الطاف شيخ
عظيم سفرناما نگار، ليکڪ ۽
مئرين انجنيئر جو ادبي ۽ سامونڊي سفر
سليمان وساڻ
(هو مسلسل لکي پيو، بلڪل ٿڪجي ئي نه ٿو. لکڻ
ڄڻ ته هاڻ سندس مقصد بڻجي ويو آهي. هو هن وقت به سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ پڙهيو ويندڙ
ليکڪ آهي. ۹۱ کان مٿي ڪتاب لکي چڪو آهي. جن مان لڳ ڀڳ ۸۰ کان مٿي سفرناما آهن. هن
اسان کي دنيا گهمائي آهي. ڪي کيس سندباد سڏين ته اڪثر وري کيس سنڌ جو ڪولمبس سڏين.
ڪو کڻي کيس ڪهڙي به نالي سان سڏي پر هو سفرنامن جو شهنشاهه آهي. هي مکڻ ماڻهو سان
گڏ ملنسار پڻ آهي.)
سرزمين هالا ۾ ۱۴ نومبر
۱۹۴۴ع تي ڄمڻ واري هن سفرناما نگار
جو پورو نالو الطاف احمد شيخ ۽ قلمي نالو ’الطاف شيخ‘ آهي. الطاف شيخ جي والد جو
نالو گل محمد شيخ ۽ والده جو نالو شريفان آهي. ٻنھي جو تعلق پڙهيل لکيل خاندانن
سان هو. الطاف شيخ جو والد اڃا ڪلاس ٻئي ۾ هو ته سندس والد يعني الطاف شيخ جي ڏاڏي
عبدالرحيم شيخ جي وفات ٿي وئي. ان بعد کين والده مريم ۽ مامي ماستر محمد وريل
نپايو. هنن نور محمد هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ۽ انٽر سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ مان
پاس ڪرڻ بعد ائگريڪلچر سائنس ۾ B.Sc پوني (انڊيا
جي اڄ جي رياست مهاراشٽرا جي شهر) جي يونيورسٽي مان ڪئي ۽ بعد ۾ M.Sc آمريڪا جي ڪارنيل يونيورسٽي (اٿيڪا شهر) مان ڪئي، جيڪو شهر
نيويارڪ رياست ۾ آهي. B.Sc ڪرڻ بعد،
الطاف جي والد ڪراچيءَ مان شيخ اياز (مشهور شاعر) سان گڏ، مسلم لا ڪاليج ڪراچي مان
قانون جي ڊگري LL.B پڻ حاصل ڪئي ۽ ڪجهه عرصو جسٽس
عبدالرحمان مرزا (جسٽس حامد علي مرزا جو والد ۽ الطاف جي نانيءَ جو وڏو ڀاءُ) وٽ
وڪالت ڪئي. ان بعد PCS جو امتحان
ڏئي، مختيارڪار ٿي رهيا. ۱۹۵۵ع ڌاري،
آمريڪا طرفان ٽنڊو ڄام ۾ کوليل ’وليج ايڊ ڪاليج‘ جا هو پرنسپال ٿيا. وليج ايڊ کاتو
بند ٿيڻ تي پاڻ وري روينيو کاتي ۾ آيا ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي پوسٽ تان رٽائر ڪيائون. کيس
پڙهڻ لکڻ جو تمام گهڻو شوق هو جنهن لاءِ هو پنهنجن ٻارن جي به هر وقت همت افزائي
ڪندو هو. ايتريقدر جو الطاف جيتوڻيڪ اسڪول يا ڪاليج ۾ اڙدو نه پڙهيو پر کيس گهر ۾
اڙدو پڙهڻ سيکاريو ويو. پاڻ کيس هميشه اهو چوندا هئا ته؛ ”اڙدو اهم زبان آهي، جنهن
۾ تمام گهڻا اسلامي ڪتاب آهن، جن کي پڙهڻ لاءِ اڙدو سکڻ ضروري آهي.“ الطاف جي والد
جا خاص سبجيڪٽ ائگريڪلچر ۽ ائنٿروپالاجي هئا ۽ پاڻ مختلف موضوعن تي ڪڏهن ڪڏهن
اخبارن ۾ ڪالم به لکندو ھيو ۽ سنڌيءَ ۾ سندن چار ڪتاب پڻ ڇپيل آهن. جهڙوڪ: ماڪوڙي،
ماکيءَ جي مک، ڪوريئڙو ۽ گڏهه. ”گڏهه“ ڪتاب الطاف جي والد گل محمد شيخ پنهنجن
دوستن ۽ ڪلاس ميٽن: ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ اڳوڻي وائيس چانسلر، سيد غلام مصطفيٰ شاهه
سابق وي سي ۽ جلباڻي صاحب سان گڏ لکيو.
