مشتاق بخاري
ڌرتي، پيار ۽ ٻارن جو شاعر
عيسيٰ ميمڻ
”هر عظيم فنڪار، پنھنجي دؤر کان اڳ ۾ پيدا ٿيندو آهي.“
مٿيان لفظ شيخ اياز يقينن تاريخ جي وسيع مطالعي ۽ مشاهدي کانپوءِ چيا هئا،
جنھن جو نچوڙ، يقينن اهو ئي بيھندو ته هر عظيم فنڪار، نه صرف پنھنجي دؤر جي حالتن
جي تبديليءَ لاءِ جاکوڙيندو آهي پر ايندڙ وقت جي اندر پيدا ٿيندڙ حالتن ۽ ان جي حل
لاءِ راهون پڻ متعين ڪندو آهي. جيئن ڪارل مارڪس پيدا ته ارڙهين صديءَ ۾ ٿيو پر اڄ
ايڪهين صديءَ جا معاشي تضاد، سياست ۽ سماج جا تضاد به، نه صرف سمجهائي ٿو پر انهن
جو ادراڪ به بخشي ٿو. ايئن ئي مارڪس کان اڳ شاهه لطيف پنھنجي دؤر کان اڳ پيدا ٿيو
هو، جنھن جي فڪري ڪماليت جي پروڙ ۽ پرک ڪندي اڄ جي جديد دؤر جو ڏاهو ۽ جينئس به
دنگ رهجيو وڃي. هيءَ دنيا اهڙن عظيم فنڪارن جو قدر پنھنجي وقت تي نه ڪري سگهي آهي
يا جنھن دؤر ۾ اهي عظيم فنڪار پيدا ٿين ٿا، اهو دؤر انھن عظيم فنڪارن جي سڃاڻپ نه
ٿو ڪري سگهي يا انهن کي مناسب موٽ ڏئي نه سگهيو پر وقت، انهن جي فڪري ۽ عملي
پورهئي کي، هر ايندڙ دؤر ۾نروار ۽ نمايان ڪري ٿو. شاهه لطيف سنڌ جي تاريخ ۾ جيڪا
پوک پوکي، اڄ انهيءَ پوک جو صلو، سنڌ جي شاعريءَ جي معراج ۾ صورت ۾ پسي سگهجي ٿو.
سترهين صدي کان وٺي، لطيف، سنڌي شاعريءَ جي روشن تاري جيان چمڪندو رهي ٿو. انهيءَ
روشن تاري جو ڪمال آهي ته اڄ سنڌ، شاعريءَ جي کيتر ۾ مالا مال آهي.
انهيءَ شاعريءَ جي سفر ۾ جن ساٿين، پنھنجو حصو ونڊايو آهي، انهيءَ ۾ اسان
جو دوست مشتاق بخاري به شامل آهي، جنھن لطيف، سچل، سامي ۽ اياز سميت اڻ ڳڻين شاعرن
جي قافلي ۾ پاڻ کي شامل رکيو آهي. پر پنھنجي الڳ سڃاڻپ به قائم ڪئي آهي. هيڏي هجوم
۾ پنھنجي سڃاڻپ ٺاهڻ ۽ برقرار رکڻ ڪو معمولي ڪم نه آهي. هي، مشتاق جيڪو نه صرف
شاعر آهي، پر تعليمي پيشي سان تعلق به رکي ٿو، جنھن پنھنجي پيشي ۾ ڪوتاهي ڪرڻ کي،
عيب پئي سمجهيو آهي. پنھنجي ايمانداريءَ سان هي تعليم ۽ تدريس جي عمل ۾ پنھنجو
ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هي جيڪو پنھنجي ٻاجهاري طبيعت جي ڪري دوستيءَ جو هڪ وڏو
حلقو رکي ٿو، جنھن وٽ نفرت ڪرڻ، انسانيت خلاف وڏي ۾ وڏو جرم آهي، جيتوڻيڪ هن کي
جاگيرداري سماج ۾نفرتن جي آڙاهه ۾ اڇلايو به ويو آهي پر هن نفرتن جو جواب نفرتن
سان ڏيڻ بجاءِ محبتون ورهايون ۽ آڇيون آهن، جنھن ڪري هيءُ سڀني جي مَنَ جو مشتاق
آهي. هن جي چواڻي ته،”جڏهن اسان کي ڪنھن به نه قبوليو، تڏهن اسان شاعريءَ کي
قبوليو، ٻيو ڪوبه رستو ڪونه هو.“ هن وٽ نفرتن جي جھان ۾ شاعري آخري پناهه گاهه
آهي. هي شاعريءَ سان نه صرف عشق ڪري ٿو، پر عشق جي ڪري شاعري به ڪري ٿو. جيتوڻيڪ
هن جي شاعريءَ هن کي عشق جي منزل جي ويجهو به ڪيو. اهو ئي سبب آهي جو هن هميشه دل
جي تقاضائن کي نظر ۾ رکي ڪري لکيو آهي. ان دل جي تقاضائن جي نتيجي ۾، سندس شاعري
ڪيترين ئي ڌڙڪندڙ دلين جي ترجمان به آهي.
