; سنڌي شخصيتون: انور شيخ - نسيم بخاري

12 November, 2016

انور شيخ - نسيم بخاري

انور شيخ
ڪهاڻيڪار جي ڪهاڻي
نسيم بخاري
جنهن سماج ۾ عام ماڻهوءَ جو مجموعي طور مثبت ڪردار ادا ڪرڻ هڪ خواب بڻجي چڪو هجي، ان ۾ ڪارائتي ڪردار جي ادائگي لاءِ قلمڪار بنيادي ڪردار ادا ڪندو آهي. اهو نه رڳو سماج جي تصوير پيش ڪندو آهي پر سماج کي جيئن ٿيڻ ۽ هئڻ گهرجي، اهڙا خيال به آڇيندو آهي. هو پاڻ کي زماني جي راوجن جي حوالي نه ڪندو آهي. پر سماج کي سٺين ۽ شاندار روايتن جي امين ٿيڻ لاءِ آماده ڪندو آهي. هو چاهيندو آهي ته جتي ڪا به عزت-ڀري راويت ڏسڻ ۾ نه ايندي هجي، اتي مهذب قدرن جو ٻج ڇٽجي ۽ ماڻهن ۾ ماڻهپي کي يقيني بڻائجي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته برن ۽ بدڪار رجحانن ۽ ڪردارن جي طوفان ۾، مثبت تبديلين واري چڻنگ، ڏاڍي ڏکي ٻرندي آهي. ائين به ناهي ته ان سلسلي کي ڪو تسلسل ملي نه سگهندو آهي يا اهڙو ڪو تسلسل برقرار رکي نه سگهبو آهي.


ادب جو ڪم، انسانن ۾ اعليٰ گڻ پيدا ڪرڻ ۽ زندگيءَ جي سڀني روپن کي سنجيدگيءَ سان سمجهائڻ آهي. انهن سمورن معاملن جي حوالي سان، ادب جي جنهن بنيادي صنف جو انساني زندگيءَ ۾ اهم ڪردار رهندو آيو آهي، سا ڪهاڻيءَ واري صنف آهي.
شڪارپور شهر جو ڪهاڻي-کيتر ۾ ڏاڍو شانائتو ۽ مانائتو حصو رهيو آهي. ثميره زرين، بادام ناتوان، آغا سليم، بشير مورياڻي، رشيده حجاب ۽ انيڪ سنڌي ادب جا چنڊ ستارا، ان حوالي سان ذڪر هيٺ اچي وڃن ٿا. اسان جي اڄ جي شڪارپور جي ڪهاڻيڪارن تي نگاهه وجهڻ سان به پتو پوي ٿو ته هينئر به شڪارپور جيئرن جاڳندن ڪهاڻيڪارن سان مالا مال آهي. منظور کوسو، آدرش، ڊاڪٽر اعجاز انڙ، ضياء شاهه به ڏاڍيون سٺيون ڪهاڻيون لکيون آهن. خالد ويسر ۽ آغا ثناءُ الله خان توڙي انور شيخ، اڄ به ان ڪرت سان سٺي نموني نڀائي رهيا آهن.
اها حقيقت آهي ته انتهائي ٿوري عرصي ۾، انور شيخ پنهنجي ڪهاڻين جي مقبوليت جي حوالي سان جيڪا مڃتا ماڻي آهي سا تمام ٿورڙن اديبن جي حصي ۾ آئي آهي. انور شيخ، بنيادي طور تي تمام سٺو شاعر آهي. پر ڪهاڻيءَ تي جيتري هن جي گرفت مضبوط آهي يا بهتر ريت هن ان سان نڀاءُ ڪيو آهي، سو به ڪنهن ڳالهه کان گهٽ ناهي.
12 سيپٽمبر 1969ع ۾ پرائمري استاد فتح محمد شيخ جي گهر شڪارپور جي رستم روڊ واري علائقي، ڪوٽ اختر ۾ جنم وٺندڙ، انور شيخ لاءِ ابتدائي طور تي پنهنجي پيءُ پاران گهر ۾ آندل ڪتاب ۽ رسالا، دلچسپي ۽ اتساھ جو سبب بڻيا. هو پنهنجي پاڙي ۾ پرائمري پڙهيو. هاءِ اسڪول ون مان ميٽرڪ ڪيائين. سي اينڊ ايس ڪاليج مان انٽر ڪيائين. آخر ۾ شاھ لطيف يونيورسٽيءَ مان گريجوئيشن ڪيائين.
انور شيخ جڏهن اڃا نائين درجي ۾ پڙهندو هو ته 17 ورهين جي ڄمار ۾ هن لائون لڌيون. هن جي پهرين ڪهاڻي، 1999ع ڌاري، ماهوار سوجهرو ۾ ”درد جو انگاس“ جي عنوان سان شايع ٿي. ان بعد هو لاڳيتو سوجهرو ۾ لکندو رهيو. هن جو جڏهن پهريون ڪهاڻين جو مجموعو 2013ع ۾ ”ماءِ پبليڪشن“ پاران مارڪيٽ ۾ ”اندر جو انگاس“ جي نالي سان آيو ته ڪتاب هٿون هٿ وڪامجي ويو. ڪنهن به پهرئين ڪتاب اچڻ کانپوءِ، ان جو تڪڙو ٿي کپي وڃڻ، ليکڪ ۽ پبلشر لاءِ وڏي اعزاز واري ڳالهه هوندي آهي.
ان کانپوءِ 2014ع ۾ ساڳي پبليڪيشن پاران سندس لکيل ناول ”اڻ سڃاتل“ مارڪيٽ ۾ آيو. هينئر سندس ٻيو ڪهاڻين جو مجموعو ”آخري ڏوھ“ ڄاڻايل پبليڪشن پاران ڇپجي رهيو آهي. جڏهن ته انور شيخ جو هڪ ٻئي ناول ”ڪاڪو سپاهي“ تي پڻ تمام تيزي سان ڪم هلي رهيو آهي. انور شيخ جون هيل تائين 60 کان مٿي ڪهاڻيون، مختلف نامور رسالن ۾ ڇپجي مڃتا ماڻي چڪيون آهن.
سندس پهرين ڪهاڻين جي ڪتاب جو اردو ترجمو، نامور ڪهاڻيڪار ننگر چنه ڪيو آهي. ڀارت ۾ نامور پندرهن سنڌي ڪهاڻين جي ڇپيل ڪتاب ۾ به انور شيخ صاحب، چوٽيءَ جي سنڌي ڪھاڻيڪارن شيخ اياز، امر جليل، شوڪت شورو، ساحل ابڙو، نسيم کرل سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملايون بيٺو آهي.
انور شيخ جي ڪيترين ڪهاڻين ۾ سٽ سٽ سوجهرو ٿي لڳي. ساڃاھ ٿي محسوس ٿئي. سڏ توڙي پڙاڏا ٿي ثابت ٿئي.
انور شيخ جو سماجي ڪردار يا سنڌ پوليس وارو تعارف، اڳتي هلي وقت سان گڏ وسري سگهي ٿو پر هڪ ڪهاڻيڪار جي سڃاڻپ سان، هو سنڌي ادب جي افق تي هميشه ڇانيل رهڻو آهي. انور شيخ کي، ڪهاڻين جيڪا امرتا بخشي آهي، ان جو اندازو خود کيس به ناهي. انور شيخ جي ڪهاڻين کي پڙهڻ کانپوءِ، ثابت ٿي وڃي ٿو ته سنڌي ڪهاڻي مئي ناهي. اها اڄ به جيئري آهي ۽ پوري جوڀن سان جاڳي ٿي.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انور شيخ جيڪو ڪجهه لکيو آهي، سو سندس اندر جي اطمينان لاءِ ته وڏي آٿت بڻيو آهي پر گڏوگڏ پڙهندڙن لاءِ به آڪسيجن ثابت ٿيو آهي. هن جي لکڻين ۾ اهو احساس وڏي پئماني تي موجود آهي ته لکڻ ذريعي نه رڳو غم کي گهٽائي سگهجي ٿو پر پنهنجي ۽ ٻين جي نمائندگي ڪري، مسئلن ۽ محرومين کي تاريخ جو حصو به بڻائي سگهجي ٿو.

ڳالهيون جڏهن ڳائڻ ۾ اچن ٿيون ته انهن جا ٻٽا فائدا ٿين ٿا. هڪ ته منفي عملن جي روستا روڪ ٿئي ٿي. ٻيو ته مثبت پاسا وڌيڪ مضبوط ٿين ٿا. ان احساس ۽ جذبي سان لکڻ ۽ پڙهڻ ئي حقيقت ۾ حقيقي ادبي ڪارج آهي. منهنجو خيال اهو آهي ته منهنجي ان راءِ سان ڪو به اختلاف ته ڪري سگهي ٿو پر ان کان ڪن لاٽار ڪرڻ آسان ناهي.

No comments:

راءِ ڏيندا