; سنڌي شخصيتون: فقير غلام حيدر نظاماڻي - علي ڏنو جروار

20 November, 2016

فقير غلام حيدر نظاماڻي - علي ڏنو جروار

فقير غلام حيدر نظاماڻي
لطيف جو پارکو ۽ راڳي
علي ڏنو جروار
جيئن ته لطيف سرڪار جي عرس جا ڏهاڙا آهن، تنهن ڪري خواهش آهي ته لطيف سائين جي پارکوئن ۽ شناسائن تي به لکجي ته وري انهن ماڳن مڪانن تي به لکجي جن جو لطيف سائين ذڪر ڪيو آهي يا وري انهن هنڌن، ماڳن ۽ جاين تي لکجي جن تي لطيف سائين پنهنجا قدم گهمايا آهن. مون کي پنهنجي زندگي ۾ جيڪي لطيف شناس شخصيتون مليون تن ۾ سائين حيدر علي لغاري، سيد اڪبر شاهه ميرپور بٺوري وارو، محمد حسين ڪاشف ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته ٽنڊو الهيار جو ولهار پرڳڻو به هڪ اهڙو ماڳ آهي، جتي لطيف سائين ڪجهه ڏينهن ترسيو هو، ان بابت ڪجهه شعر به چيا اٿئين، ان تي به لکڻو آهي، پر هن مضمون ۾ آئون فقير غلام حيدر نظاماڻي جو ذڪر ڪندس، جنهن پنهنجي سڄي زندگي لطيف سرڪار جي درگاهه تي سندس راڳي واري ڊيوٽي سرانجام ڏيئي وقف ڪئي، ۽ ٻيو اِهو ته سندس ڳوٺ واري اوطاق تي 15 صفر واري رات يعني لطيف جي عرس واري ٻي رات سگهڙ ڪچهري منعقد ٿيندي آهي، جنهن کي 50 سالن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي ۽ هر سال ان ۾ شرڪت ڪندڙن جي انگ ۾ اِضافو ٿي رهيو آهي، گڏوگڏ اُن ڪچهري ۾ ملڪ جون نامور شخصيتون پڻ شرڪت ڪري رهيون آهن. ۽ ٽيون تعارف فقير غلام حيدر جو اهو آهي ته هن فقير تاج محمد نظاماڻي جو سهڙيل يا ترتيب ڏنل شاهه جو رسالو ڇپرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر سندس حياتي ۾ ڇپجي نه سگهيو، تنهن کانپوءِ ان جو رهيل ڪم سندن فرزندن علي ڏني فقير ۽ حاجن فقير نظاماڻي سرانجام ڏنو.