مشتاق جي شاعري، ٽن رخن ۾ سفر ڪندي نظر آئي، ٽنڪنڊن ۾ مشتاق جي شاعري پرواز
ڪندي رهي ٿي، آءٌ هتي مشتاق جي انهن ٽنھي پاسي تي راءِ رکندس؛ جيتوڻيڪ هن جي
شاعري، گهڻن ئي موضوعن کي ڇُهيو آهي پر انهن ۾ ٽي حاوي موضوع حاوي رهيا آهن، هڪ
ڌرتي ٻيو پيار، ٽيون ٻار. هن جي تخيل جي پرواز آسمان کي ڇهڻ وڃي ٿي پر ان جا پير
وري به ڌرتيءَ تي ئي رهن ٿا.
ڌرتي:
ڌرتيءَ سان عشق، انسان جي فطرت ۾ شامل رهيو آهي. اها ڌرتي ئي آهي جنھن سان
ماڻهوءَ جو ناتو، سڀني نظرين کان اتم آهي. هيءَ ڌرتي سڀني نظرين کان اعلى آهي.
نظريا جنم وٺندا آهن، جوان ٿيندا آهن ۽ ختم به ٿي ويندا آهن پر ڌرتي نظرين جي
محتاج نه آهي. ان ڌرتيءَ سان فطري محبت جو عنصر، مشتاق جي شاعريءَ، فن توڙي فڪر ۾
سمايل نظر اچي ٿو، جنھن ڪري هي چنڊ ستارن کان وڌيڪ ڌرتي ماءُ سنڌ تي لکڻ کي ترجيح
ڏئي ٿو.
هي چوي ٿو ته:
آءٌ لــکــان چــنــڊ ســتـارن تي،
يــا گــلــڙن تـــي ۽ خـــارن تي،
مــان ته لــکــڻ ٿــو چــاهــيــان،
پنھنجي سنڌ ۽ سنڌ وارن تي.
**
ها، جيڪا چنڊ کان چٽي هوندي،
سـا، سـنـڌ ڌرتيءَ جي مِٽي هوندي.
هي نه صرف سنڌ جي عظمت جا داستان ڳائي ٿو، پر هن ڌرتيءَ تي پنھنجو سِرُ
ساهه صدقي ڪرڻ لاءِ به پاڻ کي تيار رکي ٿو. صرف ڌرتي سان محبت ڪرڻ ئي ڪافي نه آهي
پر ان ڌرتيءَ خاطر قرباني ڏيڻ، ان محبت جو علمي ۽ حقيقي اظھار آهي: هي چوي ٿو ته:
دل چوي ٿي، سنڌ تان ساهه سِرُ صدقي ڪيان،
درد ســھـڻـي جـا پـنـھـنـجي سِرَ تي مان
سَھان.
**
سِــرُ ڌرتـيءَ تـان قربان ڪنداسين،
دشمن کي ا سان حيران ڪنداسين.
پيار: هي اهو جذبو آهي، جنھن سان انسان، نه صرف شين/ماڻهن ڏانھن هاڪاري ۽
صحتمند رويو پيدا ڪري ٿو پر ان جذبي سان انسان جي ذات به تڪميل تي به پھچي ٿي. هي
اهو جذبو آهي، جنھن جي حد نه آهي ۽ نه وري لاحد. جنھنڪري هر ماڻهو هن جذبي سان نه
صرف سرشار رهي ٿو پر هن جذبي مان مستفيد به ٿئي ٿو، ان پيار جي ڪري سسئي رڻ
جهاڳيا، مومل ڏاگهه تي چڙهي،، سھڻي ڪچو گهڙو کڻي درياءَ جي دل ڏڪائيندڙ لھرن سان
وچڙي هئي، هي اهو ئي جذبو آهي جنھن جي لپيٽ ۾ا چڻ کانپوءِ سِرن جو سودو ڪرڻ کي به
ماڻهو سڦلائتو ڀانئين ٿا. مشتاق به انهيءَ جذبي جي وهڪري ۾ رهيو آهي ته ان مان
فيضياب به ٿيو آهي، هن پنھنجي پيار حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي پرينءَ ڏي پنڌ ڪيا آهن، ان
جو اظھار ڪندي چوي ٿو ته:
تنھنجي پيار کي پائڻ خاطر،
تـوڏي ڪـيـڏا پـنـڌَ ڪيا ها.
هي جڏهن اهو پيار حاصل ڪري ٿو، تڏهن هي پاڻ ي مڪمل ڀانئي ٿو. ان جو اظھار
ڪندي چو يٿو ته:
جڏهن تنھنجو پيار نه هو،
خــوشـيـن جو آثار نه هو.
هن پنھنجي پيار جي حاصل ڪرڻ کانپوءِ، جيڪا پنھنجي زندگيءَ جي تبديلي محسوس
ڪئي آهي، ان جو اظھار هن نه صرف پنھنجي عام زندگيءَ ۾ ڪيو آهي پر شاعريءَ ۾ ان جون
جهلڪيون به پسي سگهجن ٿيون، هي پيار کي به روايتي انداز ۾ ڏسڻ بجاءِ، اهڙي رُخ ۾
پيار ڪرڻ چاهي ٿو، جنھن سان دنيا دنگ رهجي وڃي، هي چوي ٿو:
ڪـيـون پــاڻ ۾ اهــڙو پــيــار، دنـيـا
دنـگ رهجي وڃي،
اچي ڪنھن کي نه ڪو اعتبار، دنيا دنگ رهجي
وڃي.
