; سنڌي شخصيتون: فضل سليمان قاضي

22 November, 2016

فضل سليمان قاضي

فضل سليمان قاضي
ساڻس گذاريل ڪي يادگيريون
منظور جوکيو


سائين فضل سليمان قاضي صاحب جي شخصيت کي ڇڏي ڪري باقي مون پنهنجي گذريل ۲۵ سالن جي بئنڪنگ ۽ سول سروس جي ڪيريئر ۾ ڪا اهڙي گهڻ رُخي شخصيت نه ڏٺي آهي، جنهن ۾ هڪ ئي وقت بلا جي ذهانت، مدبراڻي تقرير ڪرڻ جي صلاحيت، انتهائي اعلي قسم جي خوش لباسي، تمام وسيع مطالعي جو پس منظر، مشڪل وقت ۾ حالتن کي ضابطي هيٺ آڻڻ جو گُر، بهترين ايڊمنسٽريشن هلائڻ جو تجربو ۽ انتها درجي جي بهادري ۽ دليري ۽ ٻيون انيڪ خوبيون هجن. فضل سليمان قاضي صاحب اُها واحد شخصيت آهي، جنهن ۾ اهي سڀ خوبيون هڪ ئي وقت موجود آهن.


جڏهن مان ۱۹۹۳ع ۾ پاڪستان بئنڪنگ اينڊ فنانس سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري نيشنل بينڪ آف پاڪستان ۾ آفيسر گريڊ ۲ طور ڀرتي ٿيو هوس ته سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ ويٺل بئنڪ جي روايتي ايگزيڪيوٽوز، نون آفيسرن کي”رڳڙو“ ڏيڻ واري فرسودا پاليسيءَ تحت مون کي لاڙڪاڻي جي پٺتي پيل علائقي ڏوڪريءَ ۾ پوسٽ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب بئنڪ جي صاف سٿري وائيٽ ڪالر ۽ ميٽرو پوليٽن شهرن ۾ پوسٽنگ وارو منهنجو آئيڊيل خواب چڪنا چُور ٿي ويو هو.
اتفاق سان سائين فضل سليمان قاضي صاحب سان منهنجي ملاقات لاڙڪاڻي جي زونل آفيس ۾ ٿي، جڏهن هو صاحب هڪ ئي وقت حيدرآباد ۽ سکر جو ريجنل چيف هو، مون سان ملڻ کانپوءِ قاضي صاحب گدام چوڪيدار کان زونل چيف جي ليول تي پهتل لاڙڪاڻي جي زونل چيف، جيڪو وارن ۾ لپ تيل جي وجهي، وچان سينڌ ڪڍي آفيس ۾ ويهندو هو، هن پڇيو ته ڪهڙو سبب آهي جو ٽيلينٽيڊ نون آفيسرن کي ڏوڪريءَ جهڙي پٺتي پيل برانچ ۾ رکيو اٿو؟“
زونل چيف ساڳيو روايتي جواب ڏنو ته؛ ”سائين جيئن هي ڏکين حالتن ۾ بهتر ڪم سکي سگهن.“ تنهن تي قاضي صاحب هن کي ڇنڊ پٽيندي چيو هو ته، ”بئنڪ ۾ آيل ٽئلينٽيڊ ماڻهن جي صلاحيتن کي توهان ضايع ڪري رهيا آهيو. هن آفيسر جي جڳهه ڏوڪري ۾ ناهي پر هن کي زونل آفيس يا ريجنل آفيس ۾ هجڻ گهرجي.“ اهڙي طرح سائين جڏهن حيدرآباد پهتو ته هن وڃڻ شرط مون کي ڏوڪريءَ برانچ مان حيدرآباد جي ريجنل آفيس ۾ مقرر ڪري ڇڏيو.
نه رڳو مون کي پر انهن سڀني آفيسرن کي جن ڪميشن جو امتحان پاس ڪري بئنڪ ۾ آفيسر طور جوائن ڪيو هو، انهن سڀني کي نئين ريجنل آفيس ۾ مقرر ڪري، اهم عهدن تي ويهاريو هو. انهن آفيسرن ۾ منهنجو ويجهو دوست ذوالفقار علي نظاماڻي به هو. اسان جڏهن بئنڪنگ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري بئنڪ ۾ لڳا هئاسون ته پاڻ کي ڪنهن نئين سي.ايس.ايس آفيسر کان گهٽ نه سمجهندا هئاسين ۽ بئنڪ جي آفيسرن ۽ ايگزيڪيوٽوز کي ڪجهه نه سمجهندا هئاسين، پر جڏهن هڪ ڏينهن قاضي صاحب سڀني ڪميشن پاس ڪري آيل آفيسرن کي گهرائي، پنهنجي آفيس ۾ اسان سان ملاقات ڪئي ته هن جي خوش لباسي، اعتماد ذهانت ۽ خاص ڪري فراوانيءَ سان اعليٰ قسم جي انگريزي گفتگو ٻڌي، اسان جا حواس پنهنجي جڳهه تي آيا ۽ اسان پاڻ کي خسيس سمجهڻ لڳاسين، بعد ۾ ڪجهه پروگرامن ۾ جڏهن هن جي انگريزيءَ ۾ تقرير ٻڌي ته خبر پئي ته هو هڪ تمام بهترين مقرر ۽ انگريزي زبان جو وڏو ڄاڻو هو.
هتي مان اهو به اعتراف ڪندس ته قاضي صاحب جي انگريزي ڳالهائڻ دوران ڪافي اهڙا انگريزي لفظ هوندا هئا، جيڪي اسان لاءِ نوان هوندا هئا ۽ اسين بعد ۾ ڊڪشنري کولي انهن جي معنيٰ ڳوليندا هئاسين، ڪميشن پاس هڪ آفيسر کان جڏهن قاضي صاحب هن جي ڪارڪردگيءَ بابت پڇيو ته هن انگريزيءَ جو رعب ويهاريندي کيس چيو ته؛
I am working up to the brink of my Capacity
ته سائين فورن هن کي ٽوڪيو،
It means you are working from the dawn to dusk, you are always something one to your workaholic activity please do not make hyperbolism with me 
بعد ۾ انهيءَ آفيسر تي نالو ئي پئجي ويو
Hyperbolist
قاضي صاحب جي خوش لباسي سڄي بئنڪ ۾ مشهور هوندي هئي، انهيءَ وقت نيشنل بينڪ جا ايگزيڪيوٽوز وڌ ۾ وڌ سفاري سوٽ، شلوار قميص ۽ ويسٽ ڪوٽ يا وري پينٽ شرٽ ۽ ٽاءِ پهريندا هئا، پر مون قاضي صاحب کي سدائين بهترين فل سوٽن ۾ ملبوس ڏٺو، منهنجي مشاهدي موجب هو هر روز هڪ مختلف فل سوٽ پائي ايندو هو ۽ منهنجي اندازي موجب هن وٽ اٽڪل هڪ سئو فل سوٽ هئا.
منهنجي دوست ذوالفقار نظاماڻيءَ ٻڌايو ته جڏهن هن جي پوسٽنگ سيوهڻ ۾ هئي ته هن کي قاضي صاحب سيوهڻ مان بدلي ڪري حيدرآباد جي انتهائي بهترين ۽ صاف سٿري فاطمه جناح روڊ برانچ ۾ مقرر ڪيو ته نظاماڻي قاضي صاحب سان شڪريي واري ملاقات لاءِ وٽس ويو ته هن جي خوش لباسي ۽ انگريزي ڳالهائڻ کان ڏاڍو متاثر ٿيو، جڏهن هو قاضي صاحب سان ملڻ ويو هو ته نظاماڻي پنهنجي پسند جي لباس شلوار قميص ۾ ملبوس هو. جڏهن هو قاضي صاحب کان موڪلائي ڪمري کان ٻاهر نڪري رهيو هو ته پٺيان قاضي صاحب کيس چيو، ”تون ڊئريڪٽ ڪميشن آفيسر آهين تنهن ڪري توکي اها تلقين ڪيان ٿو ته اهي ڪلارڪن وارا ڪپڙا نه پائيندو ڪر! نيشنل بينڪ هڪ ڪلريڪل ايمپائر آهي، اِها توکي ڪلرڪ بڻائي ڇڏيندي، تنهن ڪري ڪپڙن پائڻ ۾ توکي خاص احتياط ڪرڻو پوندو.
قاضي صاحب عالمي تاريخ تي گهري نظر رکندڙ آهي. هو عالمي سطح تي نيپولين بونا پارٽ کان ڏاڍو متاثر آهي، نيپولين جي صلاحيتن، هن جي فن حرفت، بهادري ۽ جنگي صلاحيتن کان متاثر آهي، ملڪي سطح تي قاضي صاحب ذوالفقار علي ڀٽي کان ڏاڍو متاثر آهي. قاضي صاحب جي شخصيت ۾ موجود خوش لباسي ۽ تقرير ڪرڻ واري انداز کي ڏسي مون کي هميشه ڀٽو صاحب ياد ايندو آهي. جيڪڏهن قاضي صاحب ملڪي سياست ۾ هجي ها ته منهنجو خيال آهي ته مون ڀٽي صاحب وانگر ملڪي سياست ۾ وڏي اٿل پٿل  پيدا ڪري ها، قاضي صاحب جي صلاحيتن کي ڏسي مون کي محسوس ٿيندو آهي ته سياست کانپوءِ جيڪو شعبو قاضي صاحب لاءِ بهتر رهي ها اهو هو سفارتڪاري. قاضي صاحب ۾ بهترين سفارتڪار جون صلاحيتون موجود آهن، پر بدقسمتيءَ سان هو سفارتڪاريءَ واري شعبي بجاءِ بئنڪنگ واري شعبي ۾ اچي ويو.
قاضي صاحب بئنڪنگ واري شعبي ۾ به خوب پاڻ ملهايو. سندس بئنڪنگ واري پروفائيل کي ڏسجي ٿو ته انهيءَ شعبي ۾ به مٿاهين جڳهه تي نظر اچي ٿو، ڪنهن بئنڪر لاءِ هن جي ڪيريئر ۾ هڪڙي فارين پوسٽنگ معراج جي حيثيت رکندڙ هوندي آهي، پر هن جي ٽي چار ڀيرا فارين پوسٽنگ ڪئي وئي، سا به آمريڪا، لنڊن، روس ۽ چين ۾ قاضي صاحب جي اها بدقسمتي چئجي جو کيس بئنڪ ۾ پنهنجي ئي ذات وارو نيميس مليو، جنهن جي هر وقت اها ڪوشش رهي ته سائين ڪهڙي طرح مٿي اچڻ ۽ اُسرڻ کان محروم رهي.
جڏهن اهو صاحب بئنڪ جو صدر بڻيو ته ان پهرين ڏينهن فضل سليمان قاضي صاحب کي او ايس ڊي بڻائي، سزا طور ڪوئيٽا اُماڻي ڇڏيو. جڏهن هو حيدرآباد ۾ ريجنل چيف طور ٻيهر مقرر ٿي آيو ته اتي موجود چئن وائيس پريزيڊنيٽ ليول جي آفيسرن، جن قاضي صاحب جي خلاف هميشه سازشون ڪيون هيون، جون اي ايس آر بهترين لکيون، ڇو ته قاضي صاحب ڪڏهن به بدلي وٺڻ واري سوچ کان مٿاهون رهيو آهي. جڏهن پروموشن ٿيڻ جو وقت آيو ته انهن چئني وائيس پريزيڊينٽ کي سينيئر وائيس پريزيڊينٽ پروموشن مليو ته هنن وڏي شرمندگي محسوس ڪئي ۽ قاضي صاحب وٽ وڃي معافي طلبي ۽ گڏ ئي شڪريو پڻ ادا ڪيو.
جڏهن سائين حيدرآباد ريجنل چيف هو ته مٿين صاحبن جي آشيرواد سان هلندڙ اسٽاف يونين ۽ آفيسرس ايسوسي ايشن هن جي خلاف وڏا مسئلا ڪيا، پر هن هميشا پنهنجي مدبراڻين صلاحيتن ۽ دليريءَ سان هنن کي منهن ڏنو، مون کي ياد آهي انهيءَ وقت يونين جو مقامي اڳواڻ بلوچستان جي هڪ پٺاڻ سياسي اڳواڻ محمود خان اچڪزئي وانگر شلوار قميص سان مئچ ڪندڙ رنگ واري لوئي پائيندو هو، هنن شروع ۾ قاضي صاحب خلاف ڪات ڪهاڙا کنيا، پر اڳتي هلي سندس مخالفت ڪرڻ ڇڏي ڏني، آفيسرس ايسوسيئيشن جا عهديدار مشهور زمانه ٻه ڪردار يعني جمال ۽ ڪمال هوندا هئا، جن کي تڏهوڪي بئنڪ آفيسر، جيڪو ڪرپشن جي الزام ۾ برطرف ٿي چڪو هو ۽ هاڻوڪي مشهور پير جو آشيرواد حاصل هو، پڻ قاضي صاحب جي مخالفت ۾ اڳرا هئا، پر اڳتي هلي انهن به سندس ڪردار ۽ خير خواهي کان متاثر ٿي هن جو ساٿ ڏيڻ شروع ڪيو.
جڏهن قاضي صاحب کي بئنڪ جي صوبائي صدر جي چارج ملي ته اسٽاف يونين اهو طئه ڪيو هو ته بينڪ جي هيڊ آفيس ۾ واقع صوبائي سربراهه جي آفيس اڳيان ڌرڻو هڻي، قاضي فضل  سليمان کي چارج وٺڻ نه ڏني ويندي، انهيءَ وقت بهادريءَ  ۽ دليريءَ جو امتحان هو، مون کي ياد آهي ته ڪيئن قاضي صاحب بئنڪ جي هيڊ آفيس جي ڪاريڊار ۽ صوبائي سربراهه جي آفيس جي اڳيان ڌرڻو هڻي ويٺل يونين جي ڇاڙين جي وچ مان ايئن گذري وڃي پنهنجي آفيس ۾ ويٺو انهيءَ ڏينهن قاضي صاحب جي بهادري ۽ دليريءَ جي واکاڻ سڄي بينڪ ۾ مشهور ٿي ويئي هئي.
هڪ ڀيري قاضي صاحب ايڊمنسٽريشن جي چيف جي جارج هڪ نئين پروموٽ ٿيل آفيسر گريڊ ون کي ڏني ته، هن چيو ته سائين مان ڪئپٽن آهيان، مون کي برگيڊيئر جي چارج ڪيئن ٿا ڏيو، تنهن تي قاضي صاحب ڏاڍو ناراض ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته عهدا وڏي حيثيت نه رکندڙ هوندا آهن، پر ماڻهوءَ کي وڏو هجڻ گهرجي، مون کي جيڪڏهن اڄ به بئنڪ جو صدر بڻايو وڃي ته مان چارج وٺڻ ۾ دير نه ڪندس.
کيس مون جڏهن اهو قصو ٻڌايو ته ڪيئن وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي شيخ اياز کي فون ڪري چيو ته توکي سنڌ يونيورسٽيءَ جو وي سي ٿو بڻايان ته شيخ اياز جڏهن اهو چيو ته وي سي شپ هلائڻ لاءِ هن وٽ ڪو تجربو ناهي ته ڀٽي صاحب فورن هن کي جواب ڏنو ته مون وٽ وزيراعظم ٿيڻ لاءِ ڪو تجربو ته ڪو نه هو ، پر مان وزيراعظم ٿيڻ لاءِ فورن تيار ٿي ويس.
اها ڳالهه جڏهن قاضي صاحب ٻڌي ته هن چيو ته؛ ”بلڪل ايئن ئي هجڻ گهرجي، ماڻهوءَ کي هر وڏي عهدي لاءِ تيار رهڻ گهرجي، اها ئي ڪنهن ماڻهوءَ جي صلاحيت ليکي ويندي آهي.“ قاضي صاحب مذاق ڪرڻ جي بهترين حس رکندڙ آهي، هو اسان کي نجي ڪچهرين ۾ ڏاڍا مزيدار قصا ڪهاڻيون ٻڌائيندو هو، هن هڪ ڀيري ٻڌايو ته هن وٽ هڪ رٽائرڊ ملازم آيو ۽ چوڻ لڳو ته هن جي پٽ کي ڪيئن به ڪري نوڪري ڏيو ڇو ته هن بينڪ جي خدمت ڪئي آهي، قاضي صاحب کيس چيو ته نوڪري لاءِ ڪي ضابطا هوندا آهن، انهن کي پورو ڪرڻو هوندو آهي، جڏهن نوڪريون خالي ٿيون ته ضابطن تحت هن جي پٽ جي نوڪريءَ تي غور ڪيو ويندو، پر همراهه ضد ٻڌي بيهي رهيو ته هاڻي جو هاڻي هن جي پٽ جي نوڪري جو آرڊر ڏنو وڃي. ڇو ته هن بئنڪ جي خدمت ڪئي آهي. انهيءَ تي قاضي صاحب کيس چيو ته بئنڪ جي خدمت هن مفت ته نه ڪئي آهي، پر پگهار عيوض ڪئي آهي، تنهنڪري بئنڪ تي هن ڪو ٿورو نه ڪيو آهي.“
ميرپورخاص ضلعي سان تعلق رکندڙ پ پ  جي حڪومت دوران وفاقي وزير هڪ مينيجر کي خط ڏئي موڪليو تنهن کي فارين ٽريننگ تي موڪليو وڃي، اهو مينيجر جڏهن قاضي صاحب سان ملڻ آيو ته اتفاق سان نظاماڻي صاحب ۽ مان قاضي صاحب وٽ ويٺا هئاسون، مينيجر کان قاضي صاحب ايڪنامڪس جي ڪا وصف پڇي ته هو ڏڪڻ لڳو ۽ ڪياڙي کنهڻ لڳو ته قاضي صاحب کيس فورا چيو، وائڙا تون ولايت ۾ ٽريننگ ڪيئن ڪرڻ ويندين، اتي ته تنهنجي مٿان موٽر چڙهي ويندي.
بينڪ ۾ دادوءَ سان تعلق رکندڙ ٻه ڀائر آفيسر هوندا هئا. انهن مان هڪ وڏو نااهل ۽ سازشي ڪردار هوندو هو. اهو قاضي صاحب کي چوندو هو ته مان توسان گڏ آهيان ۽ ٻئي پاسي قاضي صاحب جي دشمنن کي چوندو هو ته مان توهان سان گڏ آهيان. مطلب ته انگريزيءَ جي ان پهاڪي ته سيهڙن سان گڏ ڀڄڻ ۾ به پورو ته ڪتن سان گڏ سيهڙن جو شڪار ڪرڻ ۾ به پورو واري مثال تي بلڪل پورو لهندو هو. فضل سليمان قاضي هن کي چڱيءَ ريت سڃاڻيندو هو. هڪ ڀيري قاضي صاحب حسب معمول ريجنل آفيس جي اسٽاف هال جي در تي بيهي اسٽاف جو جائزو وٺي پنهنجي آفيس ۾ هليو ويو ته انهيءَ آفيسر نظاماڻي صاحب کي سرائڪيءَ ۾ چيو ته ”ابا! هن ريجنل چيف ڏاڍي دهشت ڦهلائي هي. اڄ بس اهندا بلا ٿي ويسي“ ٿورڙي دير بعد ڊسپينجر هن کي اچي لفافو هٿ ۾ ڏنو. انهيءَ آفيسر لفافي کي کولي انهيءَ ۾ رکيل ڪاغذ کي پڙهڻ بعد رڙ ڪري نظاماڻي کي سرائڪيءَ ۾ چيو ”ابا اهندا ته بلا نه ٿيا پر ميڏي لاهه ڪڍ ڇوڙيس، ميڪون ساماري بدلي ڪر ڇڏيس، مين ته مر ڳيس“.
جيئن اڳ ۾ بيان ڪري آيو آهيان ته فضل سليمان قاضي ڏاڍو خوش لباس رهيو آهي. هو اسان کي به تلقين ڪندو هو ته سٺا ڪپڙا خاص ڪري فل سوٽ وغيرا پايو. مان ته ڪڏهن ڪڏهن پينٽ شرٽ پائيندو هوس، باقي منهنجو دوست ذوالفقار نظاماڻي اڪثر شلوار قميص پهريندو هو. ڇو ته شلوار قميص هن جو پسند جو لباس رهيو آهي. قاضي صاحب جي خوش لباسيءَ کان متاثر ٿي اسان به باقاعدي پينٽ شرٽ پائڻ شروع ڪئي.  جيئن ته نظاماڻي ۽ مان هميشه گڏ هوندا هئاسين ۽ گڏ گهمندا ڦرندا هئاسين ۽ شاپنگ به گڏ ڪندا هئاسين، اسان ڪپڙا به هڪ ئي دڪان تان وٺي هڪڙي ئي درزي کي سبڻ لاءِ ڏيندا هئاسين. هڪ ڀيري اسان هڪ ئي ڪلر ۽ ڊزائن جي پينٽ شرٽ ورتي. اتفاق اهڙو ٿيو جو ٻئي ڄڻا هڪ ئي ڏينهن تي ساڳي رنگ ۽ ڊزائين جي پينٽ شرٽ پائي آياسين. قاضي صاحب جو معمول هوندو هو ته صبح سان اچڻ سان ئي اسان ٻنهي کي گهرائي ڪجهه ڪم حوالي ڪندو هو. انهيءَ ڏينهن به اسان کي گهرايائين. ٻنهي کي هڪجهڙي لباس ۾ ڏسي يڪدم چيائين ”ڇو پتلونون گڏ ورتيون اٿَوَ ڇا؟ ۽ هڪ وڏو ٽهڪ ڏيندي وڌيڪ چيائين ”ٻئي ڄڻا صفا هيڪل ۽ جيڪل لڳي رهيا آهيو!“ اسان ٻئي به کلڻ کان رهي نه سگهياسين.
انگريزيءَ ۾ هڪ لفظ آهي، مينٽر Mentor جيڪڏهن ڪو مون کان پڇي ته منهنجو مينٽر ڪير آهي، ته مان يڪدم ٽي نالا کڻندس يعني فضل سليمان قاضي، جي اين مغل ۽ مرحوم خالد ذوالفقار اِهو  ئي سبب آهي جو جڏهن مون ۲۰۰۵ ۾ سي ايس ايس جي شاگردن جي رهنمائي لاءِ انٽرنيشنل رليشنس تي ڪتاب لکيو هو، ته اهو مون انهن ٽنهي ماڻهن جي نالي منسوب ڪيو هو ته، مان هميشه جي اين مغل صاحب جو شڪر گذار رهندو آهيان، جنهن منهنجو تعارف قاضي صاحب جهڙي شخصيت سان ڪرايو،
فضل سليمان قاضي صاحب نه رڳو منهنجو مينٽر رهيو آهي، پر انهيءَ کان به وڌيڪ محسن رهيو آهي، هن جو اهو احسان مان ڪڏهن به وساري نه سگهندس جڏهن هن بئنڪ جهڙي نوڪريءَ جي انتها ذميدارين جي باوجود مون کي سي ايس ايس جي امتحان جي تياري ڪرڻ لاءِ سال ۱۹۹۵ع ۾ مئي مهيني کان وٺي ڊسمبر تائين لڳاتار اٺ مهينا ايڪسٽيشنر آرڊر موڪل ڏني هئي، انهيءَ موڪل دوران ئي مان سي ايس ايس جي ٻنهي امتحانن لاءِ ڀرپور تياري ڪري ٻنهي امتحانن ۾ ڪاميابي ماڻي هئي، اهڙي طرح منهنجي سي ايس ايس آفيسر ۽ پي سي ايس آفيسر ٿيڻ ۾ قاضي صاحب جو وڏو هٿ آهي، جيڪڏهن موڪل ڏيڻ واري اها مهرباني هو نه ڪري ها ته شايد مان سنڌ گورنمنٽ ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ پوءِ فيڊرل گورنمينٽ ۾ انڪم ٽيڪس ڪمشنر نه بڻجي سگهان ها.
مان هميشه قاضي صاحب کي دل سان ياد ڪندو رهندو آهيان، هن جي ڪيل ٿورن کي لاهي ته نه ٿو سگهان، پر هن لاءِ ۽ هن جي ٻچن لاءِ دعا ڪرڻ واسطي منهنجا هٿ هميشه کڄندا رهيا آهن، ۽ هميشه کڄندا رهندا، شال الله سائين هن کي وڏي حياتي ڏئي، هن کي اڃا ڪامياب ڪري، هن جي صحت برقرار رکي ۽ هن کي خوش ۽ خرم رهڻ جي توفيق عطا ڪري.


