; سنڌي شخصيتون: قبله سائين مخدوم جميل الزمان ”جميل“ - نظام الدين ڪاڪا

22 November, 2016

قبله سائين مخدوم جميل الزمان ”جميل“ - نظام الدين ڪاڪا

قبله سائين مخدوم جميل الزمان جميل
نظام الدين ڪاڪا (هالا)
قبله سائين مخدوم جميل الزمان “جميل” ۲۳ نومبر ۲۰۱۵ع تي درگاهه مخدوم سرور نوح جا سجاده نشينيءَ جي دستاربنديءَ کانپوءِ سروري جماعت جا روحاني پيشوا ٿيندا قبله سائين مخدوم امين فهيم جا وڏا صاحبزاده قبله سائين مخدوم جميل الزمان ۲۷ جولاءِ ۱۹۶۱ع تي هالا ۾ جنم ورتو. پاڻ شروعاتي پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم هالا مان ورتي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪئي.


جيئن ته علمي ادبي ماحول ۾ تربيت هجڻ ڪري ۱۹۸۱ع کان سنڌي ادب ڏانهن راغب ٿيا. پاڻ شاعري، نثر ۽ ادبي ميدان ۾ تاريخ تي تحقيق ڪئي آهي. سندن مطالعو ۽ مشاهدو تمام گهڻو وسيع آهي ۽ سنڌي ٻولي ۽ لغت جا تمام گهڻا ڄاڻو آهن. سندن ۱۵ کن ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن جن ھيٺ ڄاڻايل ڪتاب قابلِ ذڪر آهن.
1.                 اتر لڳا آءُ پرين
2.                 دلربا دلربا
3.                 سنڌ جي واقعاتي تاريخ
4.                 تذڪره مخدومان هالا
5.                 خيري شيرازي لغت
6.                 ملاقات
7.                 محبت پائي من ۾
8.                 انت محبوبي (مرتب)
9.                 سيد فتح محمد شاه اجناڻي سوانح ۽ ڪلام (مرتب)
10.            سج وڙاءُ
11.            روح رچنديون (سندن شاعريءَ جو ڪتاب)

قبله سائين مخدوم جميل الزمان هن وقت سنڌ گورنمينٽ ۾ روينيو جا وزير آهن. پاڻ سنڌي ادبي بورڊ جا چيئرمين، بزمِ طالب سنڌ جا وائيس چئيرمين، ڏات پبليڪيشن جا باني ۽ طالب الموليٰ اڪيڊمي هالا جا چيئرمين پڻ آهن. سروري جماعت جي مريدن ۾ پينگهاري جا ڪاڪا، کپري جا راڄڙ، ويءُ جا ماڇي، عمر ڪوٽ جا ڪنڀر ۽ پلي، ٽکڙ جا سيد، ڇاڇري جا دل، ٽنڊي الهياري جا پلهه ۽ ٻيا به هنڌ، سنڌ ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ لکين مريد آهن انڪري سروري جماعت کي نوَ-لکي گودڙي ڪري به سڏيو ويندو آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا