; سنڌي شخصيتون: مشتاق بخاري، عيسيٰ ميمڻ، حفيظ چانڊيو، مٺل جسڪاڻي، اعظم ڀٽي، غفار عباسي،
Showing posts with label مشتاق بخاري، عيسيٰ ميمڻ، حفيظ چانڊيو، مٺل جسڪاڻي، اعظم ڀٽي، غفار عباسي،. Show all posts
Showing posts with label مشتاق بخاري، عيسيٰ ميمڻ، حفيظ چانڊيو، مٺل جسڪاڻي، اعظم ڀٽي، غفار عباسي،. Show all posts

22 November, 2016

مشتاق بخاري

مشتاق بخاري

ڌرتي، پيار ۽ ٻارن جو شاعر

عيسيٰ ميمڻ



”هر عظيم فنڪار، پنھنجي دؤر کان اڳ ۾ پيدا ٿيندو آهي.“

مٿيان لفظ شيخ اياز يقينن تاريخ جي وسيع مطالعي ۽ مشاهدي کانپوءِ چيا هئا، جنھن جو نچوڙ، يقينن اهو ئي بيھندو ته هر عظيم فنڪار، نه صرف پنھنجي دؤر جي حالتن جي تبديليءَ لاءِ جاکوڙيندو آهي پر ايندڙ وقت جي اندر پيدا ٿيندڙ حالتن ۽ ان جي حل لاءِ راهون پڻ متعين ڪندو آهي. جيئن ڪارل مارڪس پيدا ته ارڙهين صديءَ ۾ ٿيو پر اڄ ايڪهين صديءَ جا معاشي تضاد، سياست ۽ سماج جا تضاد به، نه صرف سمجهائي ٿو پر انهن جو ادراڪ به بخشي ٿو. ايئن ئي مارڪس کان اڳ شاهه لطيف پنھنجي دؤر کان اڳ پيدا ٿيو هو، جنھن جي فڪري ڪماليت جي پروڙ ۽ پرک ڪندي اڄ جي جديد دؤر جو ڏاهو ۽ جينئس به دنگ رهجيو وڃي. هيءَ دنيا اهڙن عظيم فنڪارن جو قدر پنھنجي وقت تي نه ڪري سگهي آهي يا جنھن دؤر ۾ اهي عظيم فنڪار پيدا ٿين ٿا، اهو دؤر انھن عظيم فنڪارن جي سڃاڻپ نه ٿو ڪري سگهي يا انهن کي مناسب موٽ ڏئي نه سگهيو پر وقت، انهن جي فڪري ۽ عملي پورهئي کي، هر ايندڙ دؤر ۾نروار ۽ نمايان ڪري ٿو. شاهه لطيف سنڌ جي تاريخ ۾ جيڪا پوک پوکي، اڄ انهيءَ پوک جو صلو، سنڌ جي شاعريءَ جي معراج ۾ صورت ۾ پسي سگهجي ٿو. سترهين صدي کان وٺي، لطيف، سنڌي شاعريءَ جي روشن تاري جيان چمڪندو رهي ٿو. انهيءَ روشن تاري جو ڪمال آهي ته اڄ سنڌ، شاعريءَ جي کيتر ۾ مالا مال آهي.