; سنڌي شخصيتون: سبطِ حسن - سجاد ظهير

20 November, 2016

سبطِ حسن - سجاد ظهير

سبطِ حسن
پورهيتن جو عظيم ڏاهو
سجاد ظهير
پاڪستاني سماج ۾ روشن خيال فڪر جي آبياري ڪيتري ٿي سگهي، اهو سوال هڪ ڊگهي بحث تي ڇڏي سگهجي ٿو. پر هن سماج ۾ روشن خيال بڻائڻ لاءِ سائنسي نظرين خاص ڪري سائنسي سوشلزم جي لاءِ ويڙهه ڪندڙ اها روايت جنهن جي بنياد ۾ کوڙ سارا فرد اچن ٿا. تاريخ ۾ کوڙ سياسي ورڪر انهن جي خلاف لکندا رهن ٿا. جيترو انهن کان ٿي سگهي ٿو اوترو ئي انهي کي ڊاهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. تاريخ عمل جو تسلسل آهي پر علمي، فڪري نظرياتي سياست کان بغير تاريخ جو اهو عمل بي فيض ٿي وڃي ٿو. مارڪس کان ڪنهن پڇو ته تنهنجو هيءُ جدلي ماديت وارو نظريو مزدور جي ذهن تي عذاب نه هوندو؟ مارڪس وراڻيو ته جيڪڏهن پورهيت طبقي کي استحصالي نظام کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو آهي ته پوءِ هن سماجي سائنس جي عذاب مان گذرڻو پوندو. پاڪستان ۾ جن ماڻهن نظرياتي سياست جو بنياد وڌو انهن مان سڀ کان اعليٰ ۽ علمي نانءُ سبط حسن جو آهي،  جنهن کي تاريخ جي نصاب ۾ شامل ڪرڻ هڪ ڏوهه پڻ سمجهو وڃي ٿو. پاڪستان ۾ هن وقت جيڪا نظرياتي سياست بچيل آهي انهيءَ جو باني سبط حسن آهي جنهن جي عملي خدمتن  کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. سبط حسن جنهن کي 2016ع ۾ سئو سال پورا ٿيا آهن، هن ئي سال سندس صدي پُڄاڻان تقريب وچ ايشيا سميت سموري دنيا ۾ ملهائي ويندي. اسان سبط حسن کي اهو مان نه ڏئي سگهيا آهيون. سبط حسن هاڻي انساني شعور جو هڪ تاريخي ۽ تعميري ڪردار بڻجي چڪو آهي.


