; سنڌي شخصيتون: بي ايم ڪُٽي - شهزاد علي شاهه

20 November, 2016

بي ايم ڪُٽي - شهزاد علي شاهه

بي ايم ڪُٽي
مزدورن جو ساٿي
شهزاد علي شاهه
ننڍپڻ کان آئون جن به ڪچهرين ۾ ويهندو هئس ته سدائين اهم سياسي اڳواڻن جا نالا ٻڌندو هئس جن پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي ترقي لاءِ وڏو ڪم ڪيو. ذوالفقار علي ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو، بلوچستان جي غوث بخش بزنجو سميت ڪيترا نالا منهنجي ٻالڪ ذهن تي آيا ۽ نقش ٿي ويا.


ڪيترن اڳواڻن جو شمار انهن عظيم ماڻهن ۾ ٿئي ٿو جن پنهنجي قومن لاءِ جان قربان ڪئي، هر ڏکئي موڙ تي عوام جو ڀرجهلو رهيا. اهو ٻڌي خوشي ٿيندي هئي ته اهي مزدورن ۽ هارين جا رهنما آهن. ڀٽي خاندان جي پاڪستان پيپلز پارٽي جو مقصد به عوام کي خوشحال بڻائڻ رهيو آهي. پوءِ جيئن جيئن وقت گذرندوويو، اسڪول کان ڪاليج ۽ يونيورسٽي تائين مون کي تعليم سان گڏو گڏ اڳتي وڌڻ ۽ مختلف ماڻهن سان ملڻ جو موقعو مليو ۽ مختلف نظرياتي بحث ٻڌڻ کان پوءِ اهو سمجھه ۾ آيو ته هر سماج جي ترقي ۾ اهڙن ماڻهن جو پنهنجي قابليت مطابق اهم ڪردار رهيو آهي.
ان ئي سکيا دوران جولائي 2012 ۾ مونکي ڪراچي ۾ هڪ اهڙي ئي عظيم رهنما سان ملڻ جو موقعو مليو جنهن جي عظمت هن جي پنهنجي نياز ۽ نوڙت ۾ لڪل هئي. اهڙي اڳواڻ جو نالو آهي بياٿمل معي الدين ڪٽي (بي ايم ڪٽي)، جيڪو مٿي ڄاڻايل اڳواڻن سان ملڪ ۽ عوام جي ترقي ۾ گڏ رهيو. اهو منهنجو زندگي جي 24 سالن ۾ ڪراچيءَ ۾ پهريون ڀيرو اچڻ هو ۽ مون کي هڪ پورهيتن جي اداري ۾ انٽرنشپ جو موقعو مليو. ان کان پهرين مان ٻڌوندو هئس ته هي ادارو مزدورن ۽ هارين جي حقن جي لاءِ سرگرم رهندو آهي. ان ئي اداري ۾ هن اڳواڻ سان ملڻ ۽ سکڻ جو موقعو مليو. موپلا ڪسان جي خاندان ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ عظيم ۽ همٿ وارو رمزدورن جو همدرد ساٿي بي ايم ڪٽي 15 جولائي 1930 تي پيدا ٿيو، پنهنجي زندگي هميشه سادگي سان گذاري انهن مظلوم مزدورن ۽ هارين جو ڀرجهلو رهيو آهي جن کي سدائين هڪ اهڙي هڏڏوکي رهنما جي ضرورت هئي جيڪو سندن مدد ڪري سگهي. انهن سان گڏ سندن حقن لاءِ هڪ آواز ٿي بيهي.
جڏهن آئون هن سان مليس ته هو سادي پوشاڪ ۾ هاسٽل جي ڪمري ۾ پنهنجي ڪم ۾ رڌل هو، جنهن مان اندازو لڳي رهيو هو ته هو ڪو ڪتاب يا آرٽيڪل لکي رهيو آهي. منهجي دعا سلام ڪرڻ ۽ تعارف کان پوءِ جڏهن مون ان سان حال اوريا ته ان سڄي گفتگو جو هڪ ئي لفظ ۾ جواب ڏنو ته جيڪي مزدور ۽ هاري مختلف ادارن ۽ فيڪٽرين ۾ ڪم ڪن ٿا، هن ملڪ ۽ انهن ادارن تي سڀ کان پهرين انهن جوحق آهي. انهن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن به اداري مان نه ڪڍيو وڃي. ڇو جو اهي پنهنجي ڪم سان سچا ۽ وفادار هوندا آهن.
جڏهن اهڙو جواب منهنجي حل دل تي زور سان لڳو ته  ڄڻ منهنجا هوش ٺڪاڻي تي اچي ويا ۽ مونکي سوچڻ تي مجبور ڪيو ته واقعي مزدور يا هاري، چاهي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندو هجي يا زمين کيڙيندو هجي اهو ڪم هوُ پنهنجي محنت سان ڪندو آهي. اهي ظلم،  جبر ۽ ٿوري اجرت جهڙن مسئلن کي منهن ڏيندا اچن پيا.
بي ايم ڪٽي جو تعلق پنهنجي جواني کان وٺي پوڙهائپ واري زندگي تائين مختلف سياسي پارٽين سان رهيو آهي. انهن پارٽين ۾ آزاد پاڪستان پارٽي، پاڪستان عوامي ليگ، نيشنل عوامي پارٽي، نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي، پاڪستان نيشنل پارٽي ۽ ورڪرز پارٽي شامل آهن. بي ايم ڪٽي پنهنجي سچائي سبب هميشه انهن پارٽين جي پليٽ فارم تان عام ماڻهن، مزدورن ۽ پٺتي پيل طبقن جي آزادي ۽ تقدير جي تبديلي لاءِ آواز کي بلند ڪندو رهيو آهي.
جيئن وقت گذرندو ويو ۽ آئون ان اداري ۾ انٽرنشپ ڪندو رهيس ته هن کي وڌيڪ ڏسڻ، ٻڌڻ ۽ ساڻس ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. هن جي لفظن ۾ هڪ اميد نظرايندي هئي ، هن جي لهجي ۾ هڪ مظبوطي جو آواز هوندو هو. هو جيڪو  اڄ به مزدورن جو آواز آهي. هو هميشه چوندو آهي ته مزدور جيڪڏهن هڪ ٿين ته هن جاگيرداري نظام کي ختم ڪري سگهن ٿا. اهو وقت ضرور ايندو جڏهن مزدور هڪ ٿي ڏاڍ جي نظام مان جان ڇڏائيندا.

86 سالن جي طويل جدوجهد جي زندگي ۾ هو انڊيا مان خود هجرت ڪري پاڪستان آيو ۽  مختلف سياسي پارٽين جي پليٽ فارم تان مزدورن جي حقن ۽ انهن کي مظبوط ڪرڻ جي لاءِ مزدورن کي اڳتي آندو. هي عظيم ۽ انساني همدري جو علمبردار بياٿمل معي الدين ڪٽي (بي ايم ڪٽي) اڄ به مزدورن جي آزادي لاءِ هڪ اتساهيندڙ ڪردار آهي جيڪو خاص طور تي نوجوانن لاءِ هڪ ٻڌي ۽ جدوجهد جي علامت آهي. آئون هن جو تصور ڪندي سندس طويل عمر لاءِ دعا ڪريان ٿو. ڇاڪاڻ ته مون هن جي شخصيت ۽ ڳالهين مان گھڻو سکيو آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا