; سنڌي شخصيتون: حضرت مصري شاهه

12 November, 2016

حضرت مصري شاهه

حضرت مصري شاهه
صوفي بزرگ جو 114هون عرس مبارڪ
منظور ڪالرو
سرزمين سنڌ کي 1843ع ۾ انگريزن فتح ڪيو، جنهن کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ جي اهميت ڏسندي فارسيءَ جو عمل دخل گهٽ ڪرايو ۽ سنڌيءَ کي دفتري زبان جو درجو ڏيڻ سميت تعليم کي ان جو ذريعو بنائڻ جو فيصلو ڪيو. جنهن ڪري انگريزن جي دور ۾ سنڌي ادب خاص طور شاعري به وڏي ترقي ڪئي. گڏوگڏ لوڪ ادب کي به عام ڪرڻ طرف ڌيان ڏنو ويو. هن ڏس ۾ شاعري جي صنف ”ڪافي“ جيڪا خالص سنڌي ٻوليءَ سان واسطو رکي ٿي، ان طرف شاعرن توڙي ٻڌندڙن جو رجحان وڌيو، تنهن ڪري ڪافي جي صنف گهڻو عام ٿي ۽ پسند ٿيڻ لڳي.


ڪافي جا اهڃاڻ گهڻو وقت اڳ جا ملن ٿا، جنهن ۾ ”پاٽ“ جا ڪي بزرگ سنڌ مان لڏي ”برهانپور“ ۾ وڃي ويٺا ته اتي کين سنڌ وطن جي سڪ ۽ اُڪير لڳندي هئي ته دل وندرائڻ لاءِ انهن مان هڪ بزرگ ”شفيع لاڏجيو“ انهن کي سُٺن شاعرن جي ڪافي تي ٻڌل شاعريءَ جا سُر وکيري ٻُڌائيندو هو.
سنڌ ۾ جن ڪلاسيڪي ۽ صوفي شاعرن جون ڪافيون مشهور آهن، تن ۾ شاعرن جو سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمست، حمل فقير، نواب فقير محمد، پير عبدالحسين سانگي، قادر بخش بيدل، صوفي رکيل شاهه، فقير خير محمد، محمد فقير کٽياڻ، شاهه عنايت رضوي، منٺار فقير، خليفو نبي بخش سميت سرائيڪي ٻولي ۾ بابا بُلهي ۽ خواجه غلام فريد ڪافي جا مشهور شاعر آهن. اهڙي طرح کانئن پوءِ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، شيخ اياز، مير سڪندر کوسو، فقير حسين بخش، سليم هالائي، محمد جمن هالو، سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي، عالم خان نظاماڻي، رشيد احمد لاشاري، عبدالوحيد ڪٽپر جا نالا سرفهرست سمجهيا وڃن ٿا، انهن سان گڏ نياز همايوني، تنوير عباسي، امداد حسيني، تاجل بيوس ۽ ٻين شاعرن جي ”ڪافي“ تي ٻڌل شاعريءَ وارا ڪلام خاص حيثيت رکن ٿا.
ڪافي جي شاعري ۾ خوشي گهٽ ۽ درد نهايت گهڻو پيش ڪري ان کي وڏي ترنم، ميٺاج، سُر ۽ ساز سان ڳائڻ سبب وڏي شهرت رکي ٿي، پر هاڻوڪي دور ۾ اڪثر شاعر خاص طور نوجوان شاعر ڪافي جي تخليق طرف ڌيان نٿا ڏين. هن ڏس ۾ سنڌ جي مشهور شاعر مرتضيٰ ڏاڏاهي ’ڪافي‘ جي مقبوليت تي جهڙوڪر ڏک جو اظهار ڪندي شاعرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي پنهنجي شاعريءَ ۾ ”ڪافي“ جي صنف کي ضرور شامل ڪن.