سبطِ حسن 31 جولاءِ 1917ع ڌاري گڏيل هندستان ۾ صوبي اتر پرديش جي ضلعي اعظم ڳڙهه جي ڳوٺ موضوع، صوبي اترپرديش ۾ جنم ورتو. هن بي اي جي تعليم مسلم يونيورسٽي علي گڙهه مان پرائي. اتي سندس سنگت علي سردار جعفري، اسرار الحق مجاز، خواجه احمد عباس، اختر الايمان ۽ اختر حسين راءِ پوري سان ٿي. هي سمورا نانءَ پنهنجي فن ۽ تاريخ جا برک نالا ٿي اڀريا. انهن ڏينهن ۾ ڪجهه اردودان سجاد ظهير جي اڳواڻي ۾ ان ادب جي مشعل کڻي نڪتا جيڪو سماج جي پيڙا جي درد کي سمجهي، هڪ طرف ڪامريڊ حشو ڪيولراماڻي اياز، گوبند مالهي، اي جي اتم، ڪيرت، سوڀو ته ٻئي پاسي سجاد ظهير جي قافلي ۾ سبط حسن کان ويندي ڪيفي اعظمي جهڙا وطن پرست شاعر، اديب ۽ دانشور شامل هئا. تعليمي فرض پورا ڪرڻ کان پوءِ لکنو منجهان (نيا پرچم) نالي ماهوار رسالو پڌرو ڪيائين. ان کان پوءِ سندس نظرياتي فڪري ويساهه وڌيو هن اسرار الحق مجاز ۽ سردار جعفري سان گڏجي نيا ادب شروع ڪيو، لکنوءَ ۾ ان وقت انقلابي ۽ سامراج مخالف ادب توڙي سياست جو مرڪز هو. سبطِ حسن جي ڏاهپ کيس انهي وقت جي ناميارن اخبارن جي ضرورت بڻائي ڇڏيو. هي انگريزي جي هڪ مشهور اخبار (ڊيلي پائينير) سان جڙي ويو.  اڳ تي هلي هن سجاد ظهير جي چوڻ تي انهي اخبار کي الوداع چئي ڪميونسٽ پارٽي جي اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ نظرياتي عشق جي ڪري تمام گهٽ ڏوڪڙن تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. انهي سموري عملي ڪم سان گڏ کيس اخبار پاران اقوام متحدهه ۾ رپورٽنگ لاءِ موڪليو ويو. سبط حسن سمجهي ورتو ته هتان پرايل تعليم مڪمل نه آهي. انهي لاءِ  علم، سماجيات ۽ فلسفي کي پنهنجو موضوع بڻائڻ لاءِ اعلي تعليم حاصل ڪرڻ جو ارادو ڪيو. ان مقصد خاطر ڪولمبيا(آمريڪا) ويو جتان اعليٰ تعليم حاصل ڪري ڏيهه واپس موٽيو. هندستان جتي مختلف رخن سان سياست جاري هئي مسلم ليگ پنهنجي هوڏ تي قائم ۽ ڪانگريسي فقط نيشلزم جي نشي ۾ ڌُت هئا. تاريخ جو هڪ ٻيو رخ ان دور جي سياست ۾ اچي ٿو. هندستان ۾ پورهيت راڄ جي نظام کي نظر ۾ رکندي سوشلزم جي فلاسافي لاءِ ڪميونسٽ پارٽي مظلومن لاءِ بقا جي جنگ جوٽيو بيٺي هئي، انگريزن جي تڏا ويڙهه کان سواءِ آزادي کي اڻپورو پئي سمجهئين. سبط حسن واپس اچڻ کان پوءِ ڪميونسٽ پارٽي ۾ شامل ٿي ويو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پاڻ هتي آيو، جتي سامراجي ڇاڙتن وٽ سبطِ حسن لاءِ وارنٽ موجود هئا. ڪميونسٽ پارٽي جي پوليٽيڪل بيورو جي ميمبر جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. پاڻ پاڪستان ۾ مختلف رسالن جو سرواڻ بڻيو. پيام، نيا ادب، نيشنل هيرالڊ جهڙن رسالن سان جڙيل رهيو. پاڪستان ۾ ان وقت جي ترقي پسند ميان افتخار الدين پاران لاهور مان ليل و نهار جاري ڪيو ويو. سبط حسن ان جو ايڊيٽر بڻيو. ان وقت ۾ ملڪ جي صدر ايوب ڏاڍ جي آڌار تي ان رسالي کي نيشنلائز پاليسي تحت حڪومتي ڪنٽرول ۾ آندو. سبط ِحسن ان رسلي کي الوداع چيو ڇاڪاڻ جو هو هڪ سچو مارڪسسٽ هئو هن لاءِ آمر جي ڇانو ۾ ڪم ڪرڻ  مهڻو هئو. پاڻ 1965ع ۾ لاهور ڇڏي ڪراچي منتقل ٿي ويو.
هتي اچڻ کان پوءِ هن پنهنجي علمي ڪم کي بڻياد بڻائي علم جي ميدان ۾ مختلف موضوعن تي جديد نقطئه نظر سان اهڙا شاهڪار ڪتاب تخليق ڪيا جو تاريخ جو حصو بڻجي ويا، سندس علمي خدمتن جو اعتراف سندس نظرياتي مخالف ڪندي نٿا ٿڪجن. هن ادب، فلسفي،تاريخ،سماجيات،صحافت، مارڪسزم ۽ شاعري کي موضوع بڻايو .سبط حسن جي تحرير هن سماج تي اهي اثر مرتب ڪيا جو جنهن پبلشر سبطِ حسن کي شايع ڪيو اهو پاڻ تاريخ جو وڏو پبلشر بڻجي ويو. اسان جي سماج ۾ سوين ڪتاب لکڻ کان پوءِ به ليکڪ کي پنهنجو تعارف پاڻ ڪرائڻو پوي ٿو. پر سبط حسن پاران لکيل 12 ڪتاب ڄڻ هڪ صدي جي سفر کان به تمام وڏو تعميري ڪم بڻيو بيٺا آهن. سندس ڪتابَ جن ۾  ”موسيٰ سي مارڪس تڪ“، ”شهر نگاران“، ”ماضي ڪي مزار“، ”پاڪستان ۾ تهذيب ڪا ارتقا“، ”انقلاب ايران“، ”نويد ِ فڪر“، ”افڪار ِ تازا“، ”ادب اور روشن خيالي“، ”سخن در سخن“، ”ڀگت سنگهه اور اس ڪي ساٿي“، ”مارڪس اور مشرق“ جڏهن ته هڪ انگريزي ۾ ”دي بيٽل آف آئڊياز ان پاڪستان“ پڻ سندس تخليقي پورهئي جو حصو آهن. سند قلم منجهان مختلف موضوعن تي لازوال تحريرون پڻ شامل آهن جن کي اڃا سهيڙڻ جي ضرورت آهي. پاڻ 1975ع ۾ ڪراچي مان“پاڪستاني ادب” نالي ترقي پسند رسالي جي شروعات ڪيائين. انهي رسالي کي ادبي حلقن خاص ڪري ترقي پسندن لاءِ انهي وقت هڪ لاڀائتو تسليم ڪيو وڃي ٿو، ملڪ ۾ ترقي پسند فڪر سان لاڳاپيل ماڻهن جي رستا روڪ هئي سبطِ حسن اهڙي ماحول ۾ پنهنجي فرض کي پورو ڪيو. هن رسالي جا سمورا پرچا ادبي تاريخ ۾ تحقيق جي حوالي سان اهم حيثيت رکن ٿا. جڏهن ”انجمن ترقي پسند مصنفين“ جي سلور جوبلي سموري دنيا ۾ ملهائي وئي سبطِ حسن ان ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو. 20 اپريل 1986ع ڌاري هندستان جي شهر دهلي ۾ منعقد ترقي پسند تحريڪ جي گولڊن جوبلي تقريب ۾ شموليت دوران سندس وفات ٿي، جتي دنيا جي ڪنڊڪڙڇ منجهان آيل عالمي اديبن کيس تاريخي لفظن جي ڀيٽا ڏني. سندس مڙهه کي سبط حسن جي دوست ڪميونسٽ تحريڪ جي باني سجاد ظهير جي ننڍي نياڻي نورسجاد ظهير پاڪستان کڻائي آئي کيس ڪراچي جي سخي حسن قبرستان ۾ سنڌ ڌرتيءَ حوالي ڪيو ويو.

