” هيءُ ڪتاب دنيا جي ڏهن وڏن ٻيٽن بابت لکيل آهي جيڪي ڪئناڊا، انڊونيشيا ۽ جپان وغيره جا آهن. “اوهريا جي عميق ڏي” سنگاپور، ملائشيا، بئنڪاڪ ۽ هانگ ڪانگ جي سفر بابت ڪتاب آهي. “ههڙو ڪو ٻيو ڌنڌو” انڊيا، سريلنڪا، سنگاپور ۽ جپان جو سفرنامو آهي. “هلي ڏسجي هندستان”، “بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾” ۽ “دهلي جو درشن” انڊيا جا سفرناما آهن. “ايران ڏي اڏام” ايران جو سفر “هليو آ ملائشيا” ملائشيا جو، “ممباسا شيدي باڇا همباشا” آفريڪا جو، “ اڇن جو ملڪ ۾ اسين ڪارا” سئيڊن جو، “بخشو لغاري کان بالٽيمور تائين” آمريڪا جو، “اي جرني ٽو ٿائيلينڊ” ٿائيلينڊ جو، “اي روڊ ٽو مدينه” ۽ “ڀلي پار تان ڀيرو” سعودي عرب جا، “سنگاپور ويندي ويندي” سنگاپور جو، “ڪويت ڪنارا” ڪويت جو، “جپان جن جيءَ ۾”،  “ڳالهيون تنهن جپان جون”، “جپان رس” “جپان ۲۵ ورهين بعد”، “ٽوڪيو جي گيشيا گرل” جپان جا، “ڪراچي کان ڪوپن هيگن” “آفريڪا جو، “ارائونڊ دي ورلڊ” مختلف ملڪن بابت سفرناما آهن.

مٿين سفرنامن مان ڪيترائي اردو ٻوليءَ ۾ ترجمو پڻ ٿيا آهن جيڪي “ايران ڪي دن”،  ڪراچي سي ڪوپن هيگن”، “ملائشيا ڪي دن” ۽ “سمندر ڪي دن” وغيره شامل آهن.

الطاف شيخ سفرنامن کان علاوه اخبار ڪالم، ڪهاڻيون ۽ ترجما پڻ ڪيا آهن. هن لکڻ جي شروعات به ترجمن سان ڪئي هئي. سنڌي ادب ۾ تحريري چاشني جو مزو الطاف شيخ جي سفرنامن مان ملي ٿو. هن جا سفرناما فقط گهمڻ ڦرڻ جو تذڪرو ئي ناهن پر انهن هنڌن جي ڪهاڻي به آهي. الطاف شيخ سڄي دنيا ۾ جتي به ويو آهي اتي هن سنڌ کي ياد ڪيو آهي. هو سنڌ جو سچو سيلاني آهي. پرڏيهه ويندڙ سنڌي سندس سفرنامن مان ڄاڻ ۽ رهنمائي وٺندا آهن. الطاف شيخ جي سفرنامن کي فقط گھمڻ ڦرڻ وارا لمحا قلمبند ڪرڻ نٿا چئي سگهون، ڇاڪاڻ ته ھن وٽ سفرنامي لاءِ نئين ڄاڻ، انھيءَ ھنڌ جي تاريخ سان گڏ وجه شھرت، تھذيب ۽ ماڻھن جي معلومات پڻ ملي ٿي. ڪيترائي اھڙا ملڪ ۽ شھر آھن جيڪي عام ماڻهو گھمي ڦري اچن ٿا. ڪي اديب سفرناما به لکي اچن ٿا پر قومن جي رھڻي ڪھڻي کان وٺي انھن جون ريتون رسمون صرف الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ ملي ٿو. سنڌي ادب جي اھا خوش قسمتي آهي، جنھن کي الطاف شيخ جھڙو اديب مليو. جيڪڏهن الطاف شيخ انگريزي يا اردو ٻولين ۾ سفرناما لکي ھا ته ھو عالمي سطح تي پذيرائي حاصل ڪري وٺي ھا، پر هن پنھنجون خدمتون سنڌي ٻوليءَ لاءِ پيش ڪري، اسان جي ادب کي سفرنامي جي صنف سان مالدار بڻايو.