محترم فضل سليمان قاضي
سندس بابت ساروڻيون- سلو اهو جو انگوران ڀلو!
نذير قاضي
ٻارڙن گهٽيءَ ۾ بلورن سان ”گڏ“ يا ”گدي“ راند پئي کيڏي، جنهن کي هڪ معصوم پيارو ٻالڪ ڏاڍي پاٻوھ سان ڏسي رهيو هو، ٻارن، ڪڏهن مٽيءَ تي اوڪڙو ويهي، بلورن کي چتائي پئي چٽيو ته ڪڏهن بيهي، سڄي هٿ جي وچين آڱر ۽ کاٻي هٿ جي ٻن آڱرين ۾ جڪڙيل بلور کي پنهنجي نشاني تي پئي هنيو. راند ۾ مان به انهن ٻارن سان شامل هوس. مون ان اڇڙي اجري، صاف سٿري ٻالڪ جي شوق ۽ دلچسپيءَ کي سندس اکين مان پرکيندي صلاح ڪئي: ”اچو، توهان به راند کيڏو“ ائين چوندي مون پنهنجا مٽيءَ هاڻا هٿ هن ڏانهن وڌايا، جن ۾ سهڻا، سندر ۽ رنگا رنگي بلور پئي جرڪيا، هن چيو: ”بلورن سان مٽيءَ ۾ راند کيڏڻ سان هٿ پير، جسم ۽ ڪپڙا گندا ٿين ٿا، تنهن ڪري ڪا صاف سٿري ۽ صحت بخش راند کيڏڻ گهرجي“ پوءِ مون ڏٺو ته اهو ٻار، زندگيءَ جي ڪشادي ۽ ڦهليل ميدان تي صاف، اوجل ۽ سنجيده صحتمند راند ۾ مشغول ٿي ويو ۽ ڪاميابين پويان ڪاميابيون ماڻيندو رهيو. اهو ٻار، اڄ جو فضل سليمان قاضي آهي، جنهن سان گهاريل، ٻالڪپڻي ۽ جوانيءَ جا لکين لمحا، ساروڻين جي سون، سريکن صفحن تي، اڻ مٽ نقشن جي صورت ۾ نمايان نظر اچن ٿا. محبت ڀرئي ماضيءَ جا اڪيچار عڪس ۽ اولڙا، پنڌ ۽ پيرا، سڪ ۽ اڪير جي ڪمال سگهه سان ڀرپور جذباتي وابستگيءَ ۽ قلبي قرب جو اڻ ميو احساس ۽ اجهل امنگ پيدا ڪن ٿا. ياد ۽ سار به ڪا هڪ ڊگهي ڪٺنتا آهي، هڪ وڏو ڪشٽ ۽ ڪشالو آهي يا وري نه ورچڻ واري کاهوڙي ڪرت،
ٻالڪپڻي کي جنم ڀوميءَ يا ڌرتيءَ جي ان هنڌ ۽ جاءِ کان ڌار ڪري نٿو سگهجي جتي ڪنهن شخص پنهنجو ننڍپڻ گذاريو هجي، ان ڀلاريءَ ڀونءِ جي ”هوا، مٽي ۽ پاڻي“ جو ڪنهن فرد جي شخصيت جي تعمير ۽ واڌ ويجهه سان گهرو ۽ گهاٽو تعلق ٿئي ٿو. اهڙو وايومنڊل، ڪي ظاهري ته ڪي اڻ لکا اهڃاڻ، ان شخص جي تن من ۽ ذهن تي ثبت ڪري ٿو ڇڏي، جيڪي ڀلي وقت جي رئي ۽ دز جي تهن هيٺان اچي، ڏسڻ ۾ نه اچن، پر جڏهن به انهن کي اُڀرڻ ۽ اُسرڻ جو موقعو ملندو،  اهي پاڻهي ڄاڻهي ڦٽي، نروار ٿيندا، وقتي طور دٻيل يا دٻائي رکيل اهڙن اهڃاڻن کي مون ڪيترن دوستن يارن جي زندگي ۾، گهڻو وقت گذرڻ کانپوءِ نمودار ٿيندي پسيو ۽ پرکيو آهي جنهن تي هر ڪو حيرت وچان ششدر ٿيو وڃي ته ”هيءُ شخص اڳ ته اهڙو هوئي ڪونه!“
موري جي ”هوا، مٽي ۽ پاڻي“ اسان جي وجود جو نه ڇڄندڙ، اٽُٽُ انگ آهي. مورو اسان جي خوابن جو شهر، خوابن جي ساڀيان جو شهر، ڌرتيءَ تي بهشت جو ٽڪرو، پنهنجي مڙني حسناڪين ۽ خوبصورتين سان، اسان جي دل، جان ۽ روح سان اهڙي ڌاڳي سان سبيل آهي. جيڪو امر ۽ لازوال آهي. ان لحاظ سان مانوارو فضل سيلمان قاضي ۽ مان ڀاڳ وارا آهيون جو اسان کي موري جهڙي جنم ڀومي نصيب ٿي.
ٻالڪپڻي ۾ سٺل تڪليفون، پيڙائون ۽ محروميون يا ماڻيل سک ۽ سرهايون، عيش ۽ آرام، بي فڪري ۽ بي پرواهي، ڪنهن شخصيت جي اڳتي وڌڻ ۽ ڪجهه بڻجڻ يا انجي ڊهجڻ ۽ پوئتي ڌڪجي وڃڻ لاءِ ذميوار ٿين ٿيون جوانيءَ جي اڏاوت جو اصلي بنياد ننڍپڻ ۾ رکجي ٿو.
توڙي جو مان گذريل اڌ صديءَ کان مانواري فضل سليمان قاضي، جو شخصي ۽ قومي ڪاميابين، ترقين، حاصلاتن، انعامن اڪرامن ۽ خدمتن کان گهڻي ڀاڱي اڻ واقف آهيان تڏهن به سندس ڪردار جي ابتدائي اهڃاڻن آڌار اهو وثوق سان چئي سگهان ٿو ته پاڻ ڀرپور، ڪامياب ۽ سڦل زندگي گذري رهيا آهن. سندس شخصيت ۽ ڪردار جي اؤسر جا عڪس ۽ اولڙا، تجليون ۽ ترورا سڄي ملڪ ۾ عيان آهن. مان هن کاهوڙي ۽ جاکوڙي انسان کي، الله پاڪ طرفان عطا ڪيل اعليٰ خوبين، گڻن، لياقت، قابليت، ۽ ذهانت جو عيني شاهد آهيان..
”سلو اهو جو انگوران ڀلو!“
فضل سليمان قاضي، ننڍي لاڪر، صفائي، سٺائي ۽ معياري شين کي پسند ڪندو اچي. هن جي استعمال جي شين جي چونڊ به اعليٰ آهي. سٺو کائڻ، سٺو پائڻ، سٺو چوڙڻ ماڻڻ سندس سٺي سوچ جو مظهر آهي. مونکي ياد ٿو پوي ته هو ”کيسي خرچي“ گڏ ڪري، انهن مان ولايتي بسڪوٽ ۽ ٽافيون گهرائيندو هو، جو موري جهڙي ننڍڙي شهر ۾اهي دستياب نه هيون، ڪڏهن ڪڏهن اسان کي به انهن جو ذائقو وٺرائيندو هو.
مڻيادار ماڻهو، اعليٰ صلاحيتن جو مالڪ، ذهين گهڻ پڙهيو، گهڻ گهميو، بي باڪ ۽ برجستو، اديب ۽ ليکڪ محترم فضل سليمان قاضي ۽ مان پاڻ ۾ پڦاٽ ماروٽ آهيون. منهنجي ساڻس دلي محبت، قرب ۽ ويجهڙائي رهي. اسان عزيز کان وڌيڪ هڪ ٻئي جا گهاٽا دوست هياسين ۽ مان ان دور ۾ ڪي قدر سندس راز ۽ حال ڀائي به هوس.
زندگي جي راھ، جيتري ڊگهي آهي، اوتري آڏ ترچي ۽ اڻانگي؛ ڪڏهن ڪڏهن ته سڌي سنواٽي واٽ به ڳپل پنڌ کانپوءِ وروڪڙ کائڻ شروع ڪري ٿي ۽ ويچارو واٽهڙو نت نين مشڪلاتن جي ور چڙهي ٿو وڃي. زندگي جي پيچري تي گل به آهن ته ڪنڊا به، پر گهڻي واٽ تي ڪنڊا ئي ڪنڊا وڇايل ملن ٿا ۽ هڪ پانڌيئڙي کي، انهن کي به پاڻ سان سلهاڙي، سفر کي جاري ۽ ساري رکڻو ٿو پوي. هونءَ ته هر مسافر، پنهنجي رندن ۽ پنڌن تي هيڪلو ئي هيڪلو هلندو ٿو رهي پر جيون جي راهن تي اڪيچار انسان ملن ۽ وڇڙن ٿا، ڪن جو ساٿ مختصر ته ڪن جو ڳپل مدت هلي ٿو. اهو سلسلو جڳن کان جاري آهي ۽ ائين پنهنجي رفتار سان جاري رهندو.
محترم فضل سليمان قاضيءَ جي شخصيت، ڪردار، نمايان، ڪاميابين ۽ ڪارنامن جي باري ۾گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو پر مان مختصر طور ائين چوندس ته اڄ موصوف جنهن پد ۽ مقام تي آهي، اُهو هن پنهنجي آٿي مٿي بنا ڪنهن ڀر ۾ ۽ ٽيڪ جي، پنهنجي خداداد صلاحيتن، قابليت ۽ محنت آڌار ٺاهيو ۽ ماڻيو آهي. منجهنس بي پناھ قائدانه ۽ تنظيمي خوبيون ۽ خصلتون آهن. پاڻ ان وقت سنڌ جي نوجوانن کي متحد ۽ يڪجا ڪيائون جڏهن چؤطرف ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جو راڄ هو. سنڌ جو هيءُ سلڇڻو، سڄاڻ ۽ سچو فرزند پنهنجي جيجل سنڌ سان بي انت پيار ڪري ٿو. سندس پريت لفظي نه پر عملي آهي. توڙي جو سندس تصنيفون انگريزي ٻوليءَ ۾ آهن جنهن زبان تي هن کي وڏو عبور حاصل آهي. تنهن هوندي به هو اڄڪلهه پنهنجي ورهين جي اڀياس ۽ تجربي کي، سنڌيءَ ۾ لکي رهيو آهي جيئن پنهنجي ديس واسين سان، سنجيده مسئلن تي لاڀائتي گفتگو ڪري سگهي ۽ انهن تائين دنيا جي مسئلن بابت ويچار ونڊي سگهي.


