ڊاڪٽر محمد حسن
کاهوڙي کرا...!
مير محمد پيرزادو
ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج!
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي. (شاهه)
ماڻهو ڀانت ڀانت جا آهن. انهن جا مزاج، ڪردار ۽ سڀاءُ الڳ الڳ آهن. توڙي جو
ڪو اديب نه آهي پر احساس ۽ جذبي کان خالي نه آهي. پوءِ ان جو اظهار هر ڪنهن جو
پنهنجو آهي.
تازو ڊاڪٽر محمد حسن جو ڪتاب سندس آتم ڪٿا ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. جيڪو نظر مان
گذريو، منهنجي ڄڻ گهر جون ڳالهيون ڪيل هيون. ان ۾ ڪم آندل ڪردارن کي آئون به ڊاڪٽر
جيترو ئي ڄاڻان ٿو. توڙي جو ڊاڪٽر تمام گهڻو اختصار کان ڪم ورتو آهي پر پوءِ به ڪا
ڪنڊ کانئس رهجي نه وئي آهي.