ٻـار: ٻار نه صرف اساجو اثاثو آهن، اسان جو مستقبل آهن پر ٻار اسان جي اميد
به آهن. رابندر ناٿ ٽئگور چيو هو ته، ”جيستائين هن ڌرتيءَ تي ٻار پيدا ٿين ٿا،
تيستائين سمجهڻ کپي ته خد اڃان انسان مان مايوس نه ٿيو آهي.“ ٻار کي دنيا به
پنھنجي مستقبل جي ضمانت سمجهندي، انھن جي تعليم ۽ تربيت تي سيڙپ ڪندي آهي، پر ٻار
اسان وٽ سماج جو نظر انداز ڪيل حصو آهن، جن جي تعليم ۽ تربيت لاءِ اسان وٽ نه
مناسب بندوبست، نه مناسب رويو ۽ نه وري مناسب ماحول جنھن ڪري اسان جو سماج، نه
ترقيءَ جي منزل حاصل ڪري سگهيو آهي، نه ان طرف گامزن آهي. پر مشتاق نه صرف ٻارن جي
تعليم، تربيت ۽ بھتر مستقبل جي لاءِ فڪرمند آهي پر ان لاءِ ڪوشان به آهي. هي ٻارن
کي نصيحت ڪندي چوي ٿو ته:
علم جي واٽ وٺي وڃجانءِ،
مــنــزل پـنـھنجي ماڻيندين،
روشـــن واٽ وٺــي وڃـجانءِ.
هي ته ٻارن جي اغوا واري معاملي تي پريشانيءَ جو اظھار ڪندي چوي ٿو ته:
ٻــار اغــوا ٿــا ٿـيـن،
ڳالهه آ ويچار جي.
هي پنھنجي زندگيءَ ۾ سڀني لاءِ محبت رکي ٿو پر جڏهن ٻار سان محبت ڪري ٿو
تڏهن نه صرف پنھنجي اندر ۾ خوشي ۽ هٻڪار محسوس ڪري ٿو ۽ ان لاءِ چوي ٿو ته:
ٻارن لاءِ هن پيارَ اندر ۾،
تڏهن آ ھٻڪار اندر ۾.
هي اسان جي من جو مشتاق، جنھن جي اندر ۾ هڪ معصوم ٻار ويٺو آهي، جنھن کي
دنيا جي نفرتن جيئڻ تنگ ته ڪيو آهي پر هن انهن جي پرواهه ڪرڻ بجاءِ، محبتن ورهائڻ
کي پئي ترجيح ڏني آهي. مشتاق، جنھن سان منھنجي محبتن جو رشتو، ته تمام گهڻو آڳاٽو
آهي پر ان ۾ اضافو تڏهن ٿيو آهي، جڏهن کان وٺي، اسان تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ، هڪ بئنچ
تي ويهي سفر ڪيو آهي، جنھن کان پوءِ هي اسان جو رشتو، رت جي رشتن کان وڌيڪ افضل به
ٿيو آهي ته ان ۾ گھرائپ ۽ پنھنجائپ به وڌيڪ بڻي آهي. هن جي سادگي، علم حاصل ڪرڻ جي
تشنگي، مسلسل لکڻ، ادبي، سماجي ۽ تعليمي تنظيمن ۾ متحرڪ رهڻ ۽ دوستن سان پيار ڪرڻ
واري مشتاق جي روايت ۽ عمل، منھنجي لاءِ هميشه اتساهه جو سبب بڻيو آهي. اها منھنجي
خوش بختي چئبي جو آءٌ مشتاق سان محبت ڪريان ٿو ۽ مشتاق جن سان محبت ڪري ٿو ۽ جن کي
پنھنجو سمجهي ٿو، انهن ۾ مان به شامل آهيان.
مشتاق بخاري
محبتن جو معراج ماڻيندڙ
حفيظ چانڊيو
پوري قوم جو اکيون، شاعرن جي قلم مان نڪتل لفظن منجھ کتل هونديون آهن، جيڪي
سندن سجاڳي لاءِ لکيا ويندا آهن، شاعر ئي قومن جا اصل وارث هوندا آهن، جيڪي سندن
وارثي ڪندي ابن الوقت سان اکيون اکين ۾ ملائي قوم جي بقا جي جنگ وڙهندا آهن، شاعرن
جي شاعري عظمت ڀري هوندي آهي، ڇو جو ان منجھ لوڪ کي جيئڻ جي جستجو ۽ مسلسل جدوجهد
جو اتساھ ملندو آهي، شاعر وٽ پنهنجي ڪيفيتن، پيار ۽ پيڙائن، ڪومل جذبن، اندر ۾ ذهن
۽ ضمير جي جهيڙي ۾ اٿندڙ اڌمن ۽ اڻپورن احساسن جو اظهار هوندو آهي، جيڪو لفظن جو
روپ وٺي شهڪار شاعري بڻبي آهي، شاعر ته ٺهيل ئي ڪيفيتن جا هوندا آهن، اهو شاعر
جيڪو مختلف ڪيفيتن مان نه ٿو گذري، سو سٺو شايد نه لکي سگهي، آ پنهنجي راءِ رکندي هيئن لکندس
ته جيڪو شاعر ڪيفيتن جو يار آهي، سو ئي سگهارو نظم توڙي نثر سرجي سگهي ٿو، هونئن
به ڪيفيتون، جن جا رنگ ۽ روپ ئي نرالا هجن ٿا، سي رنگ جڏهن تخليقار جي تخليق ۾ رچي
وڃن ٿا ته اها تخليق اوج پسندي آهي، ڪيفيتن مان ڦٽي نڪتل نظم ۽ نثر جا ماڻهو،
پنهنجي دور جا تمام وڏا ۽ سگهارا تخليق ڪار بڻبا آهن، جيڪڏهن شاعر کان ڪيفيتون ڌار
ڪري ڇڏيو ته هو روايتي ماڻهو بڻجي ويندو، اهو ڪمال حقيقت ۾ ان تخليقار جو ناهي، پر
ان ڪيفيت جو آهي، جيڪا مٿس طاري ٿي، کيس لکڻ تي آماده ڪري کيس قلمي ۽ قلبي قرار
بخشي، سڪون ۽ آنند بخشي ٿي.