فضل سليمان قاضي
رهبر ۽ دوست
فضل الله قريشي
قاضي فضل سليمان صاحب جو ذڪر مون پنهنجي ڪتاب ”ڪجهه يادون ڪجهه ڳالهيون“ جي جلد پهرين ۾ صفحي نمبر ۹۱ تي ڪجهه هيئن ڪيو آهي:
”اسان جي ڪاليج (گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري حيدرآباد) ۾ پرنسپل عارف شاهه جيلانيءَ خلاف شاگرد اڳواڻ قاضي فضل الحق باقائدي تحريڪ شروع ڪئي. ان سلسلي ۾ پهرين ڪاليج ۾ اسٽرائيڪ ۽ ڪلاسن جو بائيڪاٽ ٿيو بعد ۾ باقائدي جلسا جلوس ٿيا، جن جو دائرو يونيورسٽي ڪئمپس حيدرآباد ۽ سرڪٽ هائوس تائين وڌايو ويو، ان تحريڪ جي نتيجي ۾ قاضي فضل الحق کي يونيورسٽي/ڪاليج مان خارج ڪيو ويو. ان تي هنگاما وڌي ويا ۽ ڪاليجن جهڙوڪ سچل يونيورسٽي آرٽس ڪاليج به تحريڪ ۾ شامل ٿي ويا ۽ رات جو به جلسا جلوس ٿيڻ لڳا“.
حالتون ڪافي ڳنڀير ٿي ويون، سنڌي اخبارن خصوصن هلال پاڪستان، مهراڻ ۽ ڪاروان وغيره ۾ ڌڙا ڌڙ خبرون ۽ ايڊيٽوريل نوٽ اچڻ لڳا، ڪاليج ۽ هاسٽل جي پسگردائيءَ ۾ ڪافي پوليس موجود رهڻ لڳي پَر لٺ گولي نه هلي ۽ نه ئي وري هاسٽلن تي ڇاپا لڳا پر ماحول ڇڪتاڻ وارو جاري رهيو، شاگردن جي ٻڌيءَ ۽ اڻ ٿڪ جدوجهد سبب هفتي ڏيڍ اندر ۱۸ جنوري ۱۹۵۸ع تي پرنسپل جيلانيءَ، قاضي صاحب جا رسٽيڪيشن آرڊر واپس ورتا ۽ قاضي صاحب انهن تحريڪن بعد هيرو ٿي اڀريو.
اسين قاضيءَ صاحب جي تقريرن ۽ انگريزيءَ کان ڏاڍو متاثر ٿياسون، ساڻس واقفيت نه هوندي به ساٿ ڏنوسون ۽ اهڙي ڪاميابيءَ کانپوءِ منهنجو به شاگرد سياست ڏانهن لاڙو وڌيو، سن ۶۳- ۱۹۶۲ع صفحي ۱۳۱ تي ذڪر ڪجهه هيئن آهي... .
”پوين صفحن ۾ گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۽ قاضي فضل الحق جو ذڪر ڪري آيو آهيان. قاضي صاحب هاڻي حيدرآباد ۾ باقائدي ”سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن، (SSF) جو بنياد وڌو. ايس ايس ايف ۾ مختلف تعليمي ادارن جا شاگرد شامل هئا بالخصوص سنڌ يونيورسٽي، گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد، سچل ڪاليج وغيره، پر سرگرميون حيدرآباد تائين محدود هيون، پر جڏهن ون يونٽ خلاف هلچل شروع ٿي ته ان ۾ اديبن سياستدانن کان علاوه شاگردن به حصو وٺڻ شروع ڪيو ۽ SSF جو به دائرو وڌيو ۽ قاضي صاحب سنڌ جا تنظيمي دورا شروع ڪيا، ان سلسلي ۾ هو سکر به آيو ۽ پراڻي ڄاڻ سڄاڻ ڪري کيس سکر ۾ ڪافي دوستن سان ملايم، شاگردن ۽ ٻين اڳواڻن سان ملاقاتون ڪرايم، جنهن سبب قاضي صاحب سٺو تاثر کڻي واپس وريو.
صفحو ۱۳۸ (۶۵- ۱۹۶۳) ۾ يونيورسٽي پهچڻ شرط شاگرد سياست جون سرگرميون شروع ٿي ويون، قاضي فضل الحق کي ڳولي هٿ ڪيوسين ۽ ساڻس تفصيلي ملاقات حيدرآباد واري گهر تي ٿي. ۱۰ نومبر ۱۹۶۳ تي SSF جي خاص گڏجاڻي قاضي صاحب جي گهر تي ٿي ان ۾ نوان عهديدار چونڊيا ويا.
قاضي صاحب صدر، لطيف انصاري (بعد ۾ سينٽر) ۽ علي احمد جوڻيجو (بدين ۽ بعد ۾ سيڪريٽري قانون سنڌ) لطف دوداڻي، ڊاڪٽر سليمان شيخ ۽ محمد شريف ميمڻ پڻ عهديدار ٿيا. (ڊاڪٽر سليمان سان اها منهنجي پهرين ملاقات هئي.)
صفحو ۱۴۸ ۱۹۶۴ع، جنوري ۾ SSF ڪنوينشن بعد فضل الحق قاضي پاسيرو ٿي ويو ۽ هاڻي چارج لطيف انصاريءَ وٽ هئي. آنءُ ڊپٽي سيڪريٽري جنرل ٿيس، غلام مصطفيٰ شيخ (اڳتي هلي چيف ڪنزرويٽر فاريسٽ) ۽ اشفاق صديقي (PAF) کي به اهم ذميواريون مليون.
۱۹۷۰ع ۾ ون يونٽ ٽٽڻ بعد قاضي صاحب وري پيپلزپارٽيءَ جي زماني ۾ ۷۰ کان ۹۰ جي ڏهاڪن ۾ ”نيشنل بئنڪ آف پاڪستان“ سان مختلف حيثيتن ۾ سلهاڙيل رهيو، ۽ ڪافي ٻاهريون پوسٽنگ بشمول واشنگٽن ۽ بيجنگ ۾ فائز رهيو. ۽ باآلاخر NBP مان رٽائرمينٽ ورتائين.
ان کان اڳ ۾ سنه ۶۷- ۱۹۶۶ع سندس وڪالت واري عرصي ۾ مون ڏي لاهور مان لکيل خط بطور ضميمه  XII، XI، X شامل آهن، سڌي، اڻ سڌي طرح قاضي صاحب سان تقريبن ۵۰ سالن جو رابطو ۽ رستو آهي، سندس وڏي ڀاءُ قاضي مظهر الحق سان سنه ۷۲- ۱۹۷۱ع دوران لنڊن ۾ پهريون دفعو ملاقات ٿي، هو صاحب ڀٽي صاحب جي ويجهو هئو ۽ پهرين پيپلزپارٽي سرڪار ۾ ڀٽي صاحب سان بطور ”پريس سيڪريٽري“ گڏ رهيو.
آءُ ذاتي طور قاضيءَ صاحب کي گهڻو مٿي ڏسڻ پئي گهريو، سندس لياقت خصوصن انگريزي ٻولي تي عبور، لکڻ توڙي ڳالهائڻ جو ڪو جواب نه هئو، سن ۶۵- ۱۹۶۶ع ۾ جيئن وڪالت شروع ڪيائين اها جاري رکي ها ته گهڻو مٿي وڃي ها. پر ٿي سگهي ٿو ته پنهنجي مزاج سبب گهڻو وقت My Lord چوڻ يا وڪالت جي ”ترڪ تال“ واري رواج کي هو پسند نه ڪندو، ان ڪري سرڪاري نوڪري کي سن ۱۹۶۷ع ۾ ترجيح ڏنائين.
ان بعد سندس نيشنل بئنڪ ۾ اچڻ سٺو سنوڻ هئو پر اتي به هڪ مرحلي تي اچي سياست جو شڪار ٿيو ۽ صدارت نه ماڻي سگهيو، ۽ وري وڪالت ڏانهن مائل ٿيو. ان وچ ۾ قاضي صاحب ڀلو ڪم اهو ڪيو جو ڪافي ڪتاب انگريزيءَ ۾ بين الاقوامي مسئلن بابت لکيائين ۽ لکندو رهي ٿو، اها هڪ مثبت پيش قدمي آهي. سنڌ جي مسئلن تي سندس خصوصي توجهه آهي ۽ هڪ نئين انداز سان هو، انهن تي ۽ انهن جي حل تي روشني وجهي رهيو آهي.
اڄڪلهه هو Servants of Sindh Society جو صدر پڻ آهي، گذريل ۵۰ سالن ۾ ان اداري جا سربراهه سائين غلام مصطفيٰ شاهه، محمد ابراهيم جويو ۽ سراج الحق ميمڻ صاحب رهي چڪا آهن، دعا آهي ته قاضي صاحب ان اداري کي پراڻي اوج تي آڻي. اهو به ٻڌائيندو هلان ته سنه ۱۹۶۰ع واري ڏهاڪي ۾ قاضي صاحب جو ڪافي سکر اچڻ ٿيندو هئو، جتي سندس ميزبان مون وارو ننڍو ڀاءُ سجاد الله هوندو هئو ۽ ان سان گڏ ڪزن ظفرالله جيڪو ان زماني ۾ سکر ريلوي ۾ هوندو هئو، انهن سان به سندس سٺا واسطا ۽ رابطا رهيا.
قاضي صاحب سان قربت ۽ سندس قابليت تي ڪتاب لکي سگهجي ٿو پر آ في الحال ان دعا سان اڪتفا ڪيان ٿو ته خدا تعاليٰ قاضي صاحب کي صحت ۽ توفيق ڏئي ته هو پنهنجي قلم ۽ علم سان سنڌ جي خدمت ڪندو رهي.




