; سنڌي شخصيتون: رونا ليلى - محمد سليمان وساڻ

20 November, 2016

رونا ليلى - محمد سليمان وساڻ

رونا ليلى
نامياري گلوڪاره کي جنم ڏينهن تي ڀيٽا
محمد سليمان وساڻ
سنڌي، اردو، هندي ۽ بنگالي ٻولي جي عظيم گلوڪاره رونا ليلى جو جنم 17 نومبر 1952ع تي سلهٽ اوڀر بنگال ۾ ٿيو. ننڍپڻ ۾ ئي هن فن جي سکيا لاءِ رقص جي اسڪول ۾ داخلا ورتي ۽ ڪٿڪ ڊانس جي سکيا ورتي. 1960ع ۾ جڏهن سندس خاندان پاڪستان آيو ته هن استاد حبيب الدين ۽ پيا رنگ کان ڪراچي ۾ موسيقي جي سکيا ورتي. ذهين ۽ خود اعتماد هجڻ سبب ڇهن سالن جي عمر ۾ ئي هن پهريون دفعو ڳائي داد حاصل ڪيو. انکانپوء پاڪستان ٽيليوزن ۽ پاڪستان جي فلم انڊسٽري ۾ هن خوب نالو ڪمايو. خاص ڪري احمد رشدي سان سندس دو گانا تمام گهڻو مقبول ٿيا. ان ئي دور ۾ هالا جي مخدوم خاندان سان سندس خاندان جا ويجها تعلقات رهيا ۽ سندس ڀيڻ جي شادي به مخدوم امين فهيم سان ٿي. رونا ليلى جي آواز ۾ ڄڻ ته ڪو جادو هيو جو ٻڌندڙ سندس آواز جي سحر ۾ مگن ٿي ويندا هيا.


رونا ليلى سنڌي فلمن ۾ محمد يوسف سان گڏ دوگانا ۽ مخدوم طالب المولا جي ڪلام کي خالص سنڌي تلفظ ۾ ڳائي اهڙي ته مشهوري ماڻي جو اڄ به سندس ڳايل ڪلام سنڌ جي هر ماڻهو وٽ مقبول آهن. رونا ليلى بنگالي سان گڏ اردو، پنجابي، سنڌي، هندي، بلوچي، پشتو، عربي، فارسي، ملئي، نيپالي، جپاني. فرينچ، اٽالين ۽ انگريزي سميت ڪيترين ئي ٻولين ۾ پنج هزار کان وڌيڪ گانا رڪارڊ ڪرايا آهن. 1974ع ۾ هن پاڪستان کي الوداع چئي واپس بنگلاديش ۾ رهائش اختيار ڪئي. ان باوجود به هو چار دفعا پاڪستان آئي ۽ کيس ماڻهن پاران خوب موٽ ملي. اڄ به سندس آواز ۾ ساڳيوئي مٺاس آهي. سندس شمار برصغير جي وڏين گلوڪارائن ۾ ٿئي ٿو. کيس سندس فني خدمتن عيوض پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ ڪيئي ايوارڊ مليا آهن. مونکي ياد آهي ته ڪرڪيٽ جي گذريل ورلڊ ڪپ جي افتتاحي تقريب ۾ ڍاڪا ۾ مشهور ڪلام لعل ميري پت رکيو ڀلا جهولي لالڻ، سنڌڙي دا سيوهڻ دا سخي شهباز قلندر ڳائيندي سندس اکين مان لڙڪ لڙي پيا هئا جن گڏيل پاڪستان جي ياد تازه ڪئي هئي.

موسيقي خاص ڪري سندس آواز جا مداح سندس جنم ڏينهن تي کيس دعائون پيش ڪندي سندس ڊگهي عمر جا دعاگو آهن.

No comments:

راءِ ڏيندا