; سنڌي شخصيتون: انور، شيخ، ڪهاڻيڪار، ڪهاڻي، نسيم، بخاري،
Showing posts with label انور، شيخ، ڪهاڻيڪار، ڪهاڻي، نسيم، بخاري،. Show all posts
Showing posts with label انور، شيخ، ڪهاڻيڪار، ڪهاڻي، نسيم، بخاري،. Show all posts

12 November, 2016

انور شيخ - نسيم بخاري

انور شيخ
ڪهاڻيڪار جي ڪهاڻي
نسيم بخاري
جنهن سماج ۾ عام ماڻهوءَ جو مجموعي طور مثبت ڪردار ادا ڪرڻ هڪ خواب بڻجي چڪو هجي، ان ۾ ڪارائتي ڪردار جي ادائگي لاءِ قلمڪار بنيادي ڪردار ادا ڪندو آهي. اهو نه رڳو سماج جي تصوير پيش ڪندو آهي پر سماج کي جيئن ٿيڻ ۽ هئڻ گهرجي، اهڙا خيال به آڇيندو آهي. هو پاڻ کي زماني جي راوجن جي حوالي نه ڪندو آهي. پر سماج کي سٺين ۽ شاندار روايتن جي امين ٿيڻ لاءِ آماده ڪندو آهي. هو چاهيندو آهي ته جتي ڪا به عزت-ڀري راويت ڏسڻ ۾ نه ايندي هجي، اتي مهذب قدرن جو ٻج ڇٽجي ۽ ماڻهن ۾ ماڻهپي کي يقيني بڻائجي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته برن ۽ بدڪار رجحانن ۽ ڪردارن جي طوفان ۾، مثبت تبديلين واري چڻنگ، ڏاڍي ڏکي ٻرندي آهي. ائين به ناهي ته ان سلسلي کي ڪو تسلسل ملي نه سگهندو آهي يا اهڙو ڪو تسلسل برقرار رکي نه سگهبو آهي.