; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر محمد حسن - مير محمد پيرزادو

20 November, 2016

ڊاڪٽر محمد حسن - مير محمد پيرزادو

ڊاڪٽر محمد حسن
کاهوڙي کرا...!
مير محمد پيرزادو
ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج!
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي. (شاهه)
ماڻهو ڀانت ڀانت جا آهن. انهن جا مزاج، ڪردار ۽ سڀاءُ الڳ الڳ آهن. توڙي جو ڪو اديب نه آهي پر احساس ۽ جذبي کان خالي نه آهي. پوءِ ان جو اظهار هر ڪنهن جو پنهنجو آهي.
تازو ڊاڪٽر محمد حسن جو ڪتاب سندس آتم ڪٿا ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. جيڪو نظر مان گذريو، منهنجي ڄڻ گهر جون ڳالهيون ڪيل هيون. ان ۾ ڪم آندل ڪردارن کي آئون به ڊاڪٽر جيترو ئي ڄاڻان ٿو. توڙي جو ڊاڪٽر تمام گهڻو اختصار کان ڪم ورتو آهي پر پوءِ به ڪا ڪنڊ کانئس رهجي نه وئي آهي.


هڪ دفعي اسان ڊاڪٽر جن جي گهر ويٺا هئاسين، اونهاري جو تيز گرم ڏينهن منجهند جو سج ڪانوَ جون اکيون پيو ڪڍي. هنن جي گهر ۾ چار گڏهه اڃ ۾ سهڪندا آيا، مامي شفيع محمد (ڊاڪٽر جي پيءُ) پنهنجي نُنهن کي چيو ته سيدي اُٿ انهن گڏهن کي نلڪو گيڙي پاڻي پيار ته جيئن اسان جي گهر مان گڏهه به اڃارا نه وڃن، ته ان جو پوءِ ماڻهن لاءِ ڇا تاثر هوندو.
ماسي شاهان (ڊاڪٽر جي ماءُ) پنهنجي پٽ کي چوندي هئي ته بچا (ڊاڪٽرمحمد حسن) جيستائين ڳوٺ جي رَنُن زالن جي ٻارڙن لاءِ عيد جا لٽا نه ٿو آڻين تيستائين پنهنجا لٽا نه ايندا. ان لاءِ سندس وفات تي مون چيو هو ته ”ڳوٺ جون رنون زالون صحيح پهي ۾ اڄ رنون زالون ٿيون“.
آئون پنهنجي ساروڻين ۾ چئي آيو آهيان ته مون کي زرعي ڪاليج ۾ چاچو مهيني ۾ 10 رپيا مني آرڊر ڪندو هو. هڪڙي مهيني جي اڌ ۾ مني آرڊر آيو ٽپالي چيو ته کڻي وڃو، آءُ پوسٽ آفيس ٽنڊي ڄام ۾ ويس اتان پئسا وصول ڪيم (10 رپيا) ڏٺم ته اهي فقير يار محمد، ڊاڪٽر جي وڏي ڀاءُ موڪليا هئا.
ادو امام بخش ته ڄڻ هر ڪنهن جي ماءُ هوندو هو. ان جي ڳالهائڻ ۽ کيڪار ۾ سَوَ سڪون هوندا هئا. دل جو صاف، گفتگوءَ جو کرو، ڀلي ڪو ڏک ڪري پر هو چوندو سچ........ وڏو جاکوڙي، ماٺ ڪري ويهڻ ته کيس ايندو ڪو نه هو. ڊاڪٽر جي ٻني سنڀالڻ ۾ سيکڙاٽ هو پر ڪاميابيءَ سان آباد ڪرائيندو رهيو.
ڊاڪٽر محمد حسن جو سڄي ڳوٺ جي غريبن تي هٿ هوندو هو. ڪيترن ئي ٽي بيءَ جي مريضن جا پنهنجي خرچ تي علاج ڪرائي چڱو ڀلو ڪيو. ڪيترن غريب غربن کي پڙهڻ ۾ مدد ڪيائين ۽ ڪيترن کي پنهنجي حيثيت ايڏي نه هوندي به نوڪريون وٺي ڏنائين ۽ ڪيترن کي پنهنجي ڪلينڪ تي رکي روزگار وارو ڪيائين . هن جي ڳوٺ آمد ڄڻ ته غريب غربن ۽ مريضن لاءِ سعادت هوندي هئي. پيرين پنڌ ڪري مريضن کي ڏسڻ ويندو آهي ۽ انهن کي پنهنجي کيسي مان دوا درمل وٺي ڏيندو آهي. خير خيرات جو شوقين آهي. سندس طبيعت ماٺيڻي ، سانتيڪي ۽ سواءِ ڊاڙ ٻٽاڪ جي آهي.
انور، سدا کلڻو، مون سڄيءَ زندگيءَ ۾ ڏکين ۾ ڏکين وقتن تي به کيس ٽهڪ ڏيندي ڏٺو. چاهيندو هو ته ڪنهن جي مدد ڪري سگهان. منهنجو ڪلاس ميٽ هو. ڏاڍو هوشيار ۽ آئوٽ اسپوڪنگ (Out Spoking) هوندو هو. استادم هوشيار هئڻ ڪري ڀائيندا هئس. والي بال جو سڄي ضلعي ۾ بهترين رانديگر هو، دلير، بهادر ۽ ملنسار طبيعت جو ماڻهو جنهن جي ڪري ڳوٺ ۾ ڪافي شعور آيو. ڇوڪرين جي تعليم جو رجحان پيو. ڳوٺ سڌار سنگتون جڙيون، جنهن سان ڳوٺ جا رستا ٺهيا ۽ ٻيون سهولتون مليون.
ان مختصر تفصيل جي ان ڪٿا ۾ ضرورت هئي ان ڪٿا ۾ لکيل آهي ته ڊاڪٽر صاحب ڀاءُ امام بخش سان گڏ پير عبدالواليءَ وٽ نوڪريءَ لاءِ ويو. اتي طئه ٿيو ته کيس ماستريءَ جو آرڊر ملي ٿو. اوچتو سائين خليفو محمود، لعل بخش سميت اتي پهتو ۽ پير عبدالواليءَ کي لعل بخش جي نوڪريءَ لاءِ چيائين جنهن تي ڊاڪٽر محمد حسن فورن چيو ته سائين خليفو آيو آهي ان ڪري اهو آرڊر منهنجي بدران لعل بخش کي ملڻ کپي. جيڪو لعل بخش کي مليو ۽ ڪاراڻي ۾ ماستر ٿي. ان جڳهه تي الائي ڇو ان ئي ڪتاب ۾ آيل واقعو ياد اچي ويو ته جڏهن لعل بخش ۽ ڊاڪٽر هڪ جيڏا داخلا لاءِ ويا. سائين خليفي محمد حسن کي ننڍي عمر جو چئي موٽائي ڇڏيو پر ساڳيءَ عمر واري لعل بخش کي داخلا ڏني. جنهن ڏک ۾ محمد حسن روئي به ويٺو. پر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ چواڻي ته:
چڱن ساڻ چڱائيون، ائين هر ڪوئي هوءِ؛
تو جيئن ڪري نه ڪوءِ؛ بُرن ساڻ ڀلائيون.
اها خدا جي وصف آهي، جيڪا اپنائيندي ڊاڪٽر محمد حسن پنهنجو ملڻ وارو آرڊر خوشيءَ سان لعل بخش کي ڏيڻ جو چيو ۽ نتيجي ۾ پاڻ اعليٰ عهدا ماڻيائين جو نوڪريءَ کي هيچ سمجهي استيفيٰ ڏئي پنهنجي ڪلينڪ کوليائين.
اڄ ڪلهه ملڪي ادارن جو حال خراب ٿي ويو آهي. ڪو به ڪم وقت تي نه ٿي رهيو آهي، توڙي پگهارون لکن کي پهچي چڪيون آهن. پر احساسِ ذميواري به ڪو انهيءَ اعليٰ گڻن مان هڪ گڻ آهي، جنهن جو مثال ڊاڪٽر محمد حسن جي هن ڪٿا مان ملي ٿو. جڏهن ذالفقار علي ڀٽو وزير اعظم هو ته ان جي پي اي چيس ته ڀٽو صاحب توهان کي ملڻ جو ڦلاڻو وقت ڏنو آهي. ان تي ڊاڪٽر اسپتال ۾ مريض ڇڏي ويو اتي ڀٽو صاحب ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٽيلي فون تي ڳالهائيندو رهيو تان جو ڊاڪٽر پي اي کي چيو ته آئون مريض ڇڏي آيو آهيان سو اوڏانهن وڃا ٿو اگر ڀٽو صاحب چوي ته مون کي فون ڪجو. آءُ اچي نڪرندس ايئن وقت جي وزير اعظم کان الائجي ڪهڙا ۽ ڪيترا مفاد سر ڪري ها. پر هن احساسِ ذميواريءَ کي ذاتي مفاد تي اوليت ڏني. جڌهن ته اڄ جي دور ۾ ذاتي مفادن حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي الائي ڪيترو ڪرڻو ٿو پوي، پر اهو ڊاڪٽر جو اعزاز آهي ته هن ذاتي مفادن تي احساسِ ذميواريءَ کي اوليت ڏئي پاڻ کي صحيح پهي اشرف المخلوقات ثابت ڪيو.
بهرحال ڪتاب فوٽن، هٿ اکرن ۽ واقعن جي بيان جي لحاظ کان اعليٰ ۽ افضل آهي، ان لاءِ زرار جس لهڻي جنهن ان کي سوڌي سنواري هڪ شاندار ڪتاب جي صورت ۾ پڌرو ڪيو ، ڇو ته ماڻهو اچڻي وڃڻي شيءِ آهي پر هي “ وکر سو وِهاءِ جو پئي پراڻو نه ٿئي” آهي.
آئون سندس (ڊاڪٽر محمد حسن)  ماسات هئڻ جي ناتي پنهنجي پاران ڊاڪٽر محمد حسن لاءِ چوندس ته هو ٻين نشن پتن کان ته آجو آهي پر ٻيڙي به ڪو نه پيئندو آهي، ڪڏهن ڪوڙ نه ڳالهايو اٿس، سموري زندگي سڄڻ ته سڄڻ پر ڪنهن دشمن به سندس اخلاق ۽ ڪردار تي ڪا تهمت نه لڳائي آهي، ڳالهائڻ جو کرو، ڀلي ڪو ڏک ڪري ته ڪري پر هو سچ چوڻ کان نه رهندو، اهڙي دور ۾ سخي به يڪتا آهي، هن جو سمورو ڪردار ريس ڪرڻ جهڙو آهي، سندس ڪردار جو ذڪر نڪتو آهي ته مون کي اردوءَ جي شعر جي هيءَ سِٽ ذهن تي تري آئي آهي ته:

”دامن نچوڙ دو ڪه تو فرشتي وضو ڪرين“

No comments:

راءِ ڏيندا