 

(روزاني مومل ڪراچيءَ ۾ آچر، ۱۰ سيپٽمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)



الطاف شيخ

جديد سنڌ جو سِنڌباد

ڪامران رند

الطاف شيخ سنڌيءَ سفرنامي جي روح روان طور پوري سِنڌ ۽ پاڪستان اندر ڄاتو سُڃاتو وڃي ٿو. سندس ادبي خدمتن منجھ سنڌي ادب اندر سفرنامي جي صنف کي باقائده طور سُڃاڻپ ڏيارڻ آھي. الطاف شيخ کي سنڌ جو سيلاني، ابن بطوطه يا وري مارڪو پولو چئجي ته هوند اِن ۾ ڪو وستاءُ ڪو نه ٿيندو. سنڌي سفرنامي کي پڙهندڙن جي هٿن منجھ آڻڻ جو تقريبن زمو ھن ڏانهن وڃي ٿو.

سنڌ جي هن پرخلوص سيلاني جو جنم گل محمد شيخ جي گهر ۾ ۱۴ نومبر ۱۹۴۴ع تي ٿيو. بنيادي تعليم ڳوٺ ۾ پرائڻ کان پوءِ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو مان پڻ تعليم حاصل ڪيائين. تنهن بعد مشرقي پاڪستان جي مئرين اڪيڊمي ۾ انجنيئرنگ پڻ پڙهايس.

الطاف شيخ پيشي طور مئرين انجنيئر رهيو آهي ۽ تنهن سبب ڪري ئي پوري دنيا گھمڻ جو فطري موقعو مليو اٿس. سنڌ جي هن سُچيتي ليکڪ پنهنجي هر سفر جو برجستو احوال سنڌ سان پئي ونڊيو آهي.

سندس لکيل ڪتابن جو ڪاٿو هن وقت ستر کان به مٿي آھي.

الطاف شيخ سنڌ جي ادبي کيتر ۾ پهرين اڏام ۱۹۷۱ع ڌاري ڪئي. سندس پهرين ترجمو ٿيل ليک اناميڪا (گمنام) جي نالي سان شايع ٿيو. الطاف شيخ مختلف ناول ۽ ڪهاڻيون پڻ ترجمو ڪيون آھن. سندس پهريون سفرنامو جاني ته جهاز ۾“ جي نالي سان شايع ٿيو.

امر جليل کان پوءِ گھڻي قدر اھو ڪريڊٽ الطاف شيخ ڏانهن ئي وڃي پيو، جو سنڌ جي نوجوان الطاف شيخ جا سفرنامه پڙهي ڪري سنڌ جي ادبي کيتر ۾ پير پاتو ۽ پاڻ ملهايو.

الطاف شيخ سفرنامن لکڻ جي حوالي سان تمام سادي ۽ سولي سنڌي لکڻ پسند ڪئي آهي. اھو ئي سبب آهي جو ٻار توڙي ٻڍا، مرد توڙي عورت سندس ڇپيل ڪتاب تمام شوق سان پڙهن ٿا. امر جليل الطاف جي سفرنامن جي باري ۾ لکي ٿو ته، ”سندس سفرنامن ۾ ڪٿي به ڪا نصيحت يا تبليخ ناهي جا ڳالھ ئي کيس منفرد بڻائي ٿي“. جڏهن ته طارق اشرف چواڻي الطاف جا سفرناما تبليغ سان ڀرپور ۽ نصيحت جو ڪوڙڪي دان آهي

تن ٻنهي وڏن ليکارن کان علاوه عبد الرحمان قريشيءَ الطاف شيخ جي  سفرنامن کي ٻين سفرناما نويسن کان الڳ ڪري بيهاريو آهي. سندس چوڻ آهي ته، ”الطاف ڪڏهن به ڪو گائيڊ کڻي نه گهميو آهي. هوء جنھن به ملڪ ۾ گهميو آهي ته تنهن ملڪ جي ٻوليءِ، تاريخ ۽ ادب کان روشناس رهيو آهي.

الطاف شيخ ملائيشيا، سوئيڊن، سنگاپور، ناروي جهڙي ملڪن ۾ سالها سال رهي ڪري ملئي، چيني، انگريزي، جاپاني ۽ بنگالي ٻوليون خوب سکي ورتيون ۽ روانيءَ سان ڳالهائي پڻ سگهي ٿو. جنهن ڪري ئي جنھن به ملڪ ويو آھي تنهن ملڪ جي تهذيب، تاريخ، ثقافت، جاگرافي ۽ قومي ڪردارن کان پڻ پڙهندڙ کي آگاھ ڪندو رهيو آهي.