فضل سليمان قاضي

هڪ گهڻ پاسائين شخصيت

خالد حيات قاضي

جڏهن دوستن طرفان محترم فضل سليمان قاضي صاحب جي شخصيت ۽ ڪارنامن متعلق بابت لکڻ لاءِ بار بار گهرُ ٿي ڪئي ته مون کي ترتيبوار حافظ شيرازي ۽ سرور علي سرور حيدرآبادي جون هيٺيون سٽون ياد آيون:

کنون که مست ضرابم صلائي بي ادبي است

ترجمو: هاڻي جڏهن مان مست ۽ بدحال آهيان ته بي ادبي جي صدا آهيان”

“ميخاني جي فريق کي هڪ عمر ٿي وئي

موٽي ملي جي هوش ته دنيا ڏسان وري”

سالن جا سال ڪجھ دفتري مصروفيتن پر گهڻي ڀاڱي پنهنجين ڪمين ۽ ڪوتاهين ڪري ادبي دنيا کان پاسيرو رهيو آهيان.

“سالها ايب مثنوي تاخير شبد” (رومي)

ترجمو: ڪئين سال مثنوي ۾ تاخير پئجي وئي.

ان ڪري قاضي صاحب جي گهڻ رخي شخصيت تي لکڻ لاءِ منهنجي ذهن ۽ قلم ۾ گهربل رواني ناهي. بهرحال سنگت جي حڪم جي تعميل “يوسف جي محبن ۾ نالو ڳڻائڻ لاءِ چند سٽون لکان ٿو، جنهن ۾ منهنجو رويو نقاد وارو نه پر اعتراف وارو هوندو.

محترم فضل سليمان قاضي صاحب جو تعلق موري جي آڳاٽي علمي خاندان قاضي (قريشي) فيملي سان آهي، جنهن صدين کان غير معمولي انسانن کي جنم ڏنو، منهنجي ذهني اوسر ۾ والد بزرگوار عبدالوهاب قاضي عزيز کانپوءِ سينيئر سئوٽ انور احمد قاضي مرحوم جي ڪتب خاني ۽ صحبت جو اهم حصو آهي، جنهن کي آئون پير و مرشد ليکيندو آهيان. جناب فضل سليمان قاضيءَ سان مختصر ملاقاتون ٿينديون رهيون پر سکڻ ۽ استفادي ڪرڻ جو مستقبل ۽ ديرپا تعلق تڏهن قائم ٿيو، جڏهن آئون روزگار جي سلسلي ۾ستر واري ڏهاڪي ۾ ڪراچيءَ آيس.

“جيئن پڻ پيس رات، ته هو ساهڙهو سهڻي “( لطيف)

انهيءَ تعلق دوران قاضي صاحب جي گوناگون شخصيت ۽ ذهانت جا نت نوان رخ سامهون ايندا رهيا ۽ اتساھ پيدا ڪندا رهيا.

فضل سليمان قاضي حيدرآباد ۾ پنهنجي شاگرديءَ واري زماني ۾ سنڌ جي نوجوان نسل کي “سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ( SFS) جي صورت ۾ هڪ پليٽ فارم مهيا ڪيو ۽ تنظيمي شعور پيدا ڪيو. سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن کان اڳ ايڪڙ ٻيڪڙ سنڌي شاگردن جي ڪا تنظيم ضرور قائم ٿي پر ان جو دائرو محدود رهيو ۽ تسلسل پڻ قائم ٿي نه سگهيو. البته سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن کانپوءِ سنڌ شاگرد تحريڪ جو مستقل وهڪرو جاري ٿي ويو، جنهن مختلف رخ اختيار ڪيا. سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شامل قاضي صاحب جي ساٿين بعد ۾ سنڌ جي قومي اجتماعي زندگيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. قاضي صاحب ان نسل جي ليڊر جو ڪردار ادا ڪيو ۽ پنهنجي غير معمولي صلاحيتن جي مڃتا حاصل ڪئي. آئون فيڊريسن جي موري واري شاخ جو ميمبر هئس، جنهن مرحوم مشتاق احمد قاضي جي قيادت ۾ ون يونٽ خلاف قرارداد پاس ڪيو. فيڊريشن جي ئي هڪ دعوت ۾ قاضي صاحب جو شهيد ذوالفقار ڀٽي سان تعلق قائم ٿيو ۽ صلاحيتن جو اعتراف مليو.

۳ قاضي صاحب جو ذهني افق تمام وسيع آهي، جنهن ۾ علم ۽ ڏاهپ جا ڪئين گوشا سمائجي ٿا وڃن، جهڙوڪ لٽريچر، شاعري ماجيات، سياست، ثقافت، لطيفيات، بئنڪنگ، معاشيات، قانون، انهن شعبن جي مڃيل شخصيتن سندس صلاحيتن ۽ ڪاوشن جو اعتراف ڪيو آهي. مثال طور قاضي صاحب جي ڪتاب law and politics in pakistan جو اعتراف ڪندي پاڪستان جي هڪ وڏي قانوندان چيو ته “مون کي حيرت آهي ته هڪ اهڙو شخص جيڪو اڃا زندگي جي ۳۰هن واري ڏهاڪي ۾ آهي، اهو اهڙي معيار جا مضمون لکي سگهيو آهي

(۲) “قاضي صاحب جي ڪتاب A Hand Book Of Finance and Banking terms مهاڳ ۾ نيشنل بينڪ آف پاڪستان جي تڏهوڪي صدر اظهار ڪيو ته آئون سفارش ڪندس ته هيءُ ڪتاب هر بينڪر جي ڊيسڪ تي هئڻ گهرجي.

(۴) قاضي صاحب قانون تي لکيل ڪتاب Dissertationary powers جو تعارف لکندي رٽائرڊ جسٽس حامد علي مرزا صاحب خيال ظاهر ڪيو ته “هي ڪتاب پنهنجي موضوع تي حوالي طور ڪم آندو ويندو، ان کان علاوه پاڪستان ٽيليويزن جي پروگرام” واءُ سواءُ” ۾ قاضي صاحب جي ڪارڪردگيءَ کي ٻين زبانن جي سڌ سماءَ جي پروگرامن تي اوليت ڏني وئي ۽ ساراهيو ويو.

(۵) قاضي صاحب کي تحرير ۽ تقرير تي هڪ جيترو عبور آهي، سندس ٽن انگريزي ڪتابن جو ذڪر اسان مٿي ڪيو آهي، ان کان علاوه سنڌيءَ ۾ سندن هيٺيان ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن.

(۱) صوبائي خودمختياري

(۲) پاڪستان جو رياستي ڍانچو

سندس تقريرن ۽ ذاتي ليڪچررن بابت منير احمد قاضي چيو ته “قاضي صاحب جو ليڪچر” سمنڊ جي چڙهندڙ وير وانگر هوندو آهي”

قاضي صاحب کي قدرت واري معجزاتي تخليقي ذهن عطا ڪيو آهي، جنهن ۾ اڃا ڪئين ڪتاب جمع آهن، جيڪي پنهنجي اظهار جي موقعي جي ڳولا ۾ آهن، بار بار جي تجربي مطابق راقم جي راءِ آهي ته سندن دماغ برق رفتار سان ڪم ڪري ٿو نه ته سندن پنهنجو قلم سندس خيالن جي رفتار جو ساٿ ڏئي ٿو ۽ نه ڪو ٻيو شخص قلمبند ڪرڻ وارو.

ڳاليهون پيٽ ورن ۾، وڌي وڻ ٿيون،

ڪنهن سين مون نه ڪيون گوشي گڏ يا نه سپرين ( لطيف)

ضرورت آهي ته کائنس ڪم ورتو وڃي.