مشتاق بخاري به اهڙين پر ڪيف ڪيفيتن جو مالڪ آهي، جيڪي سندس روح کي ول جيئن
وڪوڙي کيس آنند ۽ قلبي قرار بخشينديون آهن، سائين مشتاق بخاري، سنڌ جو نهايت
برجستو ۽ سهڻو شاعر آهي، جنهن جي ڪلام جو مرڪز سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو آهن، سندس شاعري
روايتي گهاريٽن کان هٽي منفرد اسلوب سان اپنايل آهي، سندس شاعريءَ جو موضوع ديس ئي
آهي، جنهن ۾ ڪجھ مزاح سان گڏ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، ماڻهن جي پيڙهين کان وٺي رائج
سندن زندگي گهارڻ جا معيار ۽ سنسار ۾ سونهن جي علامت بڻيل خوشبودار گُل آهن، جن جي
لازوال مرڪن سان هن ڪائنات ۾ موجود گهرن جا آڳر مهڪيل آهن. جيڪي جڏهن مرڪندا آهن
ته پوري ڪائنات مرڪي پوندي آهي ۽ جڏهن رسندا آهن ته سنسار کي سڃو ڪري ڇڏيندا آهن،
مشتاق بخاري جي اکين ۾ اميدن جا ڪيئي ڪرڻا آهن، جنهن جي روشنين ۾ هو نااميدين جي
پاڇن کي ڊڪائي، اميدن جا ڏيئا ٻاريندو ٿو رهي، هو بنيادي طور هڪ استاد آهي، جنهن
ڏاڍي ايمانداريءَ سان ۽ محنت سان نسلن کي پاڙهيو آهي، سائين مشتاق بخاري جي شاگرن
جو حلقو وسيع آهي، جيڪي اڄُ ملڪ جي ترقي لاءِ مختلف کاتن ۾ ذميداريون نڀائيندي ملڪ
۽ قوم جو نانءُ روشن ڪري رهيا آهن، سندس شاعريءَ جي هر هڪ سٽ ۾، وطن جي محبت جو
ذڪر ٿيل آهي، سندس شاعري، ڌرتي ڌڻين جي خوشحاليءَ جو هڪ اهڙو تعميري خواب آهي،
جيڪو هاڻي ساڀيائون پيو گهري.
مشتاق بخاري جي شاعريءَ ۾ ادبي رس چس سان گڏ لفظن جو اڻ کٽ خزانو موجود
آهي، جيڪو پڙهندڙ کي لفظن سان ملائي سندس ذهن ۽ ضمير کي جديد خيالن سان متعارف
ڪرائي ٿو، سندس شاعري ڪلاسيڪي شاعريءَ جو درجو حاصل ڪيو آهي، ” ڪلاسيڪي لفظ پنهنجي
معنوي اعتبار سان آرٽ جي حوالي طور پرکيو ويندو آهي، اهو وقت( زمان) ۽ هنڌ (مڪان)
جي ٻنڌڻن کان آزاد فن لاءِ استعمال ٿئي ٿو. وقت سان هر شيءَ مٽجي وڃي ٿي، هر شيءَ
کي بقا ناهي، بس بقا آهي ته صرف ان آرٽ کي آهي جيڪا هميشه جيئن طاقتور ۽ سگهاري
رهي پئي. سندس شاعري ماٺ ۾ تحرڪ پيدا ڪندي، پڙهندڙ کي حوصلو بخشيندي رهي آهي،
شاعري ان وقت معراج ماڻيندي آهي، جڏهن اها سياسي، سماجي توڙي مذهبي اختلاف کان
مٿاهين هُجي، جنهن ۾ لوڪ جي دردن جو دارون هُجي.
مشتاق بخاري اهڙي شهر سان تعلق پيو رکي، جتي قبيلائي نفرتن جو واپار ٿيندو
آهي، جتي قبيلائي نفرتن جي آڙ ۾ ڪيترين ڪونجڙين جي سينڌ اجاڙي ويندي آهي، جتي
ڪيترن ساهن کي رات جي پيٽ ۾ ٻوساٽيو ويندو آهي، ۽ غيرت جي آڙ ۾ ٻٽا قتل ڪري، کين بنا
غسل جي دفنايو ويندو آهي، هي ان علائقي جو رهاڪو آهي، جتي وک وک تي سازشن جا ڄار
پکڙيل هوندا آهن، هن جي آسپاس وحشين جا ڪيترا ئي ڳوٺڙا آباد آهن، اهي وحشي پنهنجن
ٻچن کي کائڻ کي عار ناهن سمجهندا، اهي وحشي، جن جا منحوس ۽ ڀوائتا چهرا آهن، تن کي
ڪڏهن به قانون کان ڪو ڀئو ۽ ڀولو ناهي رهيو، ڇو جو وٽن قانون ڪنهن رکيلِ جيئان
بازارو بڻيل آهي، جنهن کي پيسن عيوض مرضي مطابق ڏينهن جا ڏينهن ۽ راتين جو راتيون
رکي سگهجن ٿا، مطلب ته مشتاق بخاري اهڙي خونخوار جانورن، تخريبڪار سوچ رکندڙ، جاهل
۽ دقيانوسي سوچ ۾ ورتل ذهني غريب ماڻهن جي ڳڙھ ۾ رهي به سماج اندر مسلسل تعميري
ڪردار ادا ڪندو آيو آهي ۽ جوش سان قلمي پورهيو ڪري، ثابت قدم رهندو آيو آهي.