نصرپور جي تر ۾ ابدي آرامي بزرگ حضرت مصري شاهه رحه کي ”ڪافين جو بادشاهه“ ان ڪري سڏيو وڃي ٿو جو پاڻ پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪافي کي خصوصي حيثيت ڏيندي ان کي عام ڪيو آهي. مصري سائين رحه وسڪاري کانپوءِ ٿري زندگي جي خوشي ۽ ٻين منظرن جو ذڪر پنهنجي هڪ مشهور ڪافي ۾ هن ريت ڪري ٿو:
واحد وسائينس آهون عالم جون سُڻي،
موڪل ٿئي مينهن کي هڪ تِل مَ ترسائينس
وسائي واٽن تي اوڀر اُڀائينس
صاحب ساري سنڌ تي بادل برسائينس
هو جو سَرَ سُڪي ويا سي واري وهائينس.
حضرت مصري شاهه ستن ٻولين ۾ شاعري ڪئي، جنهن ۾ سنڌي ٻولي سرفهرست آهي، جنهن وسيلي پاڻ اسلام جي بقا کي وڌيڪ عام ڪندي صوفي ازم جي راهه هموار ڪندي، انسانيت جي احترام واري پيغام جي حمايت ڪئي. سائين جو والد بزرگوار سيد بُلند شاهه رضوي به هڪ الله لوڪ شخصيت طور ڄاتو سڃاتو ويندو هو. مصري شاهه پنهنجي مرشد ڪامل سيد شاهه محمد جيلاني جي مزار تي ابدي آرامي آهي، جتي سندن فيض جاري ڏسجي ٿو. اسلامي مهيني جي 5 صفر تي سندن ساليانو عرس مبارڪ وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهائڻ لاءِ گادي نشين سيد مريد علي شاهه رضوي جي ڪاوشن کي ساراهيو وڃي ٿو. ان مناسبت سان 5 صفر جي شام ڌاري مهندي جي روحاني سرگس جيڪا حويلي سيد مصري شاهه تان نڪري ٿي جنهن جي سرواڻي گادي نشين ڪري ٿو. هي صوفياڻي راڳ جي سُرن ۽ يڪتاري جي آلاپن ۽ چپڙي جي رڌم سان ڀرپور آوازن سان نڪتل سرگس نصرپور شهر جي روايتي ۽ مقرر رستن تان ٿيندي درگاهه مصري شاهه تي پهچي ٿي، جتي هزارين مريدن ۽ عقيدتمندن جي موجودگي ۽ حاضريءَ دوران سائين مريد علي شاهه چادر چاڙهي اجتماعي دعا گهري ٿو، جنهن ۾ شرڪت باعث قبوليتِ دعا سمجهي وڃي ٿي. ائين محفل سماع سان عرس مبارڪ جون تقريبون باقاعده شروع ٿي وڃن ٿيون، جنهن ۾ محفلِ موسيقي سميت مٺاين جا دڪان، سرڪس، پينگها، ملاکڙو تفريح جا خصوصي بندوبست به شامل ڪيل هوندا آهن، جنهن ۾ لنگر نياز جا به انتظام ڪيل هوندا آهن. آخري ڏينهن تي مشهور شخصن ۾ ايوارڊ ورهايا وڃن ٿا.
پکا پکن سامهان اوري اڏائينس
هون سدائين هتهين رب تون رهائينس
”مصري“ ملائينس، کنڊ وانگر کير ۾.