قاضي صاحب پنهنجي دفتري مصروفيتن جو وڏو وقت نيشنل بينڪ آف پاڪستان ۾ گذاريو، نيشنل بينڪ M سندس ڊگهو ڪيريئر مسلسل جدوجهد ۽ چيلينج وارو رهيو، بينڪ جي اعليٰ انتظاميا ۾ غالب اڪثريت اهڙن ماڻهن جي هئي، جيڪي ذهني طور تي قاضي صاحب جي ذهني سطح کان هيٺ هئا، انهن ڄامڙن انهيءَ فرق کي سازشن ذريعي پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، نتيجي طور سندس ڪيريئر ۾ ڪيترا لاها چاڙها آيا ۽ ڪيترا دفعا کين To Start from the scratch جي مرحلي مان گذرڻو پيو ۽ پاڻ آڏو ٽڪر ٽر متان روھ رتيون ٿئين (لطيف)

چوندا رهندا رهيا، ان صورتحال سندن غير معمولي عزم ۽ ارادي جو اظهار ڪيو. بهرحال پاڻ بينڪ جي بين الاقوامي ۽ مقامي نيٽ ورڪ ۾ نمايان پوزيشن ۾ رهيا ۽ مارو ماڻهن لاءِ مددگار ثابت ٿيا.

ضرورت آهي ته سندس صلاحيتن مان ڀرپور ڪم ورتو وڃي.

“متان پئي پوءِ، سارين سناسين کي”

(مخدوم نوح سرور رح)


فضل سليمان قاضي

سندس علمي ۽ ادبي پورهيو

رکيل مورائي

فضل سليمان قاضي موري، ضلعي نوشهري فيروز جي ان قاضي خاندان مان آهي، جنهن خاندان جا علمي توڻي ادبي حوالي سان موري شهر ۽ ان جي آس پاس جي ماڻهن مٿان احسان آهن جيڪي هو ڪڏهن به لاهي نه سگهندا.

فضل سليمان قاضي هڪ بينڪر آهي، ان ڪري هو تاريخ کي به تڪي توري پڙهندو رهيو آهي ته سياست کي به تڪي توري پڙهندو رهيو آهي ۽ ان ئي نظر سان لکندو به رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هو بنيادي طور انگريزي ٻوليءَ جو لکندڙ رهيو آهي، ان ڪري سندس سنڌ جي حوالي ۾ لکڻ جا ماخذ به انگريزي جا گهڻا آهن، جيڪي اڪثر سنڌي لکندڙن لاءِ اوپرا آهن.

قاضي صاحب جو جنم دادو ۾ ٿيو، اهو ڏينهن ۲۴ نومبر ۱۹۳۸ع جو هو. سندس والد محترم محمد سليمان قاضي دادو ۾ ويٽنري سرجن هو، هن الڳ الڳ شهرن ۾ تعليم ورتي ۽ الڳ الڳ شعبن ۾ نوڪريون ڪيون ۽ وڪالت ڪئي ۽ پوءِ آخري نوڪري نيشنل بئنڪ آف پاڪستان ۾ ڪئي جتان هو وائيس پريزيڊنٽ جي عهدي تان ۲۳ نومبر ۱۹۹۸ع تي رٽائرڊ ڪيائين ۽ سمورو وقت لکڻ پڙهڻ کي ڏنائين

سندس زندگيءَ ۾ اڻ ڳڻيون حاصلاتون آهن جيڪي سندس آتم ڪٿا جو حصو آهن، کيس پنهنجي آتم ڪٿا ضرور لکڻ گهرجي پر ان کان هن ٻيا ڪيترا ئي ڪتاب لکيا آهن جن مان خاص طور ٻن ڪتابن جو ان ليک ۾ ذڪر آهي.

 

سنڌ ۽ سنڌي

سنڌ ۽ سنڌين بابت مختلف ٻولين ۾ ڪيترا ئي ڪتاب لکيا ويا آهن، جن مان ڪي سنڌين جي تعريف ۾ آهن ته ڪي مخالفت ۾ تاريخ ۾ سنڌ مٿان جن به قومن ڪاهون ڪيون آهن، انهن سنڌين کي نه فقط لويو آهي پر دل کولي گاريون به ڏنيون هن اهڙيون لکيتون عربن کان وٺي انگريزن تائين اڻ ڳيڻون موجود آهن ساڳئي وقت سنڌ جي جيڪا ٿوري انداز/ ڳڻپ ۾ ئي سهي، تاريخ سنڌين لکي آهي يا سهيڙي آهي، ان ۾ سنڌين جا ڳڻ ڳايا ويا آهن ٻيءَ طرح ٻاهرين جيڪي سنڌين خلاف لکيو آهي، ان مان سمجهڻ گهرجي ته سنڌي ٻاهرين ڪاهيندڙن سان ڪڏهن به نه ٺهيا آهن، ڀل سنڌ جا حڪمران ٺاھ ڪندا رهيا هجن پر سنڌي عام ماڻهون پنهنجي وطن سان ۽ ٻوليءِ سان اڻ ميو پيار ڪندو رهيو آهي اهڙي شاهدي سنڌ جي مخالف تاريخ به ڏيئي ٿي ته سنڌ جي حمايتي تاريخ به ڏئي ٿي،

ويجهي عرصي ۾ اسان جي هڪ ذهين سنڌي ليکڪ فضل سليمان قاضيءَ پڻ هڪ اهم ڪتاب لکيو آهي، جيڪو تاريخي طور انهن سڀني هٿرادو مفروضن کي رد ڪري ٿو، جيڪي مفروضا ئي آهن ۽ سنڌين خلاف گهڙيا ويا آهن.

فضل سليمان قاضيءِ جي هن ڪتاب جو نالو به “سنڌ ۽ سنڌي” آهي، هن ڪتاب ۾ قاضي صاحب سنڌ ۽ سنڌين سان جيڪي مختلف دورن ۾ خاص طور ورهاڱي کانپوءِ ڏاڍايون ٿيون آهن انهن جو اظهار نهايت دليريءَ ۽ ڪنهن به پاسخاطريءَ کانسواءِ ڪيو آهي.

پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هتان جي بيورو ڪريسيءَ توڻي سياسي حڪمرانن جيڪي سنڌ سان ويل وهايا آهن، انهن جو داستان آهي هيءُ ڪتاب. جيتوڻيڪ قاضي صاحب تاريخدان نه آهي، هو هڪ ذهين شخص/ لکندڙ آهي، جنهن جي آڏو هن ملڪ جي سياست به آهي ته بيورو ڪريسي به آهي، هن جي آڏو هن ملڪ جون اصلي حڪمران ڌريون به آهن ته ٺهندڙ ۽ ڊهندڙ معاشيات به آهي، ان حوالي ۾ هيءَ ڪتاب هن ملڪ جي گهڻ رخي جاچنا آهي يا ائين چوڻ ڄڳائي هڪ “چير ڦاڙ” آهي، جنهن ۾ اسان کي اهي سڀ لڪل شيون ظاهري طور ڏسڻ ۾ اچن ٿيون جيڪي هو نئن شايد عام سنڌي پڙهندڙ جي اکين کان اوجهل رهنديون آيون آهن. شايد هيءَ ڪتاب هن ملڪ جي الڳ الڳ حصن جو ڪچو چٺو به آهي جيڪو سندن سنڌ ۽ سنڌين سان ڪيل ويساھ گهاتين کي پڌرو ڪري ٿو. هڪ سنڌ دوست لکندڙ ائين ئي لکي سگهي ٿو پر اهڙا ڪيترا سنڌ دوست ليکڪ آهن؟ اهو سوال اهم آهي.

الڳ الڳ نون (۹) بابن ۾ ورهايل هن دستاويز جو آخري مضمون سنڌ جي هڪ فقير منش وزير اعليٰ قاضي فضل الله جي بايو گرافيءَ نما خاڪو آهي، ائين هيءُ ڇھ سئو اٺاسي صفحن تي ڦهليل سنڌ جو ۽ سنڌين جو ڏکوئيندڙ داستان آهي، جيڪو قاضي صاحب بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي تحرير ڪيو آهي.

پڪي جلد واري ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب کي اسان جي سهڻي اداري ڪويتا پبليڪشن حيدرآباد ڇپايو آهي، جنهن هن ڪتاب جو ملھ اٺ سئو روپيا رکيو آهي، پر پڪ سمجهڻ گهرجي ته سٺا ڪتاب امُلھ ٿيندا آهن، جن مان هڪ ڪتاب هيءُ به آهي، جنهن جو نالو آهي “سنڌ ۽ سنڌي”

 

صوبائي خودمختياري ۽ مرڪزي سياست

پاڪستان اسان جو پيارو ملڪ آهي، جنهن کي اسلامي جمهوري مملڪيت جو اعزاز مليل آهي، آئين ۾ پڻ اهڙي وضاحت ٿيل آهي، هيءُ ملڪ هڪ وفاقي ملڪ آهي، جنهن ۾ هڪ کان وڌيڪ قدامت رکندڙ قومون شامل آهن، جن جي سڃاڻپ صوبن طور ڪئي ويندي آهي، ائين هن ملڪ ۾ چيئن صوبن ۾ چار بوليون ڳالهايون وينديون آهن، سنڌي، پنجابي، بلوچي ۽ پشتو پر هن ملڪ جي قومي ٻولي اردو آهي، جيڪا هتان جي ڪنهن به قديم قوم يا پاڪستان ۾ شامل صوبي جي قومي ٻولي نه آهي، هتان جي قومن جي ٻولين کي قومي ٻوليءَ بجاءِ علائقائي بولي چيو ويندو آهي،

ملڪ تي ڪهڙي به پارٽيءَ جي حڪومت هوندي آهي ته اها صوبن کي ڪي به اختيار ڏيڻ بجاءِ وفاق جي نالي سمورا اختيار پاڻ وٽ رکندي آهي، هنن صوبن ۾ پنجاب وڏي ڀاءُ واري حثيت رکندڙ آهي، ڇاڪاڻ ته آباديءَ جي بنياد تي صوبائي توڻي وفاقي اسيمبليءَ جون سيٽون ان وٽ گهڻيون آهن، فوج ان صوبي جي اڪثريت ۾ آهي، ٻين اهم سرڪاري توڻي ٻين ادارن ۾ مالڪي ان صوبي جي آهي، ان ڪري جهڙوڪ هيءُ ملڪ ٺهيو ئي پنجاب صوبي جي سوِل توڻي فوجي حڪمرانيءَ لاءِ آهي،

ملڪ ۾ ٻيا شامل صوبا ننڍن ڀائرن وانگر وڏي جي آڏو ڳالهائي نه سگهندا آهن، سندن بدنصيبي تڏهن وڌي ويندي آهي، جڏهن اهي وڏي ڀاءُ کان ڪجھ گهرندا آهن، جيتوڻيڪ ننڍا ڀائر اهڙا سٻاجها آهن، جو جيڪي ڪمائيندا آهن، اهو ايمانداري سان پنهنجي وڏي ڀاءُ جي آڏو رکندا آهن، پوءِ ان جي مرضي هوندي آهي ته هو کين جيئڻ لاءِ (جيڪو جيئڻ فقط ڪمائڻ لاءِ هوندو آهي) ڪيترو ڏئي ٿو. کين ڪنهن به ڪروڌ جي آزادي نه هوندي آهي جيڪڏهن هُو ڪنهن به قسم جي ضد تي چرهندا آهن ته وڏو ڀاءُ انهن کي سک ڏيڻ لاءِ ڪيترا ئي طريقا اختيار ڪندو آهي ۽ هو روئيندا ئي رهجي ويندا آهن.

