بشير احمد
طنز ۽ مزاح جو شهنشاهه
زرار پيرزادو
اڄ ڳوٺ ٻلهڙيجي جي رهواسي،
ٻلهڙيجي جي مشهور صوفي فقير يار محمد جي ٻئي نمبر پٽ ۽ انور پيرزادي جي ڀائٽي بشير
احمد جو جنم ڏينهن آهي.
بشير سنڌ جي ننڍن علائقن، ڳوٺن،
شهرن، تعلقن ۽ ضلعن جي انهن ڪردارن مان هڪ آهي جيڪي پنهنجي پنهنجي علائقي جي هڪ
خاص سڃاڻپ رکندا آهن ۽ جن ڪري هو مشهور به هوندا آهن. اهڙا ڪردار تڏهن ئي ڪتابن جو
موضوع بڻبا آهن جڏهن انهن علائقن جي ڪا تاريخ يا گزيٽئر لکي يا مرتب ڪئي ويندي
آهي.