حضرت مصري شاھ رضوي
ڪافين جو شھنشاھ
سيد امداد علي شاهه بخاري
تاريخي شھر نصرپور به ڪيترائي وڏا بلند پايي جا عالم اديب شاعر حڪيم تعليمدان بزرگ درويش ۽ طريقت جا صاحب پيدا ڪيا آھن. انھن مان ڪافين جو امام حضرت مصري رضوي مشھور شاعر ٿي گذريو آھي. چون ٿا؛ نصرپور شھر جو بنياد فيروز شاھ تغلق جي ھڪ امير نصر نالي. وڌو ھو. اھو به چون ٿا ته بکر ۽ ٺٽي کانپو۽ ٻي نمبر تي نصرپور جو نالو مشهور ھو. جيئن ته اڄ به عام چوڻي آھي ته نر نگر نار نصرپور. سنڌ جا حاڪم پنھنجي تاج پوشي جا جشن اڪثر نصرپور ۾ ملھائيندا ھئا ڇاڪاڻ نصرپور شاداب سرسبز علائقو ھو. نصرپور شھر ۾ رضوي ۽ بخاري سيد گھڻا مشھور ھئا. بخارين ۾ سيد قائم شاھ تمام سٺو شاعر ھو.  نصرپور جا رضوي سادات مير محمد زمان رضوي جي اولاد مان آھن. نصرپور جي سرزمين تي صوفي سالڪ ۽ شاعر رضوي خاندان جي روشن چراغ مصري امام ڪافين جي شھنشاھ 1828ع ۾ جنم ورتو. سندن پيءُ جو نالو بلند شاھ ھو. پاڻ شروعاتي تعليم نصرپور جي قاضين مان ھڪ شفيق ۽ مھربان استاد قاضي گل محمد جي مدرسي مان سنڌي عربي ۽ فارسي جي تعليم حاصل ڪئي. تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ جڏھن ڪائيناتي ۽ فطرتي علم کي ويجهو ٿيو ته خالق اڪبر جي پيغام کي سيني ۾ سمائي انسان ذات جي بھتري لاءِ ڪوششون ورتيون. ھڪ روايت ۾ ملي ٿو ته سائين مصري امام سان ٽي ڪتاب سدائين گڏ ھوندا ھئا ھڪ شاھ عبداللطيف جو رسالو،. ٻيو مثنوي مولانا روم، ٽيون ديوان حافظ شيخ سعدي سائين مصري شاھ پنهنجي دوُر جو بھترين اعليٰ ‌‌‌‌‍‍‍‍شاعر ھو.عربي ٻولي جو ماھر ھو ۽ فارسي جو وڏو عالم ھو. پاڻ سنڌ جي شاعرن جهڙوڪ شاه سائين شاھ عنات رضوي ۽ پير اميد علي شاھ جو ڪلام گھڻي حب ۽ اڪير ادب سان چوندا ٻڌندا ھئا. سائين مصري شاھ اڪثر مٿو اگھاڙو ڪري نماز پڙھندو ھو. نماز پڙھي پوءِ پنھنجي مرشد داتا سائين جي درگاھ تي حاضري ڀريندا ھئا. مصري سائين ٽوپي پائيندو ھو ۽ ٽوپي جي مٿان ڪارو ڪپڙو ويڙھيندو ھو.
مصري شاهه پنهنجي ڌرتي سان پيار ھو سنڌ ڌرتي تي پاڻ ھارپو ڪيو فصل پوکيا ڪڻڪ جي فصل ۾ وونئڻ جو فصل پوکيو ۽ سٺي پيداوار حاصل ڪئي. سائين مصري شاھ جو لباس ۽ کاڌو سادو ھوندو ھو پاڻ سادگيءَ کي پسند ڪندا ھئا چوندا ھئا سادگي انسان جي سونھن آھي. جهڙو نالو مصري تھڙو مزاج مصري جھڙو مٺو. سڄي ڄمار ڪنهن سان ٻاڙو نه ٻوليائين ھر ڪنهن سان قرب ۽ محبت سان پيش ايندو ھو سدائين پاڻ کي گھٽ سمجھندو ھو سدائين چوندو ھو ٻانھيءَ جو ٻار. استادن ۽ وڏن جو احترام ڪندو ھو. سائين مصري امام سير سفر جو ڪوڏيو ھو پاڻ ٿرپارڪر جيمير، جھونا ڳڙھ، جوڌپور، ڪڇ، هنگلاج، ۽ گرنار جا پٽ، سناسي، آديسن ۽ جوڳين سان سان گڏ سفر  ڪيو.