پياري پاڪستان جي اهڙي روئي جو داستان آهي، اهو ڪتابُ جنهن جو نالو آهي “صوبائي خودمختياري ۽ مرڪزي سياست” هيءُ ڪتاب پڻ سنڌ جي ذهين پٽ/لکندڙ فضل سليمان قاضيءِ جو آهي، جنهن جي اهميت جو اندازو ان ڳالھ مان به لڳائي سگهجي ٿو ته هيءُ ڪتاب هاڻ مارڪيٽ مان ملي نه رهيو هُيو ۽ پڙهندڙن جي گهرج وڌندي ٿي رهي، جنهن ڪري هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو آندو ويو آهي، ٻه هزار عيسوي سال ۾ ڇپيل هيءُ ڪتاب، صوبائي خودمختياري کي صلب ڪندڙ وفاقي سياست بابت هڪ اهم ڪتاب آهي. وفاق پاران صوبن سان ٿيل ڏنگاين جو هونئن ته ڊگهو داستان آهي پر قاضي صاحب هن ڪتاب ۾ چار ڀاڳا جوڙي انهن ۾ ڪي خاص/اهم تفصيل ڏنا آهن، هنن چئين ڀاڳن جي عنوانن کي پڙهي پڙهندڙ اندازو ڪري سگهندو ته هيءُ ڪتاب پاڪستان جي فريم ورڪ ۾ صوبن سان ٿيل نا انصافين جي ڪيتري ويڪري دائري ۾ نشاندهي ڪري ٿو،

مٿين عنوانن هيٺ وفاق پاران صوبن جي خودمختياريءَ تي ڪيل وارَ جو چٽو پٽو دستاويز آهي، هيءَ ڪتاب. هن ڪتاب جي پهرين ڇاپي بابت ڪي رايا پڻ هن ڇاپي ۾ شامل ڪيا ويا آهن، جن ڪتاب کي سمجهڻ ۾ وڌيڪ آساني پيدا ڪئي آهي، ٻيءَ طرح فضل سليمان قاضي صاحب هن ڪتاب لکڻ وقت جيڪي انگ اکر ڏنا آهن ۽ جيڪي حوالا استعمال ۾ آندا آهن، انهن ڪتاب کي پڪ سان هڪ دستاويزي شڪل ڏني آهي، ننڍا صوبا هن وفاقي ملڪ ۾ ڪيئن ڀوڳي رهيا آهن، ان جي هڪ جهلڪ هن ڪتاب مان ڏسي سگهجي ٿي، پڪي جلد ۽ وڻندڙ ٽائيٽل واري پوڻن ٽن سئو صفحن واري هن ڪتاب کي پڻ ڪويتا پبليڪشن حيدرآباد پاران ڇپايو ويو آهي، سياست سان دلچسپي رکندڙن توڻي عالمن لاءِ هيءُ ڪتاب پڙهڻ جهڙو آهي...


قاضي فضل سليمان

سندس قلمي جدوجهد

مشتاق ميراڻي

اڄ سنڌ جي هڪ لائق فرزند قاضي فضل سليمان جو جنم ڏينهن آهي، قاضي فضل سليمان صاحب سان ۱۲ ڊسمبر ۱۹۹۹ع تي سنڌ سرونٽ سوسائٽي ۾ مرحوم سراج ميمڻ جي گهر تي پهريون ڀيرو ملاقات ٿي. قاضي فضل صاحب تحفي ۾ پنهنجو ڪتاب Law and Politics ڏنو. ۽ ٻيو ڪتاب سنڌي ۾ لکيل صوبائي خودمختياري ۽ مرڪز جي سياست ڏنو.

قاضي فضل صاحب ۲۰۱۴ع ۾ سنڌ ۽ پاڪستان جو رياستي نظام لکيو. انهيءَ تسلسل سان سنڌ ۽ سنڌي هڪ اهم ڪتاب شايع ڪرايو. هن وقت تائين سندس تازو ڪتاب آمريڪا جا عڪس ۽ اولڙا اپريل ۲۰۱۹ع ۾ پڌرو ٿيو آهي. سائين جا هي ڪتاب مان پڙهيا انهن جو اڀياس به ڪيو.

سائين قاضي فضل اٽڪل مهينو اڳ ٻڌايو ته ان جي شخصيت ۽ تخليق تي دوست ليک ڏئي رهيا آهن ۽ اوهان به مون لاءِ لکيو. مان کيس فون تي ٻڌايو ته توهان جي ڪتابن ذريعي توهان جو شاگرد ٿي ويو آهيان. هڪ ڪتاب لکڻ جي رابطي لاءِ اسحاق سومرو سان گفتگو ٿي. هو سنڌ جي اڀياس جو هڪ سنجيده شاگرد ۽ پياري شخصيت جو مالڪ آهي.

ڊارون جي نظريئي مطابق دنيا اوسر جي سفر ۾ آهي ۽ ائين فرد، وقت، حالتون ۽ خيال ۾ اوسر يا تبديل ٿيندا رهن ٿا. قاضي صاحب ۱۹۶۰ع جي ڏهاڪي ۾ مارشل لا، سرد جنگ ۽ سنڌ ۾ ون يونٽ خلاف هلندڙ هلچل، بنگلاديش جو واقعو، ذوالفقار ڀٽي جي حڪومت، ضيائي مارشل لا، جمهوري حڪومتن جو ٺهڻ، ڊهڻ، مشرف جي آپيشاهي، ۽ رواداري حڪومت جي اثر هيٺ سندس سوچ ۾ تبديلي ايندي وئي. قاضي صاحب اسان کي ٽي اهم ڪتاب صوبائي خودمختياري، مرڪزي سياست، سنڌ ۽ پاڪستان جو رياستي نظام ۽ سنڌ ۽ سنڌ جي ذريعي سنڌ جو ۷۱ سالن جو باغائي رياست جو شاندار نقشو چٽيو آهي.

مان ننڍي هوندي کان ڪتابن جو شوقين نه پر عاشق آهيان. مان علم ادب ۾ اردو ڪتاب ۽ سنڌي ڪتاب تمام گهڻي تعداد ۾ پڙهيا آهن. پر فضل صاحب جي لکڻ جي طرز مختلف آهي. هن جي هر سٽ مجبور ڪندي آهي ته وڌيڪ پڙهان، اهم واقعن تي حوالو ڏيندو آهي ۽ اهو حوالو بذات خود اهم ڄاڻ ڏيندو آهي. ان حوالي جي ذريعي هڪ نئين ڪتاب جو تعارف ڪرائيندو آهي.

قاضي صاحب پنهنجي ڪتابن ۾ مختلف موضوعن تي ايترن ته ڪتابن سان ملاقات ڪرائيندو آهي جو دل چوندي آهي ته هاڻي اهي ڪتاب خريد ڪري پڙهي ڇڏيان. هو لکڻ کان اڳ مڪمل طور تياري ڪندو اهي ۽ شعوري طور اهم ڪتابن جي حوالي ڏيڻ لاءِ ڪتابن جي فهرست ٺاهيندو آهي ۽ اهي حوالا ڪٿي ڏجن ان لاءِ مڪمل طور رٿابندي ڪندو آهي.

ڪڏهن ڪڏهن حسرت ٿيندي آهي ته قاضي فضل صاحب جا سڀ ڪتاب حيدرآباد کڻي اچان ۽ پڙهي واپس ڪيان. دل چوندي آهي ته سائينءَ جي گهر وڃي سندس لائبريريءَ ۾ پورو ڏينهن لڳائي ڪتابن تي سندس تبصرا پڙهان. کيس صلاح ڏيندس ته اهو ان جي بنياد تي پي ايڇ ڊي وٺي سگهي ٿو.

سائين تمام گهڻ پاسائون اڀياس ڪيو آهي. قانون، تاريخ، سياست، فلاسافي، بينڪنگ، اقتصاديات، ڏکڻ ايشيا جو تمام گهڻو اڀياس ڪيو آهي. پر سنڌ هن جو پيار آهي. ننڍي عمر ۾ سندس ذهني اڏام ڏسي مشهور قانوندان اي ڪي بروهيءَ سندس ساراھ ڪئي هئي.

مان قاضي فضل صاحب جو انتهائي ٿورائتو آهيان جو هن منهنجي سياسي تربيت به ڪئي آهي. جيڪڏهن مان سندس ڪتاب نه پڙهان ها ته منهنجي سياسي سوچ ۾ ڪافي خال رهجي وڃن ها. مثال طور پاڪستان ۾ صوبن جي تاريخي حيثيت جي نفي ڪري اڃا تائين اسلام آباد انهن کي انتظاميا ئي سهولتون سمجهيو ويندو آهي. ان لاءِ هن ۱۹۵۱ع ۾ لاهور ۾ لياقت علي جي تقرير جو حوالو ڏنو آهي. يا انگريز عورت جيڪا برطانوي راڄ ۽ سنڌين لاءِ چيو ته سنڌين کي جيڪڏهن موقعو ڏنو وڃي ته اهي تيزيءَ سان ترقي ڪري سگهن ٿا. قاضي صاحب ڪلنٽن جي نائب صدر الگور سندس ڪتاب Assault on reason جو حوالو ڏئي ٿو ته حڪومت قانونن جي هجي نه ڪي فردن جي، معنيٰ ته سماج جي ترقي لاءِ قانون جي حڪمراني هجي.

قاضي فضل صاحب سنڌ، سنڌي ماڻهن سان انتهائي پيار ڪندڙ آهي سنڌ کان ڪراچيءَ جي جدائي، ون يونٽ ۾ سندس زمين جو نيلام، ڪوڙا ڪليم، ۽ ٻين موضوعن تي تفصيل سان لکيو آهي. ان لاءِ هن الطاف گوهر کان وٺي ڪيترن ليکڪن جا تاريخي حوالا ڏنا آهن.