آئون هن سگهڙ ڪچهري جو ذڪر اُن ڪري به ڪندو رهيون آهيان ته هي ڪچهري پنهنجو مثال پاڻ آهي. جيتوڻيڪ ميلي جي سرڪاري تقريبن جي حصي طور سگهڙ ڪانفرنس ڀٽ شاهه تي به ٿيندي آهي، پر اسان جي ملڪ ۾ ٿيندڙ سرڪاري تقريبن جو جيڪو حال آهي، اُهو اسان سڀني کي ساريو پيو آهي. جنهن تي وڌيڪ لکڻ وقت وڃائڻ برابر سمجهو ويندو.
هي سگهڙ ڪچهري هالا- شهدادپور روڊ تي چؤدڳي بس اسٽاپ لڳ فقير غلام حيدر نظاماڻي جي اوطاق تي ٿيندي آهي. فقير غلام حيدر نظاماڻي پهرين آگسٽ 1933ع تي جنم ورتو. سندن والد جو نالو حاجي شير محمد نظاماڻي آهي. چون ٿا ته فقير سائين جڏهن ٻارهن سالن جي ڄمار جو هو ته کيس علائقي جي هڪ معزز شخص سيد روشن علي شاهه فقير تاج محمد نظاماڻي جي هٿن سان لکيل شاهه سائين جي رسالي جو قلمي نسخو پڙهڻ لاءِ آڻي ڏنو. ياد رهي ته فقير تاج محمد نظاماڻي به جس لهڻي، جنهن شاهه سائين جي رسالي جا 14 قلمي نسخا پنهنجن هٿن سان لکيا هئا، سيد روشن علي شاهه ڪجهه ڏينهن بعد اُهو رسالو واپس کڻڻ آيو ۽ جڏهن فقير غلام حيدر کان اهو قلمي نسخو واپس وٺي رهيو هو ته ان مهل کائنس پڇيائين ته تو ڪجهه رسالو پڙهيو به آهي يا نه؟ تنهن تي فقير سائين ورندي ڏني ته مون کي شاهه سائين جي رسالي جا ٻه سُر ياد ٿي چڪا آهن. سيد روشن علي شاهه فقير غلام حيدر جو لطيف جي شاعريءَ سان اُهو چاهه، عشق ۽ انسيت ڏسي کيس ساڳيو قلمي نسخو تحفي ۾ ڏيئي ڇڏيو، جيڪو هن لطيف جي عاشق ۽ پارکو پاڻ وٽ سانڍي رکيو ۽ زندگي جي آخري سالن دوران جڏهن سندس ملاقات عباس علي نظاماڻي سان ٿي ته انهي کي ڇپائي لاءِ ڏنو، جنهن ڏينهن رات ڪوششون ڪري 2007ع ۾ شاهه سائين جو اهو رسالو ڇپائي پڌرو ڪيو. عباس علي نظاماڻي جيڪو سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ڄامشورو ۾ سنڌيءَ جو سبجيڪٽ اسپيشلسٽ هو، ان سان فقير جي واقفيت 1986ع ۾ ٿي هئي. تنهن اهو رسالو ڏاڍي محنت سان ڇپرائي پڌرو ڪيو ۽ ان جي ڪم کي سنڌ جي علمي ادبي حلقن پاران تمام گهڻو ساراهيو ويو.
لطيف سائين جي محبت ۽ عقيدت هئڻ سبب فقير غلام حيدر نظاماڻي، خان فقير نظاماڻي کان لطيفي راڳ جي تربيت ورتي ۽ 17 سالن جي ڄمار ۾ ڀٽائيءَ جو مڪمل راڳ سکي ورتو. تنهن کانپوءِ هر اربع رات سندن اوطاق تي ڀٽائي جي راڳ جي محفل ٿيڻ لڳي. جنهن ۾ ڪجهه درگاهي راڳي پڻ شريڪ ٿيڻ لڳا، ٿوري وقت کانپوءِ سائين غلام شاهه جي چوڻ تي فقير غلام حيدر لطيف سرڪار جي اڱڻ تي راڳ جي ڊيوٽي سرانجام ڏيڻ جي حامي ڀري ۽ باقاعدگي سان اتي لطيفي راڳ ڳائيندو رهيو، جتي سندس وارو خميس رات مقرر ٿيل هو، هن زندگي جي آخري گهڙين تائين پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏني. سندن وفات کانپوءِ اِها ڊيوٽي سندن فرزند حاجن فقير عرف شير محمد نظاماڻي ڏئي رهيو آهي، جنهن جي پڻ اُها ئي ساڳي رات مقرر ٿيل آهي. جڏهن ته سندس اوطاق واري ڊيوٽي هر سال علي ڏنو فقير نظاماڻي نڀائيندو اچي. هي فقير جو وڏو فرزند آهي، جنهن تاج محمد نظاماڻي جو ترتيب ڏنل رسالو ڇپرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
سو هتي ڳالهه پئي هلي سگهڙ ڪچهري جي. هي سگهڙ ڪچهري سنڌ جي روايتي ۽ شاندار مهمان نوازي جو بهترين مثال ۽ نمونو پڻ آهي. هتي جو نظم، ضبط ۽ ترتيب ڏسي سنڌ جي حقيقي رنگ، ثقافت ۽ رسم رواج جا اهڃاڻ ملن ٿا.
ڳالهه ڪندا آهن ته هڪ دفعي فقير غلام حيدر، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ وٽ ويو، جنهن سنڌ جي روايتن موجب کانئس اچڻ جو حال احوال ۽ مقصد پڇيو. فقير، مخدوم صاحب کي چيو ته ڪنهن جاءِ تي هڪڙو بورڊ لڳل آهي، جنهن تي شاهه سائين جو مشهور بيت:
ماڪ مَ ڀانئيو ماڻهئا، پئي جا پرڀات،
رُني آهي رات، ڏسي ڏکوئين کي.
لکيل آهي، پر ان جي هيٺان مخدوم نوح سرور جو نالو درج ٿيل آهي. مخدوم سائين، فقير غلام حيدر جي اِها ڳالهه ٻڌي پنهنجي خليفن کي حڪم ڪيو ته اِهو نالو هڪدم هٽايو وڃي. هي هئي فقير سائين جي لطيف سرڪار سان اُنسيت، جڏهن ته لطيف سائين وٽ به پنهنجن اهڙن پارکوئن ۽ پُر ستارن لاءِ محبت آهي، جيڪو اسان کي سندن اُهڃاڻ ۽ پار پتا ٻڌائيندي هيٺين سٽن ۾ هيئن اظهار ڪري ٿو:
مٿن ٽٻڪ ٽُٻڪڙا، چڪندڙا اچن،
کُڙيون کہِ ڀُڪليون، پگهر سِر پيرن،
اِيءُ وَڙَ ويڙهيچن، مون لوڏان ئي ليکيا.

سو لطيف سائين پنهنجن چاهيندڙن لاءِ جيڪي آثار ٻڌايا آهن، تن مطابق فقير غلام حيدر نظاماڻي هڪ جاکوڙي ڪردار وانگيان نظر اچي ٿو. اُميد ته سندن پونئيرن اِها روايت جاري رکيو ايندا. ياد رهي ته هن سگهڙ ڪچهري ۾ سنڌ جي ڪنڍ ڪڙڇ مان سگهڙن جو وڏو تعداد شريڪ ٿئي ٿو ۽ گڏوگڏ بلوچستان جي به ڪيترن ئي علائقن کان سگهڙن جو گهڙو تعداد شامل ٿئي ٿو، هي ڪچهري رات جو اٺين بجي کان شروع ٿئي ٿي ۽ ٻئي ڏينهن تي 10 بجي تائين جاري رهندي.

No comments:

راءِ ڏيندا