سائين جي اوتاري ڪچهري ٿيندي هئي. پاڻ هڪ جاءِ تي ويھندو ھو سائين مصري شاھ ڪنڌ ھيٺ ڪري ويھندو ھو ڪچھري ۾ ماٺ جو عالم ھوندو ھو. سائين جي محفل ۾ ديسي پرديسي ڳائڻا ايندا هئا. سائين پھريائين ڳائيڻن کي. چڱي طرح ڪلام ياد ڪرائيندو هو پوءِ سر سيکاريندو ھو سائين وٽ موسيقي جو اسڪول ھوندو ھو جتي فنڪار سکيا وٺندا ھئا. اڄ به نوان فنڪار ميلي ۾ ايندا آهن ۽ مصري امام جي ڊيوٽي ڏئي پنهنجي منزل جي طرف وڌڻ جون وکون کڻندا آھن، سي مصري شاهه جي شاعري سنڌي ماڻهن لاءِ محبت جو پيغام آهي مصري شاهه جي شاعري جي مجموعي کي ڪليات مصري شاهه چئبو آهي جنهن ۾ 164 سنڌي 25 سرائيڪي 3 هندي 01 فارسي 01 اردو ڪل 240 ڪافيون آهن . 24 وايون 105 نظم پڻ ڪليات مصري شاهه ۾ شامل آهن مصري شاهه جي شاعري تي ٻين پارسي شاعرن جو پڻ اثر آهي سندس شاعري ۾ صلاصت فصاعت ۽ بلاغت آهي سندس ٻه ڪافيون با ڪمال آهن انهن ۾ ڪٿي به نقطي وارو اکر ڪتب نه آندو اٿن اهڙي شاعري ڪوبه نه ڪري سگهيو آهي ۽ نه ئي ڪري سگهندو ڪليات مصري شاهه جي ڪافين واري حصي ۾ 24 سرن تي ٻڌل 229 ڪافيون آهن سر ڪاموس ۾ 01 سر سهڻي سر ڀاگ سر ڀيرو سر رامڪلي سر بياس سر پهاڙي ۾ ٻه ٻه سر ڪيڏارو ۾ ٽي سر پوريا ۾ 07 سر ڪلياڻ سر ڌناسري سر سارنگ ۾ اٺ اٺ سر بلاول ۾06 سر بسنت سر سورٺ سر ڪانرو سرکنڀاٽ ۾چار چار سر گجري ۾11 سر مالڪوس 10 سر ڪوهياري ديسي ۾ 12 سر ڀيروي ۾ 18 سر برتو تلنگ ڪسوري ۾15 سر آسا ۾22 سر جوڳ ۾ 62 ڪافيون آهن. مناجات ۾ 31 رباعيون آهن سر پورب ۾ 32 بيت سر رامڪلي ۾ 25 بيت سر سارنگ ۾ 19 ۾ بيت سر ڌناسري ۾ 8 بيت آهن. مصري شاهه سر مارئي ڏهن سرن ۾ ورهايو آهي جنهن ۾ 10 وايون 137 بيت آهن سر سسئي ۾ چار داستان آهن سرائيڪي حصي ۾ ڪل 19 ڏوهيڙا سر ڀيروي ۾ هڪ فارسي وائي آهي هن حصي ۾ ڪل 14 وايون 263 سرائيڪي بيت آھن،
اڄ سائين مصري امام جو 114 ھون عرس ڌام ڌوم سان ٿي رھيو آھي. اسان ضلعي حڪومت ٽنڊوالھيار کان مطالبو ٿا ڪريون ته ڪافين جي بادشاھ مصري شاھ جي ميلي جي موڪل ڪئي وڃي. سائين مصري شاھ جي شاعري ۾ انسان ذات کي پيغام ڏنل آھي ته عجز ۽ نياز اختيار ڪر لالچ ۽ لوڀ کي ڇڏ ڪوڙ ۽ ڪپت کان اندر کي صاف رک. مصري امام جو سمورو ڪلام بي خبر انسان لاءِ سڄاڳي جو آواز آھي. مصري امام، اکين جي باري ۾ چوي ٿو؛ اکيون ازخود اچي اڙيون، ڪري سامان سڪ وارا  اکين ڏاڍو عشق سولايو، وڃن ٿيون گهور سان گھايو جيڏانهن ڪيڏانھن کڻيو سھڻيون اکڙيون. محبت واريون مارين ٿو. اکين جي تاب جا تجلا جنهن پاسي به کڄن ته ھزارين جيءَ جھريو پون. محبت وارو لفظ جمع آھي معنيٰ جنهن دل تائين اھي نگاھون پھتيون اُتي محبت جا مچ مچي ويا. يا وري سندس شاعريءَ ۾ اکين جو خوبصورت انداز ۾ ذڪر ڪيل آھي. چوي ٿو؛
سرمون ته سڀڪو پائي، آھي اک اک جو ڦير،
رڙھ! ڪري اکڙيون پير، راحت اٿئي رڙھڻ ۾.