الطاف شيخ جي سفرنامن جي خاص خوبين ۾ تشبيھ ۽ استعارن جو خالص سنڌي ٻوليءَ ۾ استمعال آھي. ھن پنھنجي لکڻين ذريعي سنڌ شناسائي جو خوب پاٺ پڙھايو آهي. مثلن، پاڻ چوندو ماسڪو کان وولگا درياء ايترو پري آهي جيئن پنهنجي جيڪب آباد کان سنڌوءَ - چٽاڪانگ ۽ ڍاڪا جي وچ ۾ ايترو مفاصلو آهي جيئن ڪراچي ۽ ڪنڌڪوٽ وچ ۾.  سندس اهم خوبي ٻوليءَ جو سليس ۽ خالص ھجڻ رهيو آهي. ھي ڪڏهن به پڙهندڙ کي منجھائي ڪون ٿو ۽ صاف، واضع ۽ چٽي لفظن ۾ ڳالھ ڪري ٿو.

سندس محاورن، چوڻين، پهاڪن جو استعمال ڏاڍو وڻندڙ ۽ پڙهندڙ لاءِ دلچسپي جو باعث رهيو آهي. مثلاً آفريڪا جي غريب ملڪن تي يورپي ڏاڍي ملڪن جي ايئن هلان رهي آهي جيئن پاڻ وٽ چئجي سُڪي ڍور تي مڇر گھڻا.

الطاف شيخ جو اندازِ بيان ۽ تمثيل نگاري تمام جاندار ۽ لڀائيندڙ رهي آهي.

سندس منظر نگاري ايتري ته چٽي ۽ دلفريب رهي آهي جو پڙهندڙ اي جرني ٽوپي ٿائيلينڊ ۾ پاڻ کي الطاف شيخ سان گڏ گهمندي محسوس ڪري ٿو.

الطاف شيخ سنڌ سان اٿاھ محبّت ڪندڙ ليکڪ آهي. ھي جڏهن سنگاپور، ملائيشيا، ڍاڪا ۽ پٺتي پيل ۽ ڏتڙيل ملڪن جي ترقي جا قصا ٻڌائي ٿو ته خوش ٿيندي وري اُداس ٿي وڃي ٿو ته جيڪر اها ترقي خوشحالي ۽ پنهنجي ڪم سان سچائي جو جذبو سنڌ ۾ سنڌين وٽ به اگهائجي.

سنڌ جو سندباد ۽ سيلاني الطاف شيخ تقريبن دنيا جو هر ملڪ گهميو ڦريو آهي ۽ پنهنجي تجربي آڌار تِن ملڪن جون خاصيتون ۽ خاميون پنهنجي پڙهندڙن آڏو آڻيندو رهيو آهي. سندس لکيل ڪجھ سفرنامن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا.

جاني ته جهاز ۾،

سيئي جوڀن ڏينھن،

اي جرني ٽو ٿائيلينڊ،

اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا،

منهنجو ساگر منهنجو ساحل،

بخشو لغاري کان بالٽيمور،

اوهريا جي عميق ۾،

دهليءَ جو درشن،

اي جرني ٽو مدينه،

شيدي باشا هم باشا وغيره.

سندس ڪجھ ترجمو ٿيل ڪهاڻين جا ڪتاب ۽ ناول پڻ آهن. جي ڪجھ هيٺ ڏجن ٿا.

ٽوڪيو جي گيشا گرل، ماسٽر هريا رام جو بئنڪاڪ وڃڻ.

سياڻي جھرڪي، خدا ڏئي خط وغيره.

الطاف شيخ جو سنڌ ادب ۽ خاص طور سفرنامي جي صنف ۾ ڪيل ڪم تمام لاڀائتو ۽ مؤثر رهيو آهي.

الطاف شيخ جھڙا ڪردار ئي حقيقتن ڪنهن به قوم جو سرمايو ھجن ٿا جو اڪيلي سر ڪنهن اداري جيترو ڪم ڪري، پنهنجي ھجڻ کي بامعنيٰ بڻايو ڇڏين.

 

(ڏھاڙي سوڀ ۾ ۱۴ اپريل ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


No comments:

راءِ ڏيندا