قاضي فضل صاحب ۱۹۶۳ع کان وٺي لکڻ شروع ڪيو ۽ اڄ ڏينهن تائين لکندو رهي ٿو. هو ذوالفقار ڀٽي جي شخصيت کان وڌيڪ متاثر آهي ۽ ان جي تعريف ۾ تفصيل سان Law and Politics in Pakistan ڪيترو لکيو آهي خاص ڪري لکيو آهي پر مون سميت اهو چوڻو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽي جي شصيت جو نئين سري جائزو وٺي. ۽ جي ايم سيد جا سمورا ڪتاب پڙهي ان جي نواڻ ڪري لکي اهو اسان تي ٿورو ڪندو. قاضي صاحب جا ڪجھ اڻ ڇپيل ڪتابن جو ذڪر اچي ٿو. اميد ته هو ڪتاب شايع ڪندو.

جيئن ته سائين ڪراچيءَ ۾ رهيو آهي ۽ هُن ڪتابن کانسواءِ علمي ۽ ادبي حلقن ۾ گهٽ شرڪت ڪئي آهي ان ڪري سندس شخصيت کي ايتري شهرت نه ملي آهي جيڪا هو لهڻي ٿو. هن وقت هو سرونٽس آف سنڌ سوسائٽيءَ جو چيئرمين آهي ان لاءِ اميد آهي ته هو سنڌ جي سياسي فڪر کي وڌائڻ لاءِ انهن ۾ وڌيڪ شرڪت ڪندو.

قاضي صاحب کي صلاح ڏجي ٿي ته هو سنڌ جي وڏن شهرن ۾ پنهنجي ڪتابن تي ويهڪ ڪرائي، سنڌ جي نوجوانن کي فڪري تربيت ڏئي ۽ ماڻهن کي پنهنجي علمي پورهئي جي ڄاڻ ڏئي.

جيئن ته مونکي ٻن ملاقاتن کان وڌيڪ جو موقعو نه مليو آهي، ان ڪري مان سندس شخصيت جي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻ نه ٿو ڏئي سگهان.

منهنجي دعا آهي ته قاضي فضل سليمان صاحب کي وڌيڪ حياتي ملندي ۽ سنڌ جي فڪر ۽ علمي تحريڪ ۾ وڌيڪ اهم ڪردار ادا ڪندو.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز، ۲۳ نومبر ۲۰۱۹ع)


فضل سليمان قاضي

سندس قائدانا شخصيت

عبداللطيف انصاري

منهنجو شاگرد زماني ۾ ليڊر قاضي فضل الحق اها شخصيت آهي جنهنجو ڪردار تاريخ جي ورڪ ۾ نمايان لکيو وڃي ٿو، اهي شخصيتون جن مقصدن ڪارڻ ملڪ لاءِ، جيڪا پنهنجي صوبي ۽ علائقي لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي ۽ ان جدوجهد جي سلسلي ۾ قربانيون ڏنيون آهن، سي چند ماڻهو هوندا آهن، انهن مان هڪ قاضي فضل الحق به آهي، جنهن سان منهنجي ڄاڻ ۽ دوستي ۱۹۵۹ع کان شروع ٿي، جيڪا اڄ ڏينهن تائين قائم آهي، آئون اتي مثال ڏيڻ چاهيان ٿو جيئن حيدر بخش جتوئي اسسٽنٽ ڪمشنر ڇڏي هاري تحريڪ جو بنياد رکيو، جنهن ۾ جيڪا هارين سان ناانصافي ٿيندي هئي ۽ سنڌ جون زمينون جنهن تي پاڪستان جي ٻين صوبن جا ماڻهو قابض ٿي ٿيا، ان لاءِ حيدر بخش جتوئي صاحب نوڪري تائين قرباني ڏئي هاري ڪميٽي ٺاهي انهن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. ۱۹۵۶ع جو جيڪو آئين ٺهيو ان ۾ جيڪي صوبا اولھ پاڪستان ۾ پنجاب، سنڌ ۽ بلوچستان کي گڏي ون يونٽ ٺاهيو ويو جنهن جو ويسٽ پاڪستان ۽ ٻيو جيڪو هنن چئني کان اڪثريت جي آبادي وارو هو بنگال، ان کي ايسٽ پاڪستان جو نالو ڏئي برابري جي بنياد تي ڪيو ويو.

۱۹۵۸ع ۾ ملڪ ۾ مارشل لا لڳو، ايوب خان ملڪ تي قابض ٿيو، ملڪ جون ان وقت اسيمبليون قبرستان نما هيون، ڪنهن به ميمبر کي اها همٿ ۽ جرئت نه هئي ته ڪو عوامي حقن لاءِ آواز اٿاري، ان وقت قاضي فضل الحق شاگردن جي جماعت سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن ٺاهي، جنهن کي پوري سنڌ جي هر ضلعي ۽ تعلقي ليول تائين آرگنائيز ڪيو، ان زماني ۾ سنڌي نوجوانن کي ٽيڪنيڪل ڪاليجن ۾ حق نه ملڻ ۽ سنڌي زبان کي ختم ڪرڻ جا منصوبو ٺاهيا ويا، انهي تي آواز اٿارڻ لاءِ قاضي صاحب ان پليٽ فارم جو بنياد رکيو ۽ جدوجهد ڪئي. قاضي صاحب ۾ جيڪي به خوبيون هيون تنهن سان گڏوگڏ هو تمام ذهين هو، هو جيڪڏهن چاهي ها ته سي ايس ايس جو امتحان آساني سان پاس ڪري سگهيو ٿي پر هن پنهنجي جدوجهد ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪئي.

قاضي فضل الحق ۱۹۶۱ع دوران سنڌ يونيورسٽي اسٽوڊنٽس يونين جي اليڪشن ۾ جنرل سيڪريٽري جي عهدي تي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيو. ذوالفقار علي ڀٽو جيڪو ان وقت پريزيڊنٽ ايوب خان جي ڪيبينيٽ ۾ وزير هو، ان کي سنڌ يونيورسٽي اسٽوڊنٽس يونين ۾ Inaugurated لاءِ مدعو ڪيو هو. جيڪا ڳالھ ان وقت جي وائس چانسلر ڊاڪٽر رفيع الدين صديقي کي نه وڻي ۽ هن فضل قاضي کي ان دعوت کي منسوخ ڪرڻ لاءِ زور ڀريو. جنهن تي فضل قاضي انڪار ڪيو. وي سي هن کي ان جو خراب نتيجو نڪرڻ لاءِ چيو ۽ فضل قاضي جيڪو ايم اي پرويس پوليٽڪل سائنس جو شاگرد هو، ان جي داخلا خارج ڪري ڇڏي. ان وقت قاضي صاحب ايل ايل بي ڪري ورتي، شاگردي جي دوران سنڌ لينگويج جي مسئلي دوران ان وقت ايوب خان جي ڪيبينيٽ جو وزير ذوالفقار علي ڀٽو صاحب هو، جنهن سنڌي لينگويج کي پنهنجي واپس مقام تي پهچائڻ ۾ مدد ڪئي، ان سلسلي ۾ اسٽوڊنٽس پاران ڀٽي صاحب جو آجياڻو رکيو ويو، ڀٽو صاحب بذات خود تمام ذهين، قابل هو.

آئون اهو به ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر رضي الدين صديقي ايم اي پرويس جي ڇهن شاگردن کي ريسٽيڪيٽ ڪيو هو. ان فيصلي کي واپس وٺڻ ۽ سنڌ جي مسئلن تي ويسٽ پاڪستان جي گورنر امير محمد ڪالا باغ سان ملاقات جي ڪوشش لاءِ قاضي صاحب سان گڏ راقم، مير امداد، مسٽر محمد اسماعيل ڏاهري لاهور وياسين جتي امير محمد سان ملاقات ته ڪانه ٿي پر اسان کي چيو ويو ته ياداشت پيش ڪريو، جيڪو قاضي صاحب جي ليڊرشپ ۾ اسان انهن شاگردن جي ريسٽيڪيٽ جي فيصلي کي واپس وٺڻ سان گڏوگڏ سنڌ جا مسئلا جيڪي سنڌ سان ناحق ۽ ناانصافيون ٿي رهيون هيون اهي بيان ڪري پيش ڪيون. اندازو آهي ته گورنر صاحب کي ياداشت نامو پيش ڪيو ويو جنهن جي ڪري گورنر چانسلر جي حيثيت سان ريسٽيڪيٽ واپس ورتا. قاضي صاحب کي سنڌ جي مسئلن سان ايڏي ته دلچسپي هئي جو هڪ ڀيرو ايسٽ پاڪستان جو نيشنل عوامي پارٽي جو صدر ليڊر مولانا عبدالحميد ڀاشاني حيدرآباد ۾ مير رسول بخش ٽالپر وٽ آيو هو اتي اسان جي قاضي صاحب سان ڀاشاني سان ملاقات ٿي، قاضي صاحب هن کي سنڌ جي مسئلن تي ۽ سنڌي زبان جي مسئلي لاءِ مولانا کي ٻڌايو ته توهان اسان جي مدد ڪريو پر مولانا جيڪو جواب ڏنو اهو حقيقت تي مبني هو، بابا پنهنجن مسئلن کي حل ڪرائڻ لاءِ توهين پاڻ جدوجهد ڪريو.

قاضي صاحب ذهانت ۽ ملڪي مسئلن تي ڄاڻ جو عبور آئون هن مثال سان ڪرڻ ٿو چاهيان ته جڏهن ڀٽو صاحب پيپلز پارٽي ٺاهي چڪو هو ته ان وقت پهريون ڀيرو جڏهن ڀٽو صاحب گرفتار ٿيو ته هن مير علي احمد کي ان وقت ايڪٽنگ چيئرمين مقرر ڪيو. ڀٽي صاحب سان گڏ مير رسول بخش، ممتاز ڀٽو، سنڌ مان گرفتار ٿيا، ائين ٻين صوبن مان پاڪستان پيپلز پارٽي جا ليڊر به گرفتار ٿيا، مير علي احمد صاحب اسان جي روبرو قاضي صاحب کي چيو ته گرفتارين جي مزاحمت سان گڏوگڏ پيپلز پارٽي جي پروگرام ۽ ملڪي حالتن تي بيان ٺاهي ڏيو ته ان کي بحث هيٺ آڻي پريس ۾ شايع ڪرايون، قاضي صاحب چئن صفحن تي انگريزي ۾ بيان تيار ڪري ڏنو، جيڪو مير صاحب انهي کي تسليم ڪيو، اهو بيان ڇپجڻ سان مير صاحب کي وڏو داد مليو ۽ ايڏو مدلل بيان پارٽي متعلق پهريون دفعو پڙهيو ويو.


 

No comments:

راءِ ڏيندا