شاعري هوندي به اها آهي، جنهن ۾ عوام سان ٿيندڙ انيائن، تعدين ۽ ويڌن جي
روئداد ڪهاڻي بيان ٿيل هجي ۽ ان جي نندا ڪندي شاعر مظلوم جو پاسو وٺي، ظالم سان
مهاڏو اٽڪائي، کين سندس مڪروھ چهرو پسائڻ ئي، شاعريءَ جو حسن هوندو آهي، مشتاق جي
شاعريءَ ۾ استحصالي قوتن خلاف ڌڪار ۽ پنهنجن لئي اڻ ميو پيار موجود ملي ٿو، هو سچ
جو ساکي بڻجي با عمل زندگي گهارڻ کي ڪاميابي سمجهي ٿو، هو سماج جو اهو روشن خيال
تخليقار آهي، جنهن پنهنجي خوشحال جيون کي مارن جي خوشحاليءَ تان گهور ڪندي، سموري
ڄمار بي باڪيءَ سان پئي لکيو آهي، اها سندس زندگيءَ جي هڪ لڪل خوبي آهي جو هن جي
سموري زندگي پورهيتن سان پيار ڪندي گذاري آهي. هو پيار کي عبادت سمجهي، ڪيترن
ورهين کان مسلسل عبادت پيو ڪندو آيو آهي، مون اڪثر مشتاق بخاري جي ڳايل شاعري
ٽريڪٽرن توڙي چنگچين ۾ ماڻهن کي وڏي شوق سان ٻڌندي ڏٺي آهي، اهو ان ڪري ئي جو سندس
ڪلام ۾ عوامي رنگ سمايل آهي، هو فطرت جو شاعر آهي، جنهن محبتن جو معراج ماڻي ورتو
آهي، جنهن جي ڪلام ۾ فطرت جو حُسن چٽو نظر ايندو آهي.
شاعر قومن جا امين ٿيندا آهن، جيڪي سون جهڙي جواني عوام جي هر درد تان
قربان ڪندي، پنهنجا چاندي وار ڪري ڇڏيندا آهن، ڪيفيتون بي اعتبار هونديون آهن! مون
سچل سائينءَ جي شعر جيئن مشتاق کي، ڪڏهن ڀريءَ ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾ ڏٺو آهي، پر هڪ
ڳالھ جيڪا مون منجهس ڏٺي سا اها آهي ته هو سڀني سان مرڪي ملندو آهي، احساس ۽
ڪيفيتون به انسان جي شعور تي اثرانداز ٿينديون آهن.، منهنجي ڪيفيت به ڪڏهن ڪڏهن
مشتاق جيئن ماڻا ڪندي رهي آهي. مشتاق بخاري سنڌ جي انهن شاعرن مان هڪ شاعر آهي
جنهن جو سمورو جيون ماڻهن منجھ محبت ڏيندي ۽ مرڪون وکيريندي گذاريو آهي، هو عمر جي
پوئين حصي ۾ ڪنهن دوست کان ڏکارو نه آهي، نه ئي ڪنهن اداري لاءِ وٽس ڪي ميارون
موجود آهن، مشتاق اهو شاعر آهي، جنهن جي ڪلام کي سنڌ جي مشهور فنڪارن پنهنجن سريلن
آوازن ۾ ڳايو جنهن ۾ سنڌي غزل جي بادشاھ عاشق نظاماڻيءَ “قرب ڪهاڻي ياد نه ٿي ڇا”
ڳايو، جنهن کي يونيورسٽين جي ڇوڪرين توڙي ڇوڪرن بي انتها پسند ڪيو، مٺڙي راڳي
الطاف سمي سندس ڪلام “هاءِ ڪيڏو پري ويو آهين” ڳايو، جنهن سنڌ ۾ ايڏي ته شهرت ماڻي
جو فنڪار ان شهرت سبب آسمان جي بلندين تي پهتو. ممتاز لاشاريءَ “سڀ ڪجھ وسريو يار
نه وسريو”، “سڄڻ کي چئو اچي هاڻي اچڻ جهڙو صفا ناهيان” يا جواني سون جهڙي ٿي،
جوانيءَ جو قدر ڪر تون ڳايا آهن، جن کي پڻ عوامي موٽ ملي، ان کان علاوه مشتاق
بخاريءَ جي شاعري سليم رضا ڪنڀر، نجف علي ۽ طاهر عباس به ڳائي آهي، جنهن کان پوءِ
اهي به ساڳي انداز ۾ ماڻهن ۾ مقبول ٿيا آهن.
