بشير احمد
طنز ۽ مزاح جو شهنشاهه
زرار پيرزادو
اڄ ڳوٺ ٻلهڙيجي جي رهواسي،
ٻلهڙيجي جي مشهور صوفي فقير يار محمد جي ٻئي نمبر پٽ ۽ انور پيرزادي جي ڀائٽي بشير
احمد جو جنم ڏينهن آهي.
بشير سنڌ جي ننڍن علائقن، ڳوٺن،
شهرن، تعلقن ۽ ضلعن جي انهن ڪردارن مان هڪ آهي جيڪي پنهنجي پنهنجي علائقي جي هڪ
خاص سڃاڻپ رکندا آهن ۽ جن ڪري هو مشهور به هوندا آهن. اهڙا ڪردار تڏهن ئي ڪتابن جو
موضوع بڻبا آهن جڏهن انهن علائقن جي ڪا تاريخ يا گزيٽئر لکي يا مرتب ڪئي ويندي
آهي.
۽ ايئن جڏهن به ڳوٺ ٻلهڙيجي جي
تاريخ لکي ويندي، ان ڳوٺ جا ڪردار لکيا ويندا ته ان ۾ بشير احمد جو خاڪو به ضرور
شامل هوندو. تاريخن ۾ ته وڏن وڏن رهزنن ۽ ڌاڙيلن بابت به مضمون ملندا آهن جن خون
ڪيا، ماڻهو اغوا ڪيا، چوريون ڪيون، ڦرون ڪيون ۽ ماڻهن کان خوشيون کسيون پر ان
ماحول ۾ ڪي اهڙا زنده دل ماڻهو به موجود هوندا آهن جيڪي صرف ۽ صرف ماڻهن کي خوشيون
ڏيڻ ڄاڻيندا آهن، مُرڪون ورهائڻ ڄاڻيندا آهن ۽ جن جي ويجهو ويهي ڪي ماڻهو ڏکن
ماريل ڪنهن پنهنجي مرڪ کي جياري يا ڳولهي وٺندا آهن. جن کي مرڪڻ ناهي ايندو، جن کي
وڏا ٽهڪ ڏيڻ ناهن ايندا سي به بشير جهڙن ماڻهن وٽ ويهي مرڪڻ ۽ وڏا ٽهڪ ڏيڻ سکي
ويندا آهن. ڇا اها عظيم خدمت ناهي.
جيئن مڱڻهارن جو ڪم صرف ۽ صرف
خوشيون ڏيڻ هوندو آهي، خوشين ۾ ئي اهي واڄو ڪندا آهن خوشين ۽ شادمانين جي اهي
علامت هوندا آهن تيئن ڪي ماڻهو اهڙا به هوندا آهن جيڪي خوشيون ورهائڻ لاءِ ئي ڄڻ
پيدا ٿيندا آهن.
خوشيون ورهائڻ لاءِ جنم وٺندڙ
هڪ شخص جو نالو بشير احمد به آهي جيڪو پيشيوراڻي طور ڪراچيءَ ۾ ويٽرنري ڪمپائونڊري
جو ڪم ڪندو رهيو آهي. خاص طور تي ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادي جي اسپتال ۾ ڪمپائونڊري
جو ان کي ايڏو ته ڊگهو تجربو ٿي ويو جو ڪافي عرصي کان هو جانورن جو پاڻمرادو علاج
ڪرڻ لڳو آهي. هُن وٽ ڊگري ناهي باقي تجربي ۾ اڄ جي نون ڊاڪٽرن کان زور آهي.
بشير احمد پيرزادا فيملي،
پنهنجي حلقي ۽ ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ هڪ اهڙي حيثِت ۾ ڄاتو سڃاتو ويندو آهي جيڪو ماڻهن کي
کلائڻ جو هنر ڄاڻي ٿو. سندس ڀوڳن ٺڪاون جي خاص ڳالهه ”حاضر دماغي“ هوندي آهي. ان
حاضر دماغيءَ کي ”ڏات“ چئون ته غلط نه ٿيندو. سندس حاضر دماغيءَ جو عالم اهو آهي
ته هڪ ماڻهوءَ کانئس پڇيو ته تنهنجو نالو ڇا آهي ته بشير وراڻيس ته ڇو شناختي ڪارڊ
ٺاهيندين ڇا.!!؟
بشير جي ٻي خاص ۽ سڀني کان
منفرد ڳالهه اها آهي ته هو شاعريءَ جو هڪ دلچسپ نقاد به آهي. شاعريءَ جو وڏو مداح
آهي، مشاعرن ۾ ويهي شاعرن جي شاعريءَ تي جيڪي تبصرا ڪندو آهي سي ٻڌڻ وٽان هوندا
آهن. هو شاعريءَ مان ٻولي، مشاهدن، تشبيهن ۽ شاعريءَ ۾ اوتيل پيغام مان جيڪي چُڪون
ڪڍندو آهي سي حيران ڪري ڇڏينديون آهن.
هڪ مشاعري ۾ شاعرن جي شاعري ٻڌي
چيائين ته هي عوامي شاعر ناهن. ڀلي دعويٰ ڪن ته اهي عوامي آهن. ڇاڪاڻ ته انهن
شاعري ۾ رڳو پنهنجي لاءِ محبوبا سان ملڻ جا جتن پئي ڪيا پر ڪنهن به شاعر اهو نه
چيو ته هڪ محبوبا بشير کي به ملڻ گهرجي... ۽ اهو ٻڌي مشاعري ۾ ويٺلن کان ٽهڪڙو
نڪري ويو.
سندس هي ٽوٽڪو ٻڌو: جڏهن اسان
ننڍا هوندا هياسين ته چوندا هيا ته وڏن جي عزت ڪيو، انهن کان ڊڄو، انهن سان ڪنهن
به قسم جي بدتميزي نه ڪيو ۽ وري جڏهن اسان وڏا ٿياسين ته پوءِ وري يعني اسان کي
عزت ملڻ ۽ اسان کان ڊڄڻ جو وقت آيو. چيو ويو ته هاڻي نوجوانن جو زمانو آهي سو ننڍن
کان ڊڄو، کين ڪجهه نه چئو جو باغي نه ٿي وڃن معنيٰ ته اسان سڄي عمر ڊڄ ۾.
بشير فلمن ۾ اداڪار محمد علي جو
پرستار هوندو هو. چوندو هو ته شبنم اداڪار نديم، وحيد مراد، شاهد وغيره کي ته وڏا
وڏا ٻک ٿي وجهي پر محمد علي کان پاسو ٿي ڪندي وتي ان ڪري جو مونکي ٿو محمد علي وڻي...
بشير جنهن به محفل ۾ ويهندو آهي
ته اتي پاڻ کي توجهه جو مرڪز بڻائي ڇڏيندو آهي، اها ڪا معمولي صلاحيت ناهي، انور
پيرزادو به سندس طنز ۽ مزاح واري ان آرٽ کان بيحد متاثر هوندو هو ۽ سندس ٽوٽڪن کي
خوب انجواءِ ڪندو هو.
ان زنده دل شخص ۽ طنز مزاح جي
شهنشاهه بشير احمد کي جنم ڏينهن جو واڌايون هجن.
No comments:
راءِ ڏيندا