اکين ۾ ئي اشارا، رت اسان جو ھاريو.
مصري شاه اکين جي جادو جو قائل آھي. ھو عشق جي آڙاھ ۾ جبلن کي جلندو ڏسي ٿو ۽ اکين جي اڻين جو جر ڏسي چوي ٿو؛
اکين جي اڻين، نو طبق کي تپايو،
جلي ويا جبل، عشق آڙاھ مچايو.
هي ڪلام فوزيا سومرو ڳايو؛
جن ڏٺا تنهنجا ديد سھڻا، سي يا سيلاني الا،
مصري شاھ جي ڪافين ۾ گلاب جي خوشبو سمايل آھي. مصري شاھ حسن سونهن جو شاعر آھي. اکين ۽ زلفن جو شاعر آھي. زلف جا ڪمند، ڪيئن دام پائين ٿا، تنهن جو تجربو مصري امام کي پورو پورو آھي. پاڻ شاعري ۾ چوي ٿو؛
زلف خم و خمدار خيالي، نرگس ازڪ نور نرالي،
بَشيھر ڀَونرا ڏين ڀَنوالٍي، حسن ڌڻين سين ٿي ھمراھ،
مشتاقن سر آيا ماري، ڪج زلف ڪمند ڪڙيا را،
سي ٿا پائن دام دوبارا،  ڏين لامارا،
لحظي لحظي بند بلخ بخارا،
وجھيو واسينگ ورن ٿا ڪيس تلھير ڪارا،
مصري سونهن کي حسن جي جلوي کي نقاب کان آزاد ڏسڻ گهري ٿو. چوي ٿو؛
کڻ سلوڻا نيڻ نرگسي، نيم خوابي پر خمار نت نقاب اندر ته ماڻا ناز پرور ڪيم ڪر.
مصري شاھ جي شاعري ۾ چوي ٿو؛ جنهن پنھنجي محبوب کي دل جي نظر سان ڏٺو ته ان عاشق کي ٻئي جڳ وسري ويندا. ڇو ته اھو محبوب ھر جاء حاضر ھوندو آھي.
وسري ويا سڀئي جڳ، جڏھن دل جان سان دلبر ڏٺم،
مھتاب مک محبوب جو، محراب منھن منور ڏٺم.

چون ٿا ته مائي ليلان ماھر فن رقاصه ماڙيچن قوم مان ھئي ۽ کتري مسلمان ھئا. مائي ليلان شڪل صورت ۾ خوبصورت گلاب جو گل ھئي. ڳائڻ ۾ آواز مٺو ڪوئل جھڙو ھوندو ھو. ڪلام سدائين مصري امام جا چوندي ھئي. سدائين سائين جي حاضري ۾ ھوندي ھئي ۽ نظرون سدائين سائين جي چھري طرف ھونديون ھيون. سائين جي وفات کانپوءِ ھڪ سال اوتاري تي مجاور بڻجي ويٺي. آخر اُتي دم ڏنائين ۽ مرشد جي پيرانديءَ دفن ٿيل آھي. سائين مصري شاھ 4 ۽ 5 صفر 1235 ھجري مطابق 1904ع تي راھ رباني جي طرف روانو ٿيو.

No comments:

راءِ ڏيندا