سبطِ حسن جون تحريرون هڪ نئين نثر جون علامتون بڻجي علم ۽ ادب آبياري ڪنديون رهيون آهن ۽ ڪن پيون، سندس ڪتابن جا ڪيترا ئي ايڊيشن وري وري ڇپبا رهن ٿا. پاڻ سنڌ جي تهذيب ۽ شاهه عنايت شهيد تي جيڪي تحريرون لکيون آهن، اهي تمام وڏي اهميت رکن ٿيون .سندس لکڻين جي اهميت ڏينهون ڏينهن وڌندي وڃي پئي. بنيادپرست طبقو انهي لکڻين کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندو رهي ٿو پر شعور کي ڪو به قيد نٿو ڪري سگهي. جيستائين ظلم ۽ ڏاڍ جاري آهي سبط حسن جو فڪر عملي ۽ علمي اڳواڻي ڪندو رهندو. هو نه رڳو اديب ۽ صحافي پر هڪ سياسي ڪارڪن پڻ  هئو. پاڻ جيل جون سختين کان ويندي قلم جي بندشن کي ڀوڳيندو رهيو. هو ان نظرئي جو پانديئڙو هئو جنهن جو فڪر ڪڏهن به نٿو مري سگهي. وقت جا حڪمران انهن تي بندشون ضرور لڳائيندا آهن پر هو جهڪڻ بجاءِ ٿوري ساهي پٽي پنهجي عمل کي جاري رکندا آهن . سبط حسن هميشه  پنهنجي فلسفي ۾ زندهه رهندو. اسان شاگردن کي سبطِ حسن جو مطالعو ڪرڻ گهرجي.

No comments:

راءِ ڏيندا