مشتاق بخاري هڪ آدرشي انسان سان گڏ سنڌ جو عوامي شاعر پڻ آهي، سندس شاعري
اگهور ننڍ ۾ ستل قوم کي جاڳائڻ لاءِ ڪارگر ثابت ٿيڻي آهي، جنهن ۾ نسلن جي ترقي،
عزت ڀري معاشري جو تعميري خواب عيان آهي، هو شاعريءَ ۾، جتي عام لوڪ جي خوشحالي جو
دعاگو ٿو ڏجي، اتي ساڳي جاءِ تي هو بيتن ۾ ديس جي ٻارڙن لئه پڻ ڳالهين جا ڳوٺڙا
پيو ٺاهي، هو اهڙو مثالي معاشرو اڏڻ چاهي ٿو جنهن ۾ سڀ ماڻهو قبيلائي نفرتن کان
آزاد ٿي، نفرتن جي نانگڻ هٿان ڏنگجڻ کان اڳ، هٿيار ڦٽا ڪري زندگي سان پيار ڪرڻ
شروع ڪن ٿا ۽ ڪتاب کڻي، پڙهي، هن سان اهڙو معاشرو تعمير ڪن جتي پيار تي ڪنهن قسم
جي ڪا پابندي نه هجي، جتي هر ماڻهوءَ کي اظهار جي آزادي جو حق مليل هجي، جتي ڪو به
ماڻهو ڪنهن ڀوتار جي بنگلي تي سلامي نه ٿيندو هجي، نه ئي تر جي ڪنهن پاٿاريدار وٽ
پنهنجي عزت نيلام ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃي، سڀني سماجي براين کان آجي معاشري جو نقشو
چٽيندي سائين مشتاق هڪ انقلابي فڪر انگيز ڳوٺڙي ٻڌڻ جي ڳالھ ڪئي آهي، جنهن تي عمل
پيرا ٿيڻ بعد صحتمند سماج اڏي سگهجي پيو.
مشتاق بخاري
کيس محبتن مان سالگرھہ جون مبارڪون
مٺل جسڪاڻي
مُشتاقُ جمع مُشتاقَ، صفت آھي، جنھن کي شوق چئبو آھي. جامع لغات ۾ ھن جي
معنيٰ اشتياق رکندڙ، شائق، چاهيندڙ، آرزومند، طالب، خواهشمند، گهورو، خواهان،
سڪايل، اُڪنڊيو، موهِيَلُ، وَسُ ڪيل، مَنُ لُڀايل، عاشق، موهت، اڪن ڇڪن، مُستدعِي،
مُنتظر ۽ انتظار ڪندڙ آھي.
مشتاق، عربي ٻوليءَ جو لفظ آھي. جنھن جون ٻيون معنائون آھن راھون نھاريندڙ،
طالب، يار.
مشتاق ۽ مشتاق بخاري ٻيا بہ گهڻا، پر ھڪ مشتاق بخاري اھو آھي، جنھن کي اڳي
ڪن ٻين حوالن سان سڃاتو ويندو ھو، پر روزاني ”آجيان“ شڪارپور جاري ٿيڻ کان پوءِ،
اِھو سندس نئون حوالو آھي.
روزاني ”آجيان“ ۾ جيڪو ڪجهہ بہ ڏسڻ ۽ پڙھڻ لاءِ ملي ٿو، اھو سڀ ڪجهہ پھچي
ڀلي تہ ڪٿان ڪٿان کان، پر مون کي جيڪا خبر آھي، تہ وڌ ۾ وڌ ڪم پاڻ اڪيلي سر
اڪلائي، ھڪ ٻن ٻين ساٿين جي مدد سان، پابندي سان، روزاني، پڙھندڙ تائين پھچائي ٿو.
منھنجي خيال ۾ اھو سڀ ڪجهہ سندس نالي جو اثر آھي. جنھن ڪري عام ماڻھو جي
عام خفن سان گڏوگڏ اخبار جو اضافي ڪم بہ مڪمل ڪري وٺندو آھي.
مون کي اميد آھي تہ روزاني ”آجيان“ شڪارپور جي مشھور ۽ مقبول ادارتي صفحي
معرفت سائين مشتاق بخاريءَ کي سندس جنم تاريخ ۲۷ آڪٽوبر تي سالگرھہ جون مبارڪون قبول پونديون.
(روزاني ”آجيان“ شڪارپور، خميس ۲۷ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع)
پياري مشتاق بخاري کي جنم ڏڻ مبارڪ
۲۷ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع
اعظم ڀٽي
هن جي سۡڃاڻپ فقط روزاني "آجيان" شڪارپور ناهي، هۡن جي سۡڃاڻپ
سينيئر ليکڪن سان گڏ فقط نئين ٽهيءّ به ناهي، هۡن جي سۡڃاڻپ صرف هڪ شاعر جي به
ناهي، ھۡن جي سۡڃاڻپ صرف سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اڳوڻي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري واري
به ناهي، هۡن جي سۡڃاڻپ ته سموري سنڌ ۽ سنڌي ٻولي آهي، هن جي محبتن جو مرڪز به سنڌ
۽ سنڌي ٻولي ئي آهي، هن پنهنجي ادبي سفر کي نکارڻ سميت سينيئر ٽهيءّ سان گڏوگڏ
نئين ٽهيءّ جي تخليقي صلاحيتن کي پذيرائيءّ ڏيارڻ ۾ اهم تاريخي ڪردار ادا ڪيو آهي،
نوجوان ليکڪن جي حوصلا افزائي واري جوهر کي هٿي ڏيڻ ۾ جيڪو ڪردار هۡو هن وقت
روزاني آجيان وسيلي ادا ڪري رهيو آهي، موجوده وقت ۾ شايد ئي ڪو اهڙي ذميداري
سرانجام ڏئي رهيو هجي، مشتاق بخاري جو ڪردار بنا ڪنهن وڌاءۡ جي ساراهه جوڳو ۽
تحسين لائق آهي. اڄ سندس سالگرهه جي ڏينهن تي کيس واڌايون پيش ڪجن ٿيون، ان اميد
سان ته سندس جاکوڙ ۽ محبتن جو سفر شال سدا سائو ۽ سرهو رهي!
اعظم ڀٽي، ٽنڊو محمد خان
۲۷ آڪٽوبر ۲۰۲۲ع
مشتاق بخاري
شخصيت ۽ فن - جواني سون جھڙي ٿئي!
غفار عباسي
مشتاق احمد شاه جو جنم، ۲۷
آڪٽوبر ۱۹۶۹ع تي ڳوٺ لونگاڻي تعلقو ڳڙهي
ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو. بنيادي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪيائين. اڳتي هلي
ايم اي اڪنامڪس ۱۹۹۲ع ۾ ۽ ايم اي سنڌي ۲۰۰۷ع ۾ ڪيائين.
سندس سنڌيءَ ۾ ايم اي ڪرڻ کان اڳ ئي ادب جي دنيا ۾ مشتاق بخاري جي نانءَ
سان، صاحب ڪتاب سڏجي پيو.
پاڻ لکڻ جي شروعات نظم سان ڪيائين، سندس پهريون شعر، شڪارپور مان نڪرندڙ
هفتيوار ”شب روز“ اخبار ۾ ۱۹۸۹ع ۾
شايع ٿيو. سندس شاعريءَ ۾ استاد اشرف زمان پيرچندامي صاحب آهي. مشتاق بخاري ڪنهن
به تعارف جو محتاج نه آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب ٻاراڻي توڙي وڏن جي ادبي دنيا ۾ مڃتا
ماڻي چڪا آهن. جن ۾ گيتن جهڙا ٻار (ٻارن لاءِ شاعري) ۱۹۹۸ع، پيار جي موٽ ۾ (چوسٽا) ۱۹۹۹ع،
سونهن سنسار جي (ٻارن لاءِ شاعري)۲۰۰۱ع، سار
جي خوشبؤ (غزل) ۲۰۰۴ع، ايم اي سنڌيءَ جي آخري سال،
ڪوثر ٻرڙي جي علمي ادبي خدمتن تي لکيل مونو گراف ”هڪ وجود ڪيئي وجود“ ۲۰۰۹ع، سفر چاهتن جو (ڪوثر ٻرڙي سان گڏ شاعري) ۲۰۱۲ع ۾، هليو وڃبو هاڻ (۲۰۱۹) منظر عام تي آيل ڪتاب ۽ سندس ڪيترائي ڪتاب اشاعت جي انتظار ۾ آهن.
مشتاق بخاري ريڊيو تي به هوائن جي آڌار ڪيترائي سٺا پروگرام ڪيا آهن. پاڻ
تمام سٺي ۽ خوش مزاج طبيعت جو مالڪ آهي. ۽ سندس شاعريءَ جي ٻولي به دل لڀائيندڙ
آهي. خوبصورت تشبيهون ۽ استعارا مشتاق جي شاعريءَ جا اشتياق رهيا آهن. مشتاق جي
ڪجھ غزلن مان مثال وٺون ٿا جيئن، پاڻ دل جو اجھو پرينءَ جي حوالي ڪري پاڻ ڊاهي ۽
پوءِ ٺھڻ جو عرض ڪندي چوي ٿو ته:
درد اهڙا ته ڏي جي سهي ڀي سگها،
هن دنيا ۾ پرين مان رهي ڀي سگهان.
تون دل جون ڀتيون ڊاھ ڀي ايترو،
زندگيءَ ۾ وري جي ٺھي ڀي سگهان.
پاڻ پيار ونڊيندو ۽ محبتون ميڙيندو رهيو آهي، سندس پيار وارن سان ڪجھ سرس
لڳندي آهي جو، پاڻ جنهن ۾ پيار نٿو سمجهي تنهن کي پنهنجو يار نٿو سمجهي. ۽ مشتاق
بخاري چوي ٿو ته پيار پئسن تي به نٿو ڳنهي سگهجي.
جيڪو ماڻهو پيار نه ڄاڻي،
تنهن سان اڳتي ملبو نه هاڻي.
پيار ته ڀاڳ جي بازي آهي،
پيار نه ملندو آهي ناڻي.
پيار جي پانڌيئڙن ۾ جڏهن وير وٺڻ جا آثار ظاهر ٿيندا آهن ته، اهڙي وقت ۾
پنهنجا لفظ دشمن جو تير بڻجي بيهندا آهن. ۽ اندر مان هجتن ۽ سهپ جا درجا ختم ٿي
ويندا آهن، اتي بي رحم لفظ حڪمراني ڪرڻ لڳندا آهن ته ان ويل ڀرم رکندڙ اهل انسان،
دل جي ڳالھين جي ڳنڍ لفظن جي آڌار ڇوڙيندا آهن. ائين ئي مشتاق بخاري چوي ٿو ته:
هو به ڏسي ٿو غيرن وانگي،
وير وٺي ٿو وڏيرن وانگي.
پاڻ لڪائي هو ايئن هليو ويو،
پنهؤن جي هو پيرن وانگي.
مشتاق بخاري جي شاعريءَ ۾ سندس زندگي ۽ سماج جا ڪردار چٽيل آهن. مشتاق
بخاريءَ جي علائقي جي ٻوليءَ جو لهجو به شاعريءَ ۾ ملي ٿو، جيئن اسان ساهتي نوشهري
۽ ڪنڊياري وارا لفظ اچاريندا آهيون ”مڪون“ ”لتون“ ۽ ”کلون“ ائين ساڳيا ئي لفظ
شڪارپوري پنهنجي لهجي ۾ اهڙي قسم جي لفظن ۾ الف جو واڌارو ڪري ”مڪان“ ”لتان“ ۽
”کلان“ اچاريندا آهن. ان حوالي سان مشتاق بخاريءَ جو شعر آهي ته:
لٺيون باٺا ۽ "مڪان" ٿو هڻي،
هو ٺاهي ٺاهي "لتان" ٿو هڻي.
ڦارون ڦارون پاڻ کائي وري،
مونکي نارنگين جون "کلان" ٿو هڻي.
مشتاق سائينءَ شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي سندس وايون به دل
کي ڇهندڙ آهن. ڌار هوندي به دل جي تار ڳنڍيل محسوس ٿو ڪري، ننڍڙن ٻارن سان تشبيح
ڏيندي جلدي پرچڻ جي پارت ڪندي چوي ٿو ته:
ڀلي ڌار هجون
ته ڀي يار هجون
دوريون دور ٿي وينديون!
وڙهون روز ٺهون
ڄڻ ڪي ٻار هجون
دوريو دور ٿي وينديون!
سڄڻ کان سواءِ هر لمحو اوپرائپ محسوس ٿيندي آهي، هر جاءِ پنهنجو پاڻ وڃائجي
ويندو آهي. دل جون اکيون هجومن ۾ به اڪيلائيءَ جو شڪار هونديون آهن. اڪيلائيءَ ۾
يادن جي آڌار تي وقت کي وندرائبو آهي. اهڙي ڪيفيت ۾ مشتاق بخاريءَ به پنهنجي
ڪيفيتن کي اکرن ۾ اوتيو آهي چوي ٿو ته:
تو بن هي شهر
اوپرو ٿو لڳي
ڀاتين سان ڀريل
هيڏو سارو گهر
اوپرو ٿو لڳي
ساڻ نه آهين اڄ
ڪينجهر جو به ڪپر
اوپرو ٿو لڳي.
مشتاق بخاريءَ شاعري کان علاوه نثر ۾ به ڪيتريون ئي ڪهاڻيون ۽ مضمون لکيا
آهن. ان کان علاوه پاڻ گهڻي عرصي کان سنڌ جي مختلف رسالن ۽ اخبارن جو ايڊيٽر، چيف
ايڊيٽر، صلاحڪار ۽ اعزازي ايڊيٽر طور سلهاڙيل رهيو آهي. هن وقت به پاڻ شڪارپور مان
نڪرندڙ روزاني ”آجيان“ اخبار جو چيف ايڊيٽر پڻ آهي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت ڊکڻ شاخ جو
سيڪريٽري، پنهنجي ضلعي جو رابطه سيڪريٽري، ۽ مرڪزي طور تي به پاڻ ادبي سنگت ۾ رهيو
آهي. ان سان گڏ سندس شخصيت تي، ٽي کن ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن. باقي اڃان به کيس جيڪا
مضموني صورت ۾ يا ڪيترن ئي رسالن ۽ اخبارن ۾ خاص ڊيڊيڪيٽ ڪيل ڪارنرس مڃتا ملي رهي
آهي، سان سندس محنتن ۽ اجري پيار جو نتيجو آهي. اڳتي به مشتاق بخاريءَ مان اها
اميد رکون ٿا ته، پاڻ ان محنت کي جاري رکي پنهنجي قلم سان سنڌي ادب جي آبياري ڪندو
رهندو.
مشتاق بخاريءَ جي شاعريءَ ۾ سماجي ماحول جي نرالي چٽسالي ٿيل آهي. مشتاق
بخاريءَ چوسٽا به ڏاڍا خوبصورت لکيا آهن. سندس ڪتاب ”پيار جي موٽ ۾“ چوسٽن جو
مجموعو آهي. مختصر لفظن ۾ هڪ مضمون جهڙي معني پوئي پيش ڪري ٿو. محبتن جو درس ڏيندي
چوي ٿو ته:
محبتن سان رهو،
قربتن سان رهو.
دل اندر پيار جي،
شدتن سان رهو.
مشتاق سائين پيار جي پارت شدتن سان ٿو ڪري، پنهنجي سالگره جي موقعي تي سال
کان پوءِ مليل تحفي کي پيار ۾ اظهاريندي چوي ٿو ته:
هيل اسان ڏي سالگره تي،
تحفي ۾ هڪ هار اماڻيئه.
پوءِ به خوشي ٿي توڙي مون ڏي،
سال پڄاڻان پيار اماڻيئه.
سنڌ جي ڪيترن ئي فنڪارن پنهنجي خوبصورت آواز ۾ مشتاق بخاريءَ جي شاعري ڳائي
مشتاق بخاريءَ کي نئين سڃاڻ بخشي آهي. سندس ۲۰۰ کن ڪلام مختلف فنڪارن ڳايا آهن. ۽ ڪيتريون سٽون عوام جي دلين جون ترجمان
رهيون آهن. ممتاز لاشاريءَ جي آواز ۾ مشتاق بخاريءَ جو مشهور ڪلام ڪيترين ئي دلين
جو ترجمان رهيو آهي اهي هي سٽون آهن ته:
جواني سون جهڙي ٿئي،
جوانيءَ جو قدر ڪر تون.
(ڏھاڙي آجيان شڪارپور ۾ ۲۷ آڪٽوبر ۲۰